حليم باغي
جڏهانڪر ٿيام...
شعبان وسطڙو
ڪنهن به مسافر جي ڪا
به منزل ناهي هوندي؛ ڇو ته هو سفر دوران ئي چاهتن ۽ محبتن جي چيت چڙهي ويندو آهي ۽
انهيءَ سفر دوران هُن جو وجود پنهنجي بقا جو داستان چٽي ڇڏيندو آهي. ڇو ته سچائي
هر انسان جي سونهن جو حصو هوندي آهي. سچائي بنا ماڻهو ڪٽ چڙهيل آرسي جيان لڳندو آهي.
ڪنهن جي واتان ٻڌو
هو ته ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جي پنهنجي حاصلات ۽ آئيڊيل لاءِ سچائي سان پنهنجو وجود
داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿا. اهڙن ماڻهن جو ڪردار انت محبت ڪندڙ آهي، تڏهن سچ به ته اهو
ٻڌي مرڪ منهنجي مک تي سورج جي پهرين ڪرڻن وانگر ڦهلجي وئي. دوست جي انهن لفظن تي دل
منجهه چيو هوم، ”چريا، اڳي ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته ماڻهو چوندا هئا ميان! چوڏهون سن ۽
اهڙي سچائي سو هاڻي ته پندرهون سن پيو هلي،“ دوست چيو هو، ”پنج آڱرين برابر ناهن ٿينديون،
ماڻهو، ماڻهوءَ جو ڇيهه ئي ناهي.“
۽ انهي دوست
جا اهي لفظ اڄ من ۾ منڇر جون اهڙيون لهرون ڀاسن ٿيون ڄڻ ڍنڍ جي پاڻي ۾ پکين جي اڏرڻ
سبب گول گول دائرا ۽ ڇلا ٺاهي پاڻي ۾ لهرن جا جلترنگ وڄائيندا هجن ۽ سورج جا
پهريان ڪرڻا انهن لهرن کي پنهنجي چمڪ سان سون سريکو بنائي ڇڏيندا هجن.
هن ڪڙي ڪساري سنسار
۾ مڙني قسمن جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو پر ڪن ماڻهن جي محبت اندر منجهه مقناطيسي ڇڪ
وانگر کڻي قابو ڪندي آهي. اها ڳالهه من اندر سانڍيو پيو اچان سالن کان پر هن شخص
ته سچ به ته منهنجي من اندر اوطاقون اڏي ڇڏيون، شاهه سائين جي انهن سٽن ۾ ته ”اندر
روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري“ ڪنهن جي روح ۾ رهڻ ۽ اتي پنهنجي جاءِ اڏڻ ڪا معمولي ڳالهه
ناهي. سو هي به دوست يونيورسٽيءَ جي هيڊن پٿرن واري هيڊي ڌرتي تي پير گهمائيندو
پنهنجي ڌن ۾ مست الست ڀٽائي سائينءَ جي فقير جيان هلندو رهندو هو. کيس جڏهن مان
انهيءَ جنوني حالت ۾ ڏسندو هيس ته سچ ته مون کي گيڙو رتن ڪپڙن ۾ سچل جي فقيرن جيان
آڳنڌ ۾ وائي آلاپيندي ڀاسندو هو. ۽ پنهنجا پيرا کڻندو اڳتي هلندو وتندو هو. ڪنهن ڀٽڪيل
پکي جيان جنهن کي پنهنجي ماڳ جي ڳولا هجي.
يونيورسٽي ۾ اچڻ
سان ادب دوستن جي چوڻ تي مان ادبي گڏجاڻين ۾ شامل ٿيندو رهيس. تڏهن مان خود ادب ۾
نئون نئون جهڙو داخل ٿيو هيس. انهيءَ ڏينهن گڏجاڻي اڃا شروع مس ٿي ته منهنجي نظر
انهيءَ مست تي پئجي وئي، جيڪو پڻ گڏجاڻي ۾ ويٺو هيو. من منجهه مرڪي پيس ته هن
درويش جو هتي ڪهڙو ڪم پر اها ته خبر ئي نه هئي ته ڏسڻ جو هي سادو سٻاجهڙو ادب ۾
بحر لڳو پيو آهي. اها خبر تڏهن پئي جڏهن هن هڪ ادب دوست جي لکڻي تي واري اچڻ سان ڳالهايو.
ڳالهائڻ جو انداز بنهه ماٺيڻو ۽ سڀاءَ وارو، سندس لفظي جوڙجڪ من تي ائين ڇانئجي
وئي، ڄڻ ڪنهن شئي تي جنڊي جو ڪم اڪريل هجي. مان حيرانگي منجهان هن نوجوان ڏانهن تڪي
نيهاريندو رهيم، پوءِ خبر پئي هئي ته اهو اندر ۾ مچ مچائڻ وارو دلين کي گرمائڻ
وارو ويراڳي ”حليم باغي“ آهي.
حليم باغي ڏسڻ
منجهه سادو سلوڻو ڄڻ مست الست هجي ڪو، پر اندر ۾ جهڙي دونهي دکيل اٿس. ڪنهن دوست
جي لکڻي تي جڏهن هو ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن ڄڻ ٿر جي تتل ريت تي ٽامڻي هڻندڙ
سج جي هيٺيان پيرين اگهاڙو هلندو رهندو هجي، جهڙو پنهنجي منزل جهاڳڻ لاءِ ۽ منزل
تي رسڻ لاءِ اڃان به ساڳي جستجو ۾ رڌل آهي.
منهنجو نهايت ئي
پيارو دوست ”امان راهي“ جنهن کي حليم جي شاعري بر زبان ياد هئي، چوندو آهي ”حليم
منهنجي لاءِ ٽئگور کان وڏي اهميت جو حامل آهي. هن جي شاعري جو لفظ به لفظ منهنجي
جسم جي ذري ذري کي ڌونڌاڙي وجهندو آهي. سندس شعر پڙهڻ ويل ايمان سان منهنجي جسم جو
وار وار اُڀو ٿي ويندو آهي. ڇا ته هن وٽ ڏات آ..... ۽ ڇا ته هن وٽ ڏانءُ آ.....!
بيشڪ اها صداقت آهي امانَ سائينءَ جي لفظن ۾ ته حليم جي ڏات ۽ ڏانءُ ۾ ايڏي ته
سچائي آهي جو مون کي رشڪ ايندو آهي، اهڙي سادڙي پياري ماڻهوءَ تي. هونئن به سندس
سموري شاعري ايندڙ وقت جي وڏي سچائي ثابت ٿيندي.
حليم باغي جا اهي
لفظ مون کي ڏاڍو موهي وجهندا آهن، جڏهن چوندو آهي ”منهنجي زندگي جون سمورون حسرتون
۽ خواب دفن ٿي ويل آهن هاسٽلن جي اوچين ديوارن منجهه، جن جي اندر حسين شهزاديون ۽
شهزادا آئنده جا سهانا سپنا ڏسندي پنهنجي ڪارن ڀنئور جهڙن وارن ۾ چاندي چمڪندي ڏسي
مايوس چهرو کڻي انهن اداس ديوارن تي پنهنجا ڪنوارا چپ رکي ماضيءَ جون يادون کڻي نيڻن
مان لڙڪ لاڙي وجهندا آهن“ تڏهن مان رڙ ڪندي کيس چوندو هيس اڙي هل ٿري موڳا عاشق!
پر تڏهن به مشڪندو اڳتي هلندو رهندو هو.
حليم جي سادگيءَ جي
حد مان ڏسي سگهيو آهيان، جهڙو ٻاهر جو سادو اندر جو به اهڙو ئي مسڪين ماڻهو آهي.
اها حليم جي سچائي هئي، اهڙن سچن ارادن وارا ماڻهو ڀل دنيا جي ريتن رسمن کي ڪهڙي
به طريقي سان سنوارين، پر حليم انهن کان وڌيڪ سگهارو آهي. ڪير ٿو چوي ته حليم غريب
آهي، حليم جهڙو امير ۽ سگهارو ڪو به ناهي، ڇو جو هن وٽ ڏات آهي هو ڏات ڌڻي آهي.
حليم جي شاعري ۾
آئيندي جون اُميدون ۽ ديس جي ترقي جا گس، ڏس ۽ ڏانوَ ڏاڍا سولا سڻاوا ۽ سليقي وارا
آهن. جتي به پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ۽ جنهن کي شعر ٻڌائيندو آهي، انهيءَ جي من
اندر پنهنجي جاءِ جوڙيندو آهي، پر نه ڄاڻ ڇو جاءِ نه جوڙي سگهيو پنهنجي پريميڪا جي
اندر ۾.....! جيڪا اڌ پنڌ ۾ کيس نويڪلو ڇڏي هلي وئي. حليم جيڪو هر ڪنهن کي چيچ مان
وٺي پنهنجي دڳ تي رسائيندو آهي، هن چاهيو پئي ته هو پنهنجي محبوبا کي من اندر
سمائي نيڻ بند ڪري، بس هوءَ هجي ۽ مان هجان وارو سلسلو قائم هجي. بلڪل ائين شاهه
صاحب جي چواڻي ته ”اکين ۾ ٿي ويهه ته واري آءٌ ڍڪيان” پر بنهه ئي سادي حليم کي اها
پروڙ ئي نه هئي ته يونيورسٽي جون پَر لڳل پوپريون کيس هيئن راهه ۾ رولينديون ۽
حليم جهڙو جبل جيان اٽل ارادا رکندڙ کاهوڙي عشق جي هار کائي مايوس ٿي ويندو.
سنڌ يونيورسٽي جي
ميٽائي پٿريلي مٽي تي هلندڙ ٿر جو هي ڳڀرو نوجوان انيڪ سوچن ۾ گهيريل گهمندي ۽ ڦرندي
ڏٺم، ۽ پنهنجي منهن ڪجهه سوچيندي. مون کي هو ايامن کان بنواس ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن ڀڪشو
جي ڏيکاري ڏيندو هو.
ادب ۾ اچڻ سان ادب
دوستن سان منهنجي سٺي ڏيٺ ويٺ ٿي پر هن ٿر جي باغي جهڙو صاف دل ۽ دوستي نڀائڻ وارو
يار ورلي ملندو. ائين به ناهي ته حليم صفا ولي ۽ درويش هجي پر سچ به هن جوان جي جڏهن
شاعري ٻڌبي آهي، تڏهن ائين ڀاسندو آهي ته جهڙو باغي انهن ولين ۽ درويشن جي صفن آڏو
امن جو جهنڊو ڦڙڪائيندي نظر ايندو هجي، جن پوري عمر عبادت ڪري پنهنجو نانءُ خدا جي
آڏو سرخرو ڪيو هجي ۽ باغي سنڌ سان سچائي ڏيکاري پنهنجي لکت جي حيثيت مڃرائي انهن
ولين کان مٿڀرو لڳندو اٿم.
باغي جو ادب سان
جنون ڏسي مون سمجهيو هو ته هو صرف ادب جو عاشق آهي پر نه باغي ادب سان گڏوگڏ حُسن
۽ سونهن جو به عاشق آهي. اڳئين زماني ۾ ٻڌبو هو ته ڪيئن نه عاشق پنهنجي محبوب لاءِ
وڇوڙا ۽ ورلاپ ڪاٽيندا هئا ۽ پنهنجو حال ئي وڃائي ڇڏيندا هئا. ڇو جو سندن تن ۾ صرف
۽ صرف پنهنجي پرينءَ جي تنوار هوندي هئي پر يونيورسٽيءَ ۾ پهچي پنهنجي اکين سان ڏٺم
ته اڃان به ڪي عشق جا پانڌيئڙا هت رهن ٿا ۽ ايتري قدر سچائي جو ڏيک ڏين ٿا جو پوءِ
ڇو نه کڻي سر جو سودو ڪرڻو پوين. مون اهي سمورا گڻ حليم باغيءَ ۾ ڏٺا. حليم ٻاهران
ڏسڻ جو اڀرو سڀرو پر دل جو ڏاڍو امير ماڻهو آهي. سندس دل آئيني جيان صاف ۽ شفاف،
سچ ۽ حق جا عڪس ۽ اولڙا ٺاهيندي ڏيکائي ڏيندي آهي.
حليم جي شاعري ٻڌڻ
سان ائين لڳندو اٿم ته من اندر ڪنهن جهڙي تنبوري جي تار ڇيڙي ڇڏي هجي ۽ ائين محسوس
ٿيندو آهي ته سندس شاعري ۾ ايڏي تڙپ ۽ لوچ آهي، جيئن پياسو پکي اُڃ اجهائڻ لاءِ پرڙا
هڻندو مراد ماڻڻ جي تمنا دل ۾ رکي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪندو هجي ته من ڪو پاڻي جو
نشان ڪٿان ملي وڃي ۽ سچ به ته باغي انهي پکيئڙي سمان لڳندو آهي.
هڪ ڏينهن باغي جي ڪمري
تي ويٺو هيس جو مون کيس چيو ته ”باغي تو ته اهڙي شاعري ڪئي آهي جو منهنجي خيال ۾
تو پنهنجي منزل جهڙي ماڻي ورتي آهي.“
تڏهن ٿڌو ساهه کڻندي
چيو هئائين ”يار ڪيڏو نه اٻالو آهين، مون کي منزل ملي ۽ مان هتي زندهه ويٺو هجان
پيارا.....!! مون ڪيو ئي ڇاهي جو مون کي منزل ملي.....!! منزل ماڻڻ جا ڀاڳ پاڻ ۾
ناهن پيارا، ٻه چار ڪچا ڦڪا اکر لکي ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن ۽ ڪهڙو سنڌ ڌرتيءَ تي ٿورو
ڪيو اٿم، ڪهڙو قرض لاٿو آهي مون ادا....!“
تڏهن ٻيهر منهنجي
اکين ۾ شور سان نهاريندي چيو هئائين ”پيارا مون جڏهن منزل ماڻي به ته توکي باغي جو
جسم هن ڌرتي تي نه ملندو، ڀلي منهنجو جسم ڪٿي رڻن ۾ رلندو هجي پر باغي جو روح سنڌ ڌرتيءَ
سان جڙيل رهندو. ڇو ته منهنجو جيءُ هن ديس سان جڙيل آهي.“
مان باغيءَ جي انهن
گفتن مان ڏاڍو خوش ٿيو هوس ۽ گَدِگَدِ ٿيندو رهيو هوس، من ئي من ۾ ناز آيو هو ته
اهڙن ساٿين تي جي هن قهري دور ۾ به سينا کولي گلا ڦاڙي پنهنجو آواز تبليغ ۽ واعظ
وسيلي ڌرتيءَ جي اٻوجهه ماڻهن تائين پهچائي گس ۽ پنڌ جا سڻاوا گُر ٻڌائي رهيا آهن،
اهڙن جوڌن جي خيالن ۽ سوچن مان ڪنوارن جذبن واري مهڪ جو واس ايندو آهي.
يونيورسٽي جي پڙهڻ
دوران باغي سان ڪجهه ڏينهن نه ملبو هو ته ڳولي اچي هٿ ڪندو هو ۽ ڀاڪر پائي ٽهڪن ۾ ٻڏي
ويندو هو ۽ پُٺي تي ايتريون ته ٿڦڪيون هڻندو هو جو في الحال جان ڇڏائڻ تي دل چوندي
هئي پر سندس خلوص ۽ محبت جو هٿ هو. جڏهن آجو ٿيندو هو تڏهن منهن ۾ نهاري چوندو هو،
”ظالم، پنهنجي ته دوستن کانسواءِ سري ئي نه ٿي“ ۽ پوءِ اڳتي هلي خبر پئي ته هن
دوست جي دل منجهه دکن جو ديرو ڄميل آهي، پر سندس اها عادت جو پنهنجي ڏکن کي ٻين
سان ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيڻ ڏيندو هو ۽ انهن کي پنهنجي اندر منجهه ئي پيو شيئر ڪندو
هو، تڏهن مان سندس انهيءَ روش تي ٽوڪيندي کيس چوندو هيس، ”اڙي ڪڻڇي جي ٻاهر ٻاڦ نه
ڪڍندي ته اندر منجهه جلي ويندي“. تڏهن مشڪي ڏيندو هو ۽ سندس انهي مرڪ ۾ مون کي
آئيندي جو عڪس ڀاسندو هو.
پوءِ مون کي خبر
پئجي وئي هئي ته باغي جي اندر ڪا ڳالهه آهي، جنهن کي ٻڌائڻ کان لنوائي پيو پر پوءِ
چوندا آهن ته عشق ۽ مشق لڪائي نه لڪندا آهن. تڏهن مون باغي جي اندر محبت جي کوري ٻرندي
ڏٺي هئي.
باغي جي ياد ڏاڍو
ستايم، سندس ڪمري تي ويس پر ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. ڇو جو خبر پئي ته هو ناچاڪائيءَ
سبب ڳوٺ ويل آهي. مان سندس ناچاڪائي جو ٻڌي جهڙو جهري پيس ۽ سمجهي ويس ته منهنجي
من ۾ باغي لاءِ جيڪا سوچ هئي سا سچ آهي ۽ جڏهن باغي ڳوٺان وريو هو تڏهن مون کي بلڪل
ٿڪل ٿڪل لڳي رهيو هو. ڳلن ۾ گهٻ ۽ نيڻن منجهه نير ۽ اکيون ڏرا ڏنل پر پوءِ به هن
کي ڄڻ لکائي ڪانه هئي، تڏهن مون کي باغي جي چهري مان عشق جا عذابيندڙ داستان مليا
هئا.
باغي جي هيءَ جيءُ
جهوريندڙ ڪيفيت ڏسي استاد بخاري جو هي شعر منهنجي من تي هُري آيو،
ها! شام اڄوڪي گذري
وئي
سا ياد به تو کان
وسري وئي
ها! گل به ويا ڪومائجي
ڄڻ خوشبو تن مان
وکري وئي
هو آکيرا ڏس، خالي
آهن
ڪا ڪوئل ڪوڪي اڏري
وئي
گڏ چنڊ ڏٺوسين تارن
۾
سا رات ۾ توکان
وسري وئي
ڪو جيون ساٿي ٿي نه
سگهيو،
زندگي اڪيلي منهنجي
گذري وئي.
پر باغي جي ڳالهائڻ
مان ائين لڳم ته هي اهو پهاڙ آهي جنهن مٿان ڪيڏا به بار اچي وڃن پر پوءِ به هو جهڪي
نه سگهندو ۽ هو بلڪل پنهنجي شعر جيان سچائي ظاهر ڪري رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ته
سندس من اندر مچندڙ مچ ۽ ٿيندڙ ويڙهه هجي جهڙي ۽ سچ به ته سندس اهو شعر به انهي
وقت منهنجي ذهن تي اچي ويو.
هي گهاءُ ڏس جبين
تي، هو خون ڏس سنگين تي،
تڪبير جا هي هوڪرا،
هو لاش ڏس زمين تي،
ڪسين ۾ جر جي جاءِ
تي خون آ وهي هليو،
گلاب هن زمين تي ڪو
هت ڪري ڪو هُت ڪريو،
حليم جي شاعري مون
کي هميشه اهو احساس ڏياريندي آهي ته حليم ڪڏهن واريءَ جي دڙي جيان ڊهي پٽ ناهي پوڻو
پر هو ته رني ڪوٽ جي قلعي کان وڌيڪ مضبوط آهي.
سال ٿي ويا جو حليم
سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کانپوءِ هر ڪو پنهنجي گذر سفر جي
سانگي ورهائجي وڃي ٿو. ٻڌو آهي ته حليم ڳوٺ ۾ نوڪري ڪري ٿو، بس جتي به هجي الله جي
امانَ ۾ هجي ۽ خوش هجي ۽ پنهنجي شاعريءَ سان جوت جلائيندو رهي ۽ خوشحال سنڌ جو
خواب پنهنجي شاعريءَ ۾ اُڻندو رهي. ڇو ته شاعرن جا خواب ئي ساڀيان ٿيندا آهن. اڄ
به جڏهن سندس ياد ايندي آهي ته شاهه سائين جون هي سٽون من تي هري اينديون آهن ته ؛
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه
سپيرين سين،
تڏهانڪر تِر جيترو،
ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ
اوطاقون ڪري.
No comments:
راءِ ڏيندا