حفيظ کوهارو
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
حفيظ چانڊيو
خبر ناهي ته هُن جي وڇوڙي تي
لاڙڪاڻي لڙڪ لاڙيا به هوندا الائي نه! پر سندس موت تي سنڌ جو شعور ڍنڍڪرون ڏئي رنو
هو، ايئن جيئن سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻيءَ نه هجڻ تي روئي ويهندو آهي. هُن جي هٿن
مان جڏهن رنگن وارو برش ڪِريو هو، ۽ موت کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو هو ته ان وقت
اهي رنگ به روئي پيا هوندا، جن بيجان رنگن کي پنهنجي آرٽ ذريعي هن نئون جيئندان
بخشيو هو. هُو مصور هو، تڏهن ئي سندس دل به سنڌوءَ جون چلولاين جيان رنگين هُئي،
سندس وجود ۾ سنڌ سمايل هئي، سندس هر ساهه ۾ ديس سان پيار سمايل هو، اهو ئي سبب هو
جو هُن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي پينٽ جو محور ڪيو هو، ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي سندس
هٿ ۾ پيل برش اهڙو ته جنبش ۾ اچي ويندو هو جو سندس هٿ مان نڪتل پينٽ سنڌ جي هڪ
دانهن بڻجي ايوانن تائين پهچندي هُئي ته ايوانن کي لوڏي وجهندي هو.
هُو برش کي آڱرين ۾ جهلي، هٿن
سان تصويرن ۾ جان وجهڻ جو عجب جادو رکندو هو، ٻالڪپڻ کان وٺي، هو پنهنجي هڪ جيڏن
سان راند رچڻ بجاءِ رنگن سان راند رهندو هو. تڏهن ته ننڍڙي عمر ۽ مختصر عرصي ۾ هن
فطرت جي منظرن کي چٽڻ تي دسترس حاصل ڪري ورتي، مصوريءَ جو انساني تاريخ ۾ نهايت
اعليٰ مقام رهيو آهي، جيڪڏهن مصوري نه هجي ها ته شايد زندگيءَ بنا برشن جي بي رنگي
۽ ڇسي لڳي ها، زندگيءَ ۾ رنگن جي جيڪا اهميت آهي سا ان خوبصورت خواب جهڙي آهي،
جنهن ۾ شعور جون شاخون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن، جنهن جي گهاٽي ڇانو، محبتي ماڻهن جو
مرڪز ۽ محور بڻجي ويندي آهي.
برشن جي مدد سان مصور ئي انسان
جي بنهه ٻسي جيون ۾ پوپٽي رنگ پئي ڀريندو آيو آهي، مصور ئي آهي، جيڪو علائقائي
حوالي سان، قومن جي عروج ۽ زوال، سندن علمي ۽ ادبي اوسر جا اولڙن جا عڪس پيش ڪندو
آهي، جنهن ۾ سندن سياسي توڙي سماجي، قومي، روشن خيالي توڙي مذهبي اوج ۽ زوال کي فن
جي مدد سان بيان ڪندو آهي.
اها قوم جيڪا پنهنجي ڪُک مان
مصورن کي جنميندي آهي، سا پنهنجي وجود ۾ ڀاڳوند ۽ خوشقسمت هوندي آهي، سنڌ ڌرتي به اهڙين
شاندار ڌرتين مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪُک مان ڪيترن غيرمعمولي ماڻهن کي پئي جنميو
آهي، جن مان لاڙڪاڻي جو مرڪندڙ مصور حفيظ الله کوهارو به هڪ آهي، جنهن 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سهڙا ڍورائي
، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ نيڪ مرد حامد الله کوهاري جي گهر ۾ ٿيو. سندس
والد به هڪ نامور مصور هو، جنهن سبب رنگ سندس هرپاسي رهيا، هن کي والدين جڏهن پڙهڻ
لاءِ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته سندس اندر جو آرٽسٽ جاڳي پيو، سندس تصورن کي
حقيقي روپ مليو، پڙهڻ دوارن سندس سمورو ڌيان، سليٽن تي قلم سان تصويرون ٺاهڻ هوندو
هو، هو ان وقت سموري اسڪول جي استادن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هيو، جڏهن هو کين
قسمين قسمين اسڪيچز ٺاهي ڏيکاريندو هو، سندس استاد هن ننڍڙي ۽ معصوم شاگرد مٿان
فخر پيا ڪندا هئا، پرائمري کان مڊل تائين،
مڊل کان هاءِ اسڪول تائين، هاءِ اسڪول کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين جيتوڻيڪ سندس
جهول ۾ لاتعداد امتحان آيا، پر هن انهن تي ڌيان ڌرڻ کان مصوريءَ تي ڌيان ڏنو، اهو
مصور جو شعور آهي، نه ته ماضيءَ ۾ قومن جي ابتر حالتن جي خبر ڪيئن پوي ها، اهو
انهن مصورن جي پيار ۽ غير معموليءَ فن جو نتيجو آهي، جو صدين گذري وڃڻ باوجود به
اتي رهندڙ ماڻهن جي تاريخ اسان آڏو آهي، جنهن مان سندن رهڻي ڪهڻي ۽ ترقي جي راز جي
خبر پوندي آهي،سندس ان آرٽسٽڪ شعور، کيس سمهڻ نه ڏنو، هو هر ڏکندي کي ڏسي ڏُکي
پوندو هو، جيئن جيئن هو وڏڙو ٿيندو ويو، منجهس مصوريءَ جي مام عيان ٿيندي وئي، مصوري
۽ حفيظ کوهاري جي دوستي بي مثال هئي، برش سندس هٿن ۾ اچڻ سان خوشي مان عجيب رقص
ڪندا هئا، هن رنگن سان اهڙو ته خوب نڀايو جو بدوبودار سماج اندر سندس سُڃاڻپ هڪ
استاد کان وڌ مصوري بڻجي وئي، ماڻهو سندس فن کي ڏسي، ڀائنڻ لڳا هئا، حفيظ کوهارو مثالي
استادن مان هڪ اهڙو اهڙو استاد هو، جنهن ڪلاس ۾ وڃڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايو، بنهه
ٿورڙا اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ايمانداريءَ ۽ سچيتائيءَ سان، شاگردن جي اهڙي ته
شاندار تربيت ڪندا آهن، جو سندن مثال ورلي ملندو آهي، سندن محنتن جي ڪري شاگردن
جون بي مثال کيپون تيار ٿيون، جيڪي اڳتي هلي مختلف ميدانن ۾ ڌاڪو ڄمايو.
حفيظ کوهاري صاحب، هڪ وڏي ظرف وارو انسان هو، وٽس لوڀ ۽ لالچ بنهه بيڪار بڻجي، هن آڏو شرمسائيندا هئا، هو هڪ آدرشي انسان هو، جنهن اصولن جي پاسداري ڪندي ڪندي وار چاندي ڪري ڇڏيا، تعليم کاتي ۾ سندس ڪردار هڪ بهترين استاد سان گڏ شاگردن جو محافظ به رهڻو آهي، خوشنصيب هوندا اهي شاگرد جن جي حصي ۾ هڪ شفيق استاد جو پيار آيو، جن سندن والد جيئن سندن هر وک تي رهنمائي ڪئي، هن هميشه شاگردن کي سچ جا سبق ڏنا، برشن سان کين شناسائي ڪرائي، پيار پاٻوهه مان هن پنهنجي شاگردن کي، پيار جي پرٿويءَ جو سير ڪرايو، جتي هن کين محبت ڀريو ماحول مهيا ڪيو، ان سان گڏ ماحول ۾ ڇا وهيو واپريو ٿي، انهن کان کين خبردار به ڪيو، ته جيئن اهي برش جي رنگن سان ان زهر آلودهه ماحول ۾ پيار جا پوپٽ اڏاري ان کي بي اثر ڪن ۽ پاپين کي پيار جي پرچار سان شرمائين، ته جيئن هو اڳتي ڪي پاپ ڪرڻ بدران پيار جا پودا پوکن، جنهن سان نه صرف صحتمند ماحول جُڙي پوي پر سندن ان مجرماڻين ڪڌين حرڪتن مان سندن هميشه جان به آجي ٿي پوي.
حفيظ کوهاري صاحب، هڪ وڏي ظرف وارو انسان هو، وٽس لوڀ ۽ لالچ بنهه بيڪار بڻجي، هن آڏو شرمسائيندا هئا، هو هڪ آدرشي انسان هو، جنهن اصولن جي پاسداري ڪندي ڪندي وار چاندي ڪري ڇڏيا، تعليم کاتي ۾ سندس ڪردار هڪ بهترين استاد سان گڏ شاگردن جو محافظ به رهڻو آهي، خوشنصيب هوندا اهي شاگرد جن جي حصي ۾ هڪ شفيق استاد جو پيار آيو، جن سندن والد جيئن سندن هر وک تي رهنمائي ڪئي، هن هميشه شاگردن کي سچ جا سبق ڏنا، برشن سان کين شناسائي ڪرائي، پيار پاٻوهه مان هن پنهنجي شاگردن کي، پيار جي پرٿويءَ جو سير ڪرايو، جتي هن کين محبت ڀريو ماحول مهيا ڪيو، ان سان گڏ ماحول ۾ ڇا وهيو واپريو ٿي، انهن کان کين خبردار به ڪيو، ته جيئن اهي برش جي رنگن سان ان زهر آلودهه ماحول ۾ پيار جا پوپٽ اڏاري ان کي بي اثر ڪن ۽ پاپين کي پيار جي پرچار سان شرمائين، ته جيئن هو اڳتي ڪي پاپ ڪرڻ بدران پيار جا پودا پوکن، جنهن سان نه صرف صحتمند ماحول جُڙي پوي پر سندن ان مجرماڻين ڪڌين حرڪتن مان سندن هميشه جان به آجي ٿي پوي.
اها کوهاري صاحب جي وڏي خصوصيت
هئي، جو هو جنهن به اسڪول ۾ رهيو، اتي هن
لطيف سائين جي سٽ “جو دم غافل، سو دم ڪافر” جي پوئواري ڪئي، هن اندر جي آرٽسٽ کي ديس
جي دردن جو درمان بنائڻ چاهيو، اهڙا ماڻهو جيڪي هميشه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رهيا
آهن، سي واقعي به وقت جا وڏا ماڻهو ثابت ٿيا آهن، ها حفيظ کوهارو واقعي به هن مهذب
قوم جو مرڪندڙ مصور ۽ هڪ غير معمولي انسان ثابت ٿيو آهي، جنهن هڙان وڙان ڪري اسڪولن
۾ ڊرائنگ هالن جو بنياد وڌو، جن کي هن پنهنجي فن سان سنواريو ۽ خوب سينگاريو، اڄُ
به اهي اسڪول سندس ڪيل بي لوث خدمتن جا جيئرا جاڳندا ساکي بڻيل آهن، جنهن ۾
گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري هر ماڻهو مٽي ٿيڻو آهي، پر اهي ماڻهو جيڪي مٽيءَ جو
مان رکندا آهن، تن جي مرقدن مان به گلن جي خوشبو ايندي آهي، يقينن اڄُ سالن پڄاڻان
مون کي اها پڪ آهي ته حفيظ کوهاري جو روح سنڌ سان واڳيل ئي هوندو، هڪ نيئن صبح
لاءِ آسوند هوندو، اڄ ورهين وهامي وڃڻ باوجود، سندس اها آس هوندي ته سنڌ ۾ مصوري
کي اهو شل مقام ملي پوي، جيڪو اها لهڻي پئي. اهو ان لاءِ جو مصوري ورهين پڄاڻان
اڄُ به ننڌڻڪي آهي، مصوري هاڻي ادارن ۾ ويٺل نااهلن جي انتظامي بحران سبب آخري
پساهن ۾ آهي.
هڪ مصور، صرف تصويرون ناهي ٺاهيندو، نه ئي تصويرون ٺاهڻ
سندس شوق هجي ٿو، دراصل مصور جي ان مصوريءَ پٺيان قومي هاڃا هوندا آهن، قوم جي
حالتِ زار تي لڪل لُڙڪ هوندا آهن، جيڪي هو عام آڏو وهائڻ ناهي گهرندو، مصور ته
پنهنجي فن ذريعي هر دور جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ چاهيندو آهي،هو ته انهن حادثن ۽
هاڃن کي غيرمعمولي فن ذريعي صدين تائين پنهنجن ٺاهيل پورٽريٽس ۾ سمائڻ گهرندو آهي،
هو چاهيندو آهي ته سندس فن تي آڌاريل اهڙا ته شاهوڪار پورٽريٽ جڙي پون، جنهن مان
ايندڙ نسل لاڀ پرائي سگهن، ڪڏهن ڪڏهن مصور ئي مهذب تهذيبن جا مُهندار بڻبا آهن،
جيئن مهين جي دڙي مان لڌل اهي شاهڪار مجسما اڄُ به پوري دنيا جي حيرت جي آخري حسرت
بڻيل آهن، مُهين جي دڙي مان لڌل ساريون مورتيون يقينن حفيظ کوهاري جهڙي يگاني مصور
جون ئي ٺاهيل هونديون، جيڪي صدين پُڄاڻان به اهو ٻڌائڻ پيون گهرن ته مصور معمولي
ناهن هوندا، مصور ته وقت جا بهترين منصف
ٿيندا آهن، جيڪي برشن ۽ رنگن سان قومن جي تاريخ سهيڙڻ کي اوليت ڏيندا آهن، اڄُ
مهين جي ماڳ کان بوهي قُبن تائين، جهڪر جي دڙي کان ڀانڊي قبن جي قديم آثارن مان لڌل
شيون سرڪار نامدار کي شرمائين پيون، ته هو پنهنجي قومي اثاثن کان لاتعلق ڇو بڻيا
ويٺا آهن؟ مصور حفيظ کوهاري جا ٺاهيل پورٽريٽ سندس محنتن جا اهي سرٽفيڪيٽس آهن، جن
کي ڪنهن جڳاري شيلڊ جي ضرورت ناهي، سندس ڪيل علمي توڙي ادبي خدمتون وسارڻ جهڙيون
ناهن، سندس ٺاهيل پورٽريٽس ئي سندس فن جو اعليٰ نمونو آهن، جن تي جڏهن نظر وجهبي
ته ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهي ڏسندڙ سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندا هجن، ڪجهه ٻڌائڻ
چاهيندا هجن، ته مصوريءَ سان مذاق ڪندڙ دنيا جوڪو به ماڻهو، سُک ۽ شانتي سان رهي
نه ٿو سگهي، اهڙين حقيتن کان عاري الائي ڪيترا ماڻهو، مُنهنجي محسن مصور ۽ ۾ مثالي
استاد حفيظ کوهاري جي ڪيل محنتن کي نيٺ ڪٿي رکڻ چاهن ٿا؟
حفيظ کوهاري آرٽ
جي ميدان ۾ پير پائڻ سان گڏ بدلجندڙ دور ۾ پيش آيل چيلينجز کي پنهنجي اعليٰ ۽
پروفيشنل اسڪلز جي مدد سان منهن ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت کي لغام ڏئي، ان تي
شهسواري ڪئي، اڪثر مصورن سان هڪ شيءَ ٽڪرائيندي آئي آهي، اها آهي مذهب، مذهبي
عقيدي ۾ آيل الائي ڪيترا مصور پنهنجي منزل کي اڌ ۾ ڇڏي، آرٽ کي الوداع چئي، مصلو ۽
مسجد وسائيندا آهن، مصور جو مذهب ضد آهي، پر ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيندو آيو آهي ته
مصور جي منزل ۾ جڏهن مٿس مذهب حاوي ٿي ويندو آهي ته هو ٻڏتر جو شڪار ٿي، نه مصوري
کي، نه ئي مذهب کي ڇڏي سگهندو آهي،بس مصوريءَ کي پيٽ جي پورت
جو ذريعو سمجهي، پيا زندگيءَ جو گاڏو هلائيندا آهن.
سائين سهتو صاحب! لک لائق
ReplyDelete