رنجيت بٽاڻي
شڪارپور جي تاريخ ۽ قديمي اسڪول
حسيب ناياب منگي
شڪارپور
۾ وڏا وڏا سيٺيون ۽ ٻيا سيٺ لڻينداسنگهه بجاج، سيٺ منگهن مل سرتومل، پريتم ديو
شرما، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، سيٺ اوڌوداس تاراچند، سيٺ نرنداس، سيٺ پرڀيداس،
سيٺ هولارام ٺڪر، سيٺ امرسنگهه، مينگهراج منشاراماڻي، سيتلداس تيرٿداس، ديوان
ٺاڪرداس، چيلاسنگهه بجاج، ديوان بهادر مرليڌر پنجابي سميت سوين اهڙا مهاپرش هئا
جيڪي وديا ديپ روشن ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. انهن ۾
ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي به هڪ هو جيڪو شڪارپور ۾ ۱۸۷۵ع ڌاري ڄائو هو ۽ هندستان ۾ سندس ديهانت ۱۹۷۰ع ڌاري ٿيو.
پاڻ شڪارپور ۾ ۱ آگسٽ ۱۹۰۰ع تي هڪ اسڪول قائم ڪيائين (جيڪو جماڻي هال روڊ تي موجود مسافر خاني واري
جاءِ تي هو)، هن اسڪول لاءِ مشهور آهي ته جڏهن شروع ٿيو ته ”ديوان واڌومل ويڙهومل
گوڪلاڻي صرف پنهنجي گهران هڪ ميز کڻي آيو هو، کيس اسڪول لاءِ ٽي ڪرسيون مسٽر
پوڪرداس ٿانورداس ڏنيون هيون جيڪو پبلشر ۽ بڪ سيلر هو، پيسومل وڪيل ۽ ويرومل
بيگراج سندس مالي مدد ڪئي هئي. جڏهن ته شڪارپور ميونسپل کيس اسڪول واري جاءِ کي رنگ
روپ ڪرائي، پنج روپيه ڪرايو رکي سندس حوالي ڪئي هئي“. اهڙي حالت ۾ اسڪول هليو ۽
نالو ڪڍيائين. شاگرد پيدا ڪيائين. ايتري ۾ واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي هن اسڪول جي لاءِ
محنت ڪندي ڪندي، شڪارپور ميونسپل کان ۱۵۰۰ روپين
۾ مسافر خاني واري جاءِ خريد ڪري ڇڏي. هن اسڪول جي لاءِ هاڻي اهو مسئلو پيدا ٿيو
ته ”شاگرد وڌيڪ، جاءِ ٿورڙي“ سو سرڪار سڳوريءَ سان ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي
رابطي ۾ آيو ۽ جيل جي باغ مان ڇهه ايڪڙ زمين سان ۷۵ هزار روپيه پڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، مليل رقم ايتري نه هئي جو بلڊنگ
تيار ٿي، سو شڪارپور جي عوام ان سلسلي ۾ ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي جا ٻانهن
ٻيلي ٿي بيٺا ۽ چندو گڏ ڪيو ويو، ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي به مسافر خاني واري
جاءِ ۷۵ هزارن ۾ وڪرو ڪري ۱۹۳۹ع ۾ موجوده شاندار بلڊنگ تيار ڪرائي. هي اسڪول هوپفل اڪيڊمي يا شڪارپور
اڪيڊمي جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. هي اسڪول پنهنجي شاندار ڪاميابي سان قدم وڌائيندي
نالو ڪڍي رهيو هو ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي پنهنجي ڪوششن ۾ رڌل هو ته اسڪول
اڃان وڌيڪ ترقي ڪري مگر ورهاڱي ديوان واڌومل ويڙهومل گوڪلاڻي جي خواب کي پورو ٿيڻ
نه ڏنو . گوڪلاڻي صاحب ته هندستان هلي ويو مگر خوبصورت بلڊنگ هاءِ اسڪول جو حصو ٿي
ويئي، ”قبن وارو اسڪول“ هاڻي هاءِ اسڪول شڪارپور جو حصو بڻجي چڪو هو، اهڙو سلسلو ۱۹۷۳ع تائين هليو. ۱۹۷۳ع ۾
جڏهن هن اسڪول کي الڳ حيثيت ملي ته ”هاءِ اسڪول نمبر ٽو“ مٿس نالو پيو. افسوس جي
ڳالهه آهي ته هن شاندار ۽ تاريخي عمارت جي سار سنڀال اوتري ڪونه لڌي پئي وڃي جيترو
حق رکي پئي، ويجهڙائي ۾ ته عمارت جي ڪجهه حصي کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪرايو ويو هو پر
ان شاندار عمارت جي بچاءُ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. هي اسڪول ئي صرف تاريخي
ناهي، هن جي عمارت به هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي، جڏهن شڪارپور ۾ سيٺ چيلاسنگهه ۽ سيٺ
سيتلداس شڪارپور جي باشعور عوام سان گڏ ڪاليج جي وجود کي عملي جامو پهرائي رهيا
هئا ته اول هيءَ بلڊنگ ئي الحاق ڪرڻ لاءِ بمبئي يونيورسٽيءِ جي شڪارپور آيل ٽيم کي
ڏيکاري وئي هئي. اهڙي ناانصافي تي ڇا لکجي؟ فقط ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته شڪارپور
کي لٽڻ ۾ به شڪارپورين جو ڪجهه نه ڪجهه حصو رهيو آهي. هن وقت ڌڻي در دعا آهي ته هي
شڪارپور جي اهم درسگاه هر دور ۾ شاگرد پيدا ڪري ۽ استاد به پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۾
پوئتي نه رهن ۽ وس وارا شال اکيون کولي ورثي کي بچائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن.
اڄوڪي
(۱۳ نومبر ۲۰۱۶ع) سوڀ سنڊي مئگزين ۾ شڪارپور جي قديمي درسگاهه ''هاءِ اسڪول نمبر ۲'' تي ڇپيل منهنجو مضمون
No comments:
راءِ ڏيندا