; سنڌي شخصيتون: November 2026

02 November, 2026

ساڀيان سانگي

ساڀيان سانگي

خواب پوکيندڙ شاعره

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌي شاعريءَ جي ڪھڪشان جا ڪيئي ستارا اهڙا جرڪندڙ آهن، جن پنھنجن پُراثر خيالن جي خوبصورت فني جوڙجڪ سان، پنھنجيءَ جوت وسيلي، مسلسل تجلا پئي پکيڙيا آهن. اهڙن تابنده ستارن مان، هڪ بيحد خوبصورت ۽ خوابن جھڙي ستاري کي اسين ساڀيان سانگيءَ جي نالي سان سڃاڻون ٿا.

01 November, 2026

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو

آبي حياتيات ۽ ماهيگيريءَ جي ماهر - دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ۸ جولائي، ۱۹۷۵ع تي جوهي شهر ۾ هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد علي نواز ناز سومرو، روشن خيال ۽ ترقي پسند اديب ۽ سماجي ڪارڪن آهي جنهن جو ٻارن لاءِ ادب ۽ ٻيون لکڻيون ۷۰ع ۽ ۸۰ع وارن ڏهاڪن ۾ اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجنديون رهيون. علي نواز ناز پٽن سان گڏ پنهنجين ٻن نياڻين انيلا ناز ۽ عديلا ناز کي به اعلٰي تعليم ڏياري. انيلا ناز جي والده مسز منور سومرو پڻ ان دؤر ۾، جڏهن صحت جون، خاص طور تي گائناڪولاجي ۽ ميٽرنٽي جون سهولتون اڃا عام نه ٿيون هيون، جوهي شهر واسين جي خدمت ڪئي. هن صحت جي شعبي ۾، خاص طور تي ويم وارين عورتن کي ٻار ڄڻائڻ (ميٽرنٽي) جون خدمتون فراهم ڪيون. ڊاڪٽر انيلا ناز، پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر جوهيءَ جي اسڪولن مان پرائي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. ۱۹۹۳ع ۾ گرلز ڊگري ڪاليج دادوءَ انٽرميڊيئيث سائنس پري ميڊيڪل ۾ ڪيائين. انٽرميڊيئيٽ کانپوءِ سندس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ٿي. ۱۹۹۷ع ۾ فريش واٽر بائلاجي ۽ فشريز سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ئي فريش واٽر بايولاجي ۾ M.Sc فرسٽ ڊويزن ۾ ڪيائين ۽ فرسٽ پوزيشن ماڻيائين جنهن تي کيس يونيورسٽي طرفان سلور ميڊل مليو.