خانصاحب خورشيد علي خان
رمزن ساڻ غلام ڪري وئين
ناصر مقصود گل
طبلو
به هڪ ظالم جاڙو ساز آهي، جنهن جي پـُڙن تي مکيل شاهيءَ تي آڱرين جي جنبش سان ئي
سماعتون هڪ عجيب ڪيف واري سرور سان مقيد ٿي وينديون آهن. هن جاڙي ساز جي وڄت ويلَ
’پڙي‘ يا ’چٺوءَ‘ نالي هڪ حصي تي ساڄي هٿ جي آڱرين جو سلام ۽ ان ئي ساز جي ’ڌامي‘
تي وري کاٻي هٿ جو سجدو، منهنجي نزديڪ ان گروءَ کي سلام ۽ سجدو آهن، جنهن گروءَ
پنهنجي گنج مان گر، لئي ۽ تالَ جي غائبانه تعليم سان نوازي ڇڏيو. حقيقت ۾ گر ۽ لئي
قدرتي ڏات آهن، ڇو ته سر هڪ اهڙي ڪيميا آهي، جيڪا ڀلي سکيا سان سمجھه ۾ ايندي هجي،
پر گر سچ پچ ته گروءَ جي ڏات آهي. عقل واري ڏاتِ ته ان ڏيهن جي ڏاتار جي عطا آهي،
جنهن جو ڪو مٽ مثال ئي ناهي، پر دنيا جي ڪاريگر جي ڏهن آڱرين جي محنت ۽ ڪمال کي به
ٻنهي هٿن سان سلام، جنهن هن جاڙي ساز، يعني طبلي جي جڙت، گھڙت ۽ مڙهت ڪري، بيجان
کي جاندار بڻائي ڏيکاريو.
اڇا!
هتي هڪ ڳالهه واضح ڪجي ٿي ته ’طبلا نواز‘ ۽ ’طبلا ساز‘ ٻه الڳ الڳ صفتون آهن، جنهن
مان وري ’طبلا نوازي‘ ۽ ’طبلا سازي‘ ٻن الڳ الڳ اسمن جنم ورتو. هنن ٻنهي شين جي معنى ۽ مفهوم ڀلي ملندڙ جلندڙ ڇونه
هجن، پر ٻنهي لفظن جي ڪم ۽ ڪرت ۾ ٿورڙو فرق ضرور آهي، سو اهو ته ’طبلا نواز‘ طبلي
جي وڄتڪار يا وڄائيندڙ کي پڪاريو ويندو آهي، جڏهن ته ’طبلا ساز‘ وري طبلي جي ٺاهڻ
واري ڪاريگر کي چئجي ٿو. خير! اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هي ساز ڄائو نپيو به
ننڍي کنڊ ۾، جنهنڪري ماضي بعيد کان وٺي اڄ تائين هتان وارا طبلي جا ڪاريگر سموري دنيا
۾ مڃيا ويا آهن. تاريخ جي ورقن کي کولي ڏسجي ته هن ساز جي بناوت ۽ تياري به هڪ فرد
واحد جو ڪم ناهي رهيو، بلڪه گھراڻن جي گھراڻن هن پورهئي سان پاڻ پتوڙي، چمڙي کي
چار چنڊ لڳائي ڏيکاريا.
ورهاڱي
کان ڪافي سال اول، پنجاب جي شهر ’گجرانوالا‘ لڳ هڪ ڳوٺڙي ۾ ساڳئي ئي هنر يعني طبلي
سازيءَ واري ڪرت سان واڳيل شخصيت استاد ڪرم الاهي به هو، جيڪو تڏهن ’استاد ڪرم
الدين‘ جي نالي سان وڌيڪ مشهور هوندو هو، نه صرف هو پاڻ، پر سندس خاندان جا ڪيترائي
فرد به هن ئي هنر جا ماهر ڪاريگر ليکيا ويندا هئا. هن فن سان وابسته هجڻ ڪري استاد
ڪرم الدين جا انڊو پاڪ جي ناميارن ڪلاسيڪل گوئين ۽ ڪلاڪارن سان واسطا ۽ دوستاڻا
تعلقات به لازمي هئا.
استاد ڪرم
الدين جتي پنهنجي خاندان جي ٻين فردن کي هن هنر سان سرشار ڪيو، اتي پنهنجي نينگر
’خوشي خان‘ ڏانهن به ههڙو هنر منتقل ڪيائين. ان ئي خوشي خان جو ننڍپڻ ته پيءُ سان
گوڏو گوڏي ۾ ملائي، اُکريون تراشن، چمڙو پـُسائڻ، طبلن جا پڙا سنوارڻ، شاهي چاڙهڻ
۽ تسما ٽانڪڻ ۾ گذريو، پر ان وقت ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ئي ننڍڙو خوشي خان، وڏڙو ٿي
سونهاري سنڌ وسائيندو ۽ سندس نالو ’خانصاحب استاد خورشيد علي خان‘ بڻجي هند توڙي
سنڌ جي ناميارين گوئين ۾ شمار ٿيندو. اهو ئي استاد خورشيد علي خان، جنهن ڪڏهن
سسئيءَ کي ڏيرن پاران مليل ڏهاڳ کي، لاکيڻي لطيف جي پيغام جي زبان سان پنهنجي آواز
جو روپ ڏيئي اهو آلاپ اچاريو ته: ”وينديس ڪيچ ڪهي، سيڻن ساڻ سهي، آءٌ جيئندس ڪانه
جتن ريءَ ... !!“ اچو ته سندس شخصيت،
زندگيءَ ۽ ڪلا جي ڪٿا تي هڪ نظر ڌريون.
خانصاحب
خورشيد علي خان پنجاب جي ضلعي ’گجرانوالا‘ تعلقي ’وزيرآباد‘ جي هڪ ڳوٺ ’ڌونڪل‘ ۾ مٿي
بيان ڪيل ماهر طبلا ساز استاد ڪرم الاهي قريشيءَ جي اڱڻ تي 1930ع ڌاري تولد ٿيو. مٿس
ڇٺيءَ جو نالو ’خوشي خان‘ رکيو ويو. جيئن ته مٿي اهو ذڪر نڪري چڪو آهي ته خانداني ڪرت
موجب استاد خورشيد علي خان کي به طبلي ٺاهڻ واري هنر طرف رغبت ڏياري وئي، جنهن جي
نتيجي ۾ پاڻ ڪم عمريءَ ۾ پهريان ’طبلا ساز‘ ۽ بعد ۾ ’طبلا نواز‘ پڻ ٿيو، جنهنڪري
پاڻ بر صغير جي ڪيترن ئي ڪلاڪارن سان طبلي تي سنگت ڪرڻ جو کيس موقعو مليو.
استاد
خورشيد علي خان جي خاندان ۾ طبلا ساز يا طبلا نواز ته کوڙ فرد هئا، پر کانئس اڳ
گائيڪيءَ واري ڪرت سان ڪوئي به سلهاڙيل ڪين هو، ها البته سندس چاچو فيروز خان ان
وقت ۾ قوالن جي هڪ جوڙ سان جزوي طور تي همنوائي ڪندو هو، جنهن جي دلي خواهش هئي ته
سندس ڀائيٽيو خوشي خان ڪلاسيڪل راڳ سان همڪنار ٿئي، اهو سندس چاچو فيروز خان ئي
هو، جنهن مٿس نالو ’خوشي خان‘ مان ڦيرائي ’خورشيد علي خان‘ رکيو. راڳ جي حاصلات
واسطي عملي قدم کڻندي فيروز خان پنهنجي ڀائيٽي کي گجرانوالا کان وقتي هجرت ڪرائي،
امرتسر هندستان وٺي ويو، جتي پنهنجي وقت جي گني گوئيي استاد ڀائي لال جي استاديءَ
۾ آندو.
هينئر
استاد خورشيد علي خان ڪمسنيءَ ۾ ئي پنهنجي جنم ڀوميءَ کان ڏور رهندي، ڪلاسيڪل راڳ
کي ئي پنهنجي مستقبل جو مقصد ڀانئيو ۽ پنهنجي استاد ڀائي لال جي سرپرستيءَ ۾ رات ڏينهن
هڪ ڪري راڳ جي ديوتا کي راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويو. سندس محنت ۽ جوش کي ڏسي، سندس استاد
به کانئس خوش رهندو هو ۽ ڏينهن پڄاڻان اهو وقت به آيو، جو مسلسل محنت جي نتيجي ۾
خورشيد علي خان هڪ گائيڪ جي روپ ۾ نکري نروار ٿيو. استاد ڀائي لال جو هڪ فرزند شگن
لال ان وقت آل انڊيا ريڊيو جو هڪ عملدار هو، جنهن جڏهن خورشيد علي خان جو راڳ ٻڌو
۽ سندس شخصيت ۾ راڳ سان لڳاءَ واريون هاڪاريون خصلتون محسوس ڪيون ته قدر ڪندي،
خورشيد علي خان کي پنهنجي واقفيت جي بنيادن تي، ريڊيو راولپنڊيءَ طرف موڪليو، جتي
هو آڊيشن ڏيئي پاس ٿيو ۽ پهريون ڀيرو استاد خورشيد علي خان جو آواز ريڊيو تي
متعارف ٿيو. هي ورهاڱي کان ڪافي پوءِ 52 - 1951ع ڌاري جو دؤر هو.
اڳتي
هلي استاد خورشيد علي خان پنهنجي پهرين استاد ڀائي لال کان امر ۽ اجازت وٺي،
امرتسر مان اٿي، لاهور لڏي آيو. سندس لاهور اچڻ جو اهم مقصد ’شام چوراسي‘ گھراڻي
جي برک ڪلاسيڪل راڳي خانصاحب استاد سلامت علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس استاديءَ
لاءِ عرض ڪرڻ هو. جيتوڻيڪ استاد خورشيد علي خان ۽ استاد سلامت علي خان ٻئي عمر ۾
تقريباً هڪ جيڏا ئي هئا، پر تنهن هوندي به استاد خورشيد علي خان، استاد سلامت علي
خان ۽ سندس ڀاءُ استاد نزاڪت علي خان کي دل سان پنهنجو رهبر ۽ استاد تسليم ڪيو ۽
سندن نگرانيءَ ۾ تمام گھڻي محنت ڪئي. اهڙي طرح استاد خورشيد علي خان سندس
سرپرستيءَ رهي شام چوراسي گھراڻي جي گائيڪيءَ جي انگ ۽ رنگ سان سرشاري ٿيندي، ان
لائق ٿي ويو، جو پاڻ اڪيلي سر تانپوري ۽ سرمنڊل تي ڪلاسيڪل راڳ جون بندشون آلاپي،
سرن جو جادو جاڳائيندو رهيو. هتي هڪ اهم ڳالهه اها به واضح ڪجي ٿي ۽ مون کي
موسيقيءَ جي ڪيترن ئي پارکن وٽان ان ڳالهه جي پڻ شاهدي ملي آهي ته خانصاحب استاد
خورشيد علي خان ۽ خانصاحب استاد سلامت علي خان جن جو خانداني حوالي سان به ڪا لڇ، ڪو لاڳاپو به ضرور هو.
وقت
پنهنجي مقرر رفتار سان هلندو رهيو ۽ نيٺ اهو وقت به آيو، جو سنڌ جي مٽيءَ جي ڪشش،
لڳ ڀڳ 1960ع ڌاري خانصاحب استاد خورشيد
علي خان کي به سنڌ طرف ڇڪي آئي ۽ موصوفَ هتان جي تاريخي شهر ۽ پيرن فقيرن جي ڌرتيءَ
روهڙيءَ کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻايو. روهڙيءَ ۾ سندس سڪونت اختيار ڪرڻ جا ٻه وڏا
سبب هئا، هڪ ته سندس فن جو وڏو قدردان، راڳ جو سڄاڻ پارکو ۽ روهڙي شهر جو وڏو
زميندار ميان عبدالقوي قريشي کيس مستقل طور سنڌ اچڻ لاءِ اسرار ڪندو رهندو هو،
جنهن ڪري سنڌ اچڻ بعد شروعاتي ڪجھه عرصو ميان عبدالقويءَ ئي سندس دل سان مهماني ڪئي،
جڏهن ته روهڙيءَ ۾ رهڻ جو ٻيو وڏو سبب اهو هيو، جو ماضيءَ ۾ روهڙي ڪلاسيڪل راڳ جو گهوارو رهيو
آهي. سنڌ توڙي پنجاب جا تمام ناميارا ڪلاسيڪل ڪلاڪار، جهڙوڪ: استاد امير علي خان،
استاد عاشق علي خان، استاد سلامت علي خان، استاد امانت علي خان توڙي ٻيا ڪيترائي
عظيم گائيڪ هتي اچي راڳ جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ کان علاوه ڪيتروئي وقت سڪونت پذير پڻ ٿيا.
استاد خورشيد علي خان به سنڌ ۾ رهي روهڙيءَ سميت حيدرآباد، ڀٽ شاهه، سيوهڻ شريف، شڪارپور،
پنجوديري ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ سجندڙ ڪلاسيڪل راڳ جي محفلن ۾ حصو وٺي واهه جو وارو
وڄايو. استاد خورشيد علي خان ريڊيو حيدرآباد تي به پنهنجون فني خدمتون سرانجام ڏنيون،
جتي سندس آواز ۾ ڪيتريون ئي ڪافيون ريڪارڊ ٿي، نشر ٿينديون رهيون. ريڊيو حيدرآباد
تي خانصاحب استاد منظور علي خان، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن توڙي استاد
سينگار علي سليم جهڙن باڪمال ڪلاڪارن جي موجودگيءَ، صحبت ۽ سنگت ۾ رهي استاد
خورشيد علي خان به پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي. وٽس پنجابي ۽ سرائيڪي ڪافيون
ڳائڻ جو هنر اڳ ۾ ئي موجود هو، پاڻ سراِئيڪي ڪافي ڳائڻ ۾ شام چوراسي گھراڻي وارو
انگ شامل ڪندو هو، پر سنڌ ۾ رهڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ڪافيون ۽ ڪلام ڳائڻ طرف به
کيس ڌيان ڌرڻو پيو، موٽ ۾ استاد خورشيد علي خان پنهنجي ڪمال ڪاريگريءَ ۽ محنت سان
ان چئلينج سان به ڀرپور نموني سان نباهه ڪيو. ريڊيو تي ڳايل سندس سنڌي ڪلامن ۾:
’ويندس ڪيچ ڪهي، سيڻن ساڻ سهي‘ (شاهه سائين)، ’رمزن ساڻ غلام ڪري وئين يار اسان
کي‘ (شاهه نصير). ‘مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن‘، (شاهه سائين)، ’جي سامهون
اچين ٿو ته تابش ٿي ماري‘ (احمد خان ’مدهوش‘) توڙي ٻيا ڪافيون ۽ ڪلام ريڪارڊ ٿي،
نشر ٿيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
ڪلاسيڪل
انگ ۽ ڪلاسيڪل راڳ تي آڌاريل اوکين بندشن جي گائيڪي استاد خورشيد علي خان جي اولين
سڃاڻپ هئي، پر بد قسمتيءَ سان سندس زندگيءَ ۾ رونما ٿيل هڪ ناڪاري واقعي کيس مايوس
۽ ملول ڪرڻ سان گڏ کانئس نج ڪلاسيڪل راڳَ ۽ بندشن جي گائيڪيءَ تان به هٿ کڻائي،
کيس ڪافي ۽ ڪلام جي گائيڪيءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو. ٿيو هيئن جو اٽڪل 1977ع ڌاري
اتر سنڌ ۾ شهدادڪوٽ لڳ سيد حاڪم علي شاهه پٽ واري جي سالياني عرس جي موقعي تي
پنجاب جو ناليوارو ڪافي گو گلوڪار حسين بخش ڍانڍي به آيل هو، جتي خانصاحب استاد
خورشيد علي خان به پهتو. ان ميلي ۾ موجود پانڌيئڙن توڙي گادي نشينن پاران هنن ٻنهي
راڳين کي گڏ ڳارايو ويو ۽ ڪلاسيڪل
موسيقيءَ جو هڪ مقابلو ڪرايو ويو. جيئن ته هي ٻئي ناليوارا ۽ وڏا گوئيا هئا، جنهن
سبب ٻنهي جي ادائيگي باڪمال رهي. نيٺ استاد خورشيد علي خان اهڙي جوش ۽ جگر سان
تانون هنيون، جو هلندڙ محفل ۾ کيس رت جون الٽيون اچي ويون. نتيجي ۾ ڊاڪٽرن کيس ان
انداز ۾ ڳائڻ کان هميشه لاءِ منع ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ استاد خورشيد علي خان سرمنڊل
جي سنگت کي ڇڏي، هارمونيم کي پنهنجو هٿيار بڻائي، ڪافي ۽ ڪلام جي گائيڪيءَ تائين
محدود ٿي ويو.
استاد
خورشيد علي خان سنڌ ۾ رهندي هڪ ڀيري محرابپور ۾ ڪنهن محفل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو،
جتي سندس ملاقات سنڌ جي هڪ امر صوفي راڳيءَ سهراب فقير سان ٿي. تڏهن سهراب فقير
طبلي جو وڄتڪار هوندو هو ۽ ’سهراب خان‘ جي نالي سان ڄاتو سڄاتو ويندو هو. هن ملاقات کانپوءِ لڳاتار ستن اٺن سالن تائين
استاد خورشيد علي خان سان سهراب فقير طبلي تي سنگت ڪندو رهيو.
استاد
خورشيد علي خان 1974ع ۾ ’الشهباز آرٽس ڪائونسل، روهڙي‘ نالي راڳ سيکارڻ جي هڪ اڪيڊميءَ
جو بنياد پڻ رکيو، جتي ڪيترن ئي ڳاڻ ڳڻين ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. سندس لائق شاگردن
۾ غلام علي ڀٽ، مور فقير، سيد غلام رضا شاهه، مريد علي ميتلو، غلام علي سنديلو،
بشير خان (سندس ڀاڻيجو)، غلام سرور ڀٽ، محڪم الدين منگي (رتيديري وارو) وغيره جا
نالا قابلِ ذڪر آهن.
ذاتي
زندگيءَ ۾ استاد خورشيد علي خان ڏاڍو سٻاجھو ۽ مٺڙو ماڻهو هو، سندس شخصيت ۾ عام
رواجي ڳائڻن واري وڏائي، مغروري توڙي وڏ ماڻهپي وارو عنصر بنهه ڪانه هو. استاد
پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو. سنڌ
۾ رهڻ باوجود به سندس اهل و عيال ۽ گھر ڀاتي لاهور ۾ رهندا هئا، جن وٽ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن
ڀيرو ڪرڻ سميت محرم مهيني جو چنڊ ڏسڻ کان وٺي 20 صفر يعني مولا حسين پاڪ جي چهلم
تائين وڃي رهندو هو. استاد خورشيد علي خان لاهوت جو سياهه پڻ هو، جنهن سفر تي اندر
واري عشق ۽ عقيدت سان وڃي پهچندو هو.
پنجاب
کان آيل پانڌيءَ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي هن ازلي عاشق کي آخرڪار سنڌ جي مٽي ئي نصيب ٿي،
پاڻ پنهنجي وهيءَ جون پنجونجاهه بهارون ماڻي، پهرين آگسٽ 1985ع تي روهڙي شهر ۾ ڌڻيءَ
کي وڃي پرتو، ٻي ڏينهن يعني 02 آگسٽ 1985ع تي روهڙيءَ ۾ سندس تدفين تي سنڌ جو
سمورو ادبي توڙي ثقافتي حلقو ته سندس ڪلهي ڪانڌي بڻيو، پر بدقسمتيءَ ۾ چئن پٽن مان
سندس هڪڙي پٽ کي به هن هاڪاري ڪلا ڌڻيءَ جو آخري ديدار نصيب ڪين ٿيو.
No comments:
راءِ ڏيندا