ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ
اقتصاديات جو ماهر استاد
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌ جي
ڪاليجن ۾ مقرر پروفيسرن ۽ ليڪچرارن طور ڪم ڪندڙ، اقتصاديات جي شعبي ۾ جن نوجوانن
ٻھراڙين جي پٺتي پيل ماحول مان نڪري، پنھنجيءَ مسلسل محنت ۽ وابستگيءَ سان،
پنھنجين اعلى مھارتن ۽ مسلسل محنتن سان پاڻ مڃايو ۽ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي،
تن ۾ ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ جو نالو پڻ چمڪي رهيو آهي. هُو انگريزيءَ تي مھارت سان
گڏ حسابن جي مضمون جو پڻ بھترين ڄاڻو آهي. هن وقت سندس مُقرري آرٽس اينڊ ڪامرس
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور آهي.
آزاد
علي ولد عبدالرحمان کٽياڻ ۶ جونِ ۱۹۶۸ع تي، ڳوٺ محمد تقي کٽياڻ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هُو
چئن ڀينرن جو هڪ ئي ڀاءُ آهي. سندس والد ڪڙمت ڪندو هو. ڳوٺ مان پرائمري ۱۹۷۹ع ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ هُو مڊل تائين ڳوٺ ميرپور ڀُٽي ۾ پڙهيو، جنھن بعد
مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان ۱۹۸4ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ۱۹۸۶ع ۾ پاس ڪئي، جنھن کان پوءِ ساڳئي ڪاليج مان خانگي طرح گريجوئيشن ۽ ماسٽرس
يعني بِي اي (BA) ۱۹۹۰ع ۾ ۽ ايم اي (اڪنامڪس) ۱۹۹۳ع ۾،
ٻيھر ايم اي (انگلش) ۲۰۰۷ع ۾
پاس ڪئي. ان کان سواءِ تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، آزاد علي کٽياڻ ايجوڪيشن
ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۹۳ع ۾
بِي ايڊ ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ايم ايڊ پڻ مڪمل ڪيون. هُن ۲۰۱4ع ۾ آءِ بِي اي سکر مان اِي ايم بِي اي (EMBA) يعني ايگزيڪيوٽِو ماسٽرس آف بزنس ايڊمنسٽريشن پڻ ڪئي. هُن شاھه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور مان ۲۰۱۷ع ۾ اڪنامڪس ۾ ايم فل ڪئي، جنھن کان پوءِ ساڳيءَ
يونيورسٽيءَ مان ۲۰۲۲ع ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي. سندس ايم فل جو عنوان هن ريت آهي:
“Impact of Microfinance on the life of active
Borrower.”
يعني:
فعال قرض وٺندڙ جي زندگيءَ تي مائڪروفنانس جا اثر.
ڏٺو
وڃي ته مائڪروفنانس، ٿوري آمدنيءَ وارن ماڻهن کي ننڍي/هيٺين سطح تي مالياتي خدمتون
ڏيڻ آهي، جھڙوڪ: ننڍا قرض، بچت جا کاتا ۽ انشورنس جھڙا معاملا فعال قرض وٺندڙن جي
حياتين تي گهڻ-رخا اثر وجهندا آهن. جيتوڻيڪ ان کي عام طور غربت جي خاتمي جو هڪ
ذريعو سمجهيو ويندو آهي، پر ان جا اصل اثر مالي، سماجي، اقتصادي ۽ نفسياتي شعبن ۾
پکڙيل آهن. ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ پنھنجيءَ ايم فل جي تحقيق ۾ قرض کڻندڙن جي حياتين
تي، ننڍن قرضن (مائڪرو فنانس) جي اثرن جو مطالعو ڪيو. ان تحقيق واسطي هن چار
بئنڪون چونڊيون، جن ۾ ۲۰۰ عدد قرض وٺندڙن کي چونڊيو. سندس تحقيق مان پڌرو ٿيو ته
جن ماڻهن قرض جو صحيح استعمال ڪيو هو تن جي زندگين ۾ خوشحالي آئي هئي ۽ سندن
روزگار جا ذريعا پيدا ٿيڻ جي ڪري، وڌيڪ آمدني پيدا ڪري رهيا هئا. تحقيق ۾ اهو
مسئلو پڻ ظاهر ٿيو ته بئنڪن پاران قرضن تي منافعو وڌيڪ ورتو پئي ويو جن کي گهٽائڻ
جي گهرج هئي، جڏهن ته روزگار واسطي قرض وٺندڙن جي مناسب ترتيب ۽ رهنمائيءَ جي پڻ
ضرورت هئي، ته جيئن اهي قرض جي ڏوڪڙن کي صحيح طور واهپي ۾ آڻي سگهن ۽ آمدنيءَ مان
وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهن.
ڊاڪٽر
آزاد کٽياڻ جي پي ايڇ ڊي جو عنوان هن ريت آهي:
“Micro land ownership is the panacea of poverty in
Pakistan: Results from District Larkana and Kamber-Shahdadkot.”
يعني:
ٿوري زمين جي وارثي ئي غربت جو اصل ۽ حتمي علاج آهي: لاڙڪاڻي ۽ قنبر-شھدادڪوٽ ضلعن
مان نتيجا.
سندس
تحقيق جو مقصد هو ته جيڪا ٿور-زميني وارثي آهي، اها ٻھراڙين جي غربت تي ڪيترو اثر
رکي ٿي ۽ ان کي گهٽائڻ ۾ ڪھڙو ڪم ڪري ٿي. پنھنجيءَ تحقيق ۾، ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ
معياري ۽ مقداري تحقيق کي گڏيل طور بنياد بڻائيندي، لاڙڪاڻي ۽ قنبر-شھدادڪوٽ ضلعن
جي حدن اندر، مختلف ٻھراڙين مان ۴۰۰ ماڻهن کي چونڊيو جن مان ۲۰۰ ماڻهو پنھنجين
ٻنين تي ڪڙمت ڪندڙ هئا ۽ ۲۰۰ ماڻهو پنھنجي زمين نه هئڻ جي ڪري، ٻين جي ٻنين تي
ڪڙمت ڪندڙ هئا. ان تحقيق دوران پڌرو ٿيو ته جن ماڻهن وٽ هڪ ايڪڙ کان وٺي ٻه يا ٽي
ايڪڙ پنھنجي ٻني آهي، تن وٽ آمدني وڌيڪ ٿئي ٿي، سندن گهر پڪا آهن ۽ انهن جي حياتين
جو معيار، انهن ڪُڙمين کان وڌيڪ سٺو آهي، جن وٽ پنھنجي ٻني نه آهي ۽ ٻين جي ٻنين
تي هارپو ڪن پيا.
ايم فل
۾ سندس سپروائيزرُ مئڊم ڊاڪٽر سبحان گاد ۽ ٻانھن ٻيلي سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر
محمد سليم راهپوٽو هئا، جڏهن ته پي ايڇ ڊيءَ ۾ سپروائيزر ڊاڪٽر محمد سليم راهپوٽو
هو. يونيورسٽيءَ ۾ کيس جن استادن پڙهايو، تن ۾ ڊاڪٽر سيد اسد رضا عابدي، ڊاڪٽر
چندن لال، ڊاڪٽر فياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نويد شيخ نمايان آهن.ڊاڪٽر آزاد کٽياڻ عملي
زندگيءَ جي شروعات جونيئر اسڪول ٽيچر (جي ايس ٽي) طور ۱۹۹۰ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ميرپور ڀُٽي کان ڪئي. سن ۱۹۹۹ع ۾ سندس ترقي هاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور ٿي.
هن مسلسل پنھنجي محنت جاري رکي، جنھن بعد هُو سن ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو
امتحان پاس ڪري، ڪاليج کاتي سنڌ ۾، اڪنامڪس جي مضمون ۾ ليڪچرار طور گورنمينٽ آرٽس
اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو، جتي ئي سندس ترقي اسسٽنٽ پروفيسر طور ۲۰۲۱ع
۾ ٿي. ان طرح کيس پنجٽيھن سالن جو تدريسي تجربو آهي، جنھن دوران هُو تعلقي رتيديري
جي پرائمري اسڪولن جي چار سال سپروائيزر رهيو، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي
آف ڪئمپس سينٽر تي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ انسٽرڪٽر طور پڙهايو، لاڙڪاڻي ۾ شاھه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران فاصلاتي تعليم هيٺ ماسٽرس ڪندڙ شاگردن کي
پڙهايو، ڊسٽرڪٽ ماسٽر ٽرينر طور لاڙڪاڻي جي استادن کي انگريزي ٻولي پڙهائڻ جو
تجربو حاصل ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ پڻ وزٽنگ استاد طور پڙهايو. هُن
رتيديري شھر ۾ ۲۰۰۷ع ۾ ماڊل هاءِ اسڪول جي نالي سان هڪ خانگي اسڪول پڻ قائم ڪيو،
ڊاڪٽر آزاد کٽياڻ جا هي خاص ڪورس پڻ ڪيل آهن: پائيٽ (PITE) نوابشاھه ۾ ماسٽر ٽرينر ڪورس، ايجوڪيشن ڪاليج سکر ۾ انگلش جو ماسٽر ٽرينر
ڪورس ۽ ڪورسرا (Coursera) ۾ ڊيٽا سائنس
جا ٻه ڪورس. هُو سنڌي، اردو، انگريزي ۽ سرائڪي ٻوليون ڄاڻيندڙ آهي.کيس جن مضمونن ۾
مھارت حاصل آهي، تن ۾ مائڪرواڪنامڪس، ميڪرواڪنامڪس، بين الاقوامي اقتصاديات،
اسٽيٽسٽڪس، تحقيقي طريقيڪار، گلوبلائيزيشن، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، مئنيجريَل
اڪنامڪس، مانِيٽيري اڪنامڪس ۽ ڊولپمينٽ اڪنامڪس شامل آهن. سندس ۱۰ عدد تحقيقي
مقالا ايڪس ۽ واءِ ڪئٽيگري جرنلن ۾ ڇپيل آهن.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا