منظور جوکيو
ورهايو ته محبتون ورهايو
شعبان وسطڙو
ماڻهن جي من جي پرک
ڪري ته نه ٿي ڪري سگهجي پر جڏهن انهن سان ڪجهه ملاقاتون ڪبيون آهن تڏهن انهن کي
طبعيت ۽ فطرت مان پرکي سگهبو آهي ته ها....! هي شخص ڪهڙي قسم جو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن
اهڙن شخصن سان به پالو پوندو آهي، جي ڪڏهن به انت نه ڏيندا آهن ته هو آهن ڇا؟ پر هڪ
اهڙو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ به سادو سٻاجهڙو نظر ايندو آهي پر اندر جو به ايڏو ئي اڇو
اجرو؛ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ مير نه رکندو. خاموش طبع رهندڙ پر سندس هڪ گهور پل کن ۾
ئي گهائي وجهندي آهي. ملڻ وقت سندس لبن تي مسڪراهٽ تري ايندي آهي ۽ سچ به ته مون
کي سندس چهري جي اها مرڪ فرشتن جيان لڳندي آهي ۽ سندس چهرو گلاب جي گلن جيان ٽڙيل
۽ ٻهڪندڙ لڳندو آهي. ڪير کيس سمجهي نه سمجهي پر هو منهنجي روح ۾ ڇٽيهن سالن کان
نقش ٿيل آهي ۽ اهو سٻاجهڙو سدورو ۽ اندر جو اجرو شخص منظور جوکيو آهي، جنهن سان
ملندي جڏهن کيس مرڪندو ڏسندو آهيان ته مونکي مدهوش جو هي شعر ياد اچي ويندو آهي
ته،
خودي مٽايم ته بي
خودي جو مزو اچي ويو،
مرڻ کي ماريم ته
زندگي جو مزو اچي ويو،
کلي جو مدهوش جي اڳيان
هن کنيون نگاهون،
ڪراڙپ ۾ وري يار،
وهي جو مزو اچي ويو.
ڪن ڪن ماڻهن جي
پنهنجي طبعيت ٿيندي آهي، جيڪي گهٽ ڳالهائو هوندا آهن پر انهن لاءِ ائين ڪڏهن به نه
سمجهجي ته هو ڪي وڏائي ڪندڙ آهن، پر انهن لاءِ اهو تاثر وٺڻ گهرجي ته سوڀر ۽
سنجيده قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي نهايت ئي سنجيدگيءَ سان پنهنجي زندگي ۾ ڪاميابيون
ماڻيندا پيا وڃن. هو انهيءَ سموري سفر ۾ ڪٿي وائڙا ٿيا آهن ۽ نه وائڙائپ جو شڪار ٿي
سگهن ٿا. ڇو ته هنن وٽ پلاننگ آهي ته اسان کي اڳيان هلي ڪرڻو ڇا آهي؟ اهوئي، مون
دوست منظور جوکئي ۾ ڏٺو آهي، ته هوءَ جيڪا زندگي جي وک وک کڻي پيو سا به تڪي توري؛
تڏهن ته ڪٿي به ٿڪي ساهي کڻڻ لاءِ به نه بيٺو آهي. پڙهڻ جي زماني کان هيل تائين
مسلسل زندگيءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، پر اهڙن ماڻهن کي اڻسهو ماڻهو
برداشت ئي نه ڪندا آهن پر کين مغروريت جو نانءُ ڏئي پيا بدنام ڪندا آهن. پر اها
مون کي خبر آهي ته هي اسان جو دوست جيڪو وڏائي ۽ تڪبر وارو آهي ۽ نه ئي ويچارو وڏائي
ڪري ڄاڻي، هو ته پنهنجي گذر سفر لاءِ پنهنجي پورهئي ۾ رڌل رهي ٿو. کيس اهڙين ڳالهين
لاءِ وقت ئي نه آهي جو اهڙن دوستن کي جواب ڏئي، پر انهن حاسد ۽ نه- سهو دوستن لاءِ
مون کي حضرت علي سائينءَ جو هڪ قول ياد پيو پوي ته، ”جڏهن توهان جي مخالفت حد کان
وڌي وڃي ته سمجهي وڃو ته الله تعاليٰ توهان کي ڪو وڏو مقام عطا ڪرڻ وارو آهي.“ ۽
سچ به ته منظور کي ربِ ڪائنات پاران اهم مقام عطا به ٿيو آهي.
منظور جي سادي
طبعيت ڪڏهن ڪڏهن من کي موهيندي آهي پر مون کي اها به ڄاڻ آهي ته هو ايڏو سادو به
ناهي. هو ته هر خبر کان باخبر آهي، اداس چنڊ کي بي خبر سمجهڻ نه گهرجي، ڇو ته هو سڀ
ڪجهه ٻڌندي به ڳالهائي نٿو سگهي ۽ اهو ئي حال اسان جي منظور جو آهي، پر اِهو اوهان
کي ٻڌائي ڇڏيان ته هي شخص سمنڊ جيان گهرو به آهي، جنهن جو ڪو به ڇيهه ناهي هوندو.
منظور مون کي ڪنهن شاعر جي انهي من موهيندڙ شعر جيان لڳندو آهي ته،
چنڊ ۾ نهاري ڇا پيو
سوچين،
مون کي ساري ڇا پيو
سوچين،
رات به ڪيڏي گذري
وئي آ،
شهر سمهاري ڇا پيو
سوچين؟
منظور سان منهنجي ڏيٺ
ويٺ سندس وڏي ڀاءُ سائين انور جوکئي جي ڪري ٿي. جڏهن هو ’سنڌ‘ نالي مخزن ڪڍندو هو
۽ منهنجون به ڪجهه ڪهاڻيون ان ۾ ڇپيون. اهڙي طرح انور سائينءَ جي دوستي ناتي منظور
سان به دوستي وارو رشتو قائم ٿي ويو، جيڪو بدستور اڃان به جاري آهي. ٻنهي ڀائرن سان
۽ اميد ته جاري رهندو.
منظور جيڪو ننڍي
هوندي کان پڙهڻ ۾ نهايت ئي هوشيار هوندو هو، تنهن جي ادب سان به لنؤ لڳل هوندي هئي
۽ جتي هن پنهنجي پڙهائي پوري ڪري نوڪرين وٺڻ جا گُر ڏيکاريا، اتي ادب ۾ اهڙا جوهر ڏيکاريائين
جو چڱن ڀلن کي پوئتي ڇڏي آيو. نه رُڳي پوئتي ڇڏيائين پر انهن جي واڇ ئي گودو ڪري ڇڏيائين.
جن مجبور ٿي اهي لفظ ڪڍيا ته ڪلهوڪو ڇوڪرو ايڏو مغرور، پر آءٌ اها ڳالهه دعويٰ سان
چئي سگهان ٿو ته منظور جي من ۾ به هڪ حساس دل ڌڙڪي ٿي، هو نه مغرور ۽ نه ڪنهن ٻئي
قسم جو ماڻهو آهي. هو سڌو سنئون محبتي، محنتي ۽ همت ڀريو شخص آهي، جنهن پنهنجي
قابليت تي ماس ڪميونيڪيشن جو امتحان پهرين نمبر ۾ پاس ڪيو ۽ پريڪٽيڪل لائيف ۾ اچڻ
لاءِ پاڪستان بينڪنگ اينڊ فنانس سروس ۾ ڪميشن جو امتحان به امتيازي حيثيت سان پاس ڪري
نيشنل بئنڪ ۾ ڊائريڪٽ گريڊ II آفيسر ٿيو، جيڪا تنهن وقت جي وڏي ڪاميابي چئي
سگهجي ٿي، پر سندس من ۾ جيڪا دونهي دکيل هئي ته منزل اڃان پري آهي ۽ ان دوران منسٽري
آف ڊفينس جو امتحان به ٽاپ نمبر ۾ پاس ڪيائين، پر جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي
امتحان ۾ ويٺو، تڏهن اتي به سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر ماڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو. سندس
چواڻي ته اهو منهنجو خواب هيو ته آءٌ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيان، جيڪو ساڀيان ٿيو ۽ اهو اهڙو
خوشي جو ڏينهن هيو جنهن ۾ مونسان گڏ منهنجي امڙ به خوشيءَ مان روئي ويٺي. منهنجي
ترقي جو راز مالڪ جي مهر ۽ امڙ جون دعائون آهن، ۽ سچ به ته منظور کي دعائن ئي ڀاڳوند
بنايو آهي. هڪ ڳوٺاڻو ماڻهو جيڪو پنهنجي ڳوٺ کان ڪنهن ٻئي شهر ويندي به سپنا ۽
خواب پيو ڏسندو هو. جڏهن امريڪا ۾ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا
ويو، تڏهن به هو جهڙو جئي پيو هيو. ڇو ته غريب هئڻ جي ناتي هن ڪڏهن سوچيو به نه
هو، پر اهو تعليم جو ڪرشمو هيو جنهن امريڪا جهڙو ڏيهه ڏيکاريس ۽ پوءِ جڏهن فيڊرل
سروس ڪميشن ۾، سي ايس ايس جي امتحان ۾ جنهن مضمون جي چونڊ ڪئي هئائين اهو ئي ماڻيائين،
انڪم ٽيڪس جي محڪمي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو، جتان ترقيءَ جا پيرا کڻندو اچي ڪمشنر
جي عهدي تي پهتو آهي. جتان به اميد ته اڃان ترقي جون منزلولن طئه ڪري ترقي ۽ ڪاميابي
ماڻيندو. اسان جون دعائون ساڻس گڏ آهن پر اهو سندس ڪاوش، ڪوشش ۽ محنت جو ثمر آهي.
منظور ننڍي هوندي
کان ئي هڪ جاکوڙي انسان رهيو آهي، هن جيڪا به ترقي ڪندي منزل ماڻي آهي، ان ۾ الله
تعاليٰ جو راضپو ۽ سندس محنت جو نتيجو آهي. پر سندس هميشه اها خواهش رهي آهي ته هو
جتي به هجي اتي غريب پرور، ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪرڻي آهي، جيڪا هو ڪندو آيو آهي.
اهڙي طرح جيڪو هن
پنهنجي همت ۽ مڙسيءَ سان پنهنجو ڪيريئر ٺاهيو آهي، تهڙي طرح ادب ۾ به پنهنجي ٻل ۽
محنت سان قدم کڻندو، اڄ هو سنڌ جو بهترين ليکاري مڃيو وڃي ٿو. ادب ۾ هن ڪهاڻيون،
مضمون ۽ سفرناما به ڏاڍي سهڻي انداز ۾ سهڻي ٻوليءَ ۾ لکيا آهن، جيڪي ادبي دنيا ۾ هڪ
تاريخي دستاويز آهن. منظور پي سي ايس ۽ سي ايس ايس لاءِ به ڪتاب لکيا، جيڪي ڪورس ۾
شامل آهن جن مان اڄ ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگرد مستفيض ٿي رهيا آهن.
منظور جي ادب ۾ پير
پائڻ ۽ جڏهن سندس ڪهاڻيون ۽ ٻيو نثر نظرن مان گذري ٿو تڏهن سچ به ته هن شخص تي رشڪ
اچڻ لڳي ٿو، جيڪو لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات وٽس آهي، انهي جي جيتري ساراهه ڪجي اها گهٽ
آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ جيڪا پختگي نظر اچي ٿي اها سندس ڏيهي ۽ پرڏيهي مطالعي جي ڪري ئي
آهي ۽ انهيءَ لکت جي سگهه ۽ ٻل جي ڪري اڄ سنڌي ادب جي آڪاش تي ڪنهن روشن ۽ چمڪندڙ
ستاري جيان کڙي روشني پکيڙي رهيو آهي.
هن پنهنجي سموري
زندگي ۾ ايڏي ته جاکوڙ ڪئي آهي جو پنهنجي پڙهائي دوران به هو اخبارن ۾ رات جو دير
دير تائين به ڊيوٽي ڪندو هو ۽ پنهنجي خوشحال ڏينهن لاءِ جاکوڙيندو هو. منظور جي
ويجهو وڃڻ سان خبر پوندي ته هو ڪيترو کاهوڙي ڪردار آهي، جنهن جي جيون ۾ ’تَتي ٿڌي ڪاهه‘
واري ڪار لڳي پئي آهي. هو ڪٿي به ويهڻ لاءِ ساهي کڻي وقت وڃائڻ نٿو چاهي. مون کي
ته منظور جهڙي محنتي ماڻهوءَ تي رشڪ ايندو آهي، ته هن ڪيئن نه محنت ڪري معاشري ۾ هڪ
بهترين ۽ سٺو مقام ماڻيو آهي. رڳي اهو نه پر هڪ حساس دل رکندڙ جي حيثيت ۾ هو
پنهنجي وس آهر ڪنهن جي نه صرف مدد ڪري ٿو پر سندن ڏکن ۾ به شامل رهي ٿو. هن کي
سدائين اهو اونو ۽ فڪر رهندو آهي ته خدا نه ڪري ته منهنجي هٿان ڪنهن کي ڪو رنج نه
ملي.
منظور وٽ جتي پيار،
محبت ۽ عزت وٺڻ جو ڏانءُ آهي، اتي اهو ساڳيو پيار، محبت ۽ عزت موٽائي ڏيڻ به ڄاڻي ٿو.
بيحد مٺڙو ۽ محبتي شخص آهي ۽ هر ڪنهن سان پيار ۽ پاٻوهه سان هلڻ وارو آهي. کيس ڏسندي
مونکي استاد بخاري جو هي شعر ياد ايندو آهي ته،
وڏيرو سڏائڻ وڏي ڳالهه ناهي،
بنگلا اڏائڻ وڏي ڳالهه ناهي،
ورهايو استاد ته محبتون ورهايو،
پتاشا ورهائڻ، وڏي ڳالهه ناهي.
منظور هڪ سچو ۽ کرو
انسان آهي، تڏهن هي سماج سندس لاءِ ڏکيائيون پئدا ڪندو رهيو آهي، پر هي درويش صفت
انسان پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو پنهنجي واٽ وٺيو منزل کي اڃان قريب ڪرڻ لاءِ وکون کڻندو
رهي ٿو. سندس هر هڪ وک ڪاميابي ماڻيندي ۽ هو ڏينهن رات محنت ڪندي سنڌي ادب جي جهول
۾ ڪي گلاب جا گل ضرور لڳائيندو ته جيئن هي سمورو معاشرو ۽ سڄي سنڌ سندس سرهاڻ سان
واسجي وڃي.
No comments:
راءِ ڏيندا