محمد دائود بلوچ
محبتي ماڻهو
شعبان وسطڙو
ڪن ڪن ماڻهن جي
محبت مُرڪ هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته شايد هو محبتن منجهه ئي پليا هجن ننڍي لاڪون
۽ نفرتن جي زنجيرن کي ٽوڙي محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پيا آهن ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچي، اهڙا
ته پڪا ٿي ويا آهن جو ڄڻ ڪا به ٻاڙائي نه هجي سندن وجود ۾. ڏسڻ ۾ مٺڙا ڳالهائڻ جا
مٺڙا، جهڙو پتاشن جو دوڪان کولي ويٺا هجن! ۽ جهڙو هر ننڍو وڏو انهيءَ مٺاڻ مان ونڊ
وٺندو هجي. محبت جو اهڙو ته ڄار وڇائي ڇڏيو اٿن انهيءَ تاندوڙئي جيان، جنهن جي ڄار
۾ داخل ٿيندڙ آسانيءَ سان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. اهڙن ماڻهن جو قرب، سچائي تي ٻڌل
هوندو آهي، سندن ساري وجود ۾ سچائي ۽ محبت ائين رقص ڪندي ڏيکاري ڏيندي آهي، ڄڻ
شاهه جي ڪوهياري تي ڪنهن جو تن بدن اندر منجهه ئي تڙپندو هجي، ۽ هو ايامن کان
انهيءِ ڳالهه جا جهڙا دعويدار بنجندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سچائي کين نقصان
منجهه به وجهندي آهي پر هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا آهن. هو ته محبت
جا جهول جهلي ونڊ ورهائيندا آهن. مان اهڙن سڪ ونڊيندڙن لاءِ صرف ائين چوندس ته
”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن.“ ڀلي زندگيءَ جي راهن تي ڪيڏي به تڪليف اچين، پر تڏهن
به هو حق ۽ سچ جي واٽ کي نه ڇڏيندا. جڏهن به ملندا ته مک تي نئين ڄاول ٻار جيان
فرشتن جهڙي مرڪ پئي بکندن. سندن اها مرڪ سچ به ته اسان جهڙن پٿر دل رکندڙ ماڻهن کي
به موم بنائي وجهندي آهي. اهڙي ئي سچائي مان ونڊ ونڊيندڙ ۽ محبتي مرڪ مرڪندڙ، حق ۽
سچ جو ڳولائو اسانجو سٻاجهڙو سائين محمد دائود بلوچ به آهي.
جيون جون يادون جيڪي اڻوسرندڙ
ٿينديون آهن، انهن کي من ڦرهي تان ڪڏهن به مٽائي نه سگهبو آهي، نه ڄاڻ ڪهڙي مس ۽
قلم سان لکيل آهن اهي اکر، پر اهڙن ماڻهن جي پنهنجائپ ڏسي ائين چئي سگهجي ٿو ته
انهيءَ ۾ محبتي مس ۽ قرب جو قلم استعمال ٿيل هوندو آهي. سو اهي ڪيئن ٿا ميسارجي
سگهجن. سائين محمد دائود بلوچ سان منهنجو پهرين دفعو، سندس اسڪول ۾ ئي ملڻ ٿيو هو،
جتي پاڻ اڃان تائين استاد آهي. ملڻ کان اڳ ۾ ساڻس خط ذريعي ٻه چار ڪچا ڦڪا اکر لکي
واقفيت ڪيم، جوابي خط منجهه اهڙا ته محبتي ٻول ٻوليائين جو انهن ٻولن اهڙو ته قابو
ڪري وڌو ڄڻ ڪي ڪاغذ تي لفظ نه هئا، جهڙي ڪا مقناطيسي ڇڪ هئي، جنهن پوءِ ڇڪي آڻي
سائينءَ جي سامهون بيهاريو. ڪڏهن ڪڏهن قربن ۽ محبتن جا فصل ڏاڍا جلد ماڻي سگهبا
آهن. انهيءَ ڳالهه جو احساس سائين سان ملڻ کانپوءِ ٿيو ۽ اڃان به وڌيڪ سندس لاءِ
اها ڄاڻ ملي ته سائين جهڙو صدين جو سودائي هجي، جيڪو گيڙو رتن ڪپڙن ۾ جوڳيئڙو بنجي
مرلي وڄائي در در سين هڻندو هجي، جهڙوڪ درس ڏيندو هجي محبت ۽ ادب جو. تنهن پل ائين
لڳو هو ته سائين جهڙو صدين کان مرلي وڄائيندو آيو هجي پر سڀ ڏيهه واسي ٻوڙا هجن ڄڻ؛
سندس مرليءَ جي آواز تي سڀني ڪنن منجهه آڱريون وجهي ڇڏيون هجن ۽ بنا ڪنهن نهارڻ جي
هو اڳتي هلندا ٿي ويا ۽ ڪنهن ٻئي ڏي به نهار نه ٿي ڪئي ۽ نه وري ڪنهن سندس آواز کي
ٿي ورنايو، پر پوءِ هي جوڳيئڙو پنهنجي ساڳئي جوڳ ۾ مست جوڳي هئڻ جي ناتي سان هو ڌاڳو
ڦيڻو به ڪري ڄاڻي ۽ انهي ڌاڳي ڦيڻي ته مون کي سندس مريد ڪيو. مان سندس سچاين ۽
محبتن جو مريد آهيان، هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سائين ڌاڳو ڦيڻو مفت ۾ ڪندو
آهي، ٽڪو پائي به نه وٺندو آهي. هو صرف محبتن جا ڌاڳا ڦيڻا ڪندو آهي، نه ئي ڪنهن
جا گهر ڦٽائڻ وارا. سندس محبت جو اهو ڪمال- جو پهرئين دفعي ئي پنهنجو ڪري وٺندو
آهي ۽ ٻيهر قدم از خود سائينءَ جي اسڪول ڏانهن کڄڻ لڳندا آهن. حيدرآباد منهنجي من
جو اڱڻ، حيدرآباد جو شهر جيءَ جيار شهر، حيدرآباد منهنجي زندگيءَ جي پناهه گاهه،
حيدرآباد جو شهر رُتن جو شهر آهي، بهار به آهي ته خزان به آ، سانوڻي به آهي، ته
سيارا به آهن. حيدرآباد شهر جي هڪ هڪ گهٽي منهنجي من تي ائين ڇائنجي وئي آهي ڄڻ ننڍپڻ
۾ بانبڙا پائي شروع وارا پيرا به جهڙا هت کنيا هجنم، پر سچ به ته ادبي پيرا مون
حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان کڻڻ سکيا. مان سنڌي ادبي سنگت جو ٿورائتو آهيان جنهن
منهنجي پيرن مان ڏانوڻ ڪڍي مون کي پنڌ ڪرڻ سيکاريو ۽ اهي چيچ مان وٺي ڪري هلائڻ
وارا تنهن وقت ادبي افق تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان جلوه افروز هئا. سنڌي ادبي سنگت
منهنجي بنيادي درسگاهه آهي، جتي قدآور هستيون حصو وٺنديون هيون ۽ مون جهڙن اڻ سيکڙاٽن
کي سئين دڳ تي رسائڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران منهنجا پيرا
سنڌ يونيورسٽي جي هيڊي پٿريلن رستن کان شهر جي ڏامر هاڻن روڊن تي اچڻ لڳندا هئا، تڏهن
منهنجا محدود آهيرا هوندا هئا، جتي مان ايندو هئس ۽ وري سانجهيءَ جو واپس يونيورسٽي
ڏانهن پنهنجي پناهه گاهه ڏانهن ورندو هيس. شهر ۾ اچڻ سان مان ڏاڍو ذهني سڪون
پائيندو هوس تنهن سمي ائين لڳندو هو ته مون کان جهڙو زمانن جا ٿڪ لهي ويا هجن. شهر
۾ اچي جن جن جاين تي مان ويندو هيس تن ۾ مولا علي جا قدم، اميدن ڀرئي بادشاهه جي
آخري آرامگاهه ۽ سائين دائود جو اسڪول به شامل هوندو هو. شهر ۾ اجايو رلڻ کان مان
انهن جاين کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هيس. ڪڏهن سائين جي اسڪول ۾ هڪڙو مٺڙو ماڻهو به
ايندو هو جنهن کي سائين ”بابو“ ڪري سڏيندو هو پر سندس نانءُ بشير پنهور هوندو هو،
جنهن سان منهنجون ڏاڍيون رهاڻيون ٿينديون هيون. سندس ڏاهپ ڏسي مون کي ڏاهن جو تصور
ذهن ۾، ڪنهن جنتي ملائڪن جيان اڀرندو هو. هن وقت هو پنهنجي آفيس جي مصروفيت سبب
حيدرآباد گهٽ ايندو آهي، جنهن سبب ساڻس ملاقات تمام گهٽ ٿيندي آهي. ائين ڪڏهن ڪڏهن
حيدرآباد جي وشال، تي هڪ ٻئي کي ملي ويندا آهيون ته ڪي پيل ڪٿي ويهي به ٻه اکر ڳالهائي
سگهندا آهيون. ذهين ۽ ڏاهپ وارا ماڻهو مون جيڪي ڏٺا آهن تن ۾ بشير پنهور جو به
نالو وٺي سگهجي ٿو. سچائي وري مون اهڙي ڏٺي مانس جو ڪا ڳالهه ڪنهن کي چوڻي هوندس
ته منهن تي چئي ڏيندو سچ چوڻ ۾ ڪنهن کان به نه ڊڄندو پر، پرپٺ ڪنهن لاءِ لفظ به نه
ٻوليندو. منهنجي خيال ۾ اها بشير جي وڏائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اهڙن سچن ۽ کرن
ماڻهن مان مون گهڻو ڪجهه پرايو آهي. ادبي دنيا ۾ سائين دائود جهڙو خوددار ماڻهو
مون نه ڏٺو، سخت کان سخت ڳالهه کي برداشت ڪرڻ سندس دل گردي جو ڪمال آهي. مون کيس
زندگيءَ ۾ ٻين ماڻهن لاءِ مرندي ۽ جيئندي ڏٺو آهي، پر هن شخص ڪڏهن به ڪنهن تي ٿوري
ٿڦڻ لاءِ پنهنجي ڪمزوري ڪنهن کي نه ٻڌائي آ. پر جڏهن به سچائي تي ايندو ته اندر جي
سمورن جذبن کي ڪڍي ٻاهر نروار ڪندو، سندس سچن جذبن کي ڏسي مون کي رشڪ ايندو آهي اهڙن
ماڻهن تي. زندگي ته تمام وڏي آهي پر مون تنهن ۾ ٻه ماڻهو ڏاڍا سادا، پيارا ۽ سٻاجهڙا
ڏٺا، تن ۾ سائين دائود ۽ ٻيو سندس سلڇڻو ۽ ماٺيڻو ڀاءُ سائين محمد امين جيڪو سنڌي
ادبي بورڊ تلڪ چاڙهي واري بوڪ اسٽال تي مئنيجر آهي. ائين به ناهي ته هنن ٻن
کانپوءِ باقي سنڍ لڳي پئي آهي. پر اهڙن سچن ۽ کرن ماڻهن جي سادگي ۽ سچائي ڏاڍو
موهيندي آهي. سائين امين سان ملي بلڪل اهو احساس ئي نه رهندو ته اسان جي ٻاجهاري ڌرتي
تي ههڙن ٻاجهارن ماڻهن جي به ڪا کوٽ آهي، هر ڳالهه تي مسڪرائيندڙ هي سٻاجهڙو شخص
هميشه مک تي مرڪ ۽ جهول ۾ خوشيون کڻي هلندو آهي، جهڙو سندس ڳالهائڻ جو انداز ڌيمو
۽ هلڪي آواز وارو، تهڙي ئي سندس طبيعت نرالي. پبلڪ اسڪول جي لان تي حاجي عنايت
الله زنگيجو، بادل جمالي ۽ مان ويٺا هئاسين ته سائين دائود ۽ سائين امين جو ذڪر ڪچهري
منجهه ڇڙيو، حيدرآباد جي سرمئي سانجهه پنهنجين مڙني سچاين سان هوا جي سرگوشين سان
اسان جي سرير ۾ ڪتڪتايون ڪڍي رهي هئي، تڏهن بادل چيو ته مان جڏهن به حيدرآباد
ايندو آهيان ته ههڙن هوائن جي لهرن ۾ مونکي ٻن ماڻهن جي مهڪ ايندي آهي، هڪ سائين
دائود ٻيو سائين امين سچ به ته ههڙا سادڙا ماڻهو مون ڪٿي نه ڏٺا- پوءِ بادل ويندو ٻنهي
ڀائرن جي تعريف ڪندو؛ چوندو مون کي سائين دائود کان وڌيڪ سائين امين جي ٻاجهه ڀري
شخصيت موهيندي آهي. سائين دائود ته وري به ٻه اکر ڳالهائي سگهي ٿو، پر امين جهڙو
پيارو بس رڳي پيو مسڪرائيندو ۽ اها بادل جي چواڻي آهي به سراسر سچ. مان جڏهن به ڪا
نئين ڪهاڻي لکندو هيس ته سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهڻ کان اڳ اها ڪهاڻي سائين دائود کي پڙهي
ٻڌائيندو هيس، منهنجون ڪهاڻيون ٻڌي هو مرڪي ڏيندو هو ۽ چوندو هيو مايوسي گمراهي
آهي، مايوس نه ٿيو پر محنت ڪبي. پوءِ هو منهنجي ڪهاڻين تي اصلاحي طريقي سان ڳالهائيندو
ويندو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون کي ڪهاڻين بابت سمجهائيندو هو پر مون کي اهو محسوس ٿيڻ
نه ڏيندو هو ته تنهنجون ڪهاڻيون ڪي ڇپجڻ جي لائق ناهن، پوءِ هو مون کي همت ڏياريندو
هو ۽ مطالعو ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ هدايت ڪندو هو. چوندو هو ته تون محنت ڪر، اهو ڏينهن
پري ناهي جڏهن تون ڌڙاڌڙ ڇپبو رهندين، ۽ اهو ڏينهن پري نه رهيو جڏهن مون ڪافي ادب
جو مطالعو ڪيو، ۽ ڪافي تيزيءَ سان لکندو رهيس، ۽ سچ به ته اهو ڏينهن مون کي ياد اچڻ
لڳو جڏهن مان پنهنجي ڪهاڻي کڻي پبلشرن ۽ ايڊيٽرن جي پٺيان ڦرندو هيس ۽ کين پوسٽ
ذريعي ڪهاڻيون موڪليندو هيس، پر ڪافي وقت منهنجو ڪهاڻيون نه ڇپيون ۽ ڪي مون کي
واپس ڪيون وينديون هيون ته هي ڪهاڻي ڇپجڻ جي لائق ناهي، پر جڏهن سائين دائود جي
همتن ۽ ادبي سنگت جي ٿورن ۽ منهنجي مطالعي سبب منهنجي لکڻ ۾ تبديلي آئي تڏهن ساڳيا
دوست منهنجي ڪهائين لاءِ خط لکندا رهيا بلڪ ڪي درست مهرباني ڪري مون وٽ اچي مون
کان ڪهاڻين جي گهر ڪرڻ لڳا. اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هيو. منهنجي لاءِ نهايت وڏي
ڳالهه هئي پر وري به انهيءَ لاءِ سائين دائود ۽ ادبي سنگت کيرون لهڻن جن مون کي
انهيءَ قابل بنايو ته مان ڪجهه لکي سگهان. هونءَ به هر نئين لکندڙ جي اها تمنا
هوندي آهي ته مان جلد کان جلد ڇپجان پر هاڻي انهن سڀني ڳالهين جو احساس اٿم ته اهو
منهنجي لاءِ ڪيتري قدر درست هيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌي ادب جي پارکن ڪهاڻيءَ
کان وڌيڪ منهنجا ڇوڏا لاٿا هئا، حالانڪه ادب ۾ مان بلڪل نئون هيس ۽ اتي ويٺل قدآور
شخصيتن مان منهنجي ڪنهن سان ڏيٺ ويٺ نه هئي، تڏهن مان مايوس ٿيو هوس، پر جڏهن
سائين دائود سان اهو ذڪر ڪيو هوم، تڏهن ڏاڍو سهڻي نموني سمجهايو هئائين ته دوست
ادب ۾ پير پاتو اٿئي ته پوءِ مڙس ٿي منهن ڏجانءِ، ميدان ڇڏبو ناهي پر انهيءَ منجهه
ور کنجي بيهبو آهي. سچ ته سائين جي انهن لفظن سان منهنجي من ۾ مايوسي نڄاڻ ڪيڏانهن
پَر ڪري اڏامي وئي. سائين دائود سان نه رڳو منهنجو ادبي ناتو آهي پر هو منهنجو وڏو
ڀاءُ به آهي ۽ بزرگ به. سندس چواڻي ته مون کي ننڍڙو ڀاءُ ملي ويو آهي، سندس محبت
مون کي اهڙي پنهنجائپ جو ڏيک ڏنو، ڄڻ اسين هڪ ٻئي کي صدين کان سڃاڻون. سنڌي ادب
منجهه سائين دائود جون ڪيل ادبي خدمتون ڳجهيون ناهن، نه ئي ڪنهن کان وسري سگهنديون
صحرا منجهه سفر ڪندڙ هن مسافر، ادب منجهه جيڪي ڪجهه ڀوڳيو آهي سو مون پنهنجي اکين
سان ڏٺو آهي. چوندا هئا ته هي ڪتاب مون کي پنهنجن ٻچن جيان آهن، هنن منجهه منهنجو
ساهه آهي، انهي شوق منصور پبليڪيشن جو بنياد وجهرايس، جنهن طرفان کوڙ سارا ڪتاب
ادبي دنيا جي جهول ۾ وجهي چڪو آهي ۽ کوڙ سارا نوان اديب به پئدا ڪري چڪو آهي. بلڪه
انهن اديبن جا ڪتاب به ڇپائي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي واتان ٻڌبو هيو ته فلاڻي
ماڻهو پنهنجي پٽ کي پيٽ تي پٿر ٻڌي پڙهايو لکايو ۽ وڏو ماڻهو بنايو، اڄ اهو پٽ
انهي مهان پيءَ کي ليکي ئي نٿو، اها ڳالهه مون سائين دائود سان ڏٺي پر ساڻس ٿيل
اها ستم ظريفي پنهنجي پٽن طرفان ٿيل نه هئي پر انهن سيکڙاٽ اديبن پاران هئي، جن کي
سائين ادبي دنيا ۾ تيار ڪري سندن ڪتاب ڇپرايا، هڪ پرائمري استاد جيڪو اديب به آهي
پبلشر به آهي پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته سچو ماڻهو آهي، انهيءَ سان ايڏي بي رخي ۽ ايڏي
اک ٻوٽ مون کي ڏاڍو ڏک پهچايو. هڪ دوست جنهن جي ادب ۾ سٺي ڇاپ آهي، تنهن جو ڪتاب
سائين ڇپرايو، پر انهيءَ آسري تي ته ڪجهه خرچ اوهين به ڪندؤ جيڪو بعد ۾ واپس ڏنو
ويندو. انهي دوست سيني تي هٿ رکي هام ڀري ۽ ٻيو سندس دوست جيڪو ٽيليويزن پروڊيوسر
آهي، انهي اها دعويٰ ڪئي ته اڌ ڪتاب مان وڪرو ڪري ڏيندس، ڪتاب ڇپجي جڏهن سائين وٽ
آيو تڏهن انهي دوست اڌ خرچ ڪرڻ ته ٺهيو پر انهي ٽي وي واري پروڊيوسر دوست سان گڏ
سائين وٽان تقريبن چار سو ڪاپيون کڻي جو ويو ته وري اڄ تائين واپس نه وريو آهي.
انهي ادب دوست ۽ پروڊيوسر صاحب جيڪو شاعر به آهي سائين سان گڏ مون کي ڏکارو ڪري وڌو.
اهڙي سبق سکڻ کان پوءِ به سائين ۾ سڌارو نه آيو پر اها ئي سندس سادگي ۽ اهو ئي
سندس پيار ۽ نئين ليکڪ جو سندس وٽ اچڻ ۽ انهي جو ڪتاب ڇپائڻ ۽ وري انهيءَ جي
بيوفائي ڪرڻ جهڙو معمول هجي. پر هي سٻاجهڙو ماڻهو بس اهي لفظ چوندو ”ادا سندن نيت“
پر مان سوچيندو آهيان ته جس هجي کيس جو ايڏي غربت هئڻ جي ناتي سان به ايڏي دل گڙدي
وارو ماڻهو آهي جا اسان جي وس جي ڳالهه ناهي. مان جيڪر سائينءَ جي جاءِ تي هجان ته
منهنجو ته هانءَ ڦاٽي پوي ها. ڇو جو سائين اهڙن کپرن جو ڏنگيل آهي جن جي ڏنگ سان
ماڻهو جي نه سگهندو آهي پر اها سائين جي دل آهي، جنهن منجهه قوت برداشت جو مادو
آهي. مان سائينءَ کي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ بابت عرض ڪندو رهيس پر هو نه مڙيو،
۽ مون پنهنجو اچڻ وڃڻ ڪجهه گهٽ ڪري ڇڏيو. تڏهن پاڻ مون وٽ هلي آيو پر ڏاڍو پريشان
هيو، سندس مک تي پريشاني جا اولڙا ڇانيل هئا، تڏهن کانئس انهيءَ پريشاني بابت پڇيم،
پر هو نٽائي ويو ۽ منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي نيڻن منجهه ڌنڌيلو پاڻي چمڪندي ڏٺومانس.
سندس اها ڪيفيت ڏسي سمجهي ويس ته همراهه اڄ ڪو ڏاڍو ڏکارو آهي ۽ جي وڌيڪ ڪجهه زور ڀريم
ته ڪٿي سائينءَ جي نيڻن مان لڙڪ نه لڙي پون، جي هئا ته سندس لاءِ مشڪل، جو سائين
جي اها ڳالهه مون ڏاڍي نوٽ ڪئي هئي ته دکن ۽ دردن کي اندر منجهه لڪائي رکندو آهي ۽
ڪڏهن به ٻاهر ڪا ٻاڦ نه ڪڍندو آهي، پر انهي ڏينهن سندس من ڪو سرس ئي دکي ٿيل هو
مان ڪجهه وقت چپ رهيس ته پاڻ ئي چيائين ”دوست مان ڏاڍو هيڪلو ٿي پيو آهيان.“ ههڙي
بردبار ماڻهوءَ جي واتان اهي لفظ ٻُڌي مان ڊڄي ويس. چيومانس ”توهان ته چوندا آهيو
ته مايوسي ڪفر آهي.“ چيائين، ”ها، پر...............!!“ ”پر ڇا؟“ ”ڪجهه ته آهي ٻڌايو
نه!“ ۽ پوِءِ سائين ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان پئسي جي صفا ٻاڙائي هئي، پر ڪالهه ته
ايتري حد تائين جو بگي جو ڪرايو ئي نه هو جو اسڪول تائين رسي سگهان، سو تيار ٿي
گهر وارن کان لڪي اسڪول هليو آيس ته جيئن خرچ جا پئسا نه گهرن. ڇو جو مون وٽ پائي
به نه هئي جو کين ڏئي سگهان، جيسين اسڪول پهچان، من ڪي ڪتابن جا پئسا ڪٿان ملي وڃن
۽ ائين اسڪول هليو آيس. قسمت چڱي هئي ڪجهه وي پيءَ جا پئسا ملي ويا سو جڏهن واپس
گهر ويس ته گهروارن کان ماني جي گهر ڪيم اهو به احساس هيم، ته گهر ته پائي به نه ڏئي
آيو هيس پر تڏهن به تنهنجي ڀاڀي مسڪرائيندي اچي صاف ڪپڙي منجهه ڍڪيل کاڌي جا ٿانو
رکيا، مان حيران ته هي ڇا! مان ڪو مهمان آهيان يا....!! پر ڪنهن به ڳالهه ڏانهن
منهنجو ڌيان ئي نه ويو ۽ جيئن ئي ٿانون تان ڪپڙو هٽايم ته اندر ڏٺم ته جهڙي ڪنهن مڪ
هڻي ڪڍي، ڇو جو کاڌي جي ٿانون منجهه کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو پر منهنجا ڇپايل مڙئي ڪتاب
موجود هئا. جيڪي مون کي شرمندي ڪرڻ سان گڏوگڏ منهنجي زندگي جو مذاق اڏائي رهيا
هئا، ته هي اٿئي تنهنجي محنت جو اجورو. گهروارن جون گهوريندڙ نظرون ڄڻ مون کي ڇيت
جيان چڀي رهيون هيون. بک کان هنن جا ڪومايل چهرا ڄڻ مون کي ائين چئي رهيا هئا ته
کائو به اهي ڪتاب ۽ مان ماٺ ميٺ ۾ گهر کان ٻاهر نڪري آيو هئس ته جيئن هنن ويچارن
لاءِ ڪجهه کاڌي پيتي جي شيءَ شڪل وٺي سگهان. سائينءَ جي انهيءَ ڳالهه مون کي به جهڙو
جهوري وڌو هو. کيس ڏاڍو سمجهايم ته سائين جيڪڏهن ست ساري سگهو ته ڪو ڪتاب وغيره ڀلي
ڇپايو، نه ته ڪو اهڙو ضرور به ناهي. پر مون ڏٺو ته وري سائينءَ کي جي چار ڪوڏيون هٿ
اچي ويون ته وري ڪنهن نه ڪنهن نئين اديب جو ڪتاب ڇپرائيندو ۽ انهي ماءُ جيان سور
سهندو جا ٻار کي تخليق ڪرڻ وقت سهندي آهي ۽ وري ڪو نئون درد پرائيندو. اهڙا سچا ۽
سخي ماڻهو زندگي جي ڊگهن پنڌن تي ڏاڍا ٿورائي ۾ نظر ايندا آهن. مون سنڌي ادب ۾ هڪ ڳالهه
ڏٺي آهي جيڪا منهنجي نظرين ۽ اصولن کي نه ٿي آئڙي ته سنڌي ادب منجهه گروهه بنديون
۽ ٽولا ٺاهي هلجن. هڪڙا پنهنجن کي پيا ڪلهن تي کڻندا ۽ ٻيا وري مخالف ڌر جي ترن ڪڍڻ
۾ هوندا پر اها ڳالهه مون چڱن چڱن دوستن ۾ ڏٺي. منافقت کان ڪم نه وٺندي، مان وڏي
واڪي بلڪل واضح لفظن ۾ چوندس ته هي فقيري لڏي وارا ماڻهو سائين دائود انهن مڙني ڳالهين
کان ڪوهين ڏور ڀڄندڙ آهي، هو ڪنهن به گروهه ۽ ڌڙي بندي واري ڳالهه مان ڄاڻي به نه،
نه ڪي هو منافقت مان ڄاڻي، نه ئي وري دشمنيون پرائي ڄاڻي. هو ته دشمنن کي به دوست ڪرڻ
وارو ڍولڻ مڙس آهي. ادبي قدآور شخصيت سان گڏوگڏ دوستن جي صف ۾ به سندس قد نهايت ئي
وڏو دوستي نڀائڻ جي ڳالهه جڏهن سامهون ايندي آهي تڏهن بنا جهجهڪ جي سائين دائود کي
انهن چند سچن دوستن جي صف ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جن دوستن کي دوست سمجهيو آهي. (هي خاڪو
سائين جي زنده هوندي لکيل آهي، اڄ هو اسان ۾ موجود ناهي پر سندس يادون مون کان
وسري نه ٿيون سگهن. ڇو جو اهڙن محبتي ماڻهن جون يادون وسرن به ته ڪيئن....!! ڇو ته
هو هيو ئي محبتي ماڻهو ۽ محبتي ماڻهو کي وسارڻ ڏاڍو اوکو آهي.)
No comments:
راءِ ڏيندا