ٻڍل فقير
صوفي بزرگ ۽ شاعر
آصف علي سومرو
سنڌ ڌرتيءَ
سوين صوفين ۽ سلطاني صفت ماڻھن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو آهي، انهن صوفين مان
حضرت ٻڍل فقير به هڪ آهي، حضرت ٻڍل فقير جي رسالي موجب جنهنجي ترتيب فقير نياز سرڪي
ڏني آهي، فقير 1865ع ۾ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ لوڊرا کان 10 ڪلو ميٽر ڏور ڳوٺ بخشو انڙ
۾ واسع فقير انڙ جي گهر جنم ورتو،پراڻي بخشو ڳوٺ کي اڄڪلھه درگاھ ٻڍل فقير سڏيو وڃي
ٿو.
فقير
جي رسالي ۾ لکيو وڃي ٿو ته فقير جي والد محترم کي پهريان اولاد ڪو نه هئي سو هڪ
مست درويش صفت انسان کان الله جي در دعا ڪرايائون ڪجهھ عرصي بعد کيس پٽ جو اولاد ٿيو
جنهنجو نالو مست درويش سان ڪيل قول قرار موجب ٻڍل رکيائون، ٻڍل فقير جيتوڻيڪ سڪي لڌو
۽ پيءُ کي اڪيلو پٽ هو ۽ ننڍ پڻ کان ئي
نرالي فطرت جو مالڪ هو سو جڏهن هو پڙھڻ لکڻ
جي عمر جيترو ٿيو ته سندس جي والد کيس پس
گردائي جي مدرسن ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر ناڪام ويون.
تاڪون
سڪ سرير ۾، جاڪون ڄايس ڄم، فقير کي الف جي اکر بنا ٻيا اکر اڻاوا لڳندا هئا، سو
سندس جي مائٽن کيس ڏور مسافريءَ تي تعليم ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي ۽ کيس وڃي امروٽ
شريف جي مدرسي ۾ ڇڏي آيا ، امروٽ شريف جي مدرسي ۾ پڙھائيندڙ استادن فقير کي تعليم ڏيڻ
لاءِ هيلا وسيلا هلائي هنڌ ڪيا پر ڪو لاڀ نه نڪتو ، پراڻو زمانو هيو ۽ انگريزن جو
دئور هو ان زماني ۾ هند ۽ سنڌ گڏ هئا، ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهون فقير کي مست ملنگ سڏيندا
هئا ته ڪجهھ کي مٿس جن جنات جي سائي جو شڪ هوندو هيو، ڪڏهن ڪنهن حڪيم کان علاج ڪرائيندا
هئا ته ڪڏهن ڪنهن کان ڌاڳا فيڻا وٺي ڏيندا هئا،جڏهن فقير جي مائٽن ڏٺو ته فقير
دنيا جي دستور کان ڄاڻي ئي ڪين ٿو، ۽ پنهنجي رمز ۾ رهي ٿو، سو کيس مال چارڻ لاء موڪلڻ
شروع ڪيو فقير شوق منجهان مال چارڻ ويندو هو ۽ سارو ڏينهن جهنگ جهر ۾ مال ڍڳين سان
گڏ گهاريندو هو ۽ بيت پيو پڙهندو هيو.
جن کي
لڳي لنو يار جي وسري وين ڪم ڪار ٻي،
طلب
هين سردار ڪي سي عام ۾ هت نه اڙيا،
فقير
روح جي رحاڻ خاطر يڪتارو تيار ڪيو سارو ڏينهن يڪتارو وڄائي مستيءَ ۾ مگن رهندو هو
، 26 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائون جنهن منجهان 3 پٽ فقير عبدالحڪيم ،فقير مست محمد
مقيم ،فقير عبدالڪريم ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.
فقير کي عشق جو رنگ تڏھن لڳو جڏهن پير ڳوٺ جي ٽئين
گادي نشين سنڌي ۽ فارسيءَ جي پختي شاعر حضرت حزب اﷲ شاھ راشديءَ جي هٿ تي بعيت ورتائين بعيت وٺڻ کان لڳ جڏھن
سندس وارث کيس بعيت لاءِ ورتيون پئي آيا ت مرشد پري کان ڏسندي هڪل ڪندي چين ته هي
روهڙي وارو ’بيدل‘ فقير ته ناهي؟ دست بعيت بعد مرشد ٻيهر ملڻ کان کيس منع ڪئي،
مرشد پاڳاري جي بعيت جو اهڙو اثر ٿيو جو حضرت عشق پڪڙي پنهنجين ڪڙين ۾ کڻي قيد ڪيس،
مٽ ته اڳ ئي ڀريل هو فقط ڌوڻي جي دير هئس جڏهن ڌوڻو آيس ته رهيل ڪسر به نڪري ويس.
نينهن ٻڍل
نروار ڪيو، هاڻي ڪاڏي لڪان
سو سنڌي
۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين، عشق جا بيت، سر سسئي جا بيت، ستن ڏينهن جو بيان، سسئي جا ٽيهھ ڏينهن، سسئي
جو جواب، سر سارنگ، سر رامڪلي، ڪافيون، ڪوڏ ٻيڻيءَ جي شادي ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن
تي شاعري ڪيائين، سندس شاعريءَ ۾ پري پري تائين تخليق ۽ ترغيب نظر ٿي اچي، سندس
شاعري روح کي راحت بخشي ٿي سيني ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي دل ۾ آدم جي اصليت جو انقلاب آڻي
ٿي، خوديءَ کي کائڻ جو درس ڏئي ٿي، فقير جي ڪلام ۾ نفاست، نزاڪت ۽ رحم موجود آهي،
ويٺي ويٺي ان جي ڪلام کي ڳائي سگهجي ٿو ۽ جهونگاري ڏٺو وڃي ته اصليت ۾ شاعري اها
ئي هوندي آهي جيڪا حضرت انسان جي اندر منجهان اونداهي ڪپي ڪڍي ڇڏي ، ڪلور ۽ ڪيني
کي پيسي پرزا پرزا ڪري ڇڏي،قالو بلا جي گڻن کان واقف ڪار ڪري،هوش عقل کي اڻ ڍنگي
امر کان ڏور ڪري.
عشق
جنهين سر آيو، ويا خودي ماري خان،
انهن
جي اسرار جي، آهِه ڪل ڪنهن کي ڪانه،
پوءِ
سورن جا سامان، سامين کنيان سر تي،
اهو ئي
سبب آهي جو حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ حضرت سچل سرمست کانپوءِ سنڌ توڙي هند ۾ ٻڍل
فقير جون ڪافيون ۽ ڪلام شوق سان ٻڌا وڃن ٿا.
عشق
جنهين سر آيو،سهتيائون سور،
پڙھي
تن پروڙيو،هي محبت جو مزڪور،
تن کي
ذوق ضرور ، سوري سر ڏيڻو پيو،
فقير
جي رسالي جي سڀ کان پهريان لڳ ڀڳ 1940ع ۾ سرڳواسي شري آنند رام طوطلداس بعد ۾ فقير
نياز سرڪي ترتيب ڏني، فقير ڪوڏ ۽ ٻيڻيءَ جي عنوان تي ڳچ بيت لکيا آهن،فقير جي
رسالي موجب فقير وٽ پنهنجي ڪوٽ جي ٻيڻي هوندي هئي ھو هن ٻيڻي کي ڌيءَ چوندو اها هڪ
ڏينهن کائنس کوھ تان گم ٿي وئي، کيس ڳولهي ڪوڏ سان شادي ڪرائي ڇڏيائين،
راڄ
مهاجڻ پاڻ ۾ - ڄڃ ڪري ايندو،
توکي وٺي
نيندو، لانئون لهي لاڏڪي،
فقير
جي شاعريءَ کي ترتيب ڏئي ديوان ٻڍل فقير، دُري ناياب ۽ ٻيا ڪتاب ڇاپيا ويا آهن ، ٻڍل
فقير شاعر هجڻ سان گڏو گڏ صوفي بزرگ ۽ سخي مرد به هو سندس ڪيترا ئي معجزا سندس
رسالي ۾ تحرير ٿيل آهن، آخر ڪار 12 آڪٽوبر 1939 بمطابق 1358 هجري هجري 27 شعبان تي
سلطاني صفت رکندڙ هن سخي مرد صوفي بزرگ ۽ شاعر هن فاني جهان کي ڇڏي خالق حقيقي جي
در دستڪ ڏني.
جي ڀائين
جوڳي ٿيان، ته چلي آء چوگان،
ساهي
ترج سر تي، سورن جو سامان،
مري
پئو ته مطلب ٿئي،ائين فرمايو فرقان،
فقير
جو هر سال سنڌ ۽ هند سميت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ عرس ملهايو وڃي ٿو، جڏھن ته هر
سال 28،27۽ 29 مارچ تي درگاھ تي ٽي روزه عرس ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان،
پنجاب سميت هندستان، کان هزارين عقيدت مند اچن ٿا، عرس جي موقعي تي فقير پاران ڪتب
آڻيل شيون، ڪسو ، ٽوپي،فقير جي شاعري ۽ ٻيون شيون نمائش لاءِ رکيون وڃن ٿيون جڏهن
ته سريلا راڳي به فقير جون لکيل ڪافيون ۽ ڪلام ڳائي محفل کي موهي وجهن ٿا.
فقير
جي اهل اولاد فقير جي ڏسيل گس تي زندگي گهاري ٿي،فقير جا مسلمانن سان گڏو گڏ ڪيترا
ئي هندو مريد پڻ آهن، اهڙي ريت اڄ به سندس مزار تي اصل انسانيت جو روپ ڏسڻ وٽان
ملي ٿو، جڏھن ته هڪ پاسي مسلمان ويهي قرآن پاڪ پڙهن ٿا ته ٻي پاسي هندو ويهي ڀڳون
گيتا پڙھن ٿا، مزار تي ڪنهن به مذهب کي ڪا
جهل پل نه هوندي آهي، اڄ ڪلھه سندس درگاھ جو فقير عبدالغفار گادي نشين آهي جيڪو ٻڍل
فقير جو پڙ پوٽو آهي:
عشق
وارن جا پنڌ پراهون،اوري دين ايمان ميان،
نه مئن
شيعا نه مئٿن سني، نه مئن مسلمان ميان،
No comments:
راءِ ڏيندا