; سنڌي شخصيتون: رسول بخش درس

11 March, 2019

رسول بخش درس

رسول بخش درس
ڀنڀيون هڏ مَ ڀير
شعبان وسطڙو



زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويندي آهي، جنهن جي هڪ ئي نهار ۾ ماڻهو اُنهي خماريل نيڻن واري جو مريد بڻجي ويندو آهي ۽ انهن نيڻن جي هڪ ئي گهور ۾ ماڻهو پيو اهڙن مست نشيلي اکين کي ڳوليندو. هونئن به جن نيڻن ۾ مڌ جا مٽ ڀريل هجن، اُهي گهورن سان ڪيئن نه گهائينديون، پر اُها مڌ محبتي رنگن جي پروان چڙهيل هجي ته اُتي ڪهڙو ماڻهو بيهي سگهندو، سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ! الائي ڇو مون پهريون ڀيرو جڏهن انهيءَ شخص جي نيڻن ۾ نهاريو هو، تڏهن مونکي شاهه جون هي سٽون من تي هري هيون ته؛


ڀنڀيون هڏ مَ ڀير، کَڻ سبتيون سپرين،
تو جي چاهه چلايون، تن وڌو جيءَ سين وير،
اکين ڪِجل مَ ڦير، تنهنجن رکين ئي رڻ ڪيو.
اهڙين ڀنڀين اکين وارو شخص جن جي نيڻن ۾ هڪ وار ڏسجي ته ائين لڳي ته جهڙوڪ سموري ڪينجهر سندس مست اکڙين ۾ سمايل هجي، بنا ڪجل جي من کي قيد ڪرڻ وارو شخص رسول بخش درس آهي. اهڙن ماڻهن جو عڪس جهڙوڪ ڪاڳرن تي ڏيکاري ڏيندو هجي ۽ اُن ويل اُهي اهڙا تاريخ جا امر ڪردار ڀاسندا آهن، جيڪي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان اِهو وچن ڪري آيا هجن ته اسان جو جياپو ئي اوهان سان آهي. اُها ڳالهه مون رسول بخش ۾ ڏٺي، جنهن پنهنجو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ جهڙوڪر ارپي ڇڏيو هو، سچ به ته جهڙو اُنهن لفظن ۾ ته؛
سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا،
منهنجو ته پيچ پنهونءَ سان..!
هونئن به اهڙن ماڻهن جا ڪردار تاريخ ۾ ڳالهائيندا آهن پر جيڪو شخص هڪ اهڙي تاريخي ماڳ جو وارث هجي ته سندس سينو ڪيئن نه ڇوليون هڻندو، هر ايندڙ کي پنهنجي محبتي ٻک ۾ اهڙو ته قابو ڪندو جو اڳلي جي سگهه نه رهندي ته هو ان کان پاڻ آجو ڪرائي سگهي ۽ پوءِ هوندا، جهمپير جا دورا ڪينجهر جا ماڳ ۽ رسول بخش جون مهمانيون.
ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پڙهندي اهڙا ماڻهو تاريخ جي پنن تي نظر ايندا آهن، جهڙا امر ڪردار هجن، پر جي اڄ انهي تاريخ جو حصو ناهن ته سڀاڻي ضرور وڏن اکرن ۾ اُهي ڪردار تاريخي حيثيت اختيار ڪري نمايان نظر ايندا، ڇو ته تاريخ ۾ ماڻهوءَ جو ڪردار ڳالهائيندو آهي ۽ اهڙو ئي هڪ ڪردار جنهن جا ماڳ مڪان به تاريخ هجن ۽ هو به پنهنجي قول فعل جي ڪري اُنهن تاريخي ماڳن جو اهڃاڻ بڻيل هجي. اهڙو اڏول اٽل ۽ نباهه ڪندڙ ڪردار آهي، رسول بخش درس جو جيڪو ڪينجهر ۽ جهمپير جي تاريخي امر ڪردارن نوري ڄام تماچي جهڙو سگهارو ۽ طاقتور ڪردار بڻيو بيٺو آهي، شاهه صاحب جي چواڻي ته؛
تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سندياس.
رسول بخش سان منهنجي ڏيٺ ويٺ پراڻي ته آهي پر پوءِ به ائين لڳندو آهي ته جهڙو ايامن کان اسان جو ناتو جڙيل هجي. اُنهي ۾ سندس محبت ۽ قرب جو وڏو عمل دخل آهي، جنهن پنهنجي محبتي پيچن ۽ دائن سان اهڙو ته قابو ڪري وڌو آهي، جنهن کان پاڻ ڇڏائڻ مشڪل آهي ۽ اهڙن محبتي ماڻهن کان پاڻ ڇڏائڻ ته پري جي ڳالهه پر هنن پياروند ماڻهن کان پل پري گهارڻ به ڏکيو ٿيندو هجي. ڇو ته جيڪا عاجزي انڪساري نياز ۽ نوڙت رسول بخش ۾ آهي، اُها ئي ماڻهوءَ کي سندس عاشق بڻائي ٿي.
مئيءَ هٿ ۾ مَڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهَرَ ۾ ڪالهه هُئو.
رسول بخش درس انهي ديس جو ماڻهو آهي، جنهن جي مٽي سالن کان ڳوهي انهي لاءِ رکي وئي هُئي ته هي ماڻهو جهمپير جي مٽيءَ مان جنم وٺي ڪينجهر جي ڪنجهڻ، ڪرڪڻ ۽ ساهن ۾ ساهه وجهڻ تائين محبتي آلاپ ورنائيندو رهندو ۽ سندس مٽي ڳوهي به انهي لاءِ وئي هُئي. جنهن تي اڄ تائين هو پورو لهندو پيو اچي. شال هميشه سلامت هجي ۽ اهڙيون محبتون ونڊيندو رهي. هونئن به زندگي هڪ دفعو ملندي آهي ۽ ان کي محبتن ۾ ئي ورهائڻ گهرجي، نفرتن جي پاڇي کان ئي نه لڙجي. اهڙي ئي جيون ۾ سڪون ۽ شانتي ملي ٿي، ڇو ته نفرت وارا ماڻهو مون کي نانگن پالڻ وارا لڳندا آهن ۽ اُهي ئي زندگيءَ ۾ انهن نانگن جي زهر جو لقمو بڻجن ٿا پر اُهو محبتي سبق ڪينجهر ڪناري جهمپير ۾ وڃي ڪير رسول بخش کان سِکي.
رسول بخش سان ملندي مونکي سچ ته هي نوري ڄام تماچي جهڙو سگهارو ڪردار لڳو، جنهن سموري سنگت کي پنهنجي مجازي محبت سان اهڙو ته ڏانوڻ ۾ ڏائي وڌو، جو هڪ دفعو جيڪو جهمپير سندس محبت خاني تي پهتو ته ڄڻ انهي مريدي جا ڌاڳا کانئن جهڙوڪر وٺي ڇڏيا هجن ۽ ائين لڳندو آهي ته رسول بخش سان ڏيٺ ويٺ جهڙي ايامن کان هجي ۽ اُها ڪينجهر ۽ سونل ڍنڍن جهڙي تاريخ جي بنيادن جهڙي پراڻي آهي. اُنهي ۾ سندس محبتي عمل دخل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته هن وٽ اهو ڏانءُ آهي ته اڳلي کي ڪيئن پيچ ۽ داءَ هڻي قابو ڪبو آهي، جو جنهن ڳوٺ يا شهر جو نانءُ کڻجي، اُتي سندس مداحن ۽ دوستن جو ولر نه هجي، اُها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. نه رُڳي هو پر هن وٽ به وڃي، پوري سنڌ مهمان ٿيندي آهي. اهڙي مهمانن جي محبتي رش ڏسي هڪ دفعي مون کيس چيو ته يار ڏي خبر تو وٽ ڪا گدڙ سنگهي آهي ڇا جو جيڪو هڪ دفعو توسان ملي ٿو، بس اهو تنهنجو مريد ٿيو وڃي؟ اُنهي لمحي ڏاڍو وڻيو هو، جڏهن ڪنڌ نمائي، هٿ جوڙ ڪندي چيو هُئائين ”ادا منهنجي هيءَ واٽ.“
رسول بخش جي شخصيت گهڻ رخي شخصيت آهي، جنهن تي مونکي ڪڏهن ڪڏهن خوشي به محسوس ٿيندي آهي ۽ اُهي لفظ سندس لاءِ دل مان نڪرندا آهن ته مار! ڇا ته ماڻهو آهي، ڪر گفتگو ادب تي ته پنهنجي بهترين مطالعي جا جوهر پيو ڏيکاريندو، جي ڳالهه ڪر موسيقي جي ته ڪلاسيڪل موسيقي کي جڙ کان پيو نروار ڪندو، جهڙو پليو گواليار خاندان ۾ هجي. ڏسڻ جو سادو پر ڄاڻ سمجهه ۾ سڀ کان اڳڀرو. هر هڪ سبجيڪٽ ۽ موضوع تي بهترين انداز ۾ اهڙو ته سمجهائيندو، جهڙي هر فيلڊ ۾ ڊاڪٽريٽ ٿيل هجيس. وري جڏهن سنڌ جي سير سفر جي ڳالهه ڪبي ۽ سنڌ جي ڪنهن واهڻ وستيءَ جو ذڪر ڪبو ته اتان جي اهڙي ته واقفيت ڪڍي ڏيکاريندو، جهڙو ڳوٺ ئي سندس هجي ۽ هونئن به سڄي سنڌ جي واهڻن، وستين، ڳوٺن ۽ شهرن کي پنهنجو سمجهندو آهي. چوندو آهي ته سنڌ جو هر شهر منهنجي اندر ۾ وسي ٿو. سنڌ جي هر ڳلي هر چوراهي کي هو پنهنجو سمجهي فخر محسوس ڪندو آهي ۽ کيس سموري سنڌ حسن سنڌ درس جي سٽن ۾ نظر اچي ٿي ته؛
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو...!!
رسول بخش کي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته، هو هڪ کليل ڪتاب آهي، هڪ انسائيڪلو پيڊيا آهي، هن پنهنجي انهيءَ ذهانت، ڏاهپ، سمجهه ۽ شعور جي ڪري ڪيترائي عاشق ۽ مداح پيدا ڪيا آهن. هو رُڳي عقل جو اڪابر ئي نه پر من جو محبتي ماڻهو به آهي. جنهن سنڌ واسين کي پنهنجي محبتي ڏور ۾ ٻڌي اهڙو ته قابو ڪيو آهي، جيڪا ڇڄڻ جهڙي نه آهي. هن جي دوستي سنڌ جي هر مسڪين، غريب، هاري، ناري، ٻار ٻڍي ۽ جوان سان آهي، جنهن جون پاڙون سنڌ جي خمير ۾ کتل آهن.
مون رسول بخش درس جهڙو سنڌ جو عاشق گهٽ ڏٺو، جيڪو نه رُڳي جذباتي ٿي تقرير ڪري اڳلي کي متاثر ڪري پر هي عملي ڪم ڪري اُها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ سان عشق هيئن ڪبو آهي. شاهه سائينءَ جي بيت جيان ته؛
پتنگن پَهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لڇڻا، سڙي مٿي سچ،
سدا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
ماڻهو جڏهن ڪينجهر جي ڳالهه ڪندا آهن ته آئون چوندو آهيان ته اسان جو ڪينجهر رسول بخش درس آهي، ڇو ته جيئن ڪينجهر هڪ تاريخي پس منظر پيش ڪري ٿو ته ائين رسول بخش به اسان جو سرمايو آهي، جيڪو جهمپير جي هڪ تاريخ آهي. رسول بخش ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ بهترين ڪهاڻيڪار آهي، سنڌي ڪهاڻي ۾ سندس نانءُ ڀڳي ٽوڙهي جبل جيان ڪر کنيل نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻي معاشري جي هوبهو عڪاس بڻيل آهي، سندس ڪهاڻيءَ جا ڪردار ٺيٺ ٻهراڙيءَ جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. هن جيئن ڪچهرين، جلسن ۽ جلوسن ۾ پنهنجو نانءُ ماڻهن جي دلين ۾ اڏيو آهي، ائين ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ماڻهن جي من ۾ اوتيون اٿائين. هو سنڌيءَ جي هڪ بهترين ڪهاڻيڪار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
رسول بخش جي مهمان نوازيءَ جو به ڪمال آهي. پاڻ پنهنجي مهمانن جو آڌر ڀاءُ اهڙي سِڪ، پريم ۽ پيار واري انداز ۾ ٻانهون کولي ڪندو آهي، جو جيئن سندس اوطاق جا دروازا مهمانن لاءِ کليل هوندا آهن، ائين ٻانهن جي ڦهلاءُ مان ڄاڻ پوندي آهي ته ڪينجهر هندوري جيان سندس دل جا دروازا به ائين کليل آهن. جڏهن ڏِس ته هر آئي ڏينهن سندس اوطاق مهمانن سان ڀريل نظر پئي ايندي پر هيءُ شينهن مڙس ڪڏهن به ارهو نه ٿيندو، مهمانن کي ڏسي پيو ٽڙندو ۽ سرهو ٿيندو.
رسول بخش درس جي محبت وڏو مانُ لهڻي. هونئن ته سڄي سنڌ سندس پرينءَ جو پاڇو آهي پر هن جن چند شخصيتن سان بي لوث محبت ڪئي آهي، انهن ۾ سائين جي ايم سيد، بشير خان قريشي ۽ حسن درس ٽنهي جي وڇوڙي تي هن جي ماتم ڪرڻ جو الڳ ئي طريقو رهيو. اهڙي عقيدت، اهڙو پريم ۽ پيار، اهڙي محبت ڪو ورلي ڪري ڄاڻي، جنهن ۾ سؤ سيڪڙو سچائي شامل هجي.
رسول بخش جي محبت ۾ اُها مقناطيسي ڇِڪ آهي، جو ڪو هڪ دفعو جهمپير وڃي ۽ رسول بخش جي محبت کان پاند آجا ڪرائي، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. سچ به ته انهيءَ پهاڪي وانگي ته؛ ”نه ويو آهين ڊڀرئي نه اٿئي آندل شاهه جي خبر، ڇو ته آندل شاهه وڏيرو هوندي به نهايت ئي سخي مرد مجاهد ۽ درياءُ دل هوندو هو، ائين ئي اسان جو هي ساٿي جنهن کي ور ور ڏسڻ تي روح سٽون کائيندو آهي. شيخ اياز جي اُنهن سٽن جيان ته؛
تتي ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي،
ٿري سونهن چمڪا ڪري ٿي پئي،
اُهو ڪانڌ ڪهڙو، انهي کي ڏسون،
سهاڳڻ ته ٻَهه ٻَهه، ٻري ٿي پئي.


رسول بخش درس

سنڌ جي محبوب ماڻهوءَ کي جنم ڏينهن مبارڪ:

مرتضيٰ سيال

منهنجو سنڌ جي تقريبن سڀني اديبن ۽ شاعرن سان تعلق رهيو آهي، لکڻ پڙهڻ سان ته اسڪول واري زماني کان واسطو رهيو پر آئون وڏي عرصي تائين سنڌ جي پاپولر مئگزين پندرهن روزه عبرت مئگزين جو ايڊيٽر رهيو آهيان ان ڪري اديبن ۽ شاعرن سان ويجهڙائي رهي آهي. مئگزين ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سڀئي ليکڪ لکندا رهيا آهن، مئگزين ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري هڪ ته سڀني ليکڪن کي پڙهڻ جو موقعو مليو ٻيو ته ليکڪن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون به ٿينديون رهيون. ليکڪن کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ پرکڻ سان ڪيترا سُٺا توڙي تلخ تجربا ٿيا، زندگيءَ جو ساٿ رهيو ۽ وقت مليو ته اهو تفصيل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ضرور لکندس. انهن مان ڪجھ ليکڪ اهڙا مليا جن سان قُرب ۽ پنهنجائپ جو اهڙو ناتو جُڙيو جيڪو اڄ تائين قائم دائم آهي. مئگزين وارو دور ڏاڍو زبردست هئو، اهو ڪم مون جاب طور نه ڪيو پر اهو هڪ جنون ۽ عشق هئو، هاڻي مئگزين کي ڇڏئي به وڏو عرصو گذري ويو آهي پر ان دور جي هڪ هڪ ڳالھ يادگيرين جي البم ۾ محفوظ آهي.

رسول بخش درس انهن ٿورڙن ليکڪن مان هڪ آهي جن سان منهنجو عزت، احترام ۽ پنهنجائپ جو رشتو آهي، پنهنجائپ به اهڙي جنهن تي وقت، حالتون، ادبي گروپ بنديون، نظرياتي اختلاف ۽ ٻيون ڳالهيون ڪڏهن به اثرانداز ٿي نه سگهيون. اختلافِ راءِ ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، آئون ته اختلاف به چٽو پٽو ۽ کُليل توڙي واضح انداز ۾ رکندو آهيان، ان معاملي ۾ ٻٽو معيار يا ٻٽي پاليسي رکڻ کي آئون منافقت سمجهندو آهيان پر ڪٿي اختلافِ راءِ هوندي آهي ته به احترام ۽ پنهنجائپ وارن رشتن کي ڪوسو واءُ به لڳڻ ناهيان ڏيندو.

رسول بخش درس به منهنجن اهڙن انتهائي محترم دوستن ۽ پنهنجن مان هڪ آهي، ان سان اهڙي پنهنجائپ آهي جنهن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ڏُکيو ئي نه پر ناممڪن آهي.

هتي ڀٽائيءَ جي هي سِٽ منهنجن احساسن جي ڪافي حد تائين ترجماني ڪري ٿي:

“ڪَي چَڙهن نه چِت تي ڪي وِسرَن نه مُور”

سائين رسول بخش درس سان پهرين ملاقات ته ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ٿي هُئي پر گهرو تعلق ۱۹۹۰ واري دور ۾ جُڙيو هئو جڏهن کيس پڙهڻ ۽ ساڻس ڪچهرين جو موقعو مليو. بنھ گهٽ اديب مون اهڙا ڏٺا جيڪي پنهنجن لکڻين جيان پنهنجي عملي ڪردار ۾ به بئلينس ۽ سچا هُجن، رسول بخش درس اهڙن اديبن ۾ سرفهرست آهي. محبتون ارپڻ ۽ محبتون حاصل ڪرڻ ۾ مون کي رسول بخش درس جو ڪو مَٽ ثاني نه ٿو سُجهي.

مون جيتري منافقت اديبن ۾ ڏٺي آهي اوتري  ڪاٿي به ناهي ڏٺي پر ادب جي دنيا جا ڪجھ ماڻهو وري اهڙا ڏٺا جن جي سُٺائي، نيڪ نيتي، ڪردار ۽ عمل کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه ٿا ملن. رسول بخش درس به اهڙن بنھ پيارن ماڻهن جو تسلسل آهي جيڪي سچ پچ پنهنجي ڪردار ۾ وڏا ماڻهو آهن.

جڏهن به ڪينجهر ۽ ڪينجهر ڪناري آباد شهر جهمپير جو ذڪر ٿيندو آهي ته رسول بخش درس، ان جي اوطاق، سندس قُرب ڪچهريون ۽ سندس مهان نوازي ياد اچڻ فطري ڳالھ آھي. منھنجي خيال ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو نه هوندو جيڪو وٽس هڪڙو ڀيرو به ويو هُجي ۽ سندس محبتن جو اسير نه ٿيو هُجي.

سچ پُڇو ته هن مهربان شخصيت سان انصاف ڪرڻ لاءِ منهنجي قلم ۾ طاقت ناهي، نه ئي سندس محبتن جي موٽ ڏيڻ منهنجي وس ۾ آهي، هن کان مليل محبتن جو ڪو ڇيھ ئي ڪونهي. هن وٽ جهمپير ايترا ڀيرا ويا آهيون جو انهن جو ڳاڻيٽو ياد ئي ناهي، اڪثر ڪري ادا اشتياق انصاري ۽ پياري مشتاق شابراڻي سان گڏ جهمپير وڃڻ ٿيندو آهي، اسان ٽئي وٽس حاضر ٿي سندس ڪچهرين ۽ مهمان نوازي جو آنند ماڻيندا رهيا آهيون. هر ڀيري سندس قُرب واري ڪچهري اسان لاءِ روحاني خوشيءَ جو سبب بڻي.

۲۰۱۱ ۾ عبرت مئگزين لاءِ مون رسول بخش درس کان انٽرويو ورتو هئو جيڪو پوءِ ۲۰۱۴ ۾ منهنجي انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب “سنڌ جي ساڃاھ کان سوال” ۾ به شامل هيو، انهن ڏهن اهم انٽرويوز واري ڪتاب ۾ سندس اهو انٽرويو به ٻيهر دوستن سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، هتي ان انٽرويو جي انٽرو ۾ ڏنل ٻه اکر لکان ٿو:

“رسول بخش درس سنڌ جو ناليوارو اديب آهي، سندس سڃاڻپ گهڻ پاسائين آهي. پاڻ ڪهاڻيڪار به آهي، محقق به آهي، ڪالم نگار به آهي پر سندس جيڪا اهم ۽ منفرد سڃاڻپ آهي، اها آهي بهترين انسان واري. هو نه رڳو انسانيت کي پنهنجو مذهب سمجهي ٿو پر انسان دشمن ماڻھوءَ کي انسان مڃڻ لاءِ به تيار ناهي. رسول بخش درس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي خوبصورت ڪهاڻين سان گڏوگڏ سُهڻا پروفائيل ۽ ڪيترا ئي ڀرپور تحقيق مضمون پڻ ڏنا آهن. هن جيڪي پروفائيل لکيا آهن انهن ۾ هاءِ پروفائيل شخصيتن بجائي ٻهراڙي ۽ سماج جي اصلوڪن ڪردارن کي اهميت ڏني آهي، هن سڄي زندگي دوست ئي ٺاهيا آهن ۽ دوستن جي معاملي ۾ هي امير ترين ماڻهو آهي. سنڌ جو شايد ئي ڪو شهر اهڙو هجي جتي سندس دوست نه هجن، جهمپير واري سندس اوطاق سدائين مھمان خانو بڻيل رهي آهي. رسول بخش درس جي تڏي تي جيڪو به ويو اهو قُرب جا جهول ڀري واپس وريو، هي دوستيون رکي به ڄاڻي ته نڀائي به ڄاڻي”

سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهو، سنڌي ادب ۽ موسيقي سندس محبتن جو محور رهيا آهن.

محبتن ۽ نج سنڌي روايتن جي امين هن شخص جي طبيعت ڪافي وقت کان ناساز آهي پر تڪليفن جي باوجود سندس حوصلو سندس شخصيت جيان اڏول آهي، اڄ به منهنجي ساڻس فون تي ڳالھ ٻول ٿي ته هو مون کي سدائين جيان اميد جي دولت سان مالا مال ۽ اڏولتا تي قائم لڳو.

اڄ سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي مون کي وٽس حاضر ٿيڻ گهربو هئو پر ڪجھ منهنجي نالائقي ۽ ڪجھ مصروفيت جي ڪري وٽس حاضر ٿي نه سگهيس.

جنم ڏينهن جي موقعي تي تمام گهڻين مبارڪن سان گڏ کيس خلوص ڀريو سلام پيش ڪيان ٿو.

هن موقعي تي الله سائين کان دعا آهي ته سنڌ جي هن فقير منش دلبر انسان کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ پنهنجن پيارن سان خوش رکي.


 

رسول بخش درس

هڪ ساکائتي انسان جي موڪلاڻي

رکيل مورائي

ڪنهن به سماج ۾، قوم ۾، ملڪ ۾ توڻي قبيلي يا راڄ ۾ ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ڳڻپ جي انگن کان ٻاهر يا نرالا ظاهر ٿيندا آهن ۽ اهي ”ساکائتا“ جي سري سان سڃاتا ويندا آهن، انهن جا سڀ سماجي، قدر شانائتا هوندا آهن جيڪي سندن ڪڙم قبيلي کان ٻاهر پڻ هڪ وقار رکندا آهن. سنڌ جي مڙني تهذيبي ثقافتي، قومي، علمي، توڻي ادبي قدرن جي پاسباني ڪندڙ هڪ ساکائتو انسان اديب سائين رسول بخش درس اڄ اسان کان ڏور هليو ويو.

هن مند جي سمورن ٿڌن ڏينهن کان وڌيڪ ٿڌي ڏينهن تي هو اسان شخصن، عالمن، اديبن، ليکڪن کي ڏک جي هڪ اهڙي گرمي ڏئي ويو آهي، جنهنجي تپش شايد اسانجي زندگيءَ جي آخري ڊسمبر جي اوڻٽيهين تاريخ تائين لاڳيتو محسوس ٿيندي رهي ۽ ان سان اهڙي شخص جي خوشبوءِ ايندي رهي ۽ سندس وڇوڙي جي ياد ڏياريندي رهي.

هڪ اهڙي ياد جيڪا شخصن کان ٻاهر سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ کان به نه وسري سگهي. اهو به امڪان آهي ته هندوري جيان هن مند ۾ جهولندڙ ڪينجهر ۽ سندس ٻنهي پاسي ٽڙندڙ ڪنول جي گلن سميت ان ٻيڙيءَ جي انهن  پورن کان به نه وسري سگهي جيڪي هن ارار کان پرار تائين سندس دوستن کي ايندي ۽ نيندي نڀايا هئا.

سندس يادگيرا ڪينجهر جي ڪپ تي ان قديم ۽ اداسيءَ سان عمر ڀر جو ٺاهه ڪيل ڪپل وستوءَ جهڙي اڳوڻي ڳوٺڙي ۽ هاڻوڪي ننڍڙي اداس شهر جهمپير کان ڪين وسرندا، جنهن جي هر رستي ۾ سندس ساهن جي سرهاڻ واسيل آهي، جنهن شهر جي هر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ سندس ڪهاڻيون گهمنديون آهن، سندس شعر ٽهڪ ڏيندا آهن ۽ ايندڙ بهار جي مند لاءِ ڪي خواب اڻندا آهن، يادگيريون گهڻيون آهن.

شايد اهي سڀ يادگيريون ورهائڻ لاءِ سموري سنڌ جا سک ماڻيندڙ ۽ ڏک ڀوڳيندڙ اديب ۽ شاعر هاڻ ڪڏهن به ڪينجهر ڪناري مڌ جون ماٽيون خالي ڪري، پنهنجي روح جون رهاڻيون ڪرڻ لاءِ وچان ئي هوڙن تي چڙهي. جهمپير جو رخ ڪرڻ کان لنوائين، ڇاڪاڻ ته هاڻ سندن تتل هيانءَ تي ٿڌا پها رکندڙ ساکائتو انسان، اديب، شاعر ۽ دل گهريو دوست نه رهيو آهي، جنهن جو نالو سائين رسول بخش درس هئو. جهمپير جي اول سڃاڻپ قديم شِو جو اهو مندر آهي، جنهن ۾ صبح کان سانجهه تائين جهانجهه جي جهنڪار موجود هوندي آهي ۽ جديد سڃاڻپ رسول بخش درس آهي جنهن جا ٽهڪ ٻارهو ئي ٻُرندا هئا، پڪ سان جهمپير پنهنجون اهي قديم ۽ جديد سڃاڻپون نه وڃائيندو، ڇاڪاڻ ته انهن سڃاڻپن جو دائرو ڏاڍو وڏو آهي.

ان دائري ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، اڻ ڳڻيا گيت سنڌ جي آجپي جا خواب، دوستن جا ٽهڪ، کجيءَ جي تاڙي، ڪوڪون ڪندي گذري ويندڙ ريل گاڏيءَ جي دانهن، سدائين ساوا رهندڙ موکيءَ جي مٽن مان نڪرندڙ  الستي آواز ساوڻ فقير جي نڙ تي وڄندڙ اهي بيت آهن،  جن جا آلاپ ڪڏهن به ختم ٿيڻا نه آهن.

جنهن دائري ۾ سنڌ جا هاڪارا سياستدان صوفي، سنت ۽ مست الست آهن جيڪي سنڌ جي صدين جي سڃاڻپ بڻيل آهن ۽ اهي سڀ سائين رسول بخش درس جي بيمثال ٻاجهاري مرڪ ۾ رهڻا آهن، اها مرڪ جيڪا ڪالهه اوڻٽيهه ڊسمبر ٻه هزار ويهه تي مرجهائجي وئي، ڪيئن چئجي ته مرڪ مرجهائبي به آهي؟ اياز ته ٻيءَ طرح پنهنجي شاهدي سنڌي شعر جي تاريخ ۾ درج ڪرائي آهي، هڪ لفظ جي تبديليءَ سان

ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ڪڏهن مرڪ تنهنجي مرجهائجي

ها! موڙ سدائين مرڪندا رهن.

۽ اسان جي مرڪ مرجهائجي وئي آهي، ڪينجهر اداس ٿي وئي آهي، جهمپير ويڳاڻو آهي، سنڌ جا اديب، شاعر ۽ سائين رسول بخش جا دوست دل ۾ هڪ سور جي سٽ محسوس ڪري رهيا آهن، جو سندن وچ ۾ اڄ سائين رسول بخش درس نه رهيو آهي. پر سندس محبتون، سندس ڀاڪر، ڪچهريون لکيل ادب اسان وٽ موجود رهڻو آهي، پڪ سان هُو اسان جي دلين ۾  توڻي اکين ۾ سدائين موجود رهندو، تيستائين، جيستائين اسان به نه رهون پر جهمپير جي مٽيءَ ۾ مدفون سائين رسول بخش رهڻوئي آهي. وقتي طور ايئن ضرور ٿيو آهي ته

نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا،

اسارا اسارا، ڪينجهر جا ڪنارا

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش درس

جھمپير جي جوڳي جو وڇوڙو

آزاد انور مھر چڪ مان

هڪ ڀيري سنڌي نثر جي ناليواري ليکڪ اعجاز منگيءَ انٽرويو دوران سائين جي ايم سيد کان سوال ڪيو ته “سنڌ ڪھڙن وڏن دماغن کي جنم ڏنو؟” جنهن تي سائين جي ايم سيد جواب ۾ اھو چيو ھو ته “دماغن جو درجو دلين کان گھٽ ھوندو آھي پھرين اھو سوال پڇ ته سنڌ ڪھڙين وڏين دلين کي جنم ڏنو؟” ۲۰۱۴ع ۾ سائين رسول بخش درس سان پهرين ملاقات ۽ رات جو دير تائين ڀرپور ڪچهريءَ وقت مون کي محسوس ٿيو ھو ته سنڌ واقعي وڏن دماغن سان گڏ وڏين دلين وارا ماڻهو پيدا ڪندڙ زرخيز زمين آهي سائين رسول بخش درس انهن ماڻهن مان هو جن جي دل جو دسترخوان تمام گهڻو ڪشادو هو. ھو ھڪ فرد نه ھو ھڪ دور ۽ ان دور جو مڪمل رومانوي داستان هو ھن سان اسان جي محبت ۽ اسان سان ھن جي محبت ڪنھن ڪاٿي ڳڻپ ۽ وزن کان وڏي ھئي جھمپير جو هي جهونو جوڳي اسان جهڙين کوڙ قومي ڪارڪنن لاءِ حياتي جي تتل رڻ ۾ گھاٽي بڙ جهولن ۾ جھڙ جيان هو. هاڻوڪي سنڌ جو عجيب دلربا انسان هو جيڪو هر عمر جي ماڻهو جو هڪ جيترو محبوب هيو.ھو پوڙھن جو پويون عشق ۽ نوجوانن جو پھريون پيار ھو محبوب سان ميلاپ واري موسم ۾ سندس اڻ مندائتي وڇوڙي تي پروفيسر ساجد سومري جو لکيل هي شاعراڻو جائزو به ڪمال جو آهي

هاڻ ڪينجهرَ ڪنڌيءِ ڪيرُ ايندو  وري!

هاڻ جهمپيرَ ڏَي ڪيرُ  ويندو وري!

اي ٺٽي جي هَوا پنڌَ تُنهنجا کُٽا

رقص جهمپيرَ جَو ڪيرُ ٿيندو وري!

ڇانوَ گهاٽي نه ڪا، مڌ ماٽي نه ڪا

ڪيرُ ساقي بڻي هئه سڏيندو وري!

راڳ جو  ٿي  ڌڻي روڳُ جڳ جو کڻي!

ساھُ سُرَ جي مٿان ڪير  ڏيندو وري!

رسول بخش درس توڙي سائين سليم مهر جهڙن اوطاقي انسانن سان ملي اهو ئي محسوس ٿيندو هو ته انسان جو جسم ته جهري سگهي ٿو پر هن جو جذبو جهري نه ٿو سگهي هو صرف تاريخ نويس نه پر تاريخ ساز هو قومي سياست ۾ سونهن جو سرجڻهار هو جيڪو سنَ جي سوڙهين گهٽين مان گذري جهمپير جي جوءِ تي مست مور وانگر رقص ڪندو هو. هن جي دل ۾ بشير خان قريشي به هو ته عبدالواحد آريسر به، هن جي دل ۾جمعي ڳوٺ جو سليم مهر به هو ته حسن درس به هو ھن جي دل ۾ اتر جا ڪوسا جھولا به ھئا ۽ لاڙ جو لھڪيل ھوائون به ھيون هن جي وڃڻ سان نه صرف جهمپير  پر پوري ديس مٿان اونداهان پاڇا لڙي پيا آهن هو جيڪو فڪر جي گرجا گهر ۾ سالن تائين ٻرندڙ ميڻ بتي هو. اڄوڪي سنڌ ۾ جڏهن جدوجهد واري سموري سياست ۽ مثبت سرگرمين تي اڻ سڌي طرح بندش وارو ماحول ڇانيل آهي جنهن ڪري نه صرف سالن کان سرگرم قومي سياست سم بڻجي وئي آهي پر ڪرپشن جي ڪلر وانگر پوري ماحول کي وڪوڙي بيٺي آ سياست توڙي ادب سميت سنڌ جو هر شعبو ڀينگ بڻيل آهي انارڪي ۽ ڇڙواڳيءَ سبب تمام وڏن اخلاقي بحرانن مُنهن ڪڍيو آهي اهڙي وقت ۾ سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ سياست ڪندڙ نوجوانن جي ذهنن کي غير سياسي ڪيو ويو آهي اهڙي وقت ۾ سائين رسول بخش درس جهڙن ماڻهن جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ سنڌ ۾ سٺن ماڻهن جو سخت ڏڪار سبب هاڻي روز بروز سنڌ فڪري حوالي سان سڃي محسوس ٿي رهي آهي.

سائين رسول بخش درس ته هليو ويو جيڪو صرف جهمپير جو نه پر لاڙ پٽيءَ واري ان جوءِ جو ڄڻ ته آخري جهونجهار پٽ هو جنهن لاءِ سنڌ جي محبوب شاعر حسن درس هي سٽون لکيون هيون ته

جڏهن جهمپير ۾ منهنجي، جواني موٽ کائيندي.

کِلي چونديءَ کجيءَ کي تون تِکو تلوار وانگي هو.

ڳَلي ۾ مون اهو پاتو، ۽ سيني ساڻ پڻ لاتو.

مُنهنجو محبوب ڪَلهه مونکي، هٿن ۾ هار وانگي هو.

وڻن تي ڪانگ هئا ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون.

پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.

گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ رسول بخش درس جي روپ ۾ رڳو هڪ فرد نه پر علامتي طور تي هڪ فڪر جي هڪ دور جا پساهه پورا ٿيا ۽ هڪ فرد نه پر هڪ عوامي اوطاقي فڪر ۽ هڪ  جمهوري رويو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. رسول بخش درس جي لاڏاڻي جو غم سنڌ کي زمانن تائين ياد رھندو ھو لاڙ جي علمي ادبي سياسي مچ ڪچھرين جو مور ھو ھن سنڌي زبان جي ادبي خزاني ۾ ڪتابن جون ڀريون ٻڌي ادبي خزاني کي وڌايو پاڻ استاد پيشي کي عزت بخشي ان پيشي سان وابستا رھيو، مور مڙس ھو ساري سنڌ کي زمانن تائين ياد رھندو. رسول بخش درس جنهن کي مون سميت کوڙ نوجوان سڪ مان سائين ڪري سڏيندا هيا، ڇوته هن جي سيني ۾ سنڌ جيتري وڏي دل ھئي پنهنجي يارن دوستن توڙي قومي ڪارڪنن لاءِ ھن جي دل ۾ اھو سڀ ڪجھه ھو جيڪو پهريون ٻار ڄڻيندڙ ماءُ جي دل ۾ هوندو آهي سنڌ جو مھمان نواز ڪردار ڪوھستان جو مڻيادار سنڌي ادب جو خدمتگار قومي تحريڪن جي سمورين قيادت ڪندڙ شخصيتن وٽ احترام ۽ اعليٰ رتبو رکندڙ سنڌ جو گھڻ گھرو سائين رسول بخش درس ۱۰ جون ۱۹۵۳ع تي جهمپير جي ڳوٺ ڦوٽو درس ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جهمپير ۽ انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان بي اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان بعد ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جو آغاز بطور پرائمري استاد طور ۱۹۳۳ع کان ڪيو، ۱۹۹۲ع کان ۲۰۰۲ع تائين هاءَ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ بعد ۾ سنڌي مضمون اسپيشلٽ طور پڙهائي رٽائرڊ ٿيو. هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار هو سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۳۳ع ماهوار رسالي تحريڪ ۾ ڇپي، هن ڪجهه وقت سرسوتي نالي رسالو به ڪڍيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو سهائي جي سوڀ ۱۹۸۰ع ٻيو مجموعو ساٿ جي موسم ۲۰۰۵ ع ۾ ڇپيو کيس ادبي خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا هن سنڌي ادب کي ۶ قيمتي ڪتاب ڏنا هو موسيقي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو ادبي محفلون مچائڻ راڳ رنگ ڪرائڻ سندس شوق ۾ شامل هو. سائين رسول بخش درس ۲ شاديون ڪيون جن مان کيس گڏيل طور ۲ پٽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. سنڌ جي هن صالح ۽ صدوري پٽ جي اڻ مندائي موت تي سندس پونئرن ۽ سڀني عاشقن سان گڏ سوڳوار سنڌ سان تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾، ۳۱ ڊسمبر تي ڇپيل)


 

رسول بخش درس

جھمپير جي ماڙي وارو آدرشي ماڻھو موڪلائي ويو

شبير ڀٽي

ڏھين جون ۱۹۵۳ع تي ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني شھر جهمپير جي ڳوٺ ڦوٽو درس ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ جنم ورتل رسول بخش درس، ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ جهمپير مان، انٽر ڊگري ڪاليج ٺٽي مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين، بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) ٻي پوزيشن سان، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جو آغاز پرائمري استاد طور نومبر ۱۹۳۳ع کان ڪيو. ملازمت دوران ۱۹۸۰ع کان ۱۹۹۱ع تائين لرننگ ڪوآرڊينيٽر ۽ سپروائيزر به رهيو. ۱۹۹۲ع کان ۲۰۰۲ع تائين هاءِ اسڪول جهمپير ۾ استاد ۽ ۲۰۰۲ع کان سنڌيءَ جو مضمون اسپيشلسٽ طور پڙهائي رٽائرڊ ٿيو.

رسول بخش درس بنيادي طرح ڪهاڻيڪار ھو. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۳۳ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، سندس وقت بوقت ڪهاڻيون ۽ ادبي مضمون ڇپجندا رهيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترين ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي سنڌي چئنلن تان سولو پليز نشر ڪيا ويا آهن. رسول بخش درس، عبدالعزيز ’اثر‘ سولنگيءَ سان گڏجي ’سرسوتي‘ نالي ڪجهه رسالا به ڇپرايو ھو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سهائيءَ جي سوڀ‘ (۱۹۸۰ع) ۽ ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم  (۲۰۰۵ع) ۾ شايع ٿي چڪا آهن. رسول بخش درس خاڪا نويسيءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو. سندس ڪجهه خاڪا ’سنڌ هيرن کاڻ‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ (۲۰۰۵ع) شايع ٿيا. انهيءَ ڪتاب جو ٻيو حصو ساڳئي نالي سان، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ۲۰۱۲ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو ’سهائي جي سوڀ‘ ڪجهه نين ڪهاڻين سميت ٻيهر ڇپائي هيٺ آهي.

ناليوارو اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رسول بخش درس نظرياتي طور تي سائين جي ايم سيّد کان گهڻو متاثر ٿيڻ ڪري کيس تمام گهڻو ويجهو رهيو ۽ سياسي طور تي سندس وابستگيون به سنڌ جي قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيون، سندس سُڃاڻپ ڪوهستان جي شهر جهمپير جي قدآور علمي ادبي شخصيت طور ٿيندي هئي، سندس علم و ادب تاريخ ۽ موسيقي سان تمام گهڻي گهري دلچسپي هوندي هئي، جنهنڪري سنڌ جا ناليوارا اديب توڙي قومپرست اڳواڻ مختلف وقتن تي رسول بخش درس جي جهمپير واري اوطاق تي ايندا هئا،

شخص ھڪڙو ٿو جيئي جھمپير ۾،

ھو لڇي، لوچي، لکي جھمپير ۾،

سُيرت ۽ ساڃاھ جا ٿو” درس“ ڏئي ٿو

پيار ٿو ورڇي، ونڊي جھمپير ۾

موسيقي سان وڏي دلچسپي رکندڙ رسول بخش درس جي اھا پڻ روايت رھي آھي ته ھو جهمپير ۾ ادبي محفلون ۽ ڪچهريون رچائڻ ۽ هر آيل مهمان جو دلي آڌر ڪرڻ سندس مشغلو رهيو آهي، پاڻ ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت جو عھديدار پڻ رھيو.

اڄ نه اوطاقن، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيء کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

ڪارونجھر جبل جيڏو دل ۽ حوصلو رکندڙ رسول بخش درس ڪجهھ ڏينھن کان گڙدن جي تڪيلف ۾ مبتلا رھڻ بعد گذريل رات ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ ھارائي ويٺو. لاڏاڻو ڪري ويل قدآور شخص کي ٻن پٽن اسماعيل درس ۽ راول درس ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، جڏهن ته هن پنهنجي ٻن ڀائيٽن سارنگ درس ۽ ننگر درس کي پنهنجا پٽ ڪري سانڍيو، جنهنڪري هُو هميشه چوندو هو ته سندس ۴ پٽ آهن اهڙيءَ ريت ناليواري علمي ادبي شخصيت رسول بخش درس جي وڇوڙي تي سنڌ سوڳ ۾ وٺجي ويئي آهي،

سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ڪھاڻيڪار ۽ اديب رسول بخش درس جي وڇوڙي کي سنڌ جو قومي نقصان قرار ڏيئي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ پ پ سينيٽر سسئي پليجو ڪھاڻيڪار ۽ اديب رسول بخش درس جي وڇوڙي تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ڪھاڻيڪار رسول بخش درس لاڙ پٽ جو تمام اھم ۽ خوبصورت شاعر ۽ اديب ھو، رسول بخش درس مزاحمتي ذھين رکندڙ ھو، اسان کيس خراج پيش ڪريون ٿا، رسول بخش درس کي سنڌ خاص طور لاڙ سدائين ساريندو رھندو. جيئي سنڌ تحريڪ (شفيع ڪرناڻي) گروپ ۽ سنڌ ڪلچرل فورم ڪھاڻيڪار رسول بخش درس تي ۳ ڏينھن سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪندي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ(شفيع ڪرناڻي) گروپ جي مرڪزي اڳواڻ سورھيه سنڌي ڳالھائيندي چيو ته رسول بخش درس گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو، ھُو سيد ۽ سنڌ جو عاشق ھو، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، سندس وڇوڙو قومي نقصان سمجھون ٿا. ٻئي پاسي سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکي پڻ اديب ۽ ڪھاڻيڪار جي وڇوڙي تي ۳ ڏينھن سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪندي سموريون سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون آھن. جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ نواز خان زئور، جيئي سنڌ محاذ(رياض چانڊيو) گروپ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن فقير اڪرم، رمضان ميمڻ، اديب ۽ ليکڪ الھجڙيو برفت، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال خواجه ۽ ٻين چيو ته رسول بخش درس سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ھر محاذ تي ڀرپور آواز اٿاريو، سندس لکڻين ۾ سنڌ جو درد سمايل ھو، پاڻ پنھنجي ڪھاڻين ۾ مڪمل سنڌ جي عڪاسي ڪئي، رسول بخش درس ھميشه ياد رھندو. ھنن چيو ته رسول بخش درس جو وڇوڙو قومي نقصان آھي، علم ۽ ادب لاءِ پڻ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي.

نامياري اديب، ڪھاڻيڪار، ليکڪ رسول بخش درس جو مڙھ جھمپير لڳ قديمي درگاھ شاھ حسين جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش درس

ڏونگر مون سين روءِ، ڪڍي پار پنهون جا...

علي نواز آريسر

سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار، سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام، سنڌي ثقافت جو سهڻو مثال، سنڌي نثر جو بادشاهه، خاڪا نويسيءَ ۾ ”سنڌ هيرن کاڻ“ جھڙو ٽرينڊ آڻي، نون چهرن کي متعارف ڪرائيندڙ جهمپير جو پِروهت رسول بخش درس اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. سنڌ لاءِ سوچيندڙ هڪ دماغ سمهي رهيو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڌڙڪندڙ هڪ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، نه فقط اهو پر ان جي دل جي بند ٿيڻ جون خبرون ٻڌي ڪيتريون ئي ڌڙڪنون رُڪجي ويون آهن ۽ ڪيترائي دماغ سُن ٿي ويا آهن. رسول بخش درس پيشي جي لحاظ کان جيتوڻيڪ هڪ استاد هو، پر هُو بنيادي طرح سنڌيت جو احساس هو، هُن جي توهان ڪهاڻي پڙهو، نثر پڙهو، هن جون تقريرون ٻڌو يا وري پنهنجي ذهن تي زور ڏئي ساڻس ڪيل ڪچهرين کي ياد ڪريو ته توهان کي پاڻ ئي محسوس ٿيندو ته هُو واقعي سنڌيت جو احساس ئي هو. بلاشڪ هُو وڏو ڪهاڻيڪار هو. سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۳۳ع ڌاري ماهوار رسالي ’تحريڪ‘ ۾ ڇپي، ان بعد هن سنڌي سماج جي منفي لاڙن ۽ اخلاقي قدرن کي سامهون رکي ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون، جن وڏي مڃتا ماڻي ۽ انهن ڪهاڻين مان ڪيتريون ڊراماٽائيز به ٿيون ته ڪيتريون ڪهاڻيون اردوءَ ۾ به ترجمو ٿيون. سنڌ ۾ جڏهن ڪارو ڪاري جھڙي ڪُڌي رسم پروان چڙهڻ لڳي ته رسول بخش هڪ ڪهاڻي لکي، ان ۾ نئون رستو ڪڍيو ته جنهن کي توهان ”ڪارو ڪاري“ قرار ڏئي ماري ٿا ڇڏيو، انهن جي پاڻ ۾ شادي به ڪرائي سگهجي ٿي. ساڳيءَ طرح هن جڏهن خاڪا لکڻ شروع ڪيا ته ڪيترائي اهڙا ڪردار کڻي آيو، جن کان شايد اڳ ۾ اسان واقف ئي نه هجون يا وري واقف به هئاسين، تڏهن به هُن انهن جا اُهي رُوپ سامهون آندا، جن تي سڄيءَ سنڌ کي فخر ٿيڻ لڳو هو. رسول حمزه توف جي ميرا داغستان جھڙو سنڌ جو هي رسول پنهنجي هر پيشي سان سچو رهيو، ڪهاڻي هجي، نثر هجي يا وري پيغمبري پيشو استاد هجي.

رسول بخش شروع کان وٺي فڪر جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو، قومي تحريڪ  جي سڀني ڪارڪنن جو هو استاد به هو ته اُتساهه به هو. سنڌ ۾ هن وقت جيتوڻيڪ ”اوطاق ڪلچر“ گهڻو ختم ٿي ويو آهي، پر درس جي اوطاق ته اڄ تائين وسندي رهي آهي ۽ هي پِروهت انسان انهن جي وچ ۾ ويٺل ڪنهن ديوتا جيان ڏسڻ ۾ ايندو هو، مون ڪيترن ئي نوجوانن کي سندس پيرن ۾ ويهي سِکندي ڏٺو، هن جن کي به سيکاريو اُهي ڀٽڪيل راهه تان به موٽ کائي سنئين دڳ تي اچي ويا، هاڻي جڏهن هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ته اهو احساس کائيندو پيو وڃي ته انهن ڀٽڪيلن کي دڳ تي ڪير وٺي ايندو؟

هتي مون کي سندس ڪجهه اهڙيون يادگيريون ذهن تي تري پيون اچن، جيڪي رڪارڊ جو حصو ٿيڻ گهرجن. ڪجهه عرصو پهرين اسان جڏهن جمھوري پبليڪيشن لاهور وارن جي هڪ پراجيڪٽ ”سنڌي ڪهاڻين جو اردو ترجمو“ تي ڪم شروع ڪيو هو ته هُنن جو اهو مطالبو هو ته، هر ليکڪ جو اجازت نامون لازمي هجي، ان سلسلي ۾ مون کيس فون ڪئي هئي ۽ اجازت نامي جو چيو هو، ته موٽ ۾ هن جيڪي لفظ مون کي چيا هئا، سي اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ هُرندا رهن ٿا. ”نواز! منهنجي هر سِٽ جو تون مالڪ آهين، تون ته ترجمي جي ڳالهه ٿو ڪرين، پر جي تون ان ۾ ڪا ترميم ڪرڻ چاهين تڏهن به توکي اختيار آهي. منهنجي صحيح ڪري اجازت نامون موڪلي ڇڏ.“ پنجن منٽن لاءِ رڳو سندس هنن جملن تي غور ڪجي ته هُو ڪيڏي نه وڏي دل رکندڙ، ڪيڏو وڏو ماڻهو هو، پنهنجي تخليق ڪنهن ٻئي جي حوالي ايئن ڪري ڇڏجي... نه فقط ايترو پر منهنجي هر لکڻيءَ تي مون کي فون ڪري داد ڏيندو ۽ منهنجو جڏهن به ڪو ڪتاب ڇپبو هو ته پاڻ آفيس ۾ اچي مون کي ڀاڪُر پائي چُمي به ڏيندو هو ته مبارڪ به ڏيندو هو ۽ حيرت انگيز ڳالهه اها به ته هُو ڪتاب جي ڪاپي جا پئسا به ڏيندو هو، اعزازي ڪاپي وٺڻ کان انڪار ڪندو هو، ان بعد آئون ڪوشش ڪري سندس جنم ڏينهن تي پنهنجا ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن هٿان کيس موڪلي ڇڏيندو هئس، جنهن تي هُو گهڻو خوش ٿيندو هو ۽ فون ڪري دڙڪا به ڏيندو هو ته پيار به ڪندو، اهڙا ماڻهو اسان ڪٿي ڳولينداسين.

هو انتهائي دور انديش ماڻهو هو، ۽ هن نئين ٽهيءَ جي تربيت لاءِ هر پليٽ فارم تي ڪوشش ورتي، جهمپير ۾ اڪثر ڪري محفلون ڪرائيندو هو، جنهن ۾ خاص ڪري نوجوانن کي گهرائيندو هو ته نوجوان اچي سِکن، هن ”سرسوتي“ نالي سان هڪ رسالو به جاري ڪيو ته جيئن نئين نسل جي رهنمائي ڪري سگهجي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سُهائيءَ جي سوڀ‘ (۱۹۸۰ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’ساٿ جي موسم‘ (۲۰۰۵ع) ۾ ڇپيو، ان کان علاوه خاڪا نويسيءَ تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ هيرن کاڻ“ جا ڪجهه جلد ڇپجي منظر تي اچي چُڪا آهن، جن ۾ سنڌ جو اُهو شعور سمايل آهي، جنهن تي سنڌ کي سدائين ناز رهندو.

بشير خان قريشي ۽ حسن درس سان بيحد پيار ڪندڙ رسول بخش درس هر نوجوان ۾ انهن جي ڳولا ڪندو هو، هر سڏ ۾ انهن جو پڙاڏو محسوس ڪندو هو، انهن جي وئي پُڄاڻان هو ڄڻ ته اڪيلو پئجي ويو هو، پر سنڌ جي شعور کيس اهڙو ته ڀاڪُرن ۾ ڀريو هو جو کيس ڪڏهن به اڪيلو ٿيڻ نه ڏنو هو، موٽ ۾ هن پڻ اهڙي ئي پيار جي ونڊ ڪئي هُئي. هُو انتهائي بھادر انسان هو، ڏهن سالن کان مسلسل بيمارين سان جهيڙيندو رهيو، پر ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ انهن ڏهن سالن ۾ به هن لاتعداد پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، ڪيترين ئي محفلن جو حصو بڻيو، ڪيتريون ئي تقريرون ڪيائين. هن جو لهجو نج ٻهراڙيءَ جي ماڻهو وارو هوندو هو، هن جو تقرير جو انداز به اُهو ئي هو، هن ڪنهن به معاملي ۾، ڪنهن به اسٽيج تي پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هُو نج نبار انسان هو ۽ هن ڪنهن به ماسڪ جي پٺيان لِڪڻ نه ٿي چاهيو. علي بابا چواڻي، ”هُو نج سنڌي مهانڊن ۽ نقشن وارو انسان آهي.“

هُن لاءِ اڄ جهمپير، ڪينجهر ۽ ڪوهستان ڪونه رُنا هوندا، پر هن لاءِ ته سڄي سنڌ ۽ جتي جتي سنڌيت جو احساس هوندو، اهي جايون به رُنيون هونديون، جنھن انسان سان جبلن جون قطارون، ڪينجهر جون مڇيون ۽ لاڙ جا پکي پيار ڪندا هجن، اُهو ماڻهو اسان کان ڏور وڃي ئي نه ٿو سگهي...

هي ڏُک جيتوڻيڪ وڏو آهي پر اسان روئون ڇو پيا، اُهو ماڻهو جنهن سنڌ جي ڳڀرو جوانين جي ٽھڪن جي سلامتي لاءِ سڄي زندگي جدوجھد ڪئي، ان لاءِ اسان جو روئڻ ٺهي ته ڪونه ٿو، اسان کي ته کانئس کلي موڪلائڻ گهرجي، هو اسان منجهان ڪنھن نه ڪنھن جي روپ ۾ زنده ته رهڻو ئي آهي.

ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛

گهڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان ھوتَ وَڃَنِ.

اسان جو هوت ته هليو ويو، پر هُو زنده رهڻو آهي پنهنجي ڪتابن ۾، پنهنجي ڪهاڻين ۾، پنهنجي ڪردار ۾ ۽ اسان جي دلين ۾.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچي ۾، ۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

 

رسول بخش درس

حافظ سڪندر تنيو

رات جو هڪ چور چوري ڪرڻ لاء جاڳندو آهي، ٻيو عاشق محبوب جي ملڻ جي انتظار ۾ جاڳندو آهي، ٽيون اديب لکاري لکڻ ڪارڻ جا ڳندو آھي، پنجاب جي وري صوفي شاعر پروردگار کي پڻ رات جي جاڳڻ وارن ۾ چيو آهي، پر پروردگار پاڻ لاءِ چيو آهي ته مونکي ننڊ ته ٺهيو پر انگھ اوٻاسي به ناهي ايندي، سو مون پڻ هن وقت گهڙيال جي ڪانٽن کي ڏسان ٿو ته رات جا ٻارنهن وڄائي رهيا آهن، مون رات جو جاڳڻ ڪتابن ڪري ڪندو آهيان، ان جي ليٽ وري ڏينهن جو ڪجھ گهڙيون ننڊ ڪري پوري ڪندو آهيان، اياز پڻ لکيو آهي ته کيس شاعري جي پالوٽ رات جي وقت ٿيندي هئي جو کيس ڏوهٽي چوندي هيس ته نانا اڃا تائين ڇو ٿا جاڳو توهان رات جو ويهي ڇا لکندا آهيو.

سائين تاج جويو منهنجي علمي شعور وڌائڻ ۾ پڻ سهڪاري رهيو آهي، مونکي هر نئون ڪتاب جنهن جون کيس ٻه ڪاپيون ملنديون آهن، هڪ ڪاپي مونکي ڏيندو آهي، سندس ٿورائتو آهيان جو هن ڪتابن جي دولت مون مٿان پڻ گهور ڪئي آهي.

هي ڪتاب سائين مرحوم رسول بخش درس جي زندگي تي لکيل آهي، سندس مرتئي تي پڻ جن دوستن تاثرات لکيا سي پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، سائين درس صاحب سان نه ملڻ جو ارمان دل ۾ رهجي ويو، کيس جڏهن ٻڍائپ جي ڄمار ۾ ملائڪ مارشلا هڻندڙ کيس کنڀي ويا هئا ته سموري سنڌ لڇي پڇي هئي، ته هن جهڙي نرم نازڪ دل ۽ مزاج رکندڙ، سنڌ ۾ مهمان نوازي جي روايتن جو پاسبان رهندڙ، ادب ۽ علم جو پارکو، جنهن ڪڏهن ڪنهن سان ڏاڍيان ڪين ڳالهايو هيو، جنهن ڪڏهن جهرڪي، ڪبوتر ۽ امن جي علامت ڳيري مٿان گليل سڌي ڪين ڪئي هئي، تنهن کي ڇو کنڀيو ويو آهي، سموري سنڌ سائين رسول بخش جي آزاديءَ لاءِ واڪا ڪيا هئا، کيس آزاد ڪيو ويو، ساڻس ملاقات ڪندڙن جي وڏي لانڍ لڳل هئي جن جهمپير وڃي کيس ڳراٽڙيون پائي ڳلن تي چميون ڏيندي آزادي جون واڌايون ڏنيون هيون، مون کان اهو موقعو پڻ مس ٿي ويو، ماڻهو يا هرهڪ ساه وارو هڪ ڏينهن ضرور موت سان ملاقاتي ٿيندو، پر ماڻهو زنده تڏهن رهندو آهي جڏهن ڪو پويان سٺو ڪم ڪندي نالو ڇڏي ويندو آهي، سائين درس پڻ قومي خدمت ڪندڙ ٻانهو ٿي قوم جي نوڪري ڪري نڀائيندو رهيو جنهن جي ڪري کيس تاريخ زنده ضرور رکندي، تاج جوئي هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي لکيو آهي ته پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته اهي مائرون ئي مري ويون جن دريا خان، ۽ جي ايم سيد جهڙا جوڌا ڄڻيا، سو مون تاج جويو ان تسلسل کي وڌائيندي لکان ٿو ۽ يقين سان چوان ٿو ته اهي مائرون ئي مري ويون جن عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش درس پيدا ڪيا.

شايد ڀٽائي چيو آهي ته،

ڀلي ڄايون مائرون سنديون صالحن،

ٻين ويچارين اوجاڳا ئي اجايا ڪيا..

سائين درس کي ڀيٽا ڏيندي تاج شعر لکيو ته

جيڏو تون جهونجهار، تيڏو تون دلدار،

پروهت جهمپير جا.

تون ساٿاري سچ جو، ڪُوپائي ڪردار،

تون انيائي دور ۾، آمر لئه للڪار،

پروهت جهمپير جا.

تنهنجون ڳالهيون مڌ جو، ڄڻ ڪو کيپ خمار،

پروهت جهمپير جا.

تون ڪينجهر جي ڪنٺ ۾، تازو گلن هار،

پروهت جهمپير جا.

سونهريءَ جي سونهن جو، تون ئي سرجڻهار،

پروهت جهمپير جا.

جهينگا تنهنجي جهول ۾، لوڪ مهاڻو ٻار،

پروهت جهمپير جا.

سو سائين رسول بخش جهڙا انسان نه وسرندا آهن نه وري وڇڙندا آهن. هو ويس مٽائي ورندا رهندا آهن. سو سنڌياڻيون وري دولھ دريا خان، جي ايم سيد، عبيدالله سنڌي، شيخ اياز، آريسر، پير حسام الدين، ۽ رسول بخش درس جهڙا پٽ ڪکين مان ڪڍنديون رهنديون.

 

(حافظ سڪندر تنيو، ڪراچي سنڌ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا