محمد
عرس شيخ
صوفياڻين
رمزن وارو ڪلاسيڪل ڪلاڪار
ناصر
قاضي
چوندا آهن ته زندگي تجربن جو مرڪب آهي ۽ اها ڳالهه
واقعي به سچ آهي ته انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين زندگيءَ ۾ڪيترائي تجربا پسي ٿو ۽ زندگي
گذارڻ جو ڍنگ سِکي ٿو. تجربا ئي آهن جن جي آڌار تي انسان زندگي ۾ بهتر نتيجن کي رسي
ٿو. جڏهن تـ تحقيق اُها پروڙ آهي، جيڪا ڪنهن مخصوص انداز ۾ ڪنهن مخصوص جاءِ تي ويهي
ڪجي ٿي. پر ڏٺو ۽ سمجھيو اهو ويو آهي ته تحقيق صرف چند ماڻهن جو ئي مشغلو آهي، جيڪي وڏن وڏن ريسرچ سينٽرس توڙي ليبارٽيز
۾ ويهي، مختلف ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، مختلف ڪيميائي مرڪبن جي ردو بدل ڪري يا وري
شمسي نظام ۾ ٿيندڙ تحرڪ کي مسلسل پنهنجين اکين ۾ اوتي ڪا مدلل راءِ قائم ڪري وٺندا
آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪنهن حد تائين درست به آهي ته تحقيق وارو عمل وڏن وڏن ريسرچ سينٽرس
توڙي ليبارٽيز ۾ وڏن وڏن سائنسدانن يا وري پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن جي ئي ڪرت رهي آهي، پر
ڪٿي ڪٿي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ جي ڪنهن غريباڻي جھڳيءَ ۾ لالٽين جي هلڪي روشنيءَ تي
ڪو ويراڳي فقير پيس واري تڏي تي ويهي، پنهنجي جرمن سرن واري پراڻي پيتي (هارمونيم)
تي پنهنجون آڱريون ڌري، مسلسل رياض ۽ محنت سان اهڙي نوعيت جي به تحقيق ڪري وٺندو آهي،
جو نتيجي ۾ سندس گائيڪيءَ واري انداز مان يقيني طور تي ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي خطن جي موسيقيءَ
جي سرهاڻ ايندي رهندي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تـ فن منفرد ڪرت يا کڻي ايئن چئجي
ته ڏات اهو وکر آهي، جيڪو نصيب وارن جي ورثي ۾ ايندو آهي.