; سنڌي شخصيتون: خانصاحب، خورشيد علي خان، رمزن ساڻ غلام ڪري وئين، ناصر مقصود گل،
Showing posts with label خانصاحب، خورشيد علي خان، رمزن ساڻ غلام ڪري وئين، ناصر مقصود گل،. Show all posts
Showing posts with label خانصاحب، خورشيد علي خان، رمزن ساڻ غلام ڪري وئين، ناصر مقصود گل،. Show all posts

27 June, 2017

خانصاحب خورشيد علي خان - ناصر مقصود گل

خانصاحب خورشيد علي خان
رمزن ساڻ غلام ڪري وئين
ناصر مقصود گل
طبلو به هڪ ظالم جاڙو ساز آهي، جنهن جي پـُڙن تي مکيل شاهيءَ تي آڱرين جي جنبش سان ئي سماعتون هڪ عجيب ڪيف واري سرور سان مقيد ٿي وينديون آهن. هن جاڙي ساز جي وڄت ويلَ ’پڙي‘ يا ’چٺوءَ‘ نالي هڪ حصي تي ساڄي هٿ جي آڱرين جو سلام ۽ ان ئي ساز جي ’ڌامي‘ تي وري کاٻي هٿ جو سجدو، منهنجي نزديڪ ان گروءَ کي سلام ۽ سجدو آهن، جنهن گروءَ پنهنجي گنج مان گر، لئي ۽ تالَ جي غائبانه تعليم سان نوازي ڇڏيو. حقيقت ۾ گر ۽ لئي قدرتي ڏات آهن، ڇو ته سر هڪ اهڙي ڪيميا آهي، جيڪا ڀلي سکيا سان سمجھه ۾ ايندي هجي، پر گر سچ پچ ته گروءَ جي ڏات آهي. عقل واري ڏاتِ ته ان ڏيهن جي ڏاتار جي عطا آهي، جنهن جو ڪو مٽ مثال ئي ناهي، پر دنيا جي ڪاريگر جي ڏهن آڱرين جي محنت ۽ ڪمال کي به ٻنهي هٿن سان سلام، جنهن هن جاڙي ساز، يعني طبلي جي جڙت، گھڙت ۽ مڙهت ڪري، بيجان کي جاندار بڻائي ڏيکاريو.