; سنڌي شخصيتون: عاجز جمالي - غلام حسين خاصخيلي

27 June, 2017

عاجز جمالي - غلام حسين خاصخيلي

عاجز جمالي
هڪ بيباڪ قلم ڌڻي
غلام حسين خاصخيلي
هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن باغين ۽ ٺوڳين ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هُجي، جڏهن آدرش سرِعام نيلام ٿيندا هُجن، جڏهن قلم ڪمائيءَ جو ذريعو هُجي، جڏهن سچ مفاهمت جي چادر ۾ لپيٽي مفادن کي ترجيح ڏني ويندي هُجي، اُتي پنهنجو پانڌ بچائي سچ جي واٽ اختيار ڪري رکڻ، هن دؤر جو وڏي ۾ وڏو اؤکو ۽ اڻانگو ڪم آهي. اهڙي ڪم ۾ جيڪي به سوڀارا ٿيا آهن، اُنهن خلق جي دلين تي سدائين راڄ ڪيو آهي. اهڙي ئي هڪ قلم ڌڻيءَ جو آئون هتي ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن متعلق لکڻ ته مون کي ڪالهه گُهرجي ها، پر زماني جي هڻ وٺ، اهڙي عمل ۾ ڪوتاهي ڪرائي وڌي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي اُن سڄڻ کان معذرت ڪريان ٿو.


سنڌ هر دؤر ۾ پنهنجي ڪُک مان اهڙا قلم ڌڻي جنميا آهن، جيڪي فقط عوام جي پاسي هوندا آهن، اُهي ڪهڙي به محاذ تي هُجن، ڪهڙي به ماڳ تي هُجن، اُنهن کي سدائين عوام طرف ڏٺو ويندو آهي ۽ اُنهن مان اسان جو هڪ سڄڻ عاجز جمالي به آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن ماڻهوءَ جوهيءَ جي علائقي ۾ جنم ورتو. هُن پنهنجي لکڻ جي شروعات ادب جي ميدان کان ڪئي. ادب جي ميدان ۾ شاعري ۽ ڪالم لکندي سنڌ جي ماڻهن جي آواز کي پنهنجو آواز بڻائي سندن درد، ڏک ۽ خوشين جو ذڪر پنهنجي قلم ذريعي ڪيو. هُن هڪ ئي وقت ڏات به ساڻ کنئي ته سچ مان به هٿ نه ڪڍيا. سندس ڪڙين ڳالهين تي ڪيترائي ڀيرا کانئس وقت جا حڪمران ناراض ٿيا، اُنهن کيس ميارون به ڏنيون، پر هُن ميارون سهندي به پنهنجي ماروئڙن جي اهنجن جو ڪنهن سان سودو نه ڪيو. حالانڪه سندس ئي هم عصر ساٿين حڪمرانن جي ساراهه جون سُرڪون ڀريندي وڏيون پوسٽون ورتيون، ڪي ته جهڙوڪ ڪيٽين جا مالڪ بڻجي ويا، ڪن پاڻ کي وڏيرو بڻائي ورتو، پر جوهيءُ جو هيءُ جوان اڄ به اُن ساڳي حال ۾ آهي، جنهن ۾ ٻه ڏهاڪا اڳ هو. اهڙي جرئت ۽ حوصلي تي هو جَسُ لهڻي.
عاجز جمالي اڄ به صحافت جي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان نڀائي رهيو آهي. پرنٽ ميڊيا کان وٺي اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين سنڌ جي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائيندو پيو اچي. هُن سان منهنجي ملاقات وڏي عرصي کان آهي مون ساڻس، پنهنجي سياسي دور ۾ به ملاقات ڪئي، جنهن وقت آئون ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان گڏ ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ ڪم ڪندو هئس. ڪامريڊ ڄام ساقي سان امن جو پيغام کڻي ريتي کان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيم تڏهن ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ملاقات دوران هُن جو حوصلو ۽ جرئت تڏهن ڏٺم، جڏهن هن پنهنجي قلم وسيلي لانگ مارچ کي ڀرپور ڀيٽا ڏني. عاجز جمالي سان ٻي ملاقات منهنجي ڪجهه سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ اُن وقت ٿي جڏهن آئون صحافت جي ميدان ۾ آيس ۽ مون کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اچڻ جو شوق ٿيو. هُن سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪري کيس ٽي وي چينل ۾ ڪم ڪرڻ واري ڳالهه ٻڌايم ته فوري طور مون کي ڪراچيءَ  مان هڪ اردو چينل ۾ آندائين. ان اردو چينل ۾ منهنجون خبرون هلڻ سان گڏوگڏ تجزيا وغيره به ڀرپور نموني سان هلندا رهيا.
ڪراچي ڀلي ته ڪنهن لاءِ اوپرو هُجي، پر اسان کي عاجز جماليءَ جي موجودگيءَ ۾ بنهه پنهنجي ڳوٺ جهڙو لڳندو آهي. ڪراچيءَ ۾ جڏهن به ساڻس ملڻ ويس ته هو وڏي چاهه، پيار ۽ محبت سان مليو. ڇو ته ڪراچيءَ ۾ اڪثر ڪري ڪافي ماڻهو وقت جي گهٽتائي جو سبب ڄاڻائي ملاقات کان به لنوائيندا آهن پر عاجز جمالي اخباري دنيا کان وٺي وڏن ٽي وي چينلن تي اچڻ کانپوءِ به ساڳي محبت ۽ ملڻ وارو سلسلو قائم رکيو. سندس اندر ۾ ڪا به وڏائي موجود نه آهي اهڙا ماڻهو واقعي املهه ماڻڪ هوندا آهن.

عاجز جمالي ڀرپور نموني سان سنڌ جي عوام جي مسئلن تي اڄ به لکي رهيو آهي. سندس ڪالم اڄ به عبرت اخبار ۾ ڀرپور نموني سان پڙهيا وڃن ٿا. عاجز جمالي ٻهراڙي جي مسئلن کان وٺي سنڌ جي شهرن جي مسئلن، تعليم، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي صحت کاتي وارن مسئلن کان وٺي هر مسئلي تي ڀرپور نموني سان قلم کنيو آهي. هُو سياسي دائن پيچن کان به ڀليءَ ڀت واقف آهي ته ڪامورا شاهيءَ جون من مانيون به کانئس ڳُجهيون ناهن. سندس قلم هميشه سچ وسيلي هلندو رهي ٿو. عاجز جمالي ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد هڪ ٽي وي چينل جي رپورٽنگ لاءِ پهتو ته ساڻس حيدرآباد ۾ منهنجي به ملاقاتن جو سلسلو رهيو. ان وقت حيدرآباد پريس ڪلب جي رپورٽنگ عبرت لاءِ مون وٽ هئي ۽ آئون روزانو حيدرآباد پريس ڪلب تي ايندڙ سنڌ جي مختلف ماڻهن جي مسئلن جي ڀرپور نموني سان ڪوريج ڪرڻ سان گڏوگڏ عاجز جمالي سان صحافتي معاملن تي به ڪچهري ڪندو هئس. ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ رپورٽنگ کانپوءِ ٻيهر کيس ساڳي ٽي وي چينل واپس ڪراچي گهرائي ورتو. هُن کي اسان مها ٻوڏ وقت ٽوڙي بند وٽ به ڪوريج ڪندي ۽ ماڻهن جي واهر لاءِ دانهون ڪندي ڏٺو ته بلوچستان ۾ چچريل لاشن جي ڪوريج لاءِ به پهچندي ڏٺو. مطلب ته هُو اُنهن اڻانگن ۽ اؤکن پيچرن تي پهچي ويندو آهي، جتي ويندي صحافين جا ڏوهه ڏڪڻ لڳندا آهن. هُو سنڌ جي گاديءَ واري شهر کان وٺي سنڌ جي مختلف علائقن سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان عوامي مسئلن تي ڀرپور نموني سان پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ۾ آواز بلند ڪيو آهي. اسان اها ئي اُميد رکون ٿا ته عاجز جمالي ائين ئي پنهنجي زندگيءَ ۾ سچ ۽ حق جي آواز کي بلند ڪندو رهندو ۽ سنڌ جي مظلوم، غريب عوام جي آواز کي ايوانن تائين پهچائيندو رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا