محمد دائود بلوچ
محبتي ماڻهو
شعبان وسطڙو
ڪن ڪن ماڻهن جي
محبت مُرڪ هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته شايد هو محبتن منجهه ئي پليا هجن ننڍي لاڪون
۽ نفرتن جي زنجيرن کي ٽوڙي محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پيا آهن ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچي، اهڙا
ته پڪا ٿي ويا آهن جو ڄڻ ڪا به ٻاڙائي نه هجي سندن وجود ۾. ڏسڻ ۾ مٺڙا ڳالهائڻ جا
مٺڙا، جهڙو پتاشن جو دوڪان کولي ويٺا هجن! ۽ جهڙو هر ننڍو وڏو انهيءَ مٺاڻ مان ونڊ
وٺندو هجي. محبت جو اهڙو ته ڄار وڇائي ڇڏيو اٿن انهيءَ تاندوڙئي جيان، جنهن جي ڄار
۾ داخل ٿيندڙ آسانيءَ سان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. اهڙن ماڻهن جو قرب، سچائي تي ٻڌل
هوندو آهي، سندن ساري وجود ۾ سچائي ۽ محبت ائين رقص ڪندي ڏيکاري ڏيندي آهي، ڄڻ
شاهه جي ڪوهياري تي ڪنهن جو تن بدن اندر منجهه ئي تڙپندو هجي، ۽ هو ايامن کان
انهيءِ ڳالهه جا جهڙا دعويدار بنجندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سچائي کين نقصان
منجهه به وجهندي آهي پر هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا آهن. هو ته محبت
جا جهول جهلي ونڊ ورهائيندا آهن. مان اهڙن سڪ ونڊيندڙن لاءِ صرف ائين چوندس ته
”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن.“ ڀلي زندگيءَ جي راهن تي ڪيڏي به تڪليف اچين، پر تڏهن
به هو حق ۽ سچ جي واٽ کي نه ڇڏيندا. جڏهن به ملندا ته مک تي نئين ڄاول ٻار جيان
فرشتن جهڙي مرڪ پئي بکندن. سندن اها مرڪ سچ به ته اسان جهڙن پٿر دل رکندڙ ماڻهن کي
به موم بنائي وجهندي آهي. اهڙي ئي سچائي مان ونڊ ونڊيندڙ ۽ محبتي مرڪ مرڪندڙ، حق ۽
سچ جو ڳولائو اسانجو سٻاجهڙو سائين محمد دائود بلوچ به آهي.
