; سنڌي شخصيتون: June 2017

29 June, 2017

خاڪي جويو

خاڪي جويو
ڪين رهندا ڪڏهن ڪوٽ ڪارا ڪٺن
نسيم بخاري
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ڪائنات ۾ هر شيءِ فاني آهي. هر شيءِ جو هڪڙو وقت مقرر آهي. پوءِ جڏهن پل پورا ٿين ٿا ته اها ڊهي ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري ئي عرصي کانپوءِ انساني حافظي مان به هلي وڃي ٿي. وقت جي وير اڳتي هلي ان جو وجود ئي ڀلائي ڇڏي ٿي.

انسان جو حال به اهڙو ئي آهي پر جيڪي ماڻهو پنهنجي وڇوڙي پڄاڻان ڪي تاريخي ڪارڪردگيون ڇڏي وڃن ٿا سي هر دور لاءِ انساني حافظي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا.

مدد علي سنڌي - عيسيٰ ميمڻ

مدد علي سنڌي
شعور جو روشن ستارو
عيسيٰ ميمڻ
شعور جو رشتو رت جي رشتي کان وڌيڪ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته رت جا رشتا فطرت جي مھربانين سان جنم وٺندا آهن پر شعور جو رشتو انسان وسيع ترين تجربي ۽ وقت جي وڏي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جوڙيندو آهي پر رت جي رشتي ۾ انسان جي شعور جو عمل دخل ناهي هوندو. ”سنڌ ۽ ان کان پوءِ عالم انسانيت“ اسان جي شعور جي رشتي جي سڀ کان وڏي ۽ پائيدار ڪڙي رهي آهي جيڪا اسان کي ڪوهين ڏور رهندي به پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اهو ئي شعور جو رشتو سائين جي ايم سيد کان وٺي ڪارل مارڪس تائين، اسان کي هم آهنگ بڻائي ٿو. ان شعور جي رشتي جي ناتي سنڌ جي وڏي قلمڪار مدد علي سنڌيءَ سان منھنجو رشتو آهي، جنھن جي قلم ۽ علم جي مھڪار اسان جي شعور کي هميشه معطرڪندي رهي آهي.

28 June, 2017

ميان اظهر مولائي - وفا رضا

ميان اظهر مولائي
سنڌ جو جاکوڙي صحافي
وفا رضا
هيءَ دنيا هڪ ميلو آهي، جتي هڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. پاڻ واري شيڪسپيئر ته دنيا کي اسٽيج به سڏيو آهي، جنهن تي هر ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي منظر تان هليو ٿو وڃي. پر ڪي ڪردار اهڙا به هوندا آهن، جيڪي منظر تان هٽي وڃڻ کان پوءِ به لوڪ جي حواسن تي گهڻي وقت تائين طاري رهندا آهن. اُنهن کي جيترو به وسارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، اوترو ئي اُهي ياد پوندا آهن، جيئن مرشد لطيف چيو آهي،
چيتاريان چُڻڪن، وِساريان نه وسري،
ويروتار ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جئن.

27 June, 2017

غوث پيرزادو - تاج جويو

غوث پيرزادو
رمجهول ۽ احتجاج جو استعارو
تاج جويو
غوث پيرزادو، منهنجي جونيئر دوستن مان هڪ گهڻ پڙهيو، پُختو شاعر ۽ نثر نويس آهي. هن نوجوان شاعر جو ڊِڪشن (اسلُوب) ۽ لهجو، سندس دِلي دوست اَياز جانيءَ وانگر پنهنجي مُنفرد انداز ۽ نِرالائپ وارو آهي. غوث پيرزادي جي پنهنجي دوست ۽ همعصر شاعرَ اياز جانيءَ لاءِ اها راءِ آهي ته هُو شاعريءَ تي سندَ هو؛ پر منهنجي راءِ آهي ته اياز جانيءَ جي سَنگُ ۽ ساٿُ ۾ رهي، غوث پيرزادو به پنهنجي همعمر ۽ همعصر نوجوان شاعرن ۾ شاعريءَ تي سندَ آهي. هو شعر جي رُوح ۽ مِزاج کي سمجهي ٿو، شعر جي گهراين ۽ معنوي مفهوم کي پرکي ٿو ته تنقيدي ادراڪ به مٿانهون رکي ٿو، تڏهن ئي ته هو ههڙا پُختا شعر لکي سگهي ٿو:

ڊاڪٽر محمد حسن - ستار پيرزادو

ڊاڪٽر محمد حسن
سندس شخصي ڪهاڻي
ستار پيرزادو
اسان جي خاندان جو اهو فرد جيڪو اڄ ڪلهه ڊاڪٽر محمد حسن ٿو چوائي ۽ ڪراچيءَ ۾ پهرين خانگي جانورن جي اسپتال 1969ع کان اڄ ڏينهن  تائين هلائي رهيو آهي. سندس والد جو نالو شفيع محمد عرف عام ۾ ملان جمن آهي، ان جو هي ٽيون نمبر پٽ ۽ منهنجو ماسڙ آهي. پاڻ 8 جولاءِ 1936ع ۾ ڄائو. (آتم ڪٿا، ڊاڪٽر محمد حسن) پر کيس سال کان سواءِ مهيني جي پڪ ڪانهي. مان سمجھان ٿو ته هو مارچ يا اپريل ۾ ڄائو هوندو جو اسان جو اڳلو ڳوٺ فيدر جيڪو درياهه جي کاٻي پاسي هوندو هو، اهو 1936ع جي وڏي ٻوڏ ۾ لڙهي ويو هو ۽ اسان جي خاندان جا ماڻهو پنهنجو الهه تلهه لوڙهائي، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي لڳ اچي جھڳا اڏي ويٺا ۽ ڳوٺ جو نالو حاجي لعل بخش شيخ رکيائون. جيئن ته ٻوڏ جا اڪثر مهينا جون کان آگسٽ تائين يا ڪڏهن سيپٽمبر تائين ٿيندا آهن، انهن ڏينهن ۾ درياهه به ريل ڇيل وهندو هو. اڃا درياهه تي بيراج به نه جڙيا هئا، تنهنڪري مرضيءَ سان پيو وهندو ۽ پائيندو هو، واهوندڙيون پيو جوڙيندو هو ۽ رخ پيو بدلائيندو هو. سو ڊاڪٽر محمد حسن مارچ يا اپريل ۾ ئي جنم ورتو هوندو. هو ڄائي ڄم کان بيحد ڪمزور ڄائو هو ۽ ڪمزور رهڻ لڳو هو تنهن  ڪري کيس گھر ۾’ پلپلو‘ ڪري سڌيندا هئا. ويتر ٻوڏ جي ڪري ۽ آبهوا تبديل ٿيڻ جي ڪري هن جي صحت تي به ڪافي برو اثر پيو ۽ هو اڪثرڪمزو رهڻ لڳو. جڏهن دوا ستيءَ  ۽ دعا سڳي کان پوءِ تندرست ٿيو ته کيس ’بچو‘ ڪري ڪوٺيو وڃڻ لڳو.

ٻڍل فقير - آصف علي سومرو

ٻڍل فقير
صوفي بزرگ ۽ شاعر
آصف علي سومرو
سنڌ ڌرتيءَ سوين صوفين ۽ سلطاني صفت ماڻھن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو آهي، انهن صوفين مان حضرت ٻڍل فقير به هڪ آهي، حضرت ٻڍل فقير جي رسالي موجب جنهنجي ترتيب فقير نياز سرڪي ڏني آهي، فقير 1865ع ۾ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ لوڊرا کان 10 ڪلو ميٽر ڏور ڳوٺ بخشو انڙ ۾ واسع فقير انڙ جي گهر جنم ورتو،پراڻي بخشو ڳوٺ کي اڄڪلھه درگاھ ٻڍل فقير سڏيو وڃي ٿو.

استاد محمد حنيف لاشاري


استاد محمد حنيف لاشاري
ناصر مقصود گل
ميرپورخاص لاڙ جي پڇاڙيءَ جو اهو خوبصورت خطو آهي، جتي واهوندا پنهنجا پساهه ڇڏيندا آهن. سموري سال ۾ مند ڀلي ڪهڙي به هجي، ميرپورخاص سدائين سائو ستابو پيو نظر ايندو آهي. ٿر، ريگستان، وچولي ۽ لاڙ جي گڏيل رچيل اثرن واري هيءَ مٽي بنهه زرخيز آهي، جتي ساوڪ ۽ سرسبزي يقيني طور تي فردوس جي عڪاسي پئي ڪندي آهي. جتي ميرپورخاص هوائن ۽ فضائن جي ڪري ناماچار آهي، اتي هي سرسبز ۽ شاداب علائقو باغبانيءَ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ ميرپورخاص جي باغبانيءَ جو جڏهن به حوالو ڏجي ٿو ته خاص طور تي هتان جا انب ڪا اڻ وسرندر سوغات بڻجيو وڃن ٿا. هتان جي انبن جي جنس ڀلي ڪهڙي به هجي، پر سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين به سانوڻ جي مند ۾ هتان جي انبن لاءِ دسترخوان ضرور پٿيربا آهن.

مولانا محمد هاشم سومرو - عبدالرئوف سومرو

مولانا محمد هاشم سومرو
سندس موڪلاڻي
عبدالرئوف سومرو /عمرڪوٽ
رڳو عمرڪوٽ جو تواريخي شهر ئي اداس ناهي پر سنڌ جا اهي علائقا ۽ ضلعا جن سان مولانا محمد هاشم سومرو جي مذهبي، علمي ۽ روحاني وابستگي رهي آهي، اهي سڀ هن دکدائڪ خبر ٻڌڻ سبب ڏک ۾ ورتل آهن. صوفي فقير شهر جي ويجهو ڳوٺ مرڪڻ ۾ غلام رسول سومرو جي گهر ۱۹۶۴ع ڌاري جنم وٺندڙ مولوي محمد هاشم سومرو پنهنجي شروعاتي تعليم وارن ڏينهن ۾ ئي ذهانت جي ڪري اول پوزيشن تي رهيو. پرائمري ۽ گڏوگڏ مذهبي تعليم طرف والدين جو وڌيڪ لاڙو هئڻ ڪري مولانا محمد هاشم کي سنڌ جي قديم مدرسي ولهيٽ ۾ ڇڏيو ويو، جتي مولانا عبدالسميع ساند جهڙي درويش صفت انسان جو آخوند طور ملي وڃڻ ئي سڀ کان وڏو اعزاز هو. 

عاجز جمالي - غلام حسين خاصخيلي

عاجز جمالي
هڪ بيباڪ قلم ڌڻي
غلام حسين خاصخيلي
هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن باغين ۽ ٺوڳين ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هُجي، جڏهن آدرش سرِعام نيلام ٿيندا هُجن، جڏهن قلم ڪمائيءَ جو ذريعو هُجي، جڏهن سچ مفاهمت جي چادر ۾ لپيٽي مفادن کي ترجيح ڏني ويندي هُجي، اُتي پنهنجو پانڌ بچائي سچ جي واٽ اختيار ڪري رکڻ، هن دؤر جو وڏي ۾ وڏو اؤکو ۽ اڻانگو ڪم آهي. اهڙي ڪم ۾ جيڪي به سوڀارا ٿيا آهن، اُنهن خلق جي دلين تي سدائين راڄ ڪيو آهي. اهڙي ئي هڪ قلم ڌڻيءَ جو آئون هتي ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن متعلق لکڻ ته مون کي ڪالهه گُهرجي ها، پر زماني جي هڻ وٺ، اهڙي عمل ۾ ڪوتاهي ڪرائي وڌي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي اُن سڄڻ کان معذرت ڪريان ٿو.

رنجيت بٽاڻي - حسيب ناياب منگي

رنجيت بٽاڻي
شڪارپور جي تاريخ ۽ قديمي اسڪول
حسيب ناياب منگي
شڪارپور ۾ وڏا وڏا سيٺيون ۽ ٻيا سيٺ لڻينداسنگهه بجاج، سيٺ منگهن مل سرتومل، پريتم ديو شرما، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، سيٺ اوڌوداس تاراچند، سيٺ نرنداس، سيٺ پرڀيداس، سيٺ هولارام ٺڪر، سيٺ امرسنگهه، مينگهراج منشاراماڻي، سيتلداس تيرٿداس، ديوان ٺاڪرداس، چيلاسنگهه بجاج، ديوان بهادر مرليڌر پنجابي سميت سوين اهڙا مهاپرش هئا جيڪي وديا ديپ روشن ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. انهن ۾ ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي به هڪ هو جيڪو شڪارپور ۾ ۱۸۷۵ع ڌاري ڄائو هو ۽ هندستان ۾ سندس ديهانت ۱۹۷۰ع ڌاري ٿيو. 

استاد رستم علي ٻُـرڙو - ناصر مقصود گل

استاد رستم علي ٻُـرڙو
سازن ۾ ساهه اوتيندڙ ڏاهو ڏات ڌڻي
ناصر مقصود گل
قدامت کان وٺي جدت تائين هن ڌرتيءَ جا ماڻهو، جيڪي پنهنجي جنم ڀوميءَ تي فخر ڪن ٿا ته اهو بجا آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڏيهه جي تهذيب ۽ ثقافت زمانن کان علم توڙي حلم ۾ تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي. ٻولي ڪنهن به قوم جي احساسن جي زبان هوندي آهي، ان ٻوليءَ ۾ نصابي تعليم انسان جي اندر ۾ شعور ۽ جاڳرتا جو روح ڦوڪي ٿي، ته وري ان ٻوليءَ ۽ تهذيب سان وابسته موسيقي وري اندر جي احساسن جو روح هجي ٿي. اسين اهو پڻ چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي، ايتري قدر جو برصغير کان ويندي پوري دنيا ۾ سنڌي موسيقي ۽ سنڌي سازن کي هڪ هاڪاري ۽ سگھاري حيثيت حاصل آهي. هندي سنگيت سان گڏوگڏ هتان جي اصلوڪي سنڌي موسيقي سدائين هتان جي ماڻهن جي جذبن، رزميه توڙي رومانوي احساسن جي ترجمان رهي آهي. هتي موسيقيءَ نه فقط وندر ۽ ورونهه جي سامان طور هڪ اهم جڳهه والاري آهي، پر هڪ علم جي صورت ۾ انساني داخلي جذبن ۾ وسعت آندي آهي ۽ زماني کان روحن جي ڪلپنائن کي پنهنجي هنج ۾آڻي مسرت بخشيندي رهي آهي.

عارف الموليٰ - نور سنڌي

عارف الموليٰ
شاعر ۽ سماج سڌارڪ سيد شاهنواز شاهه
نور سنڌي
درگاهه حضرت حسن بخش شاهه هادي جو ٻيو نمبر سجاده نشين سيد شاهنواز شاهه المعروف عارف الموليٰ سنڌ جو مشهور اديب، شاعر، سماج سڌارڪ، سنڌ جي ادب ۽ فن ثقافت کي وڌائيندڙ ۽ سرپرستي ڪندڙ شخصيت هو. هڪ ئي وقت ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هو، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ 20 آڪٽوبر 1922ع ۾ شهدادپور سانگهڙ روڊ تي لانڍي اسٽاپ ويجهو ڳوٺ سبحان شاهه ۾ مشهور شاعر ۽ روحاني شخصيت درگاهه حضرت حسن بخش شاهه هادي جي سجاده نشين سيد ڏنل شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌي فائنل پاس ڪئي، پاڻ پنهنجي مرشد و هادي حضرت حسن بخش شاهه جي شاعري کان متاثر ٿي شاگردي واري زماني کان شاعري شروع ڪئي. شاعري ۾ پنهنجو تخلص پهرين عاجز پوءِ عارف الموليٰ استعمال ڪيو. سندس حسب نسب پيران پير دستگير سان ملي ٿو، سندس وڏا عراق کان ملتان، اتان ٻين هنڌن تي ۽ پوءِ ڊٺڙو شريف لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي، ان کان اڳ قاضي احمد لڳ پکرين ۾ به رهيا، سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ کي ننڍي هوندي کان راڳ ويراڳ سان چاهه هو. ان دور جا مشهور ڪلاڪار گهرائي درگاهه تي راڳ ڪرائيندو هو. سندس ڪوششن سان حضرت حسن بخش شاهه جو ميلو عروج تي پهتو، ان زماني ۾ هي ميلو حضرت قلندر لال شهباز ۽ لطيف سائين جي ميلي کان پوءِ سنڌ ۾ 3 نمبر تي هوندو هو، جتي 3 راتيون راڳ رهاڻ جون محفلون، ادبي ڪانفرنسون، مشاعره، سگهڙن جون ڪچهريون، تاريخي ملاکڙو، اٺن، گهوڙن، ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيندا هئا. 3 ڏينهن راتيون درگاهه تي لنگر عام هوندو هو. هن ميلي ۾ صوفياڻو راڳ ويراڳ مشهور هو، ملاکڙن ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ڪامينٽري جو رواج پاڻ حضرت حسن بخش شاهه جي ميلي جي ملاکڙي کان شروع ڪيو. پاڻ اديبن، شاعرن، فنڪارن، سگهڙن، ملهن جي به سرپرستي ڪندا هئا. ادبي دنيا ۾ پنهنجو ايڏو وڏو نالو ڪڍرايو جو سنڌ اندر ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسون، مشاعره سندس شرڪت بنا اڌورا سمجهيا ويندا هئا، پاڻ اڪثر اهڙن پروگرامن ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ شريڪ ٿيندو هو. پاڻ بهترين افسانه نگار پڻ هئا، ان وقت جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ سندس افسانه شايع ٿيا، ڪيترائي افسانه اڻ ڇپيل آهن، اهي سڀ افسانه گڏ ڪري حسن بخش شاهه جيلاني اڪيڊمي پاران سندس 35 هين ورسي تي ڇپايا ويا آهن، سندس شاعري ۾ هر رنگ شامل هو. حمد، ثناءَ، منقبت، مرثيه، مزاحيه، صوفيانه، عشقيه صنفون شامل آهن. ان دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي وڏي اهميت هئي ۽ عارف الموليٰ جي اتي ٿيندڙ مشاعرن ۾ سندس شرڪت کي لازمي بنايو ويندو هو. پاڻ بهترين شاعر پڻ هو، ڪافي مشاعرن ۾ اڳواٽ شعر لکڻ بجاءِ عين وقت تي شعر لکندا هو.

محبوب عالم - حيات علي شاهه بخاري

محبوب عالم

عالم جو محبوب
حيات علي شاهه بخاري
مارچ مهيني ۾ هڪ عظيم فنڪار ۽ بهترين دوست وڇڙي ويو، جيڪا ڳالهه ڪالهوڪي ٿي لڳي. مون کي به لاهور مان دوست رياض فون ڪري ٻڌايو ته محبوب عالم جي ورسي آهي. وري هڪ اخبار ۾ محبوب عالم جي جڏهن ورسي بابت پڙهيم ته پتو پيو ته 23هين ورسي آهي، يقين ئي نه آيو. مون کي هڪ ڳالهه سڄي حياتي تڙپائيندي رهندي ته مرڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ محبوب عالم جي ڀائٽي مون کي فون ڪري چيو هو ته چاچا محبوب توکي سڏايو آهي. مان ازلي سستيءَ جو شڪار ٿي محبوب ڏي ڪونه ويس ۽ محبوب جي موت جي خبر آئي.

غلام علي سنديلو - ناصر مقصود گل

غلام علي سنديلو
جانِـي تو نه جُڳائي، رُسَڻ نماڻيءَ سان
ناصر مقصود گل
منهنجي ساڻس صرف هڪڙي ملاقات ئي ٿي هئي، سندس پڄاڻان ان جي يادن کي جيئارڻ لاءِ سندس امر آواز سان گڏ، اها هڪ ملاقات ئي منهنجي دل جي دفتر تي محفوظ آهي. سچ پچ ته ڪي ڪي ماڻهو رسمي يا رواجي رشتو نه هجڻ باوجود به پنهنجا ڀاسجندا آهن ۽ دل جي قريب لڳندا آهن، جيڪي هميشه لاءِ دل جي ڌڙڪن بڻجي ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جو دل جي ويجهو اچڻ لاءِ ساڻس گڏ گھاريل هڪ گھڙي ئي ورهين جي واسطي ٿي حاوي هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ وري سر سنگيت هڪ اهڙو وکر آهي، جنهن جا ڪيمياگر پنهنجي آواز جي حسناڪيءَ ۽ جادوگريءَ سان اجنبي ماڻهن جون دليون به کٽي ويندا آهن. هڪ ڪلاڪار پنهنجي آواز جي ميٺاج سبب پراون کي به پنهنجو ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو آهي ۽ وري اهڙا ماڻهو جڏهن دنيا وارن کي وڇوڙي جو روڳ ڏئي هليا ويندا آهن ته ان ويل ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو پنهنجو ئي جدا ٿي ويو هجي.

اداڪار محمد علي


اداڪار محمد علي
ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار
وزير فرهاد سولنگي
اداڪار محمد علي جو ايشيا کنڊ جي ۲۵ اهم اداڪارن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. پاڪستان فلم انڊسٽري کي اوج تائين پهچائيندڙ هن عظيم اداڪار جو جنم ۱۹ اپريل ۱۹۳۱ع ڌاري رام پور (برٽش انڊيا) ۾ ٿيو. هن جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو. سندس والد صاحب “سيد مرشد علي” پنهنجي وقت جو هڪ مشهور عالم دين هيو. جنهن کي ٻن پٽن ارشاد علي ۽ محمد علي سان گڏ ٻن نياڻين جو اولاد هيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ هي لڏي ملتان ۾ رهائش اختيار ڪيائون. جتان اداڪار محمدعلي ملت هاءِ اسڪول ملتان مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ گورنمنيٽ ايمرسن ڪاليج ملتان مان انٽر پاس ڪيائين. ان کانپوءِ  ۱۹۵۴ع ڌاري هي واپس اچي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا جتي هن سٽي ڪاليج حيدرآباد مان بي اي پاس ڪيائين سندن گهر فردوس سئنيما حيدرآباد جي سامهون عبرت پريس بلڊنگ جي ڀرسان هئو. انهن ڏينهن ۾ هي ڪسٽوڊين سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ انورڊ ڪلارڪ ٿيو. جنهن بعد سندس وڏي ڀاءُ ارشاد علي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪرڻ سبب هن کي به ريڊيو تي اچڻ جو شوق پيدا ٿيو.

خانصاحب خورشيد علي خان - ناصر مقصود گل

خانصاحب خورشيد علي خان
رمزن ساڻ غلام ڪري وئين
ناصر مقصود گل
طبلو به هڪ ظالم جاڙو ساز آهي، جنهن جي پـُڙن تي مکيل شاهيءَ تي آڱرين جي جنبش سان ئي سماعتون هڪ عجيب ڪيف واري سرور سان مقيد ٿي وينديون آهن. هن جاڙي ساز جي وڄت ويلَ ’پڙي‘ يا ’چٺوءَ‘ نالي هڪ حصي تي ساڄي هٿ جي آڱرين جو سلام ۽ ان ئي ساز جي ’ڌامي‘ تي وري کاٻي هٿ جو سجدو، منهنجي نزديڪ ان گروءَ کي سلام ۽ سجدو آهن، جنهن گروءَ پنهنجي گنج مان گر، لئي ۽ تالَ جي غائبانه تعليم سان نوازي ڇڏيو. حقيقت ۾ گر ۽ لئي قدرتي ڏات آهن، ڇو ته سر هڪ اهڙي ڪيميا آهي، جيڪا ڀلي سکيا سان سمجھه ۾ ايندي هجي، پر گر سچ پچ ته گروءَ جي ڏات آهي. عقل واري ڏاتِ ته ان ڏيهن جي ڏاتار جي عطا آهي، جنهن جو ڪو مٽ مثال ئي ناهي، پر دنيا جي ڪاريگر جي ڏهن آڱرين جي محنت ۽ ڪمال کي به ٻنهي هٿن سان سلام، جنهن هن جاڙي ساز، يعني طبلي جي جڙت، گھڙت ۽ مڙهت ڪري، بيجان کي جاندار بڻائي ڏيکاريو.

عبدالرسول عباسي - مٺل جسڪاڻي

عبدالرسول عباسي
احساسن کي رنگن ۾ اظهاريندڙ – سندس پروفائيل انٽرويو
مٺل جسڪاڻي
دنيا ۾ هڪڙيون ٻوليون اهي آهن، جيڪي صرف اهي ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا، جن جو انهن ٻولين سان تعلق آهي، پر ٻه ٻوليون اهڙيون آهن، جيڪي آوازن جي مدد سان ڳالهايون نه وينديون آهن، پر انهن مان هڪ ۾ جسم جون ڪجهه حرڪتون يا اشارا ٻولي جو ڪم ڪن ٿا ۽ ٻيءَ ٻولي کي جيڪڏهن رنگن جي، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي ٻولي چئجي ته بهتر ٿيندو. اشارن واري توڙي رنگن، ليڪن ۽ ٽٻڪن واري ٻولي، توڙي جو هر ڪو بهتر نموني سان نه سمجهي سگهندو آهي، پر هي ٻئي ٻوليون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هڪ وڏي اڪثريت، ڀلي ته ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، پر گهڻو ڪري سمجهي ويندي آهي. رنگن جي، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي ٻولي ۾ فطرت جي اُپٽار لفظن سان نه، رنگن، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي مدد سان ممڪن ٿي سگهندي آهي، ڳالهائي ويندڙ ۽ اشاري واري ٻولي کان گهڻي رنگين ۽ خوبصورت ٿيندي آهي، خاموش ۽ سولي هوندي آهي.

پروفيسر عبدالحق ساريو - ساجد مسڻ

پروفيسر عبدالحق ساريو
هو جيڪو سراپا حق هو
ساجد مسڻ
سنڌ امڙ ڌرتي جي ڪک مان هزارين روشن خيال، ترقي پسند، انسان دوست، سماج سڌارڪ، عوام دوست، رحمدل، سخي، مهمان نواز ۽ غريب نواز انسانن جنم ورتو آهي. جن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ڏينهن رات،جُهڙُ ڦُڙُ،سردي گرمي ۾ انسان ذات جي ڀلائيءِ ۽ بهتريءِ لاءِ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، اهڙن ئي املهه ماڻڪ موتين ۾ (مرحوم) پروفيسر عبدالحق ساريو به هڪ هيو.

لعل بخش جوڻيجو - ماما رمضان ساريو

لعل بخش جوڻيجو
سندس ساروڻيون
ماما رمضان ساريو
لعل بخش جوڻيجو 19 جون 1955ع ۾ هاري مزدور غلام رسول جوڻيجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙا ۾ ڪئي، ويهن سالن جي عمر ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳڀرو رهيو، لعل بخش جوڻيجو وطن دوست ليڊر فيڊريشن ۾ سدائين رهندو آيو، هر ڪنهن دوست جي خواهش هوندي هئي ته جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڪامريڊ کي ڏيو جو محنت ڪندڙ آهي، باڊهه شهر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي غريب هاري مزدورن جي نياڻين لاءِ ڏاج فارم ڀرائي انهن بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪئي.

ڊاڪٽر حميده کهڙو

ڊاڪٽر حميده کهڙو
تاريخ نويس، استاد ۽ سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
سنڌ جي نامور تاريخ نويس استاد ۽ سياستدان حميده کهڙو ايڪاسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي آچر ڏهاڙي پساهه پورا ڪيا. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته مانيءَ کانپوءِ هن جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.

ڊاڪٽر روشن گولاڻي- مشتاق گبول

ڊاڪٽر روشن گولاڻي
سندس ادبي پورهئي تي هڪ نظر
مشتاق گبول
منهنجي هٿن ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز: ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه، ڪٽنب، سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو“ آهي. هن پي ايڇ ڊي ٿيسز جي اِها خوبي آهي ته هن ۾ جنهن شخصيت (ڊاڪٽر جيٺو لالواڻيءَ) تي تحقيقي ۽ تنقيدي نوعيت جو ڪم اهڙي مفصل ۽ جامع انداز ۾ ڪيو ويو آهي جو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي زندگيءَ ۽ ادب جو ڪو به اهڙو پاسو نه آهي، جيڪو رهجي ويو هجي.

شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

ڊاڪٽر علامه عمر بن دائودپوٽو



ڊاڪٽر علامه محمد عمر بن دائودپوٽو سنڌ جو هڪ وڏو عالم، اديب ۽ ڄاڻو رهي چڪو آهي، جنهن جي ڪوشش سان سنڌ جي علم ۽ ادب نهايت ترقي ڪئي. علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو.

25 June, 2017

استاد فيروز گل - فقير محمد سنڌي

استاد فيروز گل
آواز کي جادو ۾ جاڳائڻ وارو موسيقار
فقير محمد سنڌي
هن دنيا ۾ جن خلق خدا جي خدمت ڪئي ۽ پنھنجي سڄي زندگي ۾ عاجزي اختيار ڪري ۽ زماني کان ملندڙ ڏک، سور ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ وارا ئي انسان روح جي غذا ليکبا آهن. اوائلي دور کان وٺي اڄ تائين ڪافي مھان فنڪار پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجي فن جي حسن جمال سان دنيا جا سڀ رنگ حسين کان حسين تر بڻائي ڏيکاريا آهن. اهڙو ئي خوبصورت نانءُ موسيقار استاد فيروز گل جو آهي، جنھن پنھنجي فن کي معاشري ۾ خوبصورت نموني امتزاج سان پھچايو. فيروز گل جي پھرين فلم 1967ع ۾ سنڌي فلم ”رنگ محل“ جي موسيقي ڏنائين ان کانپوءِ فيروز گل مسلسل فن طرف پنھنجا قدم رکندو پئي ويو.

ذوالفقار قادري - لياقت راڄپر

ذوالفقار قادري
قادري خاندان جو روشن چراغ
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي شهر ۾ قادري خاندان صدين کان آباد آهي ۽ هن قبيلي مان نامور شاعر، اديب، صحافي، محقق، دانشور ۽ بيورو ڪريٽس پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جون خدمتون بي شمار آهن، انهن روشن ستارن منجهان هڪ ستارو ذوالفقار قادري آهي، جنهن نه صرف لاڙڪاڻي وارن جو پر سڄي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. منهنجي هن خاندان سان ننڍپڻ کان محبت رهي آهي ۽ جڏهن کان سرڪاري نوڪري ۾ آيس ته ذوالفقار جو ڀاءُ غضنفر اسان وٽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو هو، جنهن جي ڪري هن جي والد سان ۽ ٻين ڀائرن سان جنهن ۾ ذوالفقار به آهي، هٿ ٻڌڻ واري واٽ شروع ٿي وئي. ذوالفقار جو والد الطاف صاحب به رائيٽر آهي، جنهن ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا آهن، جيڪي شاهڪار آهن. ان کان علاوه سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ اياز حسين قادري به ذوالفقار جو مامو آهي. هنن رشتن جا علمي ۽ ادبي جراثيم هن خوبصورت ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿي ويا هئا، جن مان هن فائدو وٺندي هن علم، ادب ۽ ثقافت جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مثال گهٽ ملي ٿو.

مختيار سمون

مختيار سمون

لڪا ڀُڻن لوڪ ۾! ذڪر هڪ اتساهيندڙ شخصيت جو!

لياقت راڄپر



دنيا ۾ گهڻي قدر جيڪي به وڏا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، انهن جو تعلق غريب گهراڻن سان رهيو آهي. وڏي ماڻهوءَ جو مطلب دولت وارو نه پر علم ۽ ادب وارو آهي. پئسي وارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو پيدا ٿيڻ کان مرڻ تائين هر آسائش حاصل ڪندا آهن. غريب کي اهو سڀ ڪجهه نه هوندو آهي، ان لاءِ هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ رکڻو پوندو آهي ۽ پوءِ جدوجهد ۽ محنت کي پنهنجو ٽولTool  ٺاهي نڪري پوندو آهي. زماني جون زيادتيون، بک، ڏک، ناانصافي، ظلم ۽ زيادين کان گذرندو نيٺ هڪ ڏينهن هو علم ۽ محنت ذريعي اهو ٽارگيٽ پورو ڪري وٺي ٿو.

مخدوم نوح سرور

مخدوم نوح سرور
ولادت مبار ڪ جي موقعي تي
نور سنڌي
عظيم بزرگ هستي صاحب ڪرامت و فتوح، نامور شاعر حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح حضرت ابوبڪر صديق رضه جي اولاد مان آهن، پاڻ ۲۷ ماهه رمضان مبارڪ هجري سنه ۹۱۰ آخري جمعي جي ڀلاري رات پيدا ٿيا. مخدوم نوح رح جو پڙڏاڏو حضرت شيخ فخر الدين ڪبير وڏو عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشهور شهر ديره غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪوٽ ڪروڙ هن وقت وڏو شهر بنجي ويو آهي، هن شهر ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، جتان بعد ۾ نڪري سفر ڪندي سنڌ جي بوبڪ شهر ۾ اچي رهيو. سندن آخري آرامگاهه به اتي ئي آهي. ڪافي عرصي بعد سندن  پوٽو مخدوم فخر الدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالڪنڊي هالا ۾ اچي رهيو. هالا ۾ ڪيترن ئي ڪرامتن جهڙا ڪم ڪيائين.

16 June, 2017

حسن درس - ۱

آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
بخش مهراڻوي

ڪارن گلابن مثل ٽڙي پوندڙ هي ڪٿا ڪٿان شروع ڪريان! زندگيءَ جون لڳاتار ٻٽيهه بهارون ۽ خزائون مون مڇيءَ ۽ پاڻي جهڙي رشتي سمان ساڻس گڏ گذاريون. منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو سندس غزل جي انهن سٽن پڙهڻ کانپوءِ ٿيو، ياد نه اٿم ته ڪٿي ۽ ڪڏهن.. پر درد جي هڪجهڙائي مونکي ڇڪي وڃي هن جي ويجهو ڪيو.
خواب شهرت نه ماڻي سگهيا،
تو کي مون وٽ نه آڻي سگهيا،
ڇو رُنس مان رڙيس چوڪ تي،
شهر وارا نه ڄاڻي سگهيا.
۽ پوءِ اڻ ڳڻيون راتيون ۽ ڏينهن ڪئين رولاڪيون، سفر، جهيڙا، محبتون، رساما ۽ پرچاءَ، هڪ اهڙو تعلق، هڪ اهڙو پيار، جو.. ”پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين، هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“ منهنجيون اکيون گواهه آهن ته سنڌ ۾ ڪنهن شاعر کي دوستن ايترو بيپناهه پيار ۽ لاڏ ڪوڏ،  ڏنو  ته اهو صرف حسن هو، حسن جا انگل آرا، حسن جون حجتون، حسن جي هوڏي طبيعت جون ارڏايون، حسن لاءِ محبتون ۽ مهمانيون، جنهن فراخدليءَ سان هنڌين ماڳين قبوليون وينديون هيون، جو لڳندو هو ته هو مڙني سڄڻن جي دلين جي سلطنت جو بي تاج بادشاهه هجي. هن جي حياتي جي ڪتاب ۾ هار کائڻ يا آڻ مڃڻ جهڙا لفظ ته شجِر ممنوع هئا.