انيتا غلام علي
ذڪيه مختيار
هي دنيا فاني آ، هميشه رهڻ واري ناهي. ڪيئي عظيم هستيون آيون ۽ پنهنجا
پنهنجا فرض پورا ڪري پنهنجي وقت پڄاڻي هن دنيا مان رخصت ٿي پاڻ کي هميشه جي لاءِ اَمر
ڪري ويون. پر اسان انهن سڀني هزارين عظيم هستين سان رهيا ناهيون، تنهن ڪري انهن جو
وڇوڙو ايترو تڪليف ڏيندڙ ناهي رهيو. انسان جنهن سان گڏ رهندو آهي، ان جي ئي جدائي نهوڙي
نيندي آ. مان جنهن عظيم ۽ معتبر هستي جي لاءِ لکي رهي آهيان ته ٽائپنگ وقت هٿ ساٿ نه
ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڏڪڻي منهنجي لاءِ دشواري پيدا ڪري رهي آهي ته مان پنهنجي محبوب
هستي جي لاءِ ڪيئن لکان ۽ ڇا لکي ڇا لکان؟؟؟؟
