حميد ابڙو
ڌرتيءَ ڄائو!
شعبان وسطڙو
ليکڪ ڌرتي ۽ مٽيءَ
جو مانُ هوندو آهي، ڇو ته هو ڌرتي ڌڻين جي دکن کي پنهنجن ساهن ۾ سمائيندو آهي ۽ ڌرتيءَ
جي ماڻهن جي دکن کي پنهنجو دک سمجهي پيو جيئندو آهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ
لاءِ قلم جو سهارو وٺي انهن جا دک عام ڪندو آهي، جيئن انهن هيڻن مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن
جي زخمن تي ڪو پهو رکي سگهجي. اهڙو ئي هڪ طبيب ۽ معاشري جي پيڙهيل ماڻهن جي نبض تي
هٿ رکندڙ ۽ مرض کي سڃاڻيندڙ ادب سان سلهاڙيل ڪهاڻيڪار حميد ابڙو به آهي، جنهن قلم
وسيلي لفظن کي سهيڙي ڪهاڻين جي روپ ۾ دکي ماڻهن جي دردن جي سيوا ڪندي ڪهاڻيڪار جو
روپ ڌاريو. هونئن به حياتي ۾ انسانيت سان محبت جو درس ملي ٿو ۽ جن انهيءَ درس جي
سکيا ورتي، يقين ڄاڻو ته انهن ئي جيئڻ جو حق ادا ڪيو. بلڪل شاهه صاحب جي چواڻي
جيان ته،
روزا نمازون اي پڻ
چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم،
جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
هر سٺو عمل عبادت ۾
شمار ٿئي ٿو، حميد ته وري سنئين دڳ ڏيکارڻ جي پيو صدا هڻي. هو جهڙو بهتر ليکاري ٿيندو
پيو وڃي، تهڙو ئي محبتي ماڻهپي ڏانهن وک پيو وڌائي. ادب ۾ سندس انٽري جاکوڙ ۽ لگن
سان قلم سان لنؤ لائڻ ۽ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ليکاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي.
سندس لکت سان گڏ ماڻهپو ۽ سندس حُسن اخلاق ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ملوڪ ليکڪ سان گڏوگڏ
هو ماڻهپي وارو خوش طبع ۽ خوش اخلاق انسان به آهي. هُو پنهنجي ڪاميابيءَ تي هرکجي
سون تي سيڻ مٽائڻ وارن مان ناهي، هونئن به سٺي سوچ ۽ نيڪ نيت ماڻهن کي سُڪون ڳولڻو
نٿو پوي، ڇوته اهڙن ماڻهن جي سوچ ڪارونجهر جي ڪُک مان نڪرندڙ روشن ۽ اُجلن ڪرڻن جي
صبح جيان معصوم، نرم ملائم ۽ پاڪ صاف هوندي آهي. حميد جون ڪهاڻيون وقت ۽ حالات جو
چٽو ثبوت پيش ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻين پڙهڻ سان ائين ڀاسجي ٿو ته هن جو جيئڻ به
پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان آهي. هن پنهنجي لکت، ٻولي ۽ ڌرتيءَ وارن سان جيڪو
عشق جو ناتو جوڙيو آهي، اهو پشتو شاعر جي هنن سٽن ۾ ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته، ’جڏهن
منهنجو محبوب مونسان گڏ هوندو آهي، تڏهن منهنجي دهلي جي شاهي تخت تي به اک ناهي ٻڏندي‘
سو حميد سان قلم به جڏهن گڏ هوندو آهي، تڏهن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن کانسواءِ ڪنهن تي
اک ناهي ٻڏندي. ڇوته سندس لکڻين ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڄاوا گڏ آهن، جيڪي سندس محبوب آهن.
آئون سندس ڪهاڻيون
پڙهي ڏاڍو سرهو ٿيس ۽ مون کي حميد مان اُميد جا ڪِرڻا نظر اچن ٿا. هو جنهن ڳالهه
کي کڻي، اهڙي ته پيرائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ وزن ڀاسي ٿو. حميد جيڪڏهن هن
ساڳئي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ رهيو ته هو چئن چڱن جي صف ۾ بيهڻ جهڙو ٿيندو. هن پنهنجي ڪهاڻين
۾ جنهن منظراندازي جو منظر چِٽيو آهي، اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هن
پنهنجين ڪهاڻين ۾ مڙني موضوعن کي سمويو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن موضوع کان لکندي هو
نه گٿو آهي. سندس ڪهاڻين جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ وڏي واڪي اهو چئي سگهجي ٿو ته مار!
حميد ته ڪو زماني جو ماڻهو آهي، هي وقت ۽ حالتن کان گٿل ناهي. هن جي ڪهاڻين ۾
زندگي جو ماڻيل مشاهدو، تجربو ۽ تجزيو شامل آهي، جنهن مان هو گذريو آهي. جڏهن هُن
جي ڪهاڻين کي سنجيدگي ۽ سانتيڪي سان نظر مان ڪڍيم، تڏهن اها ڪل پيم ته، حساس ليکڪ،
ناکئو جهڙيون ڪهاڻيون سرجيندو آهن، جيڪو اميدن تي جيئي ٿو ۽ جڏهن اميدون ٽُٽن ٿيون
ته پاڻ به ٽُٽي پوي ٿو، پر ايندڙ نسل لاءِ اميدن جا رستا ڇڏي وڃي ٿو.
حميد ڪهاڻين ۾ جيڪي
سنڌ جا موضوع کنيا آهن، اهي نج پج اسان جي سنڌي قوم جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا
موضوع آهن. ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته جهڙو اندر ۾ هٿ وڌو هجي ۽ اها ئي هڪ
خوددار ۽ سچي ليکاري جي وڏائي آهي، جنهن سڀني موضوعن کي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان
پرکيو ۽ پوءِ قلم جي اڻت ۾ آندو. حميد جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو
ته هن حساسيت جي ڪري جيڪا پيڙا ڀوڳي آهي، اها هڪ سچي قلمڪار جي خاص حقيقت آهي. هو
معاشري جي سچائي بيان ڪري جنهن ڪرڀ ۽ تڪليف مان گذريو هوندو، اُن جي هر حساس ماڻهو
۽ سچي قلمڪار کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.
هُن جي ڪهاڻين جي ٻولي
نج ڌرتي جي ٻولي، سهڻي سولي ۽ سمجهه ڀري آهي. خاص ڳالهه سندس لکت ۾ ايڏي ته يڪسانيت
۽ بيهڪ آهي جو ٻولي ۾ ڪٿي جهول به نٿو اچي. اها ليکڪ جي وڏي ڪماليت هوندي آهي، جيڪا
هُن ۾ نظر آئي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته حميد ڌرتي جي ٻولي جو اهو گلاب آهي، جنهن
جي مڌر مهڪ مان هر ڪو واس وٺي سگهي ٿو.
حميد جي ڪهاڻين پڙهڻ
کانپوءِ اها راءِ ڏئي سگهجي ٿي ته هو زماني جو ماڻهو آهي جهڙو ڏسڻ جو معصوم آهي پر
سندس من ۾ هڪ اهڙو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، جنهن جو ڪو به انت ناهي. ائين چئجي
ته سندس اندر ۾ اٿاهه ڳالهيون سمويل آهن. هن جي زندگي جو هڪ بهترين مشاهدو آهي، جنهن
کي ڪاڳرن تي آڻي اندر جو بار هلڪو ڪرڻ چاهي ٿو، پر جڏهن سندس اندر سڄو ئي سمنڊ آهي
ته ان جون ڇوليون ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون، ڪا خبر ناهي پر اها سُڌ پئجي سگهي ٿي ته
اهي ڇوليون ڪٿي نه ڪٿي ڇيهه ضرور ڪنديون ۽ جڏهن ڇولين ڪٿي ڇيهه ڪيو ته پوءِ پڪ ڄاڻجو
ته حميد جو نانءُ به سنڌي ڪهاڻي جي عروج تي هوندو ۽ هو به آڪاش جي چمڪندڙ ستارن
جيان جهاتي پائيندي نظر ايندو.
حميد جي ڪهاڻين ۾ مڱڻهار،
جنهن ڳوٺ جي هوبهو ماحول کي چٽيو آهي، آءٌ ته سندس ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ اهو چئي
سگهان ٿو ته اي دلبر حميد تون ڪٿي لڪل هُئين؟ توکي مائين جي نالن سان ڪهاڻيون ڇپائڻ
جي ڪهڙي ضرورت هئي. تون درياءَ دادلي جو اهو رُخ آهين، جيڪو جڏهن جوش ۾ ايندو آهي
ته هر طرف ٻنا ٻوڙ ڪندو آهي. تنهنجو تجربو، تجزيو، مطالعو ۽ مشاهدو توکي هڪ ڏينهن
اهڙي گس تي آڻي بيهاريندو، جتي هر طرف ماڻهن جي هٿن ۾ لکيل تعريفي لفظ ۽ چپن تي
مرحبائي گيت هوندا. شرط اهو آهي ته جنهن خوبصورتيءَ سان تو نڀايو آهي، ان کي اهڙي
ئي جذبي تحت جاري رکندين. جيئن تنهنجي لکڻين جو ڏانءُ ۽ تنهنجي قلم جي ڏات پڙهندڙن
جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي ۽ هڪ ڏينهن تون پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪرين. جيڪا تو وٽ ڏات
۽ ڏانءُ آهي، خدا ڪري اها هميشه سلامت رهي ۽ انهيءَ ڏانءُ ۽ ڏات کي اڃان وڌيڪ
سگهارو ڪري ڌرتي واسين جي خدمت ڪري سگهين.
حميد ابڙي جون سنڌي
سماج تي لکيل ڪهاڻيون مڪمل عڪاسي ڪن ٿيون پر يقين ڄاڻو حميد جو خيال هن جي سوچ ۽ فڪر
بين الاقوامي ادب ۽ ڪهاڻين کي ڇُهي ٿو. حميد جي ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ هن جيڪو
منهنجي من ۾ مقام ماڻيو آهي، جو ڪنهن به تعريف جو محتاج ناهي ۽ دل ائين پئي چاهي
ته ڪاش اهڙو ڏانءُ مون کي به اچي سگهي. اسان جون کيس انهيءَ امڙ جيان دعائون آهن،
جيڪا دعائون ڏيندي چوندي آهي ته منهنجو پٽ وڏڙو ٿي صالح ۽ نيڪ اولاد جو پيءُ ٿيندو
۽ سندس اولاد پنهنجي پيءُ جو نانءُ روشن ڪندو پر منهنجي حميد لاءِ اها دعا آهي ته ڏينهن
رات محنت ڪري ۷۰ ڪتابن جو مالڪ ٿيندو ۽ اهي ڪتاب سنڌ ۽ ڌرتيءَ وارن جو
اثاثو ٿيندا ۽ انهن کي پڙهندي اسين مستفيض ٿينداسين ۽ هو انهن ڪتابن سان پنهنجي ڌرتيءَ
جو انهي نيڪ ۽ صالح پُٽ جيان نانءُ روشن ڪندو. هو ڌرتيءَ جو سچو عاشق آهي، ڇوته هو
ڌرتي ڄائو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا