; سنڌي شخصيتون: رحيم، شورو، پورهيت، اداڪار، مرزا، اعظم، علي، ٽالپر،
Showing posts with label رحيم، شورو، پورهيت، اداڪار، مرزا، اعظم، علي، ٽالپر،. Show all posts
Showing posts with label رحيم، شورو، پورهيت، اداڪار، مرزا، اعظم، علي، ٽالپر،. Show all posts

29 January, 2016

رحيم شورو - مرزا اعظم علي ٽالپر

رحيم شورو
گهڻ رُخي شخصيت - پورهيت کان اداڪار تائين
مرزا اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر انسان جو گذريل دور شاندار ماضي بڻجي ويندو آهي، پر اها ئي ماضي انسان سان هر وقت قدم قدم تي گڏ هلندي آهي. مون کي تاريخ ۽ ڏينهن ته ياد نه آهي، پر اهو چٽو ياد آهي ته سال 1975ع جي سانوڻ جي مند جو هڪ گرم صبح هو ۽ ڪچن ٻنپهرن جا پاڇولا هئا، ته پاڙي مان هڪ ٻن ٻارن گهر ۾ اچي چيو، ته ٻاهر موٽرڪار ۾ چند ماڻهو سڏي رهيا آهن. تڪڙو تڪڙو ٻاهر اچي ڏٺم ۽ رڙ ڪندي چيم ته ”اي ماستر تون!“ هن به کلندي، هٿ جي وچين آڱرين ۾ جهليل سگريٽ اڇلي، ڀاڪر پائيندي چيو؛ ”جي جا“.