; سنڌي شخصيتون: January 2021

29 January, 2021

قربان بگٽي

قربان بگٽي

سنڌ جو يگانو نقاد، اديب، دانشور ۽ تاريخ دان

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ ۾ ستر جو ڏهاڪو نظرياتي لحاظ کان هڪ پر آشوب دور هو. هونئن ته ورهاڱي کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر موجود هئي. هندستان جي ترقي پسند مصنفين ته هت پير ڄمائي نه سگهي پر ڪراچي کان شروع ٿيل سنڌي سرڪل، جيڪا پوءِ سنڌي ادبي سنگت ۾ سلهاڙجي وئي. سنڌي ادبي سنگت ان معني ۾ ڪا ڪميونسٽ تحريڪ نه هئي پر ادب جي نين صنفن کي اڳتي وٺي هلي ۽ سنڌي قومپرست تحريڪ جي اثر هيٺ اچي وئي.