; سنڌي شخصيتون: March 2019

11 March, 2019

حاجي عنايت الله زنگيجو - شعبان وسطڙو


حاجي عنايت الله زنگيجو
لڙيو سج لڪن ۾
شعبان وسطڙو
قدرت انسان کي زندگي هڪ دفعو بخشيندي آهي، پوءِ انسان جي مرضي ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته هو زندگي کي ڪهڙي رُخ تي ٿو وٺي. انهيءَ رخ تي جتي محبتون ۽ عزتون بخت ۾ ملن يا ذلتن ۽ خوارين جون کاريون کڻڻيون پون، پر جنهن سان الله راضي ٿئي ٿو ۽ مالڪ جو ساٿ شامل ٿئي ٿو ته پوءِ انسان آڪاش جي بلندين کي ڇهڻ لڳي ٿو، ان ۾ به مالڪ جي رضا شامل آهي. اهڙو ئي هڪ ٻهراڙيءَ جو ٻار جنهن کي الله تعاليٰ بيشمار خوبين سان نوازيو هو، جنهن علم جي لاٽ کي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها علم جي شمع پنهنجي جوت جلائڻ لڳي. اهو علم سان منور ٿيل ٻارڙو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اهو علم جي جوت جڳائڻ وارو حاجي عنايت الله زنگيجو آهي.

رسول بخش درس

رسول بخش درس
ڀنڀيون هڏ مَ ڀير
شعبان وسطڙو



زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويندي آهي، جنهن جي هڪ ئي نهار ۾ ماڻهو اُنهي خماريل نيڻن واري جو مريد بڻجي ويندو آهي ۽ انهن نيڻن جي هڪ ئي گهور ۾ ماڻهو پيو اهڙن مست نشيلي اکين کي ڳوليندو. هونئن به جن نيڻن ۾ مڌ جا مٽ ڀريل هجن، اُهي گهورن سان ڪيئن نه گهائينديون، پر اُها مڌ محبتي رنگن جي پروان چڙهيل هجي ته اُتي ڪهڙو ماڻهو بيهي سگهندو، سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ! الائي ڇو مون پهريون ڀيرو جڏهن انهيءَ شخص جي نيڻن ۾ نهاريو هو، تڏهن مونکي شاهه جون هي سٽون من تي هري هيون ته؛

حليم باغي - شعبان وسطڙو


حليم باغي
جڏهانڪر ٿيام...
شعبان وسطڙو
ڪنهن به مسافر جي ڪا به منزل ناهي هوندي؛ ڇو ته هو سفر دوران ئي چاهتن ۽ محبتن جي چيت چڙهي ويندو آهي ۽ انهيءَ سفر دوران هُن جو وجود پنهنجي بقا جو داستان چٽي ڇڏيندو آهي. ڇو ته سچائي هر انسان جي سونهن جو حصو هوندي آهي. سچائي بنا ماڻهو ڪٽ چڙهيل آرسي جيان لڳندو آهي.

حميد ابڙو- شعبان وسطڙو


حميد ابڙو
ڌرتيءَ ڄائو!
شعبان وسطڙو
ليکڪ ڌرتي ۽ مٽيءَ جو مانُ هوندو آهي، ڇو ته هو ڌرتي ڌڻين جي دکن کي پنهنجن ساهن ۾ سمائيندو آهي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دکن کي پنهنجو دک سمجهي پيو جيئندو آهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺي انهن جا دک عام ڪندو آهي، جيئن انهن هيڻن مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي زخمن تي ڪو پهو رکي سگهجي. اهڙو ئي هڪ طبيب ۽ معاشري جي پيڙهيل ماڻهن جي نبض تي هٿ رکندڙ ۽ مرض کي سڃاڻيندڙ ادب سان سلهاڙيل ڪهاڻيڪار حميد ابڙو به آهي، جنهن قلم وسيلي لفظن کي سهيڙي ڪهاڻين جي روپ ۾ دکي ماڻهن جي دردن جي سيوا ڪندي ڪهاڻيڪار جو روپ ڌاريو. هونئن به حياتي ۾ انسانيت سان محبت جو درس ملي ٿو ۽ جن انهيءَ درس جي سکيا ورتي، يقين ڄاڻو ته انهن ئي جيئڻ جو حق ادا ڪيو. بلڪل شاهه صاحب جي چواڻي جيان ته،

محمد دائود بلوچ - شعبان وسطڙو


محمد دائود بلوچ
محبتي ماڻهو
شعبان وسطڙو
ڪن ڪن ماڻهن جي محبت مُرڪ هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته شايد هو محبتن منجهه ئي پليا هجن ننڍي لاڪون ۽ نفرتن جي زنجيرن کي ٽوڙي محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پيا آهن ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچي، اهڙا ته پڪا ٿي ويا آهن جو ڄڻ ڪا به ٻاڙائي نه هجي سندن وجود ۾. ڏسڻ ۾ مٺڙا ڳالهائڻ جا مٺڙا، جهڙو پتاشن جو دوڪان کولي ويٺا هجن! ۽ جهڙو هر ننڍو وڏو انهيءَ مٺاڻ مان ونڊ وٺندو هجي. محبت جو اهڙو ته ڄار وڇائي ڇڏيو اٿن انهيءَ تاندوڙئي جيان، جنهن جي ڄار ۾ داخل ٿيندڙ آسانيءَ سان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. اهڙن ماڻهن جو قرب، سچائي تي ٻڌل هوندو آهي، سندن ساري وجود ۾ سچائي ۽ محبت ائين رقص ڪندي ڏيکاري ڏيندي آهي، ڄڻ شاهه جي ڪوهياري تي ڪنهن جو تن بدن اندر منجهه ئي تڙپندو هجي، ۽ هو ايامن کان انهيءِ ڳالهه جا جهڙا دعويدار بنجندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سچائي کين نقصان منجهه به وجهندي آهي پر هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا آهن. هو ته محبت جا جهول جهلي ونڊ ورهائيندا آهن. مان اهڙن سڪ ونڊيندڙن لاءِ صرف ائين چوندس ته ”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن.“ ڀلي زندگيءَ جي راهن تي ڪيڏي به تڪليف اچين، پر تڏهن به هو حق ۽ سچ جي واٽ کي نه ڇڏيندا. جڏهن به ملندا ته مک تي نئين ڄاول ٻار جيان فرشتن جهڙي مرڪ پئي بکندن. سندن اها مرڪ سچ به ته اسان جهڙن پٿر دل رکندڙ ماڻهن کي به موم بنائي وجهندي آهي. اهڙي ئي سچائي مان ونڊ ونڊيندڙ ۽ محبتي مرڪ مرڪندڙ، حق ۽ سچ جو ڳولائو اسانجو سٻاجهڙو سائين محمد دائود بلوچ به آهي.

منظور جوکيو - شعبان وسطڙو


منظور جوکيو
ورهايو ته محبتون ورهايو
شعبان وسطڙو
ماڻهن جي من جي پرک ڪري ته نه ٿي ڪري سگهجي پر جڏهن انهن سان ڪجهه ملاقاتون ڪبيون آهن تڏهن انهن کي طبعيت ۽ فطرت مان پرکي سگهبو آهي ته ها....! هي شخص ڪهڙي قسم جو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن اهڙن شخصن سان به پالو پوندو آهي، جي ڪڏهن به انت نه ڏيندا آهن ته هو آهن ڇا؟ پر هڪ اهڙو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ به سادو سٻاجهڙو نظر ايندو آهي پر اندر جو به ايڏو ئي اڇو اجرو؛ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ مير نه رکندو. خاموش طبع رهندڙ پر سندس هڪ گهور پل کن ۾ ئي گهائي وجهندي آهي. ملڻ وقت سندس لبن تي مسڪراهٽ تري ايندي آهي ۽ سچ به ته مون کي سندس چهري جي اها مرڪ فرشتن جيان لڳندي آهي ۽ سندس چهرو گلاب جي گلن جيان ٽڙيل ۽ ٻهڪندڙ لڳندو آهي. ڪير کيس سمجهي نه سمجهي پر هو منهنجي روح ۾ ڇٽيهن سالن کان نقش ٿيل آهي ۽ اهو سٻاجهڙو سدورو ۽ اندر جو اجرو شخص منظور جوکيو آهي، جنهن سان ملندي جڏهن کيس مرڪندو ڏسندو آهيان ته مونکي مدهوش جو هي شعر ياد اچي ويندو آهي ته،

شيخ عبدالله - شعبان وسطڙو


شيخ عبدالله
ڪوهستان جو سماجي ڪارڪن
شعبان وسطڙو
تاريخ انسان جي ڪردار سان ٺهندي آهي ۽ پوءِ ڇو نه هو پنهنجي دور ۾ ڪهڙو به ڪردار ادا ڪري جو تاريخ جي پنن ۾ هن جو ڪردار امر رهي ۽ سالن ۽ صدين تائين انهيءَ جي مثبت ڪردار کي ساراهيو وڃي. اهڙو هڪ ڪردار ڪوهستان جي سماجي ڪارڪن انسانيت جو درد رکندڙ شيخ عبدالله جو به آهي. توڙي جو هو عبدالستار ايڌي ته نه ٿي سگهيو آهي پر هن جا ڪيل ڪم اها گواهي ڏين ٿا ته پنهنجي قد ۽ ڪاٺ ۽ حيثيت ۽ وسائل ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب جيترو هُن نڀايو آهي، اهو ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.

وڏيرو خان محمد وسطڙو - شعبان وسطڙو


وڏيرو خان محمد وسطڙو
جِئڻان اڳي جي جِئا...
شعبان وسطڙو
ڪڏهن ڪڏهن انسان جا من جي گهراين ۽ سچائي سان ڪيل ڪم کيس امر بنائي ڇڏيندا آهن. هونءَ به انسان ذات سان محبت ۽ ان جي خدمت لاءِ هر مذهب وائکي نموني پرچار ڪئي آهي. جيئن شاهه صاحب ته وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، او ڪي ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ اهڙن انساني ڪمن ڪرڻ وارا پنهنجي تاريخي حيثيت مڃرائي ويندا آهن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

املهه انسان

غلام محمد ڪنڀر



سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.

08 March, 2019

حفيظ کوهارو - حفيظ چانڊيو


حفيظ کوهارو
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
حفيظ چانڊيو
خبر ناهي ته هُن جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻي لڙڪ لاڙيا به هوندا الائي نه! پر سندس موت تي سنڌ جو شعور ڍنڍڪرون ڏئي رنو هو، ايئن جيئن سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻيءَ نه هجڻ تي روئي ويهندو آهي. هُن جي هٿن مان جڏهن رنگن وارو برش ڪِريو هو، ۽ موت کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو هو ته ان وقت اهي رنگ به روئي پيا هوندا، جن بيجان رنگن کي پنهنجي آرٽ ذريعي هن نئون جيئندان بخشيو هو. هُو مصور هو، تڏهن ئي سندس دل به سنڌوءَ جون چلولاين جيان رنگين هُئي، سندس وجود ۾ سنڌ سمايل هئي، سندس هر ساهه ۾ ديس سان پيار سمايل هو، اهو ئي سبب هو جو هُن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي پينٽ جو محور ڪيو هو، ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي سندس هٿ ۾ پيل برش اهڙو ته جنبش ۾ اچي ويندو هو جو سندس هٿ مان نڪتل پينٽ سنڌ جي هڪ دانهن بڻجي ايوانن تائين پهچندي هُئي ته ايوانن کي لوڏي وجهندي هو.

04 March, 2019

ڊاڪٽر هرچند راءِ


ڊاڪٽر هرچند راءِ
جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو
ڀارو مل امراڻي

هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو.


ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي.

02 March, 2019

پروفيسر سائينداد ساند

سائينداد ساند

اسحاق مڱريو



مٺيءَ جو اهو شھر، جنھن کي اسان سڃاڻندا هئاسين، سو سٺ سيڪڙو ته تڏهن گذاري ويو هو، جڏهن ڀلي پار تان ڪويل جي ڪوڪ صادق فقير جي لاڏاڻي جي خبر آئي هئي، سائينداد ساند جي موت، مٺيء جي ڪلاسيڪل تعارف جي موت کي اڄ مڪمل ڪيو.