وڏيرو خان محمد وسطڙو
جِئڻان اڳي جي جِئا...
شعبان وسطڙو
ڪڏهن ڪڏهن انسان جا
من جي گهراين ۽ سچائي سان ڪيل ڪم کيس امر بنائي ڇڏيندا آهن. هونءَ به انسان ذات
سان محبت ۽ ان جي خدمت لاءِ هر مذهب وائکي نموني پرچار ڪئي آهي. جيئن شاهه صاحب ته
وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، او ڪي ٻيو فهم جنهن سان پسجي
پرين کي“ اهڙن انساني ڪمن ڪرڻ وارا پنهنجي تاريخي حيثيت مڃرائي ويندا آهن.
اصل عبادت ئي ماڻهن
جون دليون کٽڻ آهي نه ته روزا نمازون ته فرض ۾ شامل آهن، جيڪي هر حال ۾ پورا ڪرڻا
آهن، پر اهو ڪهڙو فهم آهي جنهن سان محبوب الاهي يعني الله تعاليٰ راضي ٿئي؟ سچ به
ته اهو فهم انهن ڏتڙيل، بي يارو مددگار، بيواهن، يتيمن ۽ مسڪينن جي مدد ۽ خلقِ خدمت
۾ ملي ٿو.
پرين سان پسجڻ وارو
اهو انسان جيڪو محبت ۽ خدمت جو مثال آهي، اهڙو هڪ انساني خدمتن ۾ ڪوشان اسان جي ڳوٺ
جو وڏيرو خان محمد وسطڙو به آهي جنهن جون ڪيل سماجي ۽ تعليمي خدمتون وسارڻ جوڳيون
ناهن.
وڏيري خان محمد،
هوت خان وسطڙو جي گهر ۾ ۱۸۹۰ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان يتيم ٿي ويو. سرڪار سندس عمر جي تقاضا کي مدِ
نظر رکي سندس ملڪيت پنهنجي تحويل ۾ ورتي، جڏهن وڏڙو سمجهه ڀريو ۽ سنڀال جهڙو ٿيو
ته سرڪار کيس ملڪيت واپس ڏني. تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ وڏڙن جي ٻني ٻاري ۽ کيتي ٻاڙي
جي ڪم ڪار ۾ جنبي ويو. بنيادي تعليم پنهنجي وڏن جي مڪتب مان ورتائين، پر ڪجهه سالن
کانپوءِ سندس زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب بربا ٿيو. وڏيرڪي ٻار مان ڦري هو سماجي ورڪر ۽
غريبن مسڪينن جو هڏ ڏوکي بنجي ويو ۽ سندس طبيعت جي ڦيري اهو محسوس ڪرايو ته هو جهڙو
ننڍپڻ کان وٺي اهو وچن ڪري چڪو هجي ته ويڙهيچن جي واڙي ۾ ويهي انهن جي ڏکن تڪليفن،
اهنجن ۽ دردن جو ساٿي ٿي رهيو.
اهو ڏينهن ويندي
سندس مرتئي تائين غريبن، مسڪينن، بيواهن، يتيمن جي هر طرح جي مدد ڪندي گذاريو، اها
تبديلي هڪ وڏيرڪي ٻار ۾ ڪيئن آئي، اهو ڪنهن جي به وهم گمان ۽ خواب خيال ۾ نه هو ته
حويليءَ ۾ پلجندڙ ٻار وڏو ٿي اهڙا ته ڪارناما ڏيکاريندو جو هر ڪنهن جي واتان سندس
لاءِ دعائن جا درياهه اٿلي پوندا. نه ته هر ڪنهن ڳوٺاڻي ۽ تر جي ماڻهن اهو پئي ڄاتو
ته وڏيرڪو ٻار وڏو ٿي گهوڙا ڊوڙائي، ڪڪڙ ويڙهائي، رڇن ۽ ڪتن جون بڇون ڪرائي، ناچ
نچرائي غريبن ۽ مسڪينن سان ڏاڍ ۽ ظلم ڪري، سندن چوريون ڪرائي، ٿاڻن تي ناحق باندي
بڻائي بڇڙو ڪرائي جهڙوڪ خوشي محسوس ڪندو. پر سچ به ته وڏيري جو هي ڪردار ڏسي مونکي
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا لفظ سامهون اچن ٿا ته ”فرشتن لاءِ طئي ٿيل آهي ته هو جنت
۾ ويندا، شيطان لاءِ طئي ٿيل آهي ته هو دوزخ ۾ ويندو، صرف انسان ئي اها مخلوق آهي
جيڪا پنهنجي علمن سان طئي ڪندي ته مونکي ڪيڏانهن وڃڻو آهي.“
ڏيئي جي لاٽ ته هر
حال رهي قائم،
اهو ئي منهنجي مقدر
جو فيصلو آهي،
پهاڙ جيڏا ارادا
رکان ٿو سڀني ۾،
هوا جو زور کان ئي
زياده حوصلو آهي.
وڏيري خان محمد جو ڳوٺ
۽ آسپاس جي ماڻهن سان سڀاءُ ۽ رويو نه وسارڻ جهڙو هو. مون پنهنجي ڄمار ۾ کيس ڪنهن
کي به جهڙڪيندي نه ڏٺو، حالانڪ سندس شخصيت رعبدار قسم جي پر اندر منجهه هڪ حساس دل
ڌڙڪندي هيس. الائي ڇو کيس ڏسندي رومي جون اهي سٽون من منجهه هونديون هيون ته، ”خدا
جي مخلوق کي نه آزار، باقي اسانجي شريعت ۾ ٻيو ڪو ڏوهه ناهي.“
ماڻهو ماڻهوءَ جو ڇيهه
ناهي پر اهڙا مانجهي مڙس سالن جي مدتن ۾ پيدا ٿيندا آهن، جن کي پيدا ٿيندي ئي اها
ستي پياري ويندي آهي. مونکي وڏيري خان محمد جو ڪرادر ڪامريڊ لينن جي انهن سٽن ۾
امر محسوس ٿيندو آهي ته، ”فنا ٿيو يا پوري طاقت سان اڳتي وڌو، تاريخ اسان لاءِ اهي
ٻه رستا رکيا آهن.“
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو
آهيان ته زندگي ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ مختصر عرصي ۾ اسين ڇا پيا ڪريون ۽ ڪيڏانهن پيا وڃون،
ڪا به ساڃاهه ۽ سمجهه ناهي.
وقت جي وير گذرڻ
سان من تان اهي گذريل نقش به مٽجي ويندا آهن پر وڏڙا چوندا آهن ته زخم ته ڇٽي
ويندو آهي پر زخم جو نشان رهجي وڃي ٿو. جيڪو زندگي ڀر زخمي ٿيڻ جي ياد ڏياريندو
رهي ٿو. اهڙي طرح چڱن ماڻهن جون ڪيل چڱايون به وساري نه وسرنديون آهن. اهڙين ساروڻين
کي يادن جي البم ۾ سانڍي رکڻ جي ضرورت آهي ۽ مون به وڏيري خان محمد جي شخصيت کي
پنهنجي من جي ڳڙڪين ۾ سانڍي رکيو آهي. ڇو ته ماضيءَ جا اهي ورق جيءُ جهروڪا بنجي
اندر منجهه اڪري وڃن ٿا ۽ اهڙيون شخصيتون تاريخي ورقن ۾ به امر ٿي وڃن ٿيون.
قرآن پاڪ ۾ به الله
تعاليٰ جو فرمان آهي ته: ”بهترين اهو شخص آهي جيڪو ٻين کي فائدو پهچائي ٿو.“ زندگي
هڪ ٿيندي آهي پاڻ لاءِ ته هر ڪو جيئي ٿو پر مزو تڏهن آهي ته ماڻهو جيئي ته ٻين
لاءِ.
مونکي بابا سائين
مرحوم جا اهي لفظ اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهن، جڏهن آءٌ کيس چوندو هيس ته، ”بابا
سائين توهان ظفر شاهه جهڙي سخت مزاج ماڻهوءَ کي ووٽ ڪيئن ٿا ڏيو يا اهڙي ماڻهوءَ
جي تعريف ڪيئن ٿا ڪريو، جيڪو ماڻهن کي ماڻهو ئي
نه ٿو سمجهي؟“ ته بابا سائين جو جواب مونکي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو ته، “بابا
هن جي ڏاڏي جو اسان تي احسان آهي جو هن مدرسو ٺهرايو ۽ اسين پڙهي لکي ڪجهه بڻياسين،
نه ته اڻ پڙهيل ۽ جاهل هجون ها. بس انهيءَ ڪري ظفر شاهه جو احترام ڪيون ٿا ته
الهندي شاهه جي پوٽو آهي، ان ڪري آءٌ انهن کي پنهنجو محسن سمجهندو آهيان پر ظفر
شاهه به اصول پرست آهي، شايد توکي انڪري سمجهه ۾ نه ٿو اچي.“ ۽ سچ ته مان بابا
سائينءَ جي وڏائي ڏسي خوش ٿيڻ لڳس ۽ ائين ئي اهڙن ماڻهن تي رشڪ اچڻ لڳي ٿو. جيڪي
خلق خدمت ڪن ٿا ۽ انهن لاءِ سوچين ٿا ۽ مان به بابا سائينءَ وانگي وڏيري خان محمد
جو من جي گهرائين سان احترام ڪيان ٿو. هن ڳوٺ جي ماڻهن ۾ شعور ۽ جاڳرتا آڻڻ لاءِ
اسڪول قائم ڪرايو، سنڌ جي جن ماڻهن نيڪي جا ڪم ڪيا آهن، اهي منهنجي لاءِ قابل عزت
آهن اهڙي طرح تعليمي ميدان ۾ جن قداور شخصيتن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، انهيءَ ۾ وڏيري
خان محمد وسطڙو به بيٺل پاڻي ۾ پٿر هڻي لهرون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان کي پڪ
آهي ته خان محمد وسطڙو نه ته ڪو حسن علي آفندي ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪي الهندو شاهه پر
پاڻ ڳوٺ ۾ رڳي تعليم حوالي سان ئي نه پر هُن ڳوٺاڻن جي مالڪي ۽ سرپرستي به هڪ وڏي
جي حيثيت ۾ ڪئي. هن جي نظر هر سٺي ۽ خراب شئي تي هوندي هئي. هن ڳوٺ ۾ ڪڏهن نشو
واپرائڻ نه ڏنو، ڪڏهن به جوا جا اڏا نه هلرايائين پر هن اوباش ۽ لوفر قسم جي ماڻهن
جو به گهيرو تنگ ڪيو، جنهن سبب ڳوٺ ۾ ڪڏهن ڦرلٽ جو واقعو نه ٿيو، جنهن سان سندس
بدنامي ٿئي. مون کي سندس ڪردار ڪڏهن نامعلوم ليکڪ جي هنن سٽن ۾ ڏاڍو سهڻو لڳي ٿو
ته:
چنيسر چار ڏينهن! دودو
لازوال،
بنجي ٿو ڪردار سان،
ماڻهو باڪمال
سندس ننڍي ڪاوش ۽ ڪوشش
به وڏو رنگ لاتو. هن ننڍڙي ڳوٺ جو هر ماڻهو پڙهيل لکيل آهي، جيڪو ڪريڊٽ وڏيري خان
محمد ڏانهن وڃي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته وڏيري خان محمد سڀني ڳوٺ وارن
۽ تر جي آسپاس جي رهواسين کي تڏهن حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن وڏيري ڳوٺ جي لاءِ اسڪول
منظور ڪرائي پنهنجي ابن ڏاڏن جي تاريخي اوطاق بغير ڪنهن معاوضي ۽ ڏيتي ليتيءَ جي
سرڪار کي ڏئي ڇڏي ته ڀلي هن بلڊنگ ۾ ڳوٺ جي ٻارن جو اسڪول کوليو وڃي. نه صرف
پنهنجي ذاتي ملڪيت/ اوطاق اداري جي حوالي ڪيائين پر ٻاهران آيل استادن جي رهائش ۽
ماني ٽڪي جو ذمو به پاڻ کنيائين، وڏيري خان محمد کي ٻارڙن جي تعليم جو ايتريقدر گهڻو
احساس ڪيئن ٿيو ته ڪو اسڪول هجي جتي ٻار درس حاصل ڪن، تعليم پرائين ۽ اڳتي وڌي هن ڳوٺ
جو نانءُ روشن ڪن؛ ڇو ته هن کي احساس هيو ته پاڻ ته اعليٰ تعليم نه پرائي سگهيو پر
اهڙو ڏيئو روشن ڪجي، جنهن جي لاٽ جي سهائي سدائين چمڪندي رهي. سندس انهيءَ ڪاوش ۽ ڪوشش
اهڙو ته رنگ لاتو جو اڄ تائين انهيءَ اداري مان نه ڄاڻ ڪيترا دانشور، اديب، ڏاها،
آفيسر، تعليمدان فيض وٺي پنهنجو نانءُ روشن ڪري رهيا آهن.
فلاحي همدردانه ۽
انسانيت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص جڏهن هي جهان ڇڏي ويندا آهن، تڏهن دليون جهڙيون
جهري پونديون آهن، من رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙيندو آهي ۽ سچ ته وڏيري خان محمد جي وڇوڙي
تي به ڳوٺ وارن جون دليون ائين تڙپي اٿيون هيون، هر ماڻهو رنجيده هو. وڏيري خان
محمد جي شخصيت کي نه ڄاڻ ڇو شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ڀيٽا ڏيڻ تي دل چوي ٿي ته:
جئڻان اڳي جي جئا،
جڳ جڳ سي جئن،
اُوءِ موٽي ڪين
مَرنِ، مرڻا اڳي جي مُئا.
No comments:
راءِ ڏيندا