شيخ عبدالله
ڪوهستان جو سماجي ڪارڪن
شعبان وسطڙو
تاريخ انسان جي ڪردار
سان ٺهندي آهي ۽ پوءِ ڇو نه هو پنهنجي دور ۾ ڪهڙو به ڪردار ادا ڪري جو تاريخ جي
پنن ۾ هن جو ڪردار امر رهي ۽ سالن ۽ صدين تائين انهيءَ جي مثبت ڪردار کي ساراهيو وڃي.
اهڙو هڪ ڪردار ڪوهستان جي سماجي ڪارڪن انسانيت جو درد رکندڙ شيخ عبدالله جو به
آهي. توڙي جو هو عبدالستار ايڌي ته نه ٿي سگهيو آهي پر هن جا ڪيل ڪم اها گواهي ڏين
ٿا ته پنهنجي قد ۽ ڪاٺ ۽ حيثيت ۽ وسائل ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب جيترو هُن نڀايو
آهي، اهو ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.
آئون انهيءَ ڏينهن
دنگ رهجي ويو هئس، جڏهن پنهنجي دل گهرئي دوست محمد اڪرم پالاري سان ڪوهستان جي پهاڙن
مان گذرندي اچي ٿاڻي بولاد خان پهتا هئاسين ۽ وڌيڪ حيراني تڏهن ٿي ته هڪ وڏو پنڊال
نهايت ئي احسن ۽ حسين طريقي سان سجايل هو. جتي قطار ۾ تقريبن ۱۳۰ گهوٽ ويٺل هئا جن جي اجتماعي شادي جو
اهتمام ڪيل هو. جيڪو شيخ عبدالله جهڙو هڏڏوکي محبت ۽ انسانيت جو درد رکندڙ پنهنجي
سر پاڻ ڪيو هيو.
مونکي اندر ۾ هورا
کورا ته جنهن ههڙي من موهيندڙ تقريب سجائي آهي، اهو انسان اندر جو ڪيڏو نه وڏو
هوندو. کن پل ۾ اڇي رنگ جي سادن پر صاف ڪپڙن ۾ هڪ نهايت ئي سادو شخص مسڪرائيندي
اچي ڳلي مليو. سندس ملڻ جو سڀاءُ ڏاڍو محبتي هو، مونکي ڪنهن به قسم جو يقين نه پئي
آيو ته هي سمورو ڪاڄ اڪيلي سر هن اَڀري شخص پنهنجي سر نڀايو آهي. پنڊال ۾ نظر ڊوڙايم
ته هيڏي وڏي پنڊال ۾ چوڌاري گهوٽ لائون لهڻ ۽ نڪاح جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئا ۽ جڏهن
انهن تي منهنجي نظر وئي ته مونکي پڪ ٿي وئي ته هو سڀئي شيخ عبدالله کي دل ئي دل ۾
کوڙ ساريون دعائون ڏيندا هوندا. کن پل ۾ وري هڪ نظر شيخ عبدالله تي پئي ته هو مون
کي هڪ اهڙو ڏاهو ماڻهو محسوس ٿيو، جنهن لاءِ مولانا روميءَ جا لفظ ياد آيا ته ”ڪالهه
تائين مان سياڻو هئس تنهن ڪري سڄي دنيا کي تبديل ڪرڻ پئي چاهيم پر اڄ ڏاهو آهيان
تنهن ڪري پاڻ کي تبديل ڪري رهيو آهيان.“
انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ
ناهي ته شيخ عبدالله جو هي پيغام مون سميت سڀني لاءِ آهي ته اسين به انسانيت جو
درد رکندي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ڏيکاريائون، پوءِ به شيخ عبدالله جهڙا ته
نه ٿي سگهنداسين پر بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ سان ڪا لهر ته پيدا ڪري سگهون ٿا ۽
شيخ عبدالله جهڙو جذبو من ۾ رکون ته من سال اڌ ۾ ڪنهن هڪ غريب، يتيم، مسڪين ۽
بيواهه جي خدمت ڪندي سرها ٿي سگهون.
مونکي بارشي موسم ۾
ڪوهستان جو حسن الائي ڇو جنتي تصور ڀاسندو اٿم. هونئن ته سڄي سنڌ جنت جهڙي آهي پر
اسان جي حڪمرانن ۽ اسان سڀني کيس جهنم بنائي ڇڏيو آهي. ادارا ڪرپشن جي اهڙو هٿ لڳي
ويا آهن، جتي سنڌ جا شهر، روڊ رستا ۽ ڳليون تباهي، بربادي جو ڏيک ڏئي ڪنهن اجڙيل ماڳن
جو ڏيک ڏين ٿا ۽ پنهنجي سنڌ ڄڻ انهيءَ بيواهي عورت جي ڏيکاري ڏئي رهي آهي جيڪا ڪنهن
دور ۾ ته مهاراڻي جو ڏيک ڏيندي هئي پر وقت جي واءُ ورڻ سان سندس سينڌ ۾ سنڌور
بدران واري مٽي ۽ چڳن ۾ چيڙهه پئجي ويو آهي. سو اهو ته ٿيو سنڌ جو احوال پر اڄ
جنهن ڪوهستان ۾ آءٌ بيٺو آهيان ان جي قدرتي حسن جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي، پر
وري اتي آءٌ ساڳئي نڪتي تي اچي بيٺو آهيان. ڪوهستان به سڄي سنڌ وانگر اجڙيو پيو
آهي، نه اوهي نه واهي نه ته جيڪر هن علائقي تي ٿورو به ڌيان ڏجي ته هي سنڌ جي جنت
آهي. نه روڊ نه رستو نه بجلي نه پاڻي هر طرف سڃ ئي سڃ واڪا پئي ڪري. جي هن علائقي
۾ روڊن جو ڄار وڇايل هجي، هر طرف ڳوٺ بجلي سان روشن هجن، تعليم لاءِ اسڪول هجن،
علاج لاءِ اسپتالن جون سهولتون هجن ته هي علائقو هتي جي ماڻهن لاءِ جيئري جنت آهي.
پر نه اسين اهڙيون سهولتون هتي پيدا ڪنداسين ۽ نه ئي وري هن علائقي کي جنت بنجڻ جو
ڪو تصور به ڪنهن کي ڏئي سگهنداسين. ڇو ته اسان کي سڌريل معاشرو ته کپي ئي نه! جي
معاشرو سڌاري وڌوسون ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو..!!
هونءَ به هنن ماڻهن
جي اسان کي ڪهڙي پرواهه، اسين ايئرڪنڊيشن گهرن ۽ گاڏين کان پير ٻاهر ڪڍون ڪونه،
اسان جو هنن اٻوجهه مارو ماڻهن غريب ۽ مسڪين سان ڇا وڃي. روڊ رستا خراب انهن لاءِ
جيڪي پراڻين بسن ۽ ڇڪڙن ۾ سفر ڪن، پيٽ ته انهن جا وٽبا جيڪي انهن ٽُٽل ڦٽل ۽ ڀڙڀانگ
رستن تان گذرن ٿا. اسان جو ڇا اسين رڳو لينڊ ڪروزر جهڙين گاڏين کان ٻاهر نه نڪرون،
انهن غريبن جي درد جي اسان کي ڪهڙي ڪَل، واهه ڙي خوشحال سنڌ تنهنجي بيوس مسڪين
ماروئڙن جو مقدر.
دل ۾ خيال آيم ته
اسين جي ايڏا وڏا سماج سڌارڪ نه ٿا ٿي سگهون ته من هن همت ڀرئي عبدالله شيخ جهڙا
ته ٿي سگهون ٿا پر ان لاءِ جگر ۽ گردي جو هئڻ لازم آهي. جيڪو في الحال شيخ عبدالله
وٽ ئي آهي. شيخ عبدالله سان جڏهن ڪچهري ٿي ۽ اڄوڪي تقريب ۾ دوستن جي واتان تعريفي
لفظ ٻڌا ته حيران رهجي ويس ته هي شخص رڳي اجتماعي شادين ڪرائڻ لاءِ سرگرم ناهي پر
هن ته اجتماعي سنت طهر جون رسمون به ڪرايون آهن. هن ڪوهستان جي چپي چپي ۾ وڃي
غريبن، بيواهن ۽ يتيمن جا ڏک ونڊيا آهن، انهن جي هر طرح جي خدمت ڪئي آهي. ڪوهستان
جهڙي تپندڙ پهاڙي ڌرتيءَ جي غريب ماڻهن لاءِ مٺي پاڻي جو انتظام، بيواهه عورتن
لاءِ زڪوات ورهائڻ جو ڪم به پنهنجي ذمي کڻي خوب نڀايو آهي. سندس فلاحي ڪمن جي لسٽ
ته تمام وڏي آهي پر مختصر طور اهو ٻڌائيندو هلان ته شيخ عبدالله غريبن، يتيمن ۽ مسڪين
ماڻهن کي ۸۰ پڪا گهر ٺهرائي ڏنا آهن. ۲۳۷ معذورن کي مصنوعي ٽنگون لڳرايون اٿائين ۽ اهڙي طرح ۵۵۰ ويل چيئرس به ڏنا آهن. نظر کان اوجهل ماڻهن
کي صحيح ديد لاءِ ۲۵۰۰ اکين جا لينس به لڳرايا آهن ۽ ۳۰ دل جي مريضن جو باءِ پاس ۽ اينجيو پلاسٽي به ڪرائي آهي.
سندس هي فلاحي ڪم ڏسندي مٿس رشڪ ٿئي ٿو ۽
من ۾ اهو به خيال ٿئي ٿو ته ڪاش جيڪڏهن آءٌ ائين ڪجهه ڪري سگهان. شيخ عبدالله سان
ملندي ۽ سندس انهن ڳالهين به مون کي حيران ڪيو ته تقريبن هڪ سئو کن مدرسا جتي ديني
تعليم سان گڏ بنيادي پرائمري تعليم ۽ سائنسي ڄاڻ به ڏني وڃي ٿي ۽ ۱۶ مسجدون به ٺهرايون آهن. غريبن ۽ مسڪين توڙي
بي پهچ ۽ بيمارن کي اسپتال ڀيڙو ڪرڻ ۽ تيستائين سڪون سان نه ويهڻ جيستائين اهو
مريض نوبنو ٿي گهر نه پهچي. تر جي غريب ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا ڪرائڻ ۽ انهن کي
يونيفارم به وٺي ڏيڻ سندس ذميواري آهي. نه رڳي ايترو پر ٻهراڙيءَ جي ماڻهن ۾ شعور
۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مچ ڪچهريون ڪرائي ٿو. پري کان سگهڙ ڪهي اچن ٿا، ديني
بيداريءَ لاءِ ميلاد شريف جون محفلون سجائي ٿو.
ڪوهستان ايندي
منهنجي من جهڙو مزو ماڻيو، اهڙو ڪڏهن به نه ماڻيو. اڄوڪي موسم، ٿڌڙي هوا جيڪا من
کي قرار ڏئي رهي هئي، چوڏس وڏا وڏا پهاڙ ۽ ڪٿي ڪٿي انهن تان پکين ۽ جانورن جو گذر،
اندر منجهه اها آند ماند لائي ڏني ۽ الائي ڇو من مان اوچتو اهو آواز نڪتو ته الا
منهنجي سنڌ....!! سهڻي سونهاري، زرخيز سائي ستابي سنڌ، جيڪر ڪو هن کي وڌيڪ سهڻو ٺاهي
سجائي ۽ ايمانداريءَ سان سنڌ جي خدمت ڪري ته سچ پچ منهنجي سنڌ جنت جو ٽڪرو آهي.
اهي ڳالهيون من ۾
سوچي مون پنهنجي دوست اڪرم پالاري کي چيو ته پاڻ به اچي هن ماڳ تي ديرو ڄمايون. ته
هن مشڪندي مون کي چيو ته پاڻ جهڙن کي هتان جا داتا ديرو ڄمائڻ ڏيندا، سوال ئي پيدا
نه ٿو ٿئي. هو تباهي ۽ برباديءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيندا پر اهو ڪڏهن به نه چاهيندا ته ڪير
اچي سندن ڪمن ۾ مداخلت ڪري. تڏهن ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ته يار تو ۽ مون جهڙن ماڻهن
جي ته هنن جي نظرن ۾ ڪا به اهميت ۽ حيثيت ناهي پر چڱن ڀلن جي دال نه ٿي ڳري. بس
هتي جي-حضوريءَ ۽ ’سنڌ ڪيو پوري‘ وارو قصو لڳو پيو آهي. هي ٿيو ڪوهستان، جيڪي آباد
شهر هن جي حصي ۾ اچن ٿا انهن جو حال ڏسو ته ڇا لڳو پيو آهي. ڀينگ تي ڀنگ پئي ٿي واڪا
ڪري. اڪرم جون ڳالهيون ٻڌندي مون کي امر جليل جو اهو ڪالم ياد اچي ويو، جنهن ۾ هن
لکيو آهي ته هي ته منهنجي سنڌ ناهي ۽ سچ پڇو ته هي ته اسان جي سنڌ ته لڳي ئي نه ٿي،
جتي هر طرف تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
اسين هتي رڳي ڪوهستان
جي تباهي ۽ بدحاليءَ جي ڳالهه نه ٿا ڪريون. ڇو ته سموري سنڌ سورن ۾ ورتل آهي. ان
لاءِ اسين جيڪي سنڌ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو سوچي ڏيل ئي ڏڪي وڃي ٿو ته ڇا ٿيندو
اسان جي سنڌ جو؟ پر جيڪڏهن اسين سنڌ جي پنهنجي پنهنجي خطي ۾ عبدالله شيخ جهڙا ئي بڻجون
۽ ٿورو ٿورو ڪم اتان جي مسڪينن، غريبن ۽ يتيمن لاءِ ڪري وجهون ته به وڏي ڳالهه ٿيندي.
شيخ عبدالله کي ڏسندي
منهنجي من ۾ اها ڳالهه آئي ته هر ماڻهو انهن غريبن لاءِ اهڙا ڪم ڇو نه ٿو ڪري يا
آءٌ ڇو نه ٿو ڪري سگهان پر انهيءَ سوچ تي هڪدم مون کي شمس تبريز جا لفظ دماغ ۾ مترڪو
بنجي لڳن ٿا ته ”پڙهڻ ذريعي سکي ته سگهجي ٿو پر سمجهڻ جو عمل عشق کانسواءِ ممڪن
ناهي.“ ۽ سچ پچ ته هي شيخ عبدالله به عشق جي ڏکين راهن تان گذري رهيو آهي. پيچرا
رستا جيڪي ڪنڊن ۽ ٽٽل شيشن جي ٽڪرن سان ڀريل آهن پر هو عشق جي انهيءَ منزل تي رسڻ
چاهي ٿو. بقول تامل شاعر جي ته. ”تنهنجو آواز اسان جي روحن ۾ محفوظ آهي، جيڪو لڳاتار
سڏي رهيو آهي، پر تو سان اهو واعدو آهي ته اسان تنهنجي آواز جي تڪميل بنجي پنهنجي
وطن جي مٽي محفوظ رکنداسين.“
ڪنهن به شيءِ سان
عشق ته سولو آهي پر انهيءَ کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهڙو عشق مون، شيخ عبدالله کي ڪندي
ڏٺو، پنهنجي غريب ماڻهن سان. شيخ عبدالله ڪوهستان جي حساس، غريب بيواهه، مسڪين ماڻهن
جي جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي سا قابلِ تعريف آهي. ڪير ڪنهن جي آڏو هٿي وڃي ٽنگي ته
اهو هڪ ڏکائيندڙ لمحو آهي. جڏهن ته شيخ عبدالله انهن مسڪينن کي اهي سڀ شيون گهر ويٺي
مهيا ڪري ڏي ٿو ته جيئن حساس دل رکندڙ ماڻهو ڪنهن جي در تي وڃي هٿ جوڙ نه ڪن. ڇو
ته اهو لمحو ته انهن لاءِ انهيءَ درد جي آخري گهڙي ٿي سگهي ٿو. جيئن لقمان حڪيم
کان ڪنهن پڇيو ته ”موت کان وڌيڪ ڪو ڏکوئيندڙ لمحو ٿي سگهي ٿو.“ ته چيائين. ”ها جڏهن
ڪو شريف انسان مسڪيني ۽ مجبوري واري حالت ۾ ڪنهن ڪم ظرف اڳيان هٿ جهلي سوال ڪري
اهو لمحو ان لاءِ موت کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي.“
آءٌ اڃان تائين
انهيءَ حيرانگي ۾ آهيان ته شيخ عبدالله هڪ ماڻهو ٿي ڪري ايڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، سندس
همٿ ڏسي کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ۽ سچ ته ههڙو همٿ ۽ محنت وارو کاهوڙي
شخص جڏهن منهنجي سامهون بيٺو ته سندس شخصيت مون کي ڏاڍي سگهاري ۽ مضبوط محسوس ٿي ۽
نه ڄاڻ بي ساخته منهنجي لبن تي نارائڻ شيام جون هي سٽون اچي ويون ته:
کليل بي نور وانگي،
ڪو پئي دل جو دروازو،
اچي بيٺي انهي ۾
تون، ته ڀانيم روشني آئي.
سنڌ سونهاري جو
جائزو وٺجي ته اسان کي اهو احساس ٿيندو، اهڙا کوڙ شيخ عبدالله جهڙا جاکوڙي انسان
موجود آهن پر نه ڄاڻ ڪهڙي سبب هو پنهنجيون صلاحيتون ڪتب آڻي نه ٿا سگهن پر اهو شيخ
عبدالله جهڙي شينهن مڙس ۽ دلير جوڌي جو ڪمال آهي، جنهن هن منزل تي پهچڻ لاءِ ڪيترين
نه تڪليفن سان مهاڏو اٽڪايو هوندو پر پوءِ به نه مڙيو ۽ اڄ جنهن صف ۾ هو بيٺو آهي
ته مون کي ائين لڳي ته ڄڻ گورک جي مضبوط پهاڙن جيان سينو ساهي بي پهچ ۽ بي يارو مددگار
ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڏينهن رات، تَتي ٿڌي ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ مصروف عمل آهي. تڏهن ته ڪوهستان
۽ آسپاس جا مڙئي رهواسي کيس محبت ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ سچ پچ ته هو انهيءَ
محبت ۽ عزت جي لائق به آهي. مون کي ساڻس ملندي اهو محسوس ٿيو ته حق سچ جو جيڪو علم
هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي. اهو هميشه سندس هٿن ۾ بلند هوندو. شيخ عبدالله جي شخصيت مون
کي انهيءَ ڏاهي جي لفظن جي روپ ۾ ڀاسندي آهي ته زندگي موت کان پڇيو ته ماڻهو مون
سان محبت ۽ تو سان نفرت ڇو ٿا ڪن؟ تڏهن موت وراڻيو هو انهيءَ ڪري ته تون خوبصورت ۽
من موهيندڙ ڪوڙ آهين ۽ آءٌ درد ڏيندڙ حقيقيت!!
مون کي اهڙا ماڻهو
وڻندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد سان سچا هجن ۽ ڌرتي ۽ انجي رهواسين جي خدمت ۾ بنا ڪنهن
غرض جي ڪوشان ۽ مگن هجن مون کي شيخ عبدالله جهڙا کرا سچا ۽ صاف ماڻهو وڻندا آهن،
جيڪي ڪنهن تفرقي ۽ مت ڀيد کان هٽي ڪري انسان ذات جي خدمت ڪندا رهن ٿا.
شيخ عبدالله جا
ايترا سارا ڪم ڏسي حيرانگي انهيءَ ڳالهه جي ٿئي ٿي ته ايترن سارن ڪمن ڪرڻ لاءِ هو ڪيڏا
نه وس ڪندو هوندو. جيڪڏهن هر ڳوٺ ۽ هر شهر مان اهڙا کاهوڙي، سچا، کرا ۽ محنتي ماڻهو
پيدا ٿين ته اسان وٽ ڪيترائي شيخ عبدالله پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪي هن ڌرتيءَ جو نقشو
ئي تبديل ڪري سگهن ٿا.
هن ٻڍڙي پر کاهوڙي
عبدالله جو هي خدمتي جذبو جيڪو هن ڏاڍي سچائي محنت ۽ مشقت سان ڪيو، ڏسي مون کي
ائين لڳو ته هن جهڙو قرضي ڪري ڇڏيو هجي. مان سندس پورهئي کي شمشير الحيدري جي هنن
سٽن سان خراج ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڇو هن جيڪو ڏيئو جلايو، اهو سدائين روشن رهي ۽
انهيءَ جي روشني ڪوهستان جي واهڻ وستي ۾ ٽم ٽمائيندي رهي ته:
ڏيئي جي لاٽ ته هر
حال ۾ رهي قائم،
اهو ئي منهنجي مقدر
جو فيصلو آهي،
پهاڙ جيڏا ارادا
رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان
زياده حوصلو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا