; سنڌي شخصيتون: محمد عثمان ڏيپلائي - ۱

14 June, 2017

محمد عثمان ڏيپلائي - ۱

محمد عثمان ڏيپلائي

 [ ولادت ۱۳۲۶هه = ۱۹۰۸ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (۱) ۾ ۱۳۲۶هه مطابق ۱۹۰۸ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.


ذاتي صلاحيتون ته منجهس منڍ کان ئي موجود هيون؛ ان ڪري گجراتي، گرمکي، هندي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين مان خاصو استفادو ڪيائين. فارسيءَ جي سلسلي ۾ ”زليخا“ تائين پڙهيو. عربي زبان ته باقاعده وٺي نه سگهيو، البته قرآن پاڪ جو باترجمي مطالعو ڪندي، ڪافي پرايو هئائين. اهڙيءَ طرح ”اديب“ ۽ ”عالم“ جا امتحان پاس ڪري، هن وقت بي – اي جي سند به ورتل اٿس.

ٿر جي سخت ڏڪار ڀرين حالتن کيس ڏيپلو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ته واپار جي بهاني، لاڙ جي لانگهن کان اچي نڪتو. جتي ڪن واقف ڪار زميندارن جي آڇ تي واپار ڇڏي ملازمت کي جنبي ويو. پورا پنجويهه ورهيه ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ خانگي ملازمت ڪندو رهيو. فرصت ۾ اَخبارن ۽ رسالن جي مطالعي کي مشغلو بڻايائين. آهستي آهستي سندس شوق وڌي اَخبار جي ايڊيٽريءَ تائين آندس. (۱)

لکڻ جو ڏانؤ هٿ ڪري، ننڍا ننڍا مضمون مختلف رسالن ۽ اَخبارن ڏانهن موڪلڻ لڳو. سندس پهريون مضمون دهليءَ مان نڪرندڙ اردو اخبار ”مادي“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جي ڄڻڪ کيس لکڻ جي دعوت ڏني. پوءِ ته ”ترقي“ ۽ ”علمي دنيا“ جهڙن ماهوار رسالن ۾ ڪثرت سان مضمون ۽ افسانا به ڇپجندا رهيس. ”چنڊ سهڻو يا انسان“ سندس پهريون ڇپيل افسانو آهي. اهڙيءَ طرح ”غيرت“ عرف ”نور جهان“، سندس پهريون عام ناٽڪ آهي. هينئر ڏيپلائي صاحب ننڍن مضمونن ۽ مختصر افسانن لکڻ مان ڪتابن جو مصنف بڻجي پيو؛ جنهن ڪري ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ ۱۹۳۴ع ۾ ”قرآني دعائون“ نالي پهريون مذهبي ڪتاب منظر عام تي آندائين – ۱۹۳۸ع ۾ خير محمد نظاماڻيءَ سان ميرپورخاص ۾ واقفيت ٿيس؛ جنهن جي صلاح سان ”مجاهدانه اِسپرٽ“ وارا ”اسلامي ناول“ لکڻ شروع ڪيائين. (۱) ستت ئي ”اسلاميه دار الاشاعت“ نالي ننڍو علمي ادارو قائم ڪري، هن سلسلي کي تقويت ڏنائين؛ ۽ گهڻن ئي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو.

سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، اُها آهي ”پيري - مرشديءَ جي کلم کلا بغاوت ۽ مسلسل قلمي جهاد“. انهيءَ مهم کي تيز ڪندي پاڻ مرشد جي ڪڍ هٿ ڌوئي لڳو؛ ۽ مرشد جي ڏاڙهي، ٽنگ، ٻانهن، ڪنڌ، ڪياڙي، چلم، ٽوپلي ۽ ڪهاڙي وغيره تي به قلم کڻن کان نه گٿو. ايتري قدر جو مرشد جي درگاه ۽ ڪرامت ته ٺهيو، پر سندس گهوڙي، ٻڪر ۽ گڏه به کانئس وانجهي نه وئي. مطلب ته مرشد جي ننڊ، اک، چپ، ڪن، پاٻڙي، درگاه ۽ چاليهي وغيره بابت به ننڍڙا ناول لکي، سنڌ جي ويساه ۾ وسوڙيل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارن کان پڌري پٽ واقف ڪرڻ ۾ جيڪا جاکوڙ ڪيائين، اها سنڌين جي خوشحاليءَ جي حق ۾ ثابت ٿي.

ڏيپلائي صاحب هن وقت پيرسنيءَ جي زندگيءَ ۾ داخل آهي. سندس جملي تصنيفات جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ جي چئي سگهجي ٿو؛ اُنهن مان: سوڊان جي سونهن، گمراه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قرآني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، اورنگزيب جو انصاف، سيرت محمدي، روم جي راڻي، شاه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، سانگهڙ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچيءَ جو ڪوس، سجائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ شاه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز) وغيره لاجواب آهن. هن وقت مستقل طرح حيدرآباد ۾ سڪونت پذير آهي – ۱۸۵۲ع ۾ انسانيت جي معيار ۽ قدرن کي عام ڪرڻ لاءِ ”اداره انسانيت“ قائم ڪيائين؛ جنهن تحت هڪ هفتيوار مخذن ”انسان“ به ڪڍيائين. ڪن ڳالهين ۾ پاڻ ڊاڪٽرن جي مشورن جي ابتڙ به رهيو آهي. مثلاً: ڊاڪٽر چوندا آهن، ته ”هلندي گاڏيءَ ۾ پڙهڻ اکين لاءِ هاڃيڪار آهي“– مگر سندس خيال انهيءَ جي برعڪس آهي، ته ”ويتر نظر تيز ٿئي ٿي!“

ڪتابن لکڻ ۾ به وڏي مهارت ۽ ڦڙتائي هيس. ريل ۾ سفر دوران به هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين ناول مڪمل ڪري ويندو هو. حالانڪ گاڏيءَ ۾ ڪيترو به شور و غل ڇو نه هجي، مگر سندس خيالي قوت کي سولائيءَ سان ڦيرائي نه ٿو سگهي. انهن غير معمولي وصفن جي بناءَ تي ”علامه راشد الخيري“ يا ”قليچ - دوران“ به کيس ڪوٺجي، ته وڏاءُ نه ٿيندو. پاڻ حالات - حاضره کان بالڪل باخبر رهندو آهي. هر ملاقات ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه ضرورت ٻڌائيندو آهي؛ جنهن جي اڳ ڄاڻ نه هوندي آهي.

سنڌ جو هي مايه - ناز ميمڻ مرد مجاهد، طبيعت جو کل مک، ٽهڪن ۽ ٽوٽڪن سان پر گفتار، بهترين دوست، دلي تونگر، بذات - خود هڪ نظريو، هڪ مڪمل ادارو، هڪ جامع لئبرري، هڪ ذهني انڪشاف هجڻ سان گڏوگڏ اديب، شاعر ۽ ”عظيم انسان“ پڻ آهي. شال وڏي ڄمار ماڻي.

(۱) – جنهن نسبت سان کيس ”ڏيپلائي“ سڏجي ٿو. غالباً ۱۹۳۴ع ڌاري ”سڌ مسلم سوسائٽيءَ“ جي سهڪار سان ”قرآني دعائون“ جي عنوان تحت جيڪو ڪتابچو ڇپيو هو؛ تنهن جي سرورق تي نالي سان گڏ ”ڏيپلائي“ لفظ جو اضافو آيل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”ٽريڊ مارڪ“ طور سندس شخصيت جو مڪمل تعارف بڻجي ويو.

(۱) – پاڻ ”فرحت آثار“ نالي هٿ سان اَخبار جيان پرچو لکي، پنهنجن پيارن ساٿين کي پاڙهيندو هو. هن اَخبار ۾ ”نيلوفر بري“ نالي وڏڙن کان ٻڌل ڪهاڻي پڻ قسط وار قلمبند ڪري، دوستن کي خوب وندرائيندو هو.

(۱) – ڏيپلائي صاحب انهيءَ ڪم جو آغاز ”سنگدل شهزادي“ نالي سان ڪيو؛ جنهن جو مرڪز ڪردار، منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ”آرمينا کا چاند“ تان ورتائين، جيڪو دراصل عربي ڪتاب ”فتوح العجم“ جو ترجمو آهي.

 


 

محمد عثمان ڏيپلائي

ادب جو ناميارو نانءُ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

محمد عثمان ڏيپلائي جون سنڌي ادب لاءِ سندس عملي ۽ ادبي خدمتون ناقابل فراموش آهن. هڪ بيباڪ صحافي، سچو ۽ کرو نقاد، روشن خيال، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ بهترين ناول نگار هو. مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس تحرير دلڪش، ٻولي سولي ۽ سليس آهي. سندس تحريرون منفرد طرز جي لحاظ کان اعليٰ ۽ اُتم آهن.

محمد عثمان ڏيپلائي ۱۹۰۸ع ۾ ٿرپارڪر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم ورتو، سندس وفات ۱۹۸۱ع ۾ ۷ فيبروري تي ۷۳ سالن جي عمر ۾ ٿي. ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوقين هو. بنيادي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪيائين پر ڪجهه مجبورين جي ڪري اڳيان انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. اڳيان هلي ۶۰ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ڪيائين. سنڌي عربي، فارسي ۽ اردو تي عبور حاصل هئس. سندس لکيل مضمونن ۽ خطن ۾ فارسي ۽ اردو شعرن کي ڏسي خبر پوي ٿي ته کيس فارسيءَ ۽ اردوءَ جي سٺي ڄاڻ هئي ۽ عربيءَ جي سٺيءَ ڄاڻ سبب پاڻ قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌيءَ ۾ تمام سٺو ڪيائين. اديب فاضل پڻ پڙهيل هو ۽ هندي، گرمڪي ۽ گجراتيءَ پڻ ڄاڻندو هو. پاڻ گهڻو لکندڙ ۽ گهڻو پڙهندڙ بيباڪ صحافي ۽ ليکڪ هو.

عملي ۽ ادبي خدمتون

ڏيپلائي صاحب ادب ۾ هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ”مقصدي ادب“ تخليق ڪيو. ڏيڍ سئو کان گهڻا ڪتاب لکيائين. پنج سئو کان به وڌيڪ مضمون لکي مضمون نگاريءَ ۾ بهترين اضافو ڪيائين. سندس پهريون مضمون اردو رسالي ”منادي“ ۾ ڇپيو، مضمونن جي ٻولي عام فهم سليس ۽ منفرد هئي. آتم ڪهاڻي ۽ خط نويسيءَ کان لطيفيات، نفسيات، تاريخ، لسانيات ۽ دينيات جي حوالي سان اهم ڪم ڪيائين. سندس ادبي خطن جيڪي پاڻ جي ايم سيد، شيخ اياز، ابراهيم جويي، طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن کي لکيا، سي وڏي اهميت جا حامل آهن، انهن ۾ اردو ۽ فارسي شعر موقعي مهل مطابق استعمال ٿيل آهن. لطيفي شعرن سان سندس شاهه ڀٽائيءَ سان عقيدت ظاهر ٿئي ٿي. شاهه جو رسالو مڪمل ۽ ٻيو پاڪيٽ سائيز لکيائون. ڏيپلائي صاحب گهڻو مذهبي ادب ترجمو ڪيو، جنهن ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو آهي، ان کانسواءِ ٽيهن کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا اٿس، جن ۾ جهاد، حج روزي، زڪوات ۽ ڪلمي جي باري ۾ ڪتاب ۽ مولانا مودوديءَ جي ڪتابن جا ڪئين ترجما شامل آهن. قرآن پريس ۱۹۴۲ع ۾ قائم ڪيائين ۽ هن پريس ۾ مذهبي ڪتابن جي اشاعت ٿيندي هئي.

افسانه نويسي ۽ ناٽڪ نويسي

اديب حساس هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي آسپاس جي حالتن ۽ ماحول کان عام ماڻهن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي ۽ پنهنجي سوچ ۽ اٽل ارادي سان ماحول ۽ سماج جي اوڻاين ۽ چڱاين کي وائکو ڪندو آهي. ڏيپلائي صاحب هڪ بهترين مشاهدي ۽ حافظي وارو ليکڪ هو. سندس (جيل جا مشاهدا) سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جيڪي افسانوي انداز ۾ لکيل آهن. پاڻ پهريون سنڌي افسانو ”چنڊ سهڻو يا انسان“ لکيائين، جيڪو ۱۹۲۷ع ۾ ڇپيو، اهو دور افسانويسيءَ جو ابتدائي دور هو، ان کانپوءِ ٻيا افسانا لکيائين، سندس افسانن جي مجموعن ۾ مرشد جي پڳڙي، مرشد جون ٽنگون، آخري سبق، مسلمانن جو بادشاهه وغيره شامل آهن. ڪافي ڊراما لکيائين جنهن ۾ ڪورٽ ناٽڪ، ڏڪار، سجائي موڙي، ڪانگريسي ڄار، شاهدي ۽ ٻيا آهن. شاهدي ڊرامو پنهنجي وقت ۾ هندوستان ۾ اسٽيج تي پيش ٿيو ۽ سنڌ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي سئو سالا جشن ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ ڪئين ڊراما لکيا پر انهن ۾ گهڻا شيڪسپيئر جي ڊرامن جا ترجما هئا. باوجود بهترين ترجمن جي انهن ۾ انگلستان جي ماحول ۽ منظرنگاريءَ جي ڪجهه جهلڪ آهي پر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڊراما سنڌي ماحول ۽ سماج جي ڀلي ڀتر خبر ڏين ٿا، جنهن ۾ سنڌ جا اهم مسئلا پيش ڪيل آهن.

ناول نويسي

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب جي بهترين ناول نگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ ان وقت ناول لکيائين جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي هلچل عروج تي هئي. هن جو ”سانگهڙ“ ناول اهم آهي، جيڪو ”پاڪستان رائيٽرز گلڊ“ جي طرفان انعام يافته ۽ تاريخي ناولن ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. انگريزن جي دور جي ظلمن ۽ حرن جي تحريڪ کي ڏيپلائي صاحب جي قلم جيڪا جلا بخشي آهي سا واکاڻ جوڳي آهي. پاڻ هميشه لاءِ انهن واقعن کي امر ڪيو اٿس، هيءُ ناول تاريخي ۽ سياسي آهي، جنهن جو موضوع اهم ۽ ڪردار نگاري لازوال آهي. مائي ”بصران“، مائي ”عاقلان“، ”مائي بيگوءَ جا ڪردار هجن يا سنڌي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن خانبهادر الهه بخش، سر غلام حسين ۽ سيٺ سيتلداس پاڻ سڀني ڪردارن کي سهڻي نموني نڀايو اٿس. سانگهڙ ناول ۾ سنڌ جو مجاهد پير صبغت الله راشدي پاڳارو حر تحريڪ جو اڳواڻ ڪردار آهي، جن کي ڌرتيءَ جي آزادي جي تحريڪ جي پاداش ۾ ڦاسي ڏني وئي.

هونئن به جيلن ۾ دنيا جو بهترين ادب تخليق ٿيو آهي. ڏيپلائي صاحب جن کي جيل ۾ جيڪي ساڻن گڏ ڪجهه حر قيدي هئا، انهن مان ڪافي تفصيلي معلومات حاصل ٿي. سندس مطابق ته انگريز حرن کي ڌاڙيل سمجهندا هئا. جڏهن ته هو محب وطن سنڌ لاءِ وڙهي رهيا هئا. مون پنهنجي ناول ۾ انهيءَ حريت پسنديءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ ڪل اٽڪل ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سئو کن ناول لکيا ”سنگدل شهزادي“ سندس پهريون ناول هو، نور توحيد تاريخي ناول، سيرت نبي صلي الله عليه وسلم ۽ اسلام جي آمد جي پس منظر تي لکيل آهي. نياڻي کي زنده پورڻ جي رسم جي خلاف، هيءَ ناول اوليا پرستيءَ جي خلاف به هڪ اهم ڪارنامو آهي.

ورهاڱي وقت ادب ۾ هڪ اهم اُٿل آئي، سياسي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪري نوان موضوع مذهبي آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيا، جن ۾ تاريخي ناولن ۾ ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي مذهب جي واکاڻ ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪٽر هندوئن طرفان ”مغل رنگ محل“ جي جواب ۾ ڏيپلائي صاحب ”ڏاهري رنگ محل“ لکيو هو، جنهن ۾ هندو راجا ڏاهر جا پول پڌرا ڪيا ويا هئا. کيس انگريز سرڪار کانپوءِ پنجابي سنڌ جا غاصب لڳا جن ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ کي ڳڙڪائڻ ٿي چاهيو، پاڻ عبرت اخبار ۾ ون يونٽ جي خلاف تمام سٺو لکيو. سنڌي زبان کي جيئارڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.

هن بيباڪ ۽ بهادر صحافيءَ ۽ ايڊيٽر پنهنجي پريس بي خوفيءَ سان ۳۰ سال هلائي ۽ ٽي دفعا جيل ويو. ڪيترائي ڪتاب ضبط ٿيس، پهرين ”عبرت“ پوءِ ”انسان“ ۽ ان کانپوءِ ”سنڌ ٽائيمس“ اخبارون ڪڍيون، ڪئين ادبي انعام سندس تصنيفات تي مليا ۽ مٿس گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. سندس نياڻي ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي جي ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ جو موضوع ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت جي تحريرن جو سنڌ جي سماجي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر آهي.“

تاج جويو ”انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي باري ۾ اهم شخصيتن جا رايا آهن. جيئن جي ايم سيد، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش، امر جليل، سراج الحق، آفاق صديقي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ شامل آهن. ڪتاب ۾ سندس انٽرويو، خط ۽ افسانا پڻ شامل آهن. ڏيپلي شهر جي هن سنڌي ادب جي سرواڻ بي حساب لکيو ۽ ڪئين ادبي فن پارا لکي سنڌي ادب جي جهولي موتين سان ڀري ڇڏيائين.


 

محمد عثمان ڏيپلائي

(هڪ مهان مڙس مھانتا)

عثمان راهوڪڙو

سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌي جئين انسان

وڙهندي مڙس مهان، مٽي منجھه سمائيا.

شيخ اياز جي مٿين سٽن جي هوبهو شڪل، مهان انسان محمد عثمان ڏيپلائي ۱۹۰۸ع ۾ ٿر ۾ رڻ ۽ ڀٽن جي سنگم واري شهر ڏيپلو ۾ هڪ ننڍڙي ڏيپلائي ميمڻ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي جو ڪي ڳوٺ ۽ شهر ڪن ماڻهن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن. ائين ئي محمد عثمان ميمڻ، جڏهن کان پنهنجي نالي پويان ڏيپلائي لکيو ته ڏيپلو جي سڃاڻپ به سندس نالي جي ڪري ٿي وئي. فرانسيسي ليکڪ والٽيئر لکيو آهي ته اهي ئي ماڻهو عظيم هوندا آهن، جيڪي سچائيءَ وسيلي انساني دماغن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندا آهن. اهي ماڻهو ڪڏهن به وڏا نٿا سڏي سگھجن جيڪي جبر سان انسانن کي غلام بنائين ٿا.

ڏيپلائي ننڍپڻ ۾ روهيڙي جي رتن گلن جي خوشبو جي سڳند ۾ واسجي ٿر جي تتل واري جي ڀٽن واري واٽن تان سنڌي ست درجا پنهنجي ذهانت سان پاس ڪري مڃتا ماڻي. ۽ هو انگريزي اسڪول ويجھو نه هجڻ سبب انگريزي اسڪول ۾ داخل ته نه ٿي سگھيو پر ان جي ذهانت ۽ علمي ۽ درسي ڪتابن ۾ ايتري مهارت حاصل ڪيائين جو جڏهن سندس پهريون مضمون دهلي مان نڪرندڙ اخبار “مادي” ۾ ڇپيو ان کان پوءِ محمدعثمان ڏيپلائي سنڌو جي مستي جيان قلم جي گھوڙي کي علم، ادب ۽ صحافت ۽ مذهبي ناول ۽ افسانا لکڻ لاءِ اهڙو ته گھمايو جو اڄ تائين گھڻن ۽ وڏن اديبن صحافين ۽ عالمن کي مٿس رشڪ ايندو آهي. پاڻ ڀوڳائي طور به مشهور هو ته صدين جي پيڙهيل مارن کي پيرن، سيدن، ڀوپن ۽ ظالمن جي هٿرادو مڙهيل ريتن ۽ رسمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي تنهن کيس تاريخ جي اهڙن سرويچ ماڻهن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو جنهن مقام تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. ڏيپلي جي تتل واري جي ڀٽن تان گذرندڙ واٽن تان ڇڪڙن، اٺن ۽ گھوڙن تي سفر ڪندي جڏهن ساڻس ميرپورخاص ۾ خير محمد نظاماڻي جي ملاقات ٿي ته هن جي سوچ ۽ قلم ۾ جنبش اچي وئي. هن اڳي کان اڳرو ٿي غربت جي گھاڻي ۽ ٿر جي تتل واري ۾ پيڙهجندڙ انسانن جي پيڙائن جو درمان ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏان وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي سا تاريخ بنجي وئي آهي. ائين ئي “چنڊ سهڻو يا انسان” سندس پهريون افسانو هو. ۽ “غيرت عرف نورجھان” سندس پهريون ناٽڪ هو. انهن کان پوءِ هن انسانن جي خدمت لاءِ هفتيوار ميگزين “ انسان” جاري ڪيو. ۽ “فرحت آثار” نالي اخبار هٿ سان لکي دوستن ۾ ورهائيندو هو. ۽ پوءِ اسلاميه داراشاعت ۽ عبرت اخبار ميرپورخاص مان جاري ڪيائين. ائين ئي هو علم، ادب ۽ صحافت جي آسمان تي وهائو تاري جيان چمڪڻ لڳو. نه رڳو ايترو پر هن ڪيترائي مجاهدانه اسلامي ناول لکيائين. سوڊان جي سونهن، گمراهه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قراني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، روم جي راڻي، شاهه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچي جو ڪوس، سچائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ سانگھڙ ناول سميت ۱۴۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. جن مان سانگھڙ ناول ۾ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري هيٺ پير صاحب پاڳاري جي حر گوريلن تي نازي ڪئمپ فرنگي انگريزن جي انسانيت سوز ظلمن کي سانگھڙ ناول ۾ اهڙي ته بيباڪي سان قلم بند ڪيائين. جو اڄ به سنڌ ۾ حر گوريلا جدوجهد جي حوالي سان لکيل ڪتابن سميت سانگھڙ ناول ۾ حرن جي جدوجهد جو ورجاءُ ٿيندو رهندو آهي. سندس سانگھڙ ناول سنڌ ۾ لکيل ناولن جي فهرست ۾ اهم جڳهه والاري ٿو هن ناول جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن.

محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي سموري زندگي جي گھڙين ۾ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، هو جيل ۾ به رهيو ۽ زندگي جي ڪٺن ۽ ڏکين حالتن کي مڙسي سان منهن ڏنائين. ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليائين. روهيڙي جي رتن گلن جيان جدوجهد جي گسن جو اهڙو پانڌي هو جيڪو جڏهن وڇڙيو ته اهي واٽون ويران ٿي ويون. سندس ڏوٿين مان اڄ تائين ڪوبه سندس خال ڀري به سگھيو آهي. بدقسمتي اها آهي جو محمد عثمان ڏيپلائي جا اهم ڪتاب ناياب ٿي ويا آهن. اها وقت جي گھرج آهي ته سندس ڪتابن کي علمي ادبي ادارا ٻيهر ڇپائي نوجوان نسل سان کيس روشناس ڪرائين ۽ سندس ڪتابن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو وڃي.


 

محمد عثمان ڏيپلائي

جيڪو درياهه وانگي مستقل مزاج هو

 پروفيسر اعجاز قريشي

In the confrontation of stream and rock the stream wins not through strength but through perseverance

واهڙ ۽ پهاڙ جي ويڙهه ۾ سوڀ سدائين واهڙ ماڻيندو آهي. ان ڪري نه جو اهو سگهارو هوندو آهي پر ان ڪري جو ان ۾ مستقل مزاجي هوندي آهي. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب واهڙ وانگي ثابت قدم متحرڪ ۽ مستقل مزاج رهيو. سندس ڪامياب زندگيءَ جو راز اهو ئي آهي. هن هوريان هوريان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ڏينهن رات جي ڦيري هن لاءِ به ڪيئي ڏک ڏاکڙا آندا پر هو “ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ” واري سٽ جو ورد ڪندو وڌندو رهيو. ايئن جيئن درياهه اڳتي وڌندو ويندو آهي. ان جي راهه ۾ پهاڙ پهڻ پوندا آهن. انهن کي ريڙهيندو ۽ لوڙهيندو ويندو آهي ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي منزل مقصود رسي ويندو آهي. ڏيپلائي صاحب جيڪو سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين ڪٽنب ۾ پيدا هو ان ڳتي هلي علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ذات ۽ پورهئي وسيلي اهو مقام ماڻيو جيڪو تمام ٿورڙن قلم ڌڻين کي نصيب ٿيو آهي:

ڏات نه آهي ذات تي؛ جو وهي، سو لهي.

“هستي جو ڌراڙ” لقب رکندڙ مشهور وجودي فلسفي هائيڊيگر چيو آهي؛ ”انسان هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو پنهنجين ڳجهين طاقتن کي ڪتب آڻڻ جي ساندهه لوڙ ووڙ ۾ رڌل آهي”

اها چوڻي ڏيپلائي صاحب تي سؤ سيڪڙو پورو لهي ٿي، سنوت وسيلي ووڙ ۽ جاکوڙ ڪئي ارادي، نفس جي صفائي ۽ مستقل مزاجي لاءِ پنهنجي وطن لاءِ هو هڪ صوفي منش ۽ اندر جي صاف سٿرو انسان هو سچ جو پارکو ۽ طرفدار هو. هن ڪڏهن به ماسو مال ميڙڻ لاءِ ڪچ نه ڪمايو، نه ته اڄ اسين ڏسون ٿا ته ماڻهو ادارا فقط ڪمائڻ خاطر ٺاهين ٿا هر ڪنهن مٿي ۾  موڙي جي ڀاونا جو واسو آهي. ڏيپلائي صاحب پهرين دستي اخبار “فرحت آثار” (۱۹ -۱۹۱۸ع ) کان وٺي “اسلاميه داراالاشاعت-ميرپورخاص” تائين جيڪو ڪم ڪيا اهي ان ڪري نه ڪيا جو هن کي دولت جا ڍير کپندا هئا يا هو مايا جي موهه ۾ ورتل هو پرانڪري ڪيا ته جيئن هن جي ديس جا ماڻهو جاهليت واري دور کان ٻاهر نڪري اچن ۽ جديد دور جا جديد انسان بنجن. نين تقاضائن جي سانچي/قالب ۾ پنهنجي زندگي ڍالڻ لاءِ جستجو ڪن. پنهنجن ديس واسين حالتن لاءِ هن لڳاتار ويڙهه ڪئي هو زندگي جي آخري پل تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو ڇو ته:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي

متان ٿئي اونداهه، ته پير نه لهين پنهونءَ جو.

هيءُ پنهون ڪير آهي؟ اهو استعارو هر ڪنهن لاءِ پنهنجي پنهنجي معنيٰ رکي سگهي ٿو پر ڏيپلائي صاحب لاءِ “پنهون” ان جو دلارو ۽ پيارو ديس هو جنهن سان اننت عشق ۽ لامحمود انس جي سزا طور هن ڀانت ڀانت تڪليفون ۽ سهسين صعوبتون سٺيون، جيل ڪٽيا، ايتري تائين جو مٿس ملحد ۽ دهريي هئڻ جون فتوائون رکيون ويون پر هي مرد مومن پنهنجي ديس ان جي خوشي ان جي سڪار ان جي سک کي اوليت تي رکندي چوندي رهيو:

“هان وه نهين خدا پرست، جاؤ وه بي وفا سهي،

جن ڪو هو دين و دل عزيز، اس ڪي گلي مين جائي ڪيون؟

انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي:

Success is always within reach

(سوڀ سدائين رسڻ جوڳي هوندي آهي)

جيڪڏهن ان جوچوڻيءَ جي ڪسوٽي تي ڏيپلائي صاحب کي پرکبو ته اها سورنهن آنا سچ ثابت ٿيندي. سندس دور ايترو سهنجو به نه هو. هڪ پاسي سندس وطن واسي جسماني طرح جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن وٽ باندي هئا ته ٻئي پاسي روحاني طرح پيرن، سيد ۽ مذهبي دعويدارن جي ور چڙهيل هئا. ان صورتحال ۾ اهو ضروري ٿي پيو هو ته نئون روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ سڀني بدي جي قوتن سان ٽڪر کائجي. ان ويڙهه ۾ ڏيپلائي صاحب اڳ اڳ ۾ رهيو هن پنهنجن اخباري ڪالمن، ايڊيٽوريلن، ڪهاڻين، مضمونن، ناولن توڻي افسانن وسيلي مرشد ۽ وڏيري جو اصل روپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ۾ پاڻ وڏي حد تائين ڪامياب به ٿي ويو. جيتوڻيڪ اسان جو معاشرو اڄ ڏينهن تائين ان ٻٽي(جسماني ۽ روحاني) غلامي مان گذري رهيو آهي پر هاڻي گهڻو ڪجهه تبديل به ٿيو آهي. پير مرشد ۽ ڀوتار وڏيري جي اها لئه، اهو رعب ۽ دٻدٻو ناهي رهيو. جيڪو اڄ کان ۵۰ ورهيه اڳ هو، ماڻهن جو ذهن گهڻو مٽجي ويو آهي ۽ اهڙي تبديلي ۾ جيڪا هوريان هوريا عمل ۾ آئي آهي، ڏيپلائي صاحب جهڙن جاکوڙي، باعمل ۽ ورچي نه ويهندڙ امر ڪردارن جو تمام وڏو هٿ آهي. سچ پچ ته اسين وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ اهڙا همٿ ڀريا انسان پيدا ٿيا، جن پنهنجي زندگي جي خوشي ٻين جي خوشي ڏٺي ۽ ٻين جا ڏک ڀري پنهنجي جهولي ۾ کنيان، اڄ اسين ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان فيض پرايون ٿا، سکون ٿا، پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. سچ چوندا آهن ته:

“وڻ پنهنجو ميوو پاڻ نه چکندو آهي.

ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽ ان جي ڪم تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اهو پڙهندڙ تائين پهچايو به ويو آهي. هتي آئون رڳو سندس ٻن پهلوئن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو. هڪ سندس شاهڪار ناول “سانگهڙ” ۽ ٻيو سندس سنڌ دوستي وارو پاسو. هونءَ ته ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڳڻيو ويندو ته اهو ڀانيان ته ۲۰۰ تائين ته وڃي رسندو. پاڻ صحافي به هو، ته پبليشر به هو، ناول نگار به هو ته افساني نگار به هو، ڊراما نويس به هو ته ڪهاڻيڪار به هو، ان ڪري سندس لکڻيون به گهڻيون ئي آهن. سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن.

“ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

پر ڏيپلائي صاحب جي جن لکڻين کي تمام گهڻو مان مليو، انهن مان .”سانگهڙ” ناول به هڪ آهي. اهو ناول هڪ ئي وقت رپورٽ به آهي ته تاريخ به آهي. جيڪڏهن ان کي ادبي ترتيب ۾ بيهاريو ته اهو ناول بنيادي مزاحمتي ادب جي دائري ۾ اچي ٿو. ان ناول کان اڳ سنڌي ادب ۾ انهي موضوع تي انهي قسم جو ڪوبه طبع زاد جامع قسم جو شهپارو موجود نٿو ملي، انڪري جيڪڏهن پاڻ هيئن چئون ته سانگهڙ وسيلي ڏيپلائي صاحب سنڌي ۾ مزاحمتي نثر جي پيڙهه وڌي ته مان ڀانيان ته ڪنهن کي به مٺيان نه لڳڻ کپي. ان ناول ۾ انگريزن خلاف وڙهندڙ سنڌي سورمن جا واقعا بيان ڪيا آهن. جن سان ڏيپلائي صاحب جي ملاقات جيل ۾ ٿي. ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن سان ڪچهريون ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ ادبي فن پارو سرجڻ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ لکڻ  جي ڏات ۽ فن جي گهرج آهي. اهي شيون ڏيپلائي صاحب وٽ موجود هيون. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ۾ نثر خاص طور تي ناول لکڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود هئي. ان جو اندازو اتان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ساٺيڪو کن ناول لکيائين، جيڪي مختلف موضوعن تي پڌاريل آهن. جڏهن تاريخ يا تاريخ سان واسطو رکندڙ اهم واقعن تي ناول لکڻ لاءِ ڪوبه ليکڪ ٺهي سنڀري ويهندو آهي ته ان مٿان ذميواري هيڪاري وڌي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان کي اهو خيال رکڻو پوندو آهي ڪٿي ڪردار نگاري ۽ فني پيچيدگين جي رولي ۾ اصل حقيقتون نه ميسارجي وڃن. ڏيپلائي صاحب في مهارت ۽ حاضر دماغي سان ٻنهي ڌارائن سان گڏگڏ ڪميابي سان هلندو رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سانگهڙ ناول لکڻ لاءِ کيس جيل ۾ ۾ قيين سان ملاقاتن وسيلي ڪچو مواد ضرور مليو، جنهن کي ڏيپلائي صاحب سوڌي سنواري پيش ڪيو پر سندس هن شاهڪار سرجڻ جو اصل محرڪ انگريز سامراج سان سندس نفرت هئي. ڏيپلائي صاحب پنهنجي سرشت ۽ فطري سٽاءَ ۾ هڪ باغي ماڻهو هو، باغي ماڻهو هر قسم جي ظلم، ناانصافي، بربريت، استعماريت، پرماريت، زور، زبردستي ۽ ڪوڙ کي برداشت نه ڪندا آهن. جيڪڏهن اهو باغي ليکڪ جي روپ ۾ آهي ته اهي ستم روا رکندڙ، قبضي گير قوتن ۽ ناانصافي جي بڇڙن ڪردارن جي تصوير پنهنجي قلم وسيلي چٽيندا آهن. سانگهڙ ناول ۾ ڏيپلائي صاحب جو گهڻو تڻو زور سنڌين جي سورهيائي کان وڌيڪ انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ انهن جي حڪمران لهجي ۽ سندن سامراجي ذهنيت کي پڌري ڪرڻ تي رهيو آهي. هونءَ ته هن ناول کي سنڌي ماڻهن جي انگريزن خلاف جوٽيل جنگ ۽ ان جنگ جي مارڳ ۾ مرندڙ ڪردارن خاص طور تي پير پاڳاري صبغت الله شاهه جي شهادت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هن ناول جو اهم پاسو انگريزي سامراج کان ڀرپور نفرت جو  اظهار آهي ۽ اها نفرت ڏيپلائي صاحب پنهنجي من ۾ هڪ سنڌي جي حيثيت سان پالي هئي. هونءَ پاڻ سموري ڄمار پير مرشدن خلاف لکندو رهيو پر سانگهڙ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته پاڻ پيرن سان نه پر انهن جي ڪرتوتن ۽ پرڪارن سان نفرت ڪندو هو. هن کي ڪنهن ذات کان ڌڪار نه  هئي پر ذات جي آڙ ۾ ماڻهن کي ٺڳڻ، ڀلائن ۽ پٽڪائڻ ۽ انهن کي جاهليت جي دائري ۾ رکڻ وارن ڪڌن ۽ بڇڙن عملن کان نفرت هئي. پير صبغت الله به هڪ پير هو، سندس گادي ان وقت جي وڏيرن ۽ مان مرتبي وارين گادين مان هڪ هئي پر جڏهن اهو پير انگريزن سامراج سان ٽڪر کائي ٿو ته ڏيپلائي صاحب ان پير جي پاسي ٿي بيهي ٿو. هن کي اها پرواهه به ناهي ته ان ويڙهه ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو پر هن لاءِ اهم ڳالهه هي آهي ته ڪير ڪنهن سان وڙهي ٿو ۽ ڪهڙي مقصد ڪارڻ وڙهي ٿو؟

ڪير حق آهي ۽ ڪير باطل آهي؟ جنگ جي ميدان جي پرک اها ناهي هوندي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو، پر اصل ڳالهه هي هوندي آهي ته ڪير ڪئين وڙهيو ۽ ڪنهن سان ۽ ڇا لاءِ وڙهيو؟ ڪربلا جو فاتح يزيد آهي يا حسين؟

اهو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي، ساڳئي نموني حر تحريڪ جو فاتح انگريز آهي يا پير صبغت الله اها ڪٿ به بنهه سولي آهي.

ان ڳجهارت جي هڪ ڀڃڻي هي به آهي ته ڏيپلائي صاحب جو هيرو پير پاڳارو آهي ۽ انگريزن سامراج هن اڳيان “ڍلن” آهي. آئون ته اهو چوندس ته سنڌ جي نسبت سان ڪڏهن به انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي کان تاريخ گڏ ڪئي ويئي ته ان لاءِ بنيادي دستاويز سانگهڙ ناول آهي. اڄ جو سامراج آمريڪا آهي جنهن پنهنجي ساٿارين سان گڏجي افغانستان ۽ عراق جا شهر تباهه ڪيا آهن. اتان جي ماڻهن کي بمن ۽ گولين جو نشانو بنايو آهي. ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي. سندن وطنن تي قبضو ڄمايو آهي. ساڳئي نموني ڪالهه سامراج برطانيا هو. جنهن ننڍي کنڊ تي قبضي کان پوءِ پهريون سنڌ تي هوائن مان بم وسايا ۽ اتي مارشل لا لاڳو ڪيو. اها انساني حقن جي لتاڙ نه هئي ته ٻيو ڇا هو؟ انگريز سامراج جي انهن غير انساني، غير اخلاقي ۽ سامراجي ڪاررواين جو جيڪڏهن ڪوبه مستند ۽ معتبر ريفرنس آهي ته اهو “سانگهڙ” ناول ئي آهي ڇاڪاڻ ته اهو تاريخي اندازن، قياس آرائين، تجزين کان وڌيڪ حقيقي واقعن ۽ ڪردارن تي ٻڌل آهي.

ان کانپوءِ ڏيپلائي صاحب جي ٻئي پهلو، سنڌ دوستي ڏانهن اچان ٿو.

سنڌ اها ڀاڳڀري، سدا سهاڳڻ، مٺڙي ۽ مهان ۽ مهانتائن جي وارث ڌرتي آهي، جنهن تاريخ جي هر ڪنهن زماني ۾ پنهنجي سدا سائي ڪک مان هزارن ڳڻن سان مالامال، ڪردار ۽ گفتار جي سچن، باصلاحيت ۽ باوقار سرويچن، سورمن ۽ سالارن کي جنم پئي ڏنو آهي. اهو ئي ماڻهن آهن جيڪي سندن سونهن ۽ سوڀيا جا محافظ، ساکي ۽ ڌڻي رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب به سنڌ جو سچو ۽ سڀني وصفين سهڻو پٽ هو. هن کي Son of soil جو خطاب ڏجي ته انهي اصطلاح سان انصاف ٿيندو. هن جون لکڻيون، هن جو ڪردار، هن جو هر عمل سنڌ سان محبت جو عڪس پيش ڪري ٿو. هونءَ ته سندس وطن دوستي لاءِ اهو ئي چوڻ ڪافي آهي آهي ته پاڻ ٽي ڀيرا ۱۹۵۸ع، ۱۹۶۱ع ۽ ۱۹۵۳ع ۾ جيل ڀيڙو ڪيو ويو. هن ڪابه چوري نه ڪئي هئي. هن ڪنهن کي رستي ويندي به نه ڦريو، نه ئي هن ڪنهن تي بندوق تاڻي هئي پر پوءِ هن کي جيل جي سزا ڇو ٻڌائي ويئي. ان جو جواب هي آهي ته هن پنهنجي وطن واسين ۽ وطن جي بچاءُ جي جنگ قلم وسيلي وڙهي. حڪمرانن جي سازشن، انهن جي سنڌ مخالف قدمن، فيصلن ۽ پاليسين جا وکا پڌرا ڪيائين. اهو ئي سندس ڏوهه هو پر هتي سندس وطن دوستي تي روشني وجهڻ لاءِ ڪجهه حوالا ضرور ڏيڻ چاهيان ٿو.

اسين ته سمجهون ٿا ته جا اخبار پنهنجي وطن جي غلامي خلاف آواز بلند نٿي ڪري يا الٽو ان (غلامي) جي فائدي ۾ ٿي لکي ته اها بند ٿي ڀلي آهي.

هيءُ ٽڪرو ڏيپلائي صاحب جي “ عبرت” اخبار لاءِ لکيل ايڊيٽوريل مان ڏنو ويو آهي. ون يونٽ جي سياسي سازش خلاف هونءَ گهڻن محاذن تان جنگ وڙهي ويئي پر صحافتي ميدان ۾ مرد مجاهد ڏيپلائي صاحب ئي رهيو. هن اخباري مضمون ۽ ايڊيٽوريل وسيلن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ ۽ صوبن جي تاريخي حيثيت ۽ سندن اقتدار اعليٰ ۽ حق حاڪميت جي بحالي جو مطالبو ڪيو. جنهن جي موٽ ۾ سرڪار اخبار جا اشتهار بند ٿي ڪري ڇڏيا، هن ايڊيٽوريل ۾ ڏيپلائي صاحب جنهن عظيم پنجاب” ٺاهڻ واري منصوبي جو حوالو ڏنو آهي اهو بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ واري پاڪستان ۾ ڪيترونه سچ ثابت ٿيندو رهيو آهي.

“سنڌ جون رڙيون”  نالي ايڊيٽوريل ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان خاص ڌيان ڇڪرائي ٿو، جيڪو ان وقت جي فوجي حڪومت پاران مقرر ڪيل تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف آهي، جن ۾ ٽين درجي کان وٺي اردو لازمي قرار        ڏني ويئي هئي ۽ ڇهين درجي کان ان کي تعليمي ذريعو بنائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. پاڻ هن ايڊيٽوريل ۾ سنڌي ٻولي جو دفاع ڪندي لکي ٿو:

“ههڙي ترقي يافته زبان سنڌي، جا اڍائي سؤ سالن کان ذريعه تعليم پئي رهي آهي ۽ اٽڪل پنج هزار ورهين کان هڪ وڏي ايراضي جي ڳالهائڻ خواهه لکڻ جي زبان ٿي رهي آهي. تنهن کي هن طرح يڪ قلم نابود ڪرڻ جهڙين رٿن تي سنڌي وائيس چانسلر ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه پائي ها پر محترم صديقي صاحب کي انهن ڳالهين جو علم ڪونه هو ۽ فطري هو اردو جو دلدادو هو، ان ڪري هن بنا ڪنهن چون چران جي کڻي انهي “سنڌي ڪش” رپورٽ تي صحيح ڪئي”.

مٿي جنهن ايڊيٽوريل جو حوالو ۽ اقتباس ڏنو ويو آهي، اهو هر ڪنهن سنڌ سڄڻ کي پڙهڻ کپي ۽ مٿي ڏنل ٽڪري ۾ “سنڌي ڪش” لفظ جو واهپو ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪيو ويو آهي. اهڙي ڪوشش هڪ سچو ۽ نج پج هڪ سنڌ دوست انشا پرداز ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو.

آخر ۾ آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڏيپلائي صاحب هڪ عظيم انسان دوست، وطن پرست ۽ سچ جو علمبردار ليکاري هو. هو وهمن ۽ وسوسن کان آجي سنڌ جو حقيقي پرچارڪ هو ۽ هڪ نفرت، بدي، ڪوڙ، مذهبي تعصب ۽ مٿڀيد کان آجي سماج جو وڪيل هو.

اهڙا ماڻهو پنهنجي مٽ پاڻ هوندا آهن. انهن جو ڪم لفظي ساراهه کان گهڻو گهڻو مٿانهون هوندو آهي. ڏيپلائي صاحب جهڙا ليکڪ يا ته ڪنهن روايت جو انت هوندا آهن يا ڪنهن نئين طرز فڪر جي ايجاد ڪندڙ هوندا آهن اهي يا ته اهڙا باغي  هوندا آهن ۽ پراڻين روايتن تي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن اظهار جا نوان قالب گهڙيندا آهن ۽ نئون سوچ ۽ فڪر جو نظام تخليق ڪندا آهن. هو پنهنجي زماني کان گهڻو اڳتي سوچيندا آهن ۽ پنهنجي دور جي آرسي هوندا آهن. جيڪا اڳتي هلي سمئه جي صدا بنجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسين هن کي ياد ڪريون ٿا، سچ پچ ته ڏيپلائي صاحب جي ڪيل ڪارنامن ۽ خدمتن جو ڪوبه ملهه ناهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي هن محسن کي پنهنجي وجود جي بقا تائين وساري نه سگهندا.


 

محمد عثمان ڏيپلائي

سنڌي مشاهيرن ۾ هڪ اهم نالو

غلام رباني آگرو

ويهين صديءَ جي مشاهير ۾ محمد عثمان ڏيپلائي هڪ اهم نالوآهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجو غائبانه تعارف ۱۹۵۲ع ڌاران ٿيو. ان کان ڇهه سال اڳ سن ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي ٻين صوبن وانگر سنڌ جا اڪثر هندو باشندا به هندستان لڏي ويا. مان ساهتي پرڳڻي جي محبت ديري جتوئي پنئچائتي مڊل اسڪول ۾ انگريزيءَ جو ٽيون درجو پڙهندوهئس هندو ماستر هليا ويا، ته رڳو اسان جو اسڪول بند ڪو نهٿيو، ساهتيءَ جا سڀ  انگريزي اسڪول بند  ڪو نه ٿيو، ساهتيءَ جا سڀ انگريزي اسڪول بند ٿي ويا تر ۾ رڳو هڪ هاءِ اسڪول وڃي باقي بچيو، ڊڀري واري سائين الله آندي شاهه جو، مسلمان ٻآرن جي تعليم لاءَ ٺهرايل، مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهروفيروز، پر اهو اسان جي ڳوٺ آڳرن کان ٻارهن ڪو هه پري هو. ۽ منهنجي عمر ٻارهن وريهه هئي، سو منهنجي پڙهائي مسئلو ٿي پيئي.  

تن ڏينهن ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ پائمري اسڪولن جي مٿان ٻه سپروائيرز هوندا هئا: انهن ۾ هڪڙو منهنجو والد بزرگوار عبداللطيف آگرو هوندو هو. بابا سائينءَ کي تعليم جو ڏاڍو شوق هو. تن ڏينهن ۾ هند سنڏ جي مسلامن باشندن ۾ اڃا اِهو تاثرت هو ته جيڪو ٻار انگريزي پڙهندو، سو ڪرستان نه ٿيندو، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن واريون عادتون ته پڪ پرائيدندو، مطلب ته دين ايمان کان هليو ويندو. بابا پڪو مسلمان هو، پنجاهه سالن ۾ ڄاڻي واڻي نماز قضا ڪو نه ڪيائين، پر تعليم جي باري ۾ سندس پڪو پختو عقيدو هو ته تعليم هندو يا مسلمان يا ڪرستان ڪانه ٿيندي آهي. انهيءَ تي ڪفر ۽ اسلام جو ٺپو هڻڻ ۽ مذهبي خانن ۾ ورهائڻ غلط آهي، نه ته رسول پاڪ ائين ڪو نه فرمائي ته علم حاصل ڪريو، پوءِ توڙي چين ملڪ ۾ ملي، سو مان پنهنجي اولاد کي هر حال ۾ انگريزي پڙهائيندس.

منهنجي تعليم جو مسئلو انهيءَ ريت حل ٿيو .مون وڃي نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي، جتي رهائش لاءِ بورڊنگ هائوس موجود هو. منجهس پنجاهي کن شاگرد رهندا هئا. هڪڙي شاگردن جو نالو هو الله بخش ذات جو ڦُل هو. مون وانگر کيس به اسڪولي ڪتابن سان گڏ،ناولن ۽ قصن پڙهڻ جو شوق هوندو هو، پئسن تي ڪتاب خريد ڪندو هو، پر مون کي پڙهڻ لاءِ مفت ڏيندو هو. گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڏيپلائي  صاحب جا لکيل هوندا هئا. هوندا ناول يا قصي جي نموني ۾ هئا. پر اسلامي رنگ ۾ هوندا هئا. سندس ڪتابن جو اثر، ٻاراڻيءَ اوستا ۾، جلد ئي منهنجي ذهن تي جادوءَ وانگر چڙهي ويو.      

مون کي به الله بخش ڦل وانگر ڏيپلائي صاحب سان ملڻ جو شوق ٿيو، پر ڪابه صورت نظر ڪانه آئي. اڳتي هلي ڏيپلائي صاحب، پيرن ۽ مرشدن خلاف ڪتاب لکيا. الله بخش ڦُل چيو ته ڏيپلائي صاحب جا پيرن جي خلاف لکيل ڪتاب دلچسپ ته آهن، پر منجهانئن تبليغي انداز جي بوءِ اچي  ٿي.  پر ان جي باوجود اسان جي ذهن تي ڏيپلائي صاحب جي برگزيده شخصيت جي عزت ۾ ڪو به فرق ڪو نه آيو.

مان نوشهري فيروز مان مئٽر پاس ڪري، حيدرآباد آيس، ته ٻه ورهيه ڦليليءَ واري ڪاليج ۾ سائنس پڙهيم، پر ڏيپلائي صاحب سان ملاقات نصيب ۾ ڪانه هئي. حيدرآباد مان ڪاچيءَ هليو ويس، اتي ايس. ايم ڪاليج ۾ آرٽس پڙهڻ لڳس  ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪيم. رهڻ لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ جاءِ ملي، پر ۱۹۵۸ع  ۾ مارشل لالڳو، ته هاسٽل ڇڏڻي پئي. گانڌي گارڊن جي ڀرسان، لارينس روڊ تي، شو مارڪيٽ ۾ هڪ فلئٽ ۾ جوبي صاحب ۽ جمال رند سان گڏ رهڻ لڳس. اهو جلئٽ اصل ۾ اسان جي دوست سراج ميمڻ ڪرايي تي ورتو هو، پر ڪراچيءَ مان بدلي ٿيو، ته فلئٽ اسان کي ڏئي ويو. جڏهن اسان فلئٽ خالي ڪيو ته فلئٽ جي چاٻي مون امانت با سلامت کيس وڃي ڏني. ان وچ ۾ هڪ ڏينهن ڏيپلائي صاحب سان ملاقات ٿي وئي جوبي صاحب سان دوستي هئس، سو وٽس ڏينهن ٻن لاءِ مهمان ٿي آيو.     

مون کي ڏيپلائي صاحب سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، پر حيرت به لڳم، ڇو ته هي ڏيپلائي صاحب انهيءَ سخص کان بلڪل مختلف هو، جنهن و تصورمون سالن جا سال ذهن ۾ سانڍيو هو. هيءُ ڏيپلائي صاحب سنڌي سليمي ماڻهو هو. سنڌي سلوار قميص، مٿي  ۾ ٽوپي  ڳالهائڻ ٻولاهئڻ ۾ کل ڀوڳ. مون اسلامي رنگ جي ناولن ۾ جيڪو ڏيپلائي صاب ڏٺو هو، سو سراسر ٻيو هو. هن ڏيپلائي صاحب ۾مون کي پيرن ۽ مرشدن جي خلاف به چڙيا ڪاوڙ نظر ڪانه آئي اڳتي هلي سانگهڙ نالي هڪ ناول ڇاپيائين، جنهن ۾ به پيرن مرشدن خلاف ڪا ڳالهه ڪا نه هئي البت، سنڌ جي هڪ تمام وڏيءَ گاديءَ جي مريدن جو سٺو تذڪرو هو. اڃا به اڳتي هلي، ڏيپلائي صاحب جا خيال بلڪل مٽجي ويا. ترقي پسند خيالن ۽ نظرين ڏانهن مائل ٿيو ۽ انهن جي پرچار لاءِ انسان رسالوڪڍيائين.

ماڻهو جڏهن پنهنجن خيالن ۽ نظرين جو بيباڪيءَسان اظهار ڪري ٿو، تڏهن انهن خيالن ۽ نظرين جي مخالف ماڻهن هٿان ڏک ڏسي ٿو. ڏيپلائي صاحب جڏهن اسلامي رنگ ۾ ناول لکيا تههندن جي هٿان کيس ڪا خاص تڪليف ڏسڻي ڪانه پئي. سندس هڪ اڌ ڪتاب تي، سو سرڪار بندوش وڌي ٻئي طرف، سندس ڪتاب عام مسلمانن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ تيزيءَ سان وڪاڻا سنڌ ۾ پيريءَ مريديءَ جو ڏاڍو زور هو (اڃا به آهي) ڏيپلائي صاحب، پيرپرستيءَ جي خلاف لکيو ۽ دل کولي لکيو، پر، پيرن يا سندن مريدن به کيس ڪو نقصان ڪو نه پهچايو. پر جڏهن انسان رسالو ڪڍيائين، تڏهن جيل ۾به پيو ۽ مالي تنگ دستيءَ جو عذاب الڳ ڏٺائين. سندس وڏي فرزند مهمد علي ڏيپلائيءَ هڪ دفعي مون سان انه ڏکين ڏينهن جو ذڪر ڪيو، جڪو ڏاڍو دلپذير هو. ان کانپوءِ سندس همشيره محترمه ثريا سوز ڏيپلائي به ساڳيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ته بابا اسان کي ڪڏهن احساس ٿيڻ ڪو نه ڏنو ته هو مالي لحاظ کان ڏاڍن ڏکين ڏينهن مان گذري رهيوآهي، پر اسان کي اندازو ٿي ويو.        

ڏيپلائي صاحب سڀ سور ڏٺا، پر هيڻي  ڪو نه ٻوليائين جڏهن، ون يونٽ، ٺهيو تڏهن پنهنجيءَ عبرت اخبار کي ڪاري بارڊر ڏئي، سنڌ اسيمبليءَ جي وڏيرن ميمبرن تي اقبال جو هي شعر فتويٰ وانگر ڇاپيائين:      

دهقان و کشت و جُوي و خيابان فروختند،

قــــوم فرختـــند و چـــه ارزان فــروخــــتند

ڏيپلائي صاحب پهريون دفعو سن ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان جي مارشل لاءِ جيل ۾ پيو. نامور هاري اڳواڻ، حيدربخش جتوئيءَ کي به ساڻس گڏ سلهاڙيائون، جڏهن آزاد ٿيو، تڏهن اسان سان ڳالهه ڪندو هو ته جيل ۾ ۱۹۵۸ع جي مارشل لا جي باري ۾ عام مشهور هو ته ۱۹۵۷ع ۾ تڏهوڪيءَ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنرل ايوب خان، سڪندر مرزا جهڙن محب وطن ماڻهن سان ملي، مارشل لاءِ ۾ سنڌ ۾ رڳو اهڙا ماڻهو سرڪاري عتاب جو نشانو ٿيا، جيڪي وطن دوست هئا، ڇو ته ون يونٽ ٺاهڻ جو. 

هڪ مطلب ته اهو هو ته اوڀر پاڪستان جي اڪثريت واري پر ڳڻي ۾ پئرٽي (parity) جو نسخو استعمال ڪري، بنگالين کي منهن ڏجي، ۽ ٻيو ته اولهه پاڪستان ۾ ننڍن صوبن جو وجود ختم ڪجي، ته جيئن اتر ڦُرمار ۾ آساني ٿئي.“    

ڏيپلائي صاحٻ مثال ڏنو ته ايوب شاهيءَ جي وڏن ڪامورن ، فوجي عملدان ۽ خود وڏين ڪورٽن جي ججن کي پهريائين ڪوٽڙي بئراج جي ايراضيءَ ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون، پر اتي زمين ۾ ڪلر نڪري آيو، ته کين روهڙيءَ وٽ دبر ٻيلو ڪاٽي زرخيز زرخيز زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون. هڪ طرف سرڪاري نعرو هو ته ”وڻ پوکيو“ ٻئي طرف سرڪار پاڻ پئي سنڌ جا سرسبز ٻيلا ڪاٽيا.

ڏيپلائي صاحب اهڙيون ٻيون به گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. اسان گهڻو ڪري ڪراچي هوٽل ۾ گڏ ٿيندا هئاسين. اتي ڪچهريءَ جا ٻيا مکيه ميمبر شيخ علي محمد، غلام محمد گرامي ۽ سرائي اميد علي هوندا هئا. ننڍيءَ عمر وارن ۾ مان ۽ تنوير عباسي هوندا هئاسين. ٻيا به الاهي دوست ايندا هئا.جيل ۾ ڏيپلائي صاحب جو رات ڏينهن رفيق حيدربخش جتوئي صاحب هوندو هو، جنهن جو مٿس وڏو اثر پيو. جتوئي صاحب ڊپ ڊاءُ  ته سکيو ئي ڪو نه هو، ٻيو ته ٺهيو، جسٽس منير جي خلاف به چوپڙي ڇپائي هئائين، جنهن جو نالو هوinjustice of the chief justice  حڪومت کي ان چوپڙيءَ تي بندش وجهڻ جي جرئت ڪا نه ٿي.

ڏيپلائي صاحب جي اها راءِ صحيح هجي يا نه هجي، پر اها ته حقيقت آهي ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه چڙهي سنڌين جي ووٽن تي، پر هن به اڳوڻن آمرن جي روايت قائم رکندي، سيد صاحب کي سنڌ جي حقن جي حمايت ڪرڻ جي ڏوهه ڪري، سمورو عرصو ڪاٺ ۾ رکيو. ٻيو ته ٺهيو جڏهن سڪرات ۾ هو تڏهن به سندس سرڪار جو سنتري سيد صاحب جي سر تي بندوق کنيو بيٺو هو ته متان ڀڄي وڃي. البت، جڏهن وفات ڪيائين، ته محترمه وزيراعظم صاحبه سندس وارثن کي فاتح ڏيڻ لاءِ بذات خود سندس گهر پير ڀري وئي، ۽ مرحوم جي روح جي مغفرت لاءِ باضابطه نموني هٿ مٿي کڻي، خدا کان داعا به گھريائين.    

ڏيپلائي صاحب، حيدربخش جتوئي صاحب ۽ سيد صاحب ونگر جيسين زندهه رهيو، تيسين سنڌ تي ڪا به سوديباري ڪانه ڪيائين. هنن ٻنهي وانگر ڏک به ڏاڍا ڏٺائين، پر انهن جي پرواهه ڪا نه ڪيائين. سچل شايد اهڙا اعليٰ انسان خيال ۾ رکي چيو هو:               

عاشقن کي سُور سختيون، محب مهمانيون مُڪيون.

سنڌ ۽ بلوچستان م جاگيردارنه معاشرو موجود آهي. ملڪ ۾ ٻه ٽي دفعا زرعي سڌارا آيا آهن. هر ڀيري، زميندارن جي زمين گهٽيجي ويندي آهي، پر سنڌ ۾ نوعيت نرالي آهي، ملڪ جي مشهور ٻاويهن شاهوڪار خاندانن بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهيت هن سنڌ ۾ هڪ زميندار وٽ هڪ لک ايڪڙ زمين آهي. ٻيو پنهنجيءَ محنت ۽ خداداد ذهانت سان، اسي هزار ايڪڙ ڪري ويو آهي، ڪتاب ۾ ٻنهي جا نالا نشان سڀ لکيا پيا آهن.      

اهڙي قسم جي معاشري ۾ ماڻهن جي اڪثريت، هارين نارين ۽ مهنت ڪش مزدورن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي مسڪين جانورن جي ليول تي نزدگي گذاريندا اهن. بلوچستان ۾ ڪيئي  اهڙا ماڻهو آهن، جن وچارين کي سڄي عمر جتي پائڻ نصيب ڪانه ٿي . سنڌ ۾ سوين ماڻهو موجود آهن، جن اڃا ريل گاڏي ڪانه ڏٺِ آهي. اسان جو پيرُ، ميرُ ۽ ڀوتار سنڌ جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪُتي جوقدر آهي.

ڏيپلائي صاحب سنڌ جي هڪ سردار صاحب جي ڳالهه ٻڌائي ته نوابشاهه ضللعي ۾ پنهنجيڪنهن دوست وٽ دعوت تي ويو. چاليهه ڪُتا ۽ ويهه نوڪر وٺي ويو. سياري جي مند هئي. نوڪر رات جو هڪ هڪ ڪُتي لاءِ اڍائي سير کير ڪاڙهي کڻي ايندا هئا، جنهن ۾ مصري ۽ ڦوٽا پيل هوندا هئا. ڪُتا جيڪو کير بچائيندا هئا، سو ڄمائي رکندا هئا. صبح جو اهو ڌؤنرو ڪتن کي ڏيندا هئا. منجهند جو ڪتن کي چينيءَ جي پليٽن۾ پلاءُ ڏيندا هئا. گرميءَ جي مند ۾ آبهوا بدلائڻ لاءِ سردار صاحب پنهنجا ڪُتا ڪوئيٽا موڪلي ڏيندو هو.

ڏيپلائي صاحب ان قسم جي انڌير خلاف احتجاج ڪيو. سندس آواز بادلن جي گجگوڙ هو يا واءِ بلبل، سا ڳالهه اڳتي هلي، تاريخ نويس پرکيندا، پر هن جيئن سمجهيو، تيئن ڪيو. ڏک ڏٺائين، پر دانهن ڪونه ڪيائين. اڄ سندس اولاد ڏک ڏوالائي کان آجو آهي. عزت آبروءَ وارو آهي. سکيو ٽڪر کائي ٿو. پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن جي اولاد وانگر کريل ڪونهي. اها ڳالهه سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ سبق آهي.

ڏيپلائي صاحب جي مون سان سڄي عمر محبت رهي. سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. اهي مون کان وسرن ئي نٿيون. ڏاڍو شگفته مزاج هو. پوين سالن ۾ پاڻ شيخ علي محمد ۽ مان، ٽئي ڄڻا، حيدرآباد گاڏي کاتي واريءَ سلطان هوٽل ۾ ۳۱ ڊسمبر تي، پوري رات جو ٻارهين بجي، ڪسٽرڊ پڊنگ کائي، وات مٺو ڪندا هئاسين. نيئين سال جو جشن ملهائيندا هئاسين..        

هاڻي انهيءَ تاريخ تي ٻئي يار ڏاڍو ياد ايندا آهن. منهنجون نگاهون هيڏي هوڏي هنن لاءِ واجهائينديون آهن، پر آخر راس ٿي، مون وٽ ئي موٽي اينديون آهن. مير تقي مير ياد ايندو آهي:

مت سول وميه سمجهو، پهرتا وه فلک برسون

تــــب خاک کـــه پردٿ سٿ انسان نکلته هيه

***


 

محمد عثمان ڏيپلائي

منهنجو ساهه، منهنجو استاد

پروفيسر تاج جويو

ويهين صدي جي پهرئين ڏهاڪي (۱۹۰۸ع) ۾ جنم وٺندڙ ۽ پڇاڙي (۱۹۸۱ع) ۾ وڇڙي ويندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، پبلشر، اديب، عالم ۽ صحافيءَ محمد عثمان ڏيپلائي جي شخصيت تي نظر وجهنداسون ته سندس وجود سنڌ ۽ خاص ڪري ٿر جي سرزمين لاءِ ڪرشمو ڀاسندو، ڄڻ ته فطرت، ٿر ڄايل سمورن وڏن ڪردارن جو روح هن هڪ شخص ۾ ڦوڪي ڇڏيو هو. هي هڪ ئي وقت حب الوطني جو مينار هو. هيڻن جو همراهه هو، سچو پورهيت اديب هو. مزاحمتي ادب جو سرواڻ هو. نثري ادب جو قطب نما ۽ شاعري جو سچو شارح هو، سچ، سونهن ۽ سُر جو متلاشي انسان هو. خود داري ۽ خود اعتمادي جو ڪارونجهر جبل هو ۽ الائي ڇاڇا هو!؟ ڏيپلائي جهڙا سچا، بيباڪ انسان صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن ۽ ويندا آهن ته صديون ويران ڪري ويندا آهن. هن قسم جا انسانن جو وجود، خدا جو مظهر ۽ فطرت جو معجزو هوندو هي.

ڏيپلائي صاحب، ادب ۽ صحافت جي دنيا جي گهڻ رخي شخصيت رهيو آهي،  هن ادب ۽ صحافت وسيلي سنڌ ۾ وڏو تحرڪ ۽ تغير پيدا ڪيو. سندس تحريرن ۾ ايڏو ته اثر ۽ دلڪشي رهي آهي جو هن جي زندگي جي ٻنهي دورن، مذهبي توڙي ترقي پسند دورن، سنڌ عوام ۽ اديبن کي بيحد متاثر ۽ ڪشش پئي ڪيو آهي.

ڏيپلائي صاحب جڏهن مڪمل مذهبي ماڻهو هو، تڏهن به هن غريب عوام کي سماجي چورن، ملن، پيرن، زميندارن، ڪامورن ۽ وياج خور هندو سيٺين ۽ ڪٽر مهاسڀائين جي ڏاڍاين، براين ۽ بداعمالين کان بچائڻ لاءِ قلم کي ذريعو بنايو هو ۽ جڏهن  مذهبي جماعتن جي مدي خارج سوچ کان آزاد ٿي، روشن خيال، ترقي پسند ۽ محب وطن سنڌي بڻيو، تڏهن به هن سنڌ مان وهم پرستي، پير پرستي، زميندارڪي ۽ ڪامورڪي ڏاڍ ۽ ٻاهرين جي تسلط ۽ قبضا گيري کان سنڌي عوام، هاري ناري کي آجي ڪرڻ لاءِ قلم کي ڪتب آندو.

ڏيپلائي صاحب ۱۹۱۹ع کان قلم هٿ ۾ کنيو ته زندگي جي آخري لمحن فيبروري ۱۹۸۱ع تائين لڳاتار ۶۲ سال قلم جي حرمت کي سلامت لکندو آيو ۽ ڪڏهن به مصلحت ۽ موقعي پرستي کان ڪم نه ورتائين. جيڪي ڪجهه لکيائين ان تي سندس ذهن ۽ ضمير مطمئن رهيو. وقت ۽ حالتن جي تقاضن ۽ تبديلي موجب پنهنجي پراڻين سوچن ۽ خيالن کي تبديل ڪرڻ ۾عيب نه سمجهندو هو. وقت جو وڏو نبض شناس اديب هو. سنه ۱۹۴۹ع کان اڳ پنهنجي لکيل مذهبي شدت پسندي واري ادب کي اڳتي هلي جنهن جرئت ۽ دليري سان رد ڪيو، اها هڪڙي ڳالهه ٿي سندس عظمت جو وڏو دليل آهي.

ڏيپلائي صاحب مجاهد صحافي ۽ ارڏو اديب هو. کيس مزاحمتي ادب جو سرواڻ سڏيو وڃي ٿو. پنهنجي دور جو هڪ بيباڪ صحافي هو. هو عوام، قوم ۽ انسان ذات جي بهتري لاءِ لکندو هو. هو حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، هيڻي ۽ ڏاڍي جي معاملي ۾ ڪڏهن به غير جانبدار نه رهيو. هو حق، سچ ۽ هيڻي جي حمايت ۾ هميشه جانبدار رهيو. هن جا لکيل ايڊيٽوريل هن ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

اولهه پاڪستان جي ون يونٽي سرڪار جڏهن ون يونٽ خلاف لکڻ تي سندس اخبار عبرت (عبرت اخبار آگسٽ ۱۹۵۸ع تائين سندس ملڪيت ۽ سندس ئي ادارن ۾ نڪرندي هئي) جا اشتهار بند ڪيا هئا ۽ سرڪار جي زميدار آفيسرن، ڏيپلائي صاحب تي واضح ڪيو هو ته جيستائين ”عبرت“ سنڌ جي پنجاب کان آزادي لاءِ لکندي رهندي تيستائين هن جا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، ته به هو باز نه آيو، سندس ۲۶ اپريل ۱۹۵۷ع تي لکيل ايڊيٽوريل ”عظيم پنجاب جو نذرانو“ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو  ته هن جي نظر ۾ اهڙي اخبار بند ٿي ڀلي آهي، جيڪا وطن ۽ عوام جي فائدي ۾ نه لکندي هجي، ان ڪري هن پنهنجو فرض سمجهي آمريت خلاف جدوجهد جاري رکي.

پاڪستان سرڪار جڏهن ”شريف تعليمي ڪميشن“ جي مادر زبان دشمن پاليسي، ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڏيپلائي صاحب وڏي جرئت سان دليل ۽ منطق جي زبان ۾ ”سنڌي مادري زبان جي تعليم“ جي حق ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکي تعليمي ڪميشن جي سفارشن کي رد ڪيو. ان ڏس ۾ سندس ان وقت جي مرڪزي وزير اطلاعات جناب ذوالفقار ڀٽي کي مخاطب ٿي لکيل ايڊيٽوريل “ هڪ بيباڪ انڪشاف“ هفتيوار انسان، (۹ مئي ۱۹۶۰ع)، صدر پاڪستان، وزير تعليم، وزير اطلاعات، ذوالفقار علي ڀٽو، هاءِ ڪمشنر پاڪستان اي ڪي بروهي، سفير پاڪستان پير علي محمد راشدي ۽ گورنر ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي مخاطب ٿي لکيل ايڊيٽوريل ” سنڌ جون رڙيون“ هفتيوار  انسان، (۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع) ۽ تعليمي ڪميشن جي رپورٽ پنهنجي ئي اکرن جي آئيني ۾” ۽ ”اردو يا سنڌي ۽ سنڌي؟ تبصرو ۽ خط جو جواب (هفتيوار انسان، ۹ مئي ۱۹۶۰ع) پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو سنڌي مادري زبان جي ذريعي تعليم واري حيثيت جو ڪيتري قدر حامي هو. اڄ جڏهن اسان جا ڪي ڏسڻا وائسڻا ۽ پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو پرائمري پهرئين درجي کان ٻارڙن کي ڪچڙي عمر ۾ مادري زبان سنڌي سان گڏ ٻي زبان انگريزي لازمي پڙهائڻ واري غير فطري سرڪاري طريقي ڪار جا حامي نظر اچن ٿا. تڏهن انهن ماڻهن جي اکين کولڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب جا مٿيان ايڊيٽوريل ۽ تبصرا ڪافي آهن.

ڏيپلائي صاحب نقاد به وڏو هو، سندس تنقيدي ڪاٽ جو اندازو سندس ٻن تنقيدي مضمونن ”شاهه جي رسالي جي شرح“ ۽ ”ڀونئرڀري آڪاش“ شيخ اياز ۽ بقول اياز جي پيش لفظ سب تنهن جهيڙي جو مان سندس تنقيدي نگاهه  جو چڱي ريت اندازو ٿي سگهندو.

ڏيپلائي صاحب مزاج نگار به وڏو هو، سندس ناولن، ناٽڪن، مضمونن، افسانن ۽ ايڊيٽوريلن مان اها ڳالهه چٽي ريت ظاهر ٿئي ٿي، سندس هڪ مضمون ”سنڌي ۾ مزاحيه ادب“ جي عنوان مان ڄاڻ پوي ٿي. هو نه رڳو سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح جي تاريخ کان واقف هو، پر خود به وڏو مزاج نگار اديب هو.

ڏيپلائي صاحب جي مضمون نويسي به پنهنجي مٽ پاڻ هئي، مضمونن نويسي ۾ سندس موضوع تي گرفت، ٻولي سگهاري، طرز ادائگي دلڪشن ۽ رواني غضب جي هوندي هئي. سندس مضمونن ”لطيفي ديڳ جو ڍڪڻ لاهيندڙ حضرت سچل سرمست“، ”شهيد انسانيت ابراهام لنڪن“ ۽ منهنجو رهبر، مولانا دين محمد وفائي، مان سندس منفرد اسلوب جو پتو پئي سگهي ٿو.

خط نويسي کي ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت آهي، ڏيپلائي صاحب به دوستن کي ڏاڍا دلچسپ ۽ معلوماتي خط لکيا آهن. جيڪڏهن سندس خطن کي سيڙجي ته هڪ ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو.

ڏيپلائي صاحب مشاهدي نگار به وڏو هو. هن جي مشاهدي نگاري ۽ منظرنگاري جو حسن سندس لکيل ”جيل جي مشاهدن“ ۾ نڪري بيٺو آهي. ڏيپلائي صاحب ٽي دفعا جيل ياترا ڪئي. ان دوران هن جيل جي دنيا بابت ”جيل جا مشاهدا“ عنوان سان ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي افسانوي ٻولي ۾ لکيل، بلڪه افسانا آهن، سندس سمورا جيل جا مشاهدا هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙي سگهجن ٿا.

ڏيپلائي صاحب وڏو سوانح نگار به هو. انهي سلسلي ۾ سندس لکيل ڪتابن ۽ مضمونن جي مطالعي مان ڏيپلائي صاحب جي زندگي جا سچا عڪس ڏسي سگهجن ٿا.

ڏيپلائي وڏو افسانه نگار هو. سندس سوين افسانا ۽ ڪيترائي افسانن جا مجموعه ڇپيل آهن، جن مان سندس حقيقت نگاري جا سمورا رخ نکري نروار ٿين ٿا.

ڏيپلائي صاحب وڏو ناول نويس ۽ ناٽڪ نويس پڻ هو. هن سو کن ناول ۽ ۱۴ ناٽڪ لکيا. ايڏي وڏي انگ ۾ ناول لکي ڏيپلائي صاحب ثابت ڪيو ته هو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار آهي، جديد دور ۾ گوبند مالهي کي ”ناول سمراٽ“ سڏبو آهي، جنهن ۲۶ ناول لکيا، ان حوالي سان ڏيپلائي صاحب کي ”ناول جو بادشاهه“ سڏي سگهجي ٿو. سندس ڪيترائي ناتڪ ڪيترائي ڀيرا اسٽيج ٿي چڪا آهن، سندس ناٽڪ نگاري جو هڪ پنهنجو  رنگ آهي، جنهن جهڙو اندازو ٻين وٽ مشڪل هوندو.

ڏيپلائي صاحب لطيفيات، نفسيات، تاريخ، لسانيات، شخصيات ۽ دينيات جي حوالي سان پڻ سنڌي ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس قلمي پورهيو ويهين صدي ۾ مرزا قليچ بيگ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اچي ٿو. پر ڏيپلائي صاحب ”مقصدي ادب“ تخليق ڪيو آهي، ان حوالي سان ڏيپلائي صاحب جو پنهنجو منفرد مقام بيهي ٿو.

ڏيپلائي صاحب گهڻي ۾ گهڻو ”مذهبي ادب“ ترجمو ڪيو. پر سندس ترجمو ڪيل ترقي پسند ۽ حقيقت نگاري تي ٻڌل ناول ”امڙ“ (مئڪسم گورڪي جو ناول مڌر) سسي نيزي پانڌ (دوستو وسڪيءَ جي ناول tempered)  How the steel was جو اختصار)، جپاني گڏي (پرل ايس بڪ جي ناول Dragon Seed) جو ترجمو ۽ اختصار شاهڪار حيثيت رکن ٿا، ترجمي ڪار جي حيثيت ۾ پڻ ڏيپلائي جو ناول سنڌي ادبي دنيا ۾ نهايت مٿانهون بيهي ٿو.

شيخ عزيز جي لفظن ۾ ڏيپلائي صاحب هڪ ”بسيارنويس“ ليکڪ هو. هن ادب جي جنهن به صنف تي لکيو ڀرپور ۽ معياري لکيو. ڏيپلائي صاحب شاعر به هو. هن ”شائق“ جي تخلص سان شاعري ڪئي. سندن ٽڙيل پکڙيل شاعري، خاص ڪري ناٽڪن ۾ لکيل شاعري ۽ ٻي عشقيه ۽ مقصدي شاعري کي گڏ ڪري ڌار ڪتاب ڇپائڻ جي ضرورت آهي، کيس سنڌي، اردو، هندي ۽ فارسي شاعري جي ڄاڻ تي وڏو عبور هو. انهن ٻولين جا شعر هو پنهنجي سمورين لکڻين ۾ موقعي مهل تي مناسب طريقي سان استعمال ڪندو هو.

ڏيپلائي صاحب جون لکڻيون جتي سنڌ جي اڪثر روشن خيال اديبن لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻيل رهيون هيون. اتي مون به ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان اتساهه پرايو ۽ ويساهه اٿم ته ڏيپلائي صاحب جو نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه جيئرو رهندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل پڻ ڏيپلائي صاحب جي تخليقن مان لاڀ پرائيندو رهندو.


 

محمد عثمان ڏيپلائي

حقيقي جينيئس

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

دنيا جي عظيم انقلابي قلمڪارن، ڊرامه نويسن، افسانه نگارن، تاريخ نويسن، مزاحيه رائيٽرس ۽ بيباڪ صحافين جي زندگي جي مطالعي بعد جڏهن آئون محمد عثمان ڏيپلائي جي زندگي ۽ تخليقي ڪتابن جو مطالعو ڪريان ٿو ته آئون حيران ٿي وڃان ٿو. محمد عثمان ڏيپلائي جي لکڻين جو اثر سنڌ جي نوجوانن، ڳوٺاڻن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ دانشورن تي ايترو ته گهرو آهي جو گذريل سٺ ستر سالن ۾سنڌ جي تمام وڏن ڏاهن، تاريخدان، علم لسانيات جي ماهرن ۽ دانشورن سندس تحريرن کان الهام حاصل ڪري پنهنجي منزل ماڻي آهي. سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا لا تعداد ناميارا اديب، صحافي ۽ ليکڪ ڏيپلائي مرحوم جا پرستار آهن.

محمد عثمان ڏيپلائي هڪ قلندر منش انسان هئا. سندن تعلق ٿر جي پوئتي پيل علائقي جي ڏيپلي شهر جي هڪ غريب گهراڻي سان هو. پاڻ پهرين نمبرن ۾ ڇهون درجو سنڌي ۱۲ سالن جي عمر ۾ پاس ڪيائين. ان بعد وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، هڪ سال فارسي پڙهي پيءُ سان گڏ واپار لاءِ ٻهراڙين ۾ ويندو رهيو. پر انهي دوران ٿوري گجراتي، هندي، انگريزي ۽ گرمکي وغيره به پڙهندو رهيو. انهي کان علاوه اردو تي به چڱو عبور حاصل ڪري ورتائين اڃان ۱۸ ورهين جو نوجوان هو ته سندس شادي ۱۹۲۵ع ۾ ٿي. وري ٿر ۾ ڏڪار پيو، حالات ڏاڍا خراب ٿي ويا. پاڻ فائنل پاس ته هو ڪو نه جو کيس ڪا سرڪاري نوڪري ملي سگهي. مجبورن کيس هڪ وڏيري صاحب وٽ ماهوار ڏهن روپين جي پگهار سان عملي زندگي جو آغاز ڪرڻو پيو. چئن مهينن بعد وري وڃي ٻئي وڏيري وٽ ويهن   روپين جي پگهار تي منشي ٿي ڪم ڪرڻو لڳو. جتي تقريبن ڇهه سال ملازم رهيو. پر هن فقط هڪ پنج روپيا پگهار وڌايو. لاچار اها نوڪري ڇڏي ٻي زميندار وٽ وڃي منشي ٿيو. جتي ويهه سال ملازم رهيو ۽ آخر ۾ وڃي سندس پگهار پنج سئو تي پهتو. اتي ايمانداري سان فل ڊيوٽي ڏيندو رهيو.

اهڙي ماڻهو کان ڪو توقع ڪري سگهي ٿو ته هو ايڏو وڏو تخليقڪار ٿيندو؟ ليڪن محمد عثمان ڏيپلائي هڪ حقيقي جينيئس هو. جنهن قوت ارادي، همت ۽ حوصلي سان خراب حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو ورنه لکين پورهيت خانگي نوڪري ڪندي طبي زندگي پوري ڪري لاڏاڻو ڪري ويا ۽ اڄ سندن نالي کان به ڪير واقف ڪونهي، محمد عثمان ڏيپلائي خدا داد لياقتن جو مالڪ هو. الله تعاليٰ کيس بي حد سٺو حافظو عطا ڪيو هو. هڪ دفعي ڪتاب پڙهڻ سان کيس ڪتاب ياد ٿي ويندو هو.هن زندگي جو مشاهدو ڪيو هو، هر هنڌ غريب هارين سان ظلم ٿيندو ڏٺو هو. پيرن فقيرن جي ڄار ۾ ڦاٿل غريب ۽ اٻوجهه عوام جي حالت زار جي حقيقت کان واقف هو. جڏهن ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ٿي ۽ سر چاليس نيپئير غاصبانه قبضو ڪيو. ان وقت سنڌ هڪ خوشحال ملڪ هو ۽ مسلمانن جي آبادي ۷۳ سيڪڙو هئي. انگريزن، ميرن جي غدارن کي وڏيون وڏيون جاگيرون ڏئي سنڌي مسلمانن کي جاگيردارن وٽ گروي رکي اهڙو نظام مڙهي ويا آهن جو اڄ به آزادي کان ۶۵ سالن بعد جاگيردارن، وڏيرن ۽ سول ۽ مليٽري بيوروڪريٽس جي ملي ڀڳت ڪري سنڌي عوام کي تعليم نظام کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ويجهڙائي ۾ ڪنهن وڏي تبديلي جا آثار به نظر نٿا اچن. ۱۸۴۷ع ۾ سر چارلس نيپئير گورنري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيڻ وقت هڪ ٻيو ظلم ڪري ويو ته جيئن سنڌ جا اٻوجهه مسلمان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم سان گڏو گڏ هندن جا به غلام بڻجي وڃن. يعني سنڌ جو مبمبئي ريزڊنسي سان الحاق ڪيو ويو. ان بعد نه صرف مسلمانن جي سنڌ ۾ اڪثريت ختم ٿي وئي ۽ هو ۷۳ سيڪڙي مان وڃي ۲۷ سيڪڙو ٿيا پر ان سان گڏو گڏ هو معاشي طور ڪمزور ٿي ويا ۽ تعليم ۾ به پوئتي پئجي ويا ۽ هنن لاءِ سرڪاري نوڪرين جا رستا به بند ٿي ويا. هندن جو ايڏو ته من وڏي ويو جو هو، مسلمانن کي حقير سمجهڻ لڳا ۽ کين ڄٽ چوڻ لڳا. اسلام ۽ مسلمانن جي تهذيب ۽ ثقافت جي توهين ڪندا رهيا. مسلمانن وڏي جدوجهد ڪري ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان آزاد  ڪرايو. ان جي باوجود هندن جو زور نه ٽٽو. سنڌ آزاد صوبو بنجڻ پوءِ هندو مسلمان، سياستدانن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا رهيا. مسلمان نوي سال هندن سان گڏ رهڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪري چڪا هئا ته مسلمان گڏيل هندستان ۾ انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ هندو راڄ ۾ سندن غلام بنجي ويندا. تعليمي ميدان ۾ مسلمان پوئتي هئا. سنڌي عوام اٻوجهه  هو. منجهن سياسي شعور به گهٽ هو. وڏيرن ۽ جاگيردارن کين قرض ۾ جڪڙي پاڻ وٽ غلام بڻائي ڇڏيو. پيري مريدي عروج تي هئي. هندن اسلام ۽ اسلامي ثقافت خلاف لٽريچر شايع ڪري اٻوجهه مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. هندن ”مغل رنگ محل“ ۽ ٻيا هڪ ٻئي پٺيان يارهن ناول ڇپريا. ڪمزور مسلمان آفيسرن  طرفان ”مغل رنگ محل“ انعامي ڪتاب جي حيثيت ۾ لائبريري لاءِ منظور ڪيو ويو.

ان دور ۾ مسلمانن لاءِ محمد عثمان ڏيپلائي هڪ مسيحا بنجي اڳتي وڌيو. تحقيق ڪري ”ڏاهري رنگ محل“ شايع ڪيو جنهن ۾ اعتراض جوڳا ٽڪرا ۽ فوٽا خود شريمد ڀڳوت، ويدن، ستيارٿ، پرڪاش، رگويد ۽ ٻين هندن جي لکيل ڪتابن تان ورتل هئا ۽ حوالا ڏنل هئا. ”ڏاهري رنگ محل“ خلاف شڪارپور کان وٺي ممبئي تائين هلچل هلي. هن ڪتاب ڇپجڻ بعد ڏيپلائي مرحوم کي سڄي هندستان ۾ شهرت ملي. هندن جي ڪوشش هئي ته  اهڙي ڪتاب لکڻ تي ڏيپلائي مرحوم تي مقدمو هلائي سزا  ڏياري وڃي ليڪن جيئن ته ڏيپلائي صاحب تحقيق ڪري حوالا ڏئي ڪتاب لکيو هو انهي ڪري مقدمو ته ڪو نه ٿيو باقي اٺن مهينن بعد ڪتاب ضبط ٿيو.

”ڏاهري رنگ محل“ ضبط ٿيڻ کان ڏيپلائي صاحب جوش ۾ اچي سندس هفتيوار اخبار ”انسان“ ۾ لکيو ته منهنجو ڪتاب ته ضبط ٿا ڪريو، جنهن ۾ سچا حوالا آهن، پر ستيارٿ پرڪاش“ جو  چوڏهون باب ڇو نٿا بند ڪريو. جنهن ۾ ۱۰۲ ڪوڙا حوالا ۽ خود رسول اڪرم صلعم کي گاريون لکيل آهن، آخر قائد اعظم محمد علي جناح ان  ڪتاب جي چوڏهين باب کي ضبط ڪرڻ لاءِ هند اسيمبلي ۾ ريزوليشن آندو، اهڙي طرح آخرڪار اهو باب ضبط ٿيو. جيتوڻيڪ ان ڪتاب خلاف اڳ ٻه دفعا ۱۸۹۹ع ۽ ۱۹۲۵ع ۾ هندستان جا مسلمان ڪوششون ڪري چڪا هئا پر ڪو کڙتيل ڪو نه نڪتو هو.

محمد عثمان ڏيپلائي زميندارن جي نوڪري ڪندي به اهڙي منظم طريقي سان وقت جو صحيح  استعمال ڪيو جو تقريبن ڇويهه سال جي ملازمت دوران سئو کن ڪتاب لکي ڇپايا. وڏا وڏا ليکڪ هر سهولت جي باوجود ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي نٿا سگهن. ڏيپلائي صاحب جي زندگي جو مقصد هو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ هندن جي اسلامي عقيدن ۽ مسلمانن خلاف دشمني کي تاريخي دلائل ڏئي سنڌي مسلمانن کي آگاهه ڪري ۽ گڏيل هندستان ۾ مسلمانن سان جيڪا ويڌن ٿيندي انهي جو نقشو چٽي سنڌي مسلمانن کي تحريڪ پاڪستان جي حمايت لاءِ آماده ڪندو رهيو. گڏو گڏ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم خلاف جنگ جاري رکيائين. اٻوجهه ماڻهن کي  پيرن جي چڪر مان ڪڍڻ لاءِ قلم جو جهاد ڪندو رهيو. قيام پاڪستان کانپوءِ سنڌ جي حقن لاءِ به آواز بلند ڪيائين. محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري جڏهن ون يونٽ جو اعلان ڪيو ته ان وقت ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. تعليمي ڪميشن ۾ سنڌي ٻولي جي وجود کي خطرو محسوس ڪندي ان جي خلاف جدوجهد ڪئي.

محمد عثمان ڏيپلائي وڏو توڪل ڪرڻ وارو انسان هو ۽ ارادي جو پختو هو. اسلامي تاريخ ڪتابن جو سلسلو جاري رکڻ جو جڏهن فيصلو ڪيائين ته وٽس فقط پنجاهه روپين جي موڙي هئي. ”اسلاميه دارلاشاعت“ جو بنياد رکيائين. جنهن ۱۳۳ ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ قرآن شريف ڇاپي پڌرا ڪيا نه صرف ايترو پر اڳتي هلي ڏيپلائي صاحب پنهنجي  پريس  به خريد ڪئي. دراصل ڏيپلائي صاحب قوت ارادي سان هر مشڪل کي منهن  ڏنو ۽ ڪامياب ٿيو.

 سندس دماغ ڄڻڪ ڪمپيوٽر هو ۽ خيالن کي يڪجا ڪري لکندو ويندو هو. ايستائين جو سندن ڪتاب، مضمون، مقالو وغيره تيار ٿي ويندو هو.

ڏيپلائي صاحب جا اسلامي تاريخي ناول پڙهي مون ۾ اسلامي تاريخ جو شوق پيدا ٿيو. سندس تحريرون پڙهي تحريڪ پاڪستان ۾ ننڍپڻ ۾ حصو ورتم، مون جهڙا هزار ها ٻار ڏيپلائي صاحب کان متاثر ٿيا. ڏيپلائي صاحب دراصل حقيقي جينيئس هو. جيڪو ذهانت سان سنڌي ماڻهن جو ذهن تبديل ڪندو رهيو، سندس انقلابي پيغام سنڌ لاءِ بيش بها سرمائي جيان آهي، مختلف شعبن ۾ سندس ڪيل ڪم تي ڪيتريون ئي پي ايڇ ڊيز ڏئي سگهجن ٿيون. اهو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، آخر ۾ آئون پنهنجي مقالي جو اختتام ڊاڪٽر غلام علي الانا، جيڪو ناميارو اسڪالر آهي، جي اقتباس تي ختم ڪندس.

 ”خدا تعاليٰ سنڌ کي لطيف سائين کانپوءِ، ٽي وڏا ماڻهو عطا ڪيا آهن؛ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. هنن جا سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻولي تي وڏا احسان آهن.“


 

محمد عثمان ڏيپلائي

ادب ۾ مزاحمت جو علمبردار

ڊاڪٽر فهميده حسين

محترم شخصيتن جو تجزيو ڪرڻ ۽ انهن جي ڪيل خدمتن ۽ ڇڏيل ورثي کي ياد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ان جو ڇيد ڪرڻ ۽ ماڻهن ۽ واقعن ، تاريخن ۽ تواريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به اهم آهي ۽ اهي ٻئي عمل ضرور ڪجن. انهن نه صرف انهن شخصيتن جي باري ۾ سندن دور جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي بلڪ فردن توڙي قومن کي ”خودشناسي“ جو به موقعو ملي ٿو.اهڙي پرک جي نتيجي ۾ گذريل ڪجهه سالن کان مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪيل پورهئي کان مڃتا ملڻ لڳي آهي ۽ اهو تاثر عام ٿيو آهي ته هو هڪ محڪم مزاحمتي انسان هو. سنڌي ادب ۾ مزاحمت سان ڪمٽمنٽ رکندر سمورا ليکڪ مون بهادر ۽ ارڏا  ڏٺا جو پنهنجي ضمير سان سچو رهڻ ئي دراصل هر ڪمٽمنٽ جو بنياد آهي. جي هو ڪنهن مقصد، ڪنهن نصب العين سان واڳيل هجي ته پوءِ اُن لاءِ ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهي. سندس رهنمائي سندس اندر جي روشني جو ڪندي آهي . اهڙن ئي اندر جي روشن ماڻهو مان ڏيپلائي صاحب به هڪ هو ۽ مون کي خوشي آهي ته مون نه صرف کيس ڏٺو پر سندس ڌيءُ زينت مرحومه سان دوستيءَ جي ناتي آءُ ڪنهن وقت جهڙوڪر سندن گهر جي ڀاتي هئس.

مون کي ڏيپلائي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو، هن جو قلمي پورهيو ڪو هڪ ٻه نه پر ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ ڪتابن تي مشتمل آهي جن ۾ هن وقت موضوعن جي ڪيتري به گهڻائي هجي، صنفون به مختلف آهن پر بنيادي ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي آهي سا آهي عام ماڻهوءَ کي وهمن وسوسن ۽ اجاين ريتن رسمن جي ڪوڙڪي مان آزاد ڪرڻ لاءِ ذهني سجاڳي جو مقصد، ويساهه وسوڙل ۽   ضعيف الاعتقاد ماڻهن کي ڪڏهن مذهبي ڪتابن ذريعي ئي سمجهايائين ته ڪڏهن وري پير پرستي ۽ قبرپرستيءَ جي خلاف آواز اٿاري سندن ذهن کولڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪڏهن انسانن کي صحيح واٽ ڏيکارڻ لاءِ اسلام جو سهارو ورتائين ته ڪڏهن ڪميونسٽ  فڪر جو. مقصد سندس هو انسان ۽ انسانيت جي ڀلائي، ڪڏهن صحافت ادب ته ڪڏهن سياست جي وسيلي هن اهي مقصد ماڻڻ جي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي راهه ۾ ڏک ڏاکڙا ، جيل سختيون سٺائين پر مزاحمت نه ڇڏيائين. ادب جي ميدان ۾ هن ڪا به صنف نه ڇڏي. ڪهاڻيون ، ناول ، ڊراما لکڻ ۽ شاعري به ڪئي ته تنقيد تحقيق به. پاڻ نه صرف ”سانگهڙ“ جهڙو هڪ منفرد تاريخي ناول لکيائين پر ڪيترائي تاريخي ناول ترجمو يا اخذ پڻ ڪيائين. سائين پنهنجن ماڻهن کي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو شعور به ڏنائين ته برصغير ۽ دنيا جي خاص ڪري اسلامي دنيا جي تاريخ کان به واقف ڪيائين. جنهن به موضوع تي لکيائين تمام بيباڪ ٿي لکيائين ۽ هر مدي خارج ، فرسوده خيال ۾ فڪر کي رد ڪيائين. پاڻ هر قسم جي سماجي ۽ اخلاقي برائي خلاف جهاد ڪيائين ۽ وقت سان ايندڙ نئين فڪر کي قبول ڪيائين ۽ ان ۾ يقين رکي لکيائين. منافقت نه ڪيائين ۽ ڪڏهن  اهو ڪو نه سوچيائين ته ان کان اڳ وارو فڪر ۽ نظريو شايد ان جي ابتڙ هو. ڇو ته هن جي ذهني ارتقا ۾ هڪ تسلسل نظر اچي ٿو. هن بس پنهنجي آدرش کي ئي اهميت ڏني جيڪو هو ”انسانيت جي ڀلائي ، سنڌي سماج جي سنوار ۽ سڌارو“.

”ڏاهري رنگ محل جهڙو ڪتاب لکندڙ اديب ورهاڱي کانپوءِ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ سياست ڏسي بنهه بدلجي ويو ۽ سندس تحريرن ۾ ٻين مذهبن لاءِ احترام ۽ صوفي واري اهنسا۽ عدم تشدد جو عزم اچي ويو. ان ڏس ۾ رشيد ڀٽيءَ ڏاڍو سٺو تجزيو ڪيو آهي لکي ٿو ته ”مرحوم ڏيپلائي جي سوچ ۽ فڪر ارتقا ۽ تبديلي جو نمايان مظهر آهي. اسان جي ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ واري نسل جو اديب به ذهني ارتقا جي انهن ئي منزلن تان ٿيندو اڄ جي درجي تي رسيو آهي.

سچ ته اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب جو اهو دور سنڌ ۾ ماڻهن جي ذهني اوسر ۾ ڏاڍو اهم دور هو جنهن ۾ ادب ۽ صحافت جي کيتر ۾ جديد لاڙن اختيار ڪرڻ لاءِ همٿايائين، ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺي پنهنجن حقن لاءِ جاکوڙ ۽ ناانصافين خلاف مزاحمت جو درس ڏنائين۽ اڄوڪي سنڌ ۾ جيڪو نئون ذهن آهي ان جي لاءِ راهون گهڙيائين . اهڙا ماڻهو پاڻ تاريخ ٿيندا آهن.تاريخ ٺاهي، رقم ڪري به ويندا آهن. هو ڪنهن سماج جي پيڙائن جي لاءِ صدائون ڏيندي ڏيندي پاڻ به ڄڻ ته ڪا صدا بنجي ويندا آهن جيڪا ايندڙ نسلن تائين پئي گونجندي آهي.

سياسي حوالي سان ڏيپلائي صاحب سنڌ جي ون يونٽ واري دور  ۾ قيد ٿيڻ ۽ ان سبب عوام جي ڏتڙجڻ جو اکين ڏٺو شاهد هو، سندن سمورين مصيبتن ۽ ڏکن ڏولاون جي لاءِ ذميوار طبقن ۾ هن کي وڏيرا سرمائيدار مذهبي ٺيڪيدار ۽ ڪامورا اڳڀرا ڏسڻ ۾ آيا. هن قلم سان جهاد ڪري ان قهري ڪوٽ ۾ وڏا ڏار وڌا ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي آواز کي اقتداري ايوانن تائين پهچايو ۽ پوءِ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو قهري ڪوٽ ڪرندو ڏٺو!

ترقي پسند اديبن جي سٿ ۾ محمد ابراهيم جويي، مولانا گراميءَ يا خود حيدربخش جتوئيءَ جو ساٿ مليس ته ڄاتائين ته دنيا ۾ صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ، نيڪي ۽ بديءَ جي جنگ رڳو مذهبي حوالي سان نه پر ادب جي محاذ تان به ڪري سگهجي ٿي ۽ مذهب وانگي ادب کان به اهڙو ڪم وٺي سگهجي ٿو. پوءِ هن اهو محاذ به سنڀالي ورتو ۽ ان دور جي مناسبت سان ترقي پسند نظريي جون جيڪي تقاضائون هيون اهي پوريون ڪيائين ۽ ان کي انساني مفادن ، هاڪاري قدرن ۽ مطالعي جو حامي ۽ محافظ ڪري سمجهيائين ۽ پاڻ به لکيائين ۽ شيخ اياز جهڙن اديبن جي دفاع ۾ به لکيائين.

انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکي چئي سگهجي ٿوته مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ ۽ سنڌي سماج جي هڪ کان وڌيڪ محاذن تي اڳواڻي ڪندي رهنمائي ڪئي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شخصيت پرستيءَ کي ڇڏي سندس ڪيل ڪم جي تنقيد جي سائنسي ۽ علمي ادبي معيارن تي پرک ڪئي وڃي.


 

محمد عثمان ڏيپلائي

سجاڳيءَ جو سڏ - ۱۳ جون، جنم ڏڻ جي حوالي سان

رياض ڪلهوڙو

ٿر جي هڪ غريب خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ، ناساز گار حالات سبب ڇهن درجن کان مٿي پڙهي نه سگھندڙ، مالي طور ڪمزور پر ارادن ۾ مضبوط، باهمت، باڪردار ۽ بلند حوصلي جي مالڪ، محمد عثمان ڇنڇر ڏينهن، ۱۳ جون ۱۹۰۸ع تي ضلعي ٿرپاڪر جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم ورتو. ڏيپلو سنڌ جي ڏکڻ ۾ ٿر جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جي الهندي واري ڀٽ جي چوٽيءَ تي بيهجي ٿو ته ڪڇ جي ڪاري ڏونگر جي چوٽي پيئي ڏسبي آهي. سندس والد جو نالو حبيب الله هو. پير صاحب پاڳاري جو مريد، حبيب الله ميمڻ شروع ۾ هڪ ننڍو واپاري هو، جيڪو ڏيپلي جي ڀرسان “پانيلي” نالي هڪ ڳوٺ ۾ واپار ڪندو هو، بعد ۾ اچي ڏيپلي ۾ دوڪان کوليائين. ڏيپلائي صاحب جي جنم جي حوالي سان سنڌ جي ڏاهي ڄام ساقي لکيو آهي ته:

“ائين لڳي ٿو اسان سنڌين جهڙي گونگي، مجبور، مظلوم ۽ ٻاتي قوم جي ڪا دعا اگھاڻي هئي، جو محمد عثمان ڏيپلائيءَ جهڙو تيز ۽ صاف لکي سگهندڙ ماڻهو اسان ۾ پيدا ٿيو... چوندا آهن ته؛ ’ماکي جيئن پوءِ تيئن مٺي.‘ سو جيئن جيئن وقت گذرندو ڏيپلائي صاحب ۽ سندن ڪارنامن جي اهميت وڌيل اجاگر ٿيندي ۽ سنڌ هميشه ڏيپلائي صاحب کي وڌيڪ ياد ڪندي رهندي”.

خداوند جي خلقيل هن ڪائنات ۾ ڪروڙين ڪردار ٿي گذريا آهن، موجود آهن. هر ڪردار الڳ خاصيت هڪ اهڙي يگاني سدا، پنهنجي اندر جي اڌمن سان گونجار ڪئي، جيڪا گونجار پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. ڇاڪاڻ ته هن ئي ڀونءِ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو هڪ منفرد ۽ لوڪ رنگ وارو يگانو شاعر، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، محدود ۽ مختصر تعليم باوجود، قدرت طرفان لکڻ جو هڙو ته اسلوب عطا ٿيل هو، جو هن پنهنجي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ هاڪاري مقبوليت ماڻي ورتي هئي. محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي ته:

“محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو جي زندگي رهي آهي، خاموش، پائدار ۽ لاڳيتي: پنهنجي اولاد لاءِ، پنهنجي ڳوٺ ڏيپلي لاءِ، پنهنجي ضلعي ٿر لاءِ ۽ پنهنجن هم وطن لکن انسانن لاءِ ۽ پڻ انهن ٿورن پاڻ جهڙن اڌ چرين سياڻن شخصن لاءِ، جيڪي پاڻ کي اديب چوائين ٿا”.

ڏيپلائي صاحب، پنهنجي اوائلي زندگي جا ڇويهه سال وڏيرن وٽ منشي رهندي، ايمانداري سان نوڪري ڪيائين. پر فالتو وقت ۾ مطالعو ڪندو رهيو ۽ ملازمت دوران مختلف موضوعات تي سو کان مٿي ڪتاب، لاتعداد مقالا، مضمون، ناول ۽ ناٽڪ لکي اهو ثابت ڪري ڏيکاريائين ته انسان همت ۽ حوصلي، عزم ۽ قوت ارادي سان وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏيئي سگھي ٿو. هن پنهنجي ٻالجتيءَ ۾ ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هوندو ته سندس اندر جا اڌمان اهڙو ته رنگ لائيندا، جو سندس سرجيل ڪلامن جو پڙلاءُ جھر جهنگ توڙي وستي واهڻ ۾ گوجندو رهندو.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:

“محمد عثمان ڏيپلائي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ۽ مهم جو انسان هو. هو سنڌ جي انهن قلندرانه صفت ڳاڻ ڳڻين شخصيتن مان هو، جن نتيجن کان بي نياز ٿي ڏک بک ۽ توڪل تي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي. ناميديءَ جو وٽس نالو ئي ڪو نه هو. هو ڪنهن به ناڪاميءَ کان مايوس نه ٿيو!”.

محمد عثمان ميمڻ، ڇهه درجا سنڌي ڏيپلي ۾ پڙهيو، ڪلاس ۾ اڪثر پهريون يا ٻيو نمبر ايندو هو. اردو، فارسي، عربي، گجراتي، هندي ۽ گرمکي ٻوليون ڳالهائڻ سان گڏ لکڻ به ڄاڻندو هو. ٻولين سان سندس ايترو لڳاءُ هوندو هو، جو جنهن ماڻهوءَ جي جيڪا مادري زبان هوندي هئي، تنهن سان اها ٻولي چڱي نموني ڳالهائيندو هو، سامهون واري کي خبر نه پوندي هئي ته هن جي مادري زبان ساڳئي آهي يا ڪا ٻي...! ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي ته:

“مون کي ڏيپلائي صاحب جي گھڻ رخي شخصيت تمام گھڻو متاثر ڪيو، هن جو قلمي پورهيو ڪو هڪ ٻه نه پر ڏيڍ سو ڪتابن تي مشتمل آهي، جن ۾ هن وٽ موضوعن جي ڪيتري به گھڻائي هجي، صنفون به مختلف هجن پر بنيادي ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي آهي، سا آهي عام ماڻهن وهمن ۽ وسوسن ۽ اجاين ريتن، رسمن جو ڪوڙڪي مان آزاد ڪرڻ لاءِ ذهني سجاڳيءَ جو مقصد! ويساهه وسوڙل ۽ ضعيف الاعتقاد ماڻهن کي ڪڏهن مذهبي ڪتابن ذريعي ئي سمجھايائين ته ڪڏهن وري پيرپرستي ۽ قبر پرستيءَ جي خلاف آواز اٿاري، سندن ذهن کولڻ  جي ڪوشش ڪيائين”.

علم جعفر، نجوم، رمل ۽ سامدرڪ (هٿ ڏسڻ جي علم) جي ڄاڻ رکندڙ ڏيپلائي ۱۹۶۸ع ۾ بورڊ آف انٽرميڊيئٽ ائنڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد مان ۶۰ ورهين جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. پيشي جي حوالي سان ٽنڊي باگي ۽ لاڙ جي مختلف شهرن ۾ واپار ڪرڻ سان گڏ ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ اٽڪل ٽيهه سال منشي ۽ ڪلارڪ ٿي رهيو. پر پيشي، ڌنڌي، ڪاروبار ۽ ملازمت سندس علمي ۽ ادبي ڪم ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ پيدا نه ڪئي. ننڍپڻ جي راند روند، جواني جون مستيون ۽ پوڙهائيپ جي هيڻائپ به کي کيس جھوري نه سگھي، پاڻ سدائين علم و ادب جو پرچم لهرائيندي ڏسبا هئا. ايستائين جو آخري وقت ۾ سندن زبان تي اهي لفظ رهيا ته مون کي دفتر وڃڻو آهي. پير علي محمد راشدي پنهنجي طويل ڪالم “مشرق و مغرب” ۾لکيو آهي ته:

“هڪ گمنام سپاهيءَ کي خدا ڪارڻ نه وسارڻ گھرجي، جنهن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر قوم کان معاوضو نه ورتو. ساري عمر محنت ڪئي ۽ محنت ڪندي ڪندي مري به ويو...صحافت ڪيائين ته صحافت کي امانت سمجھائين. ايترو لکيائين، جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه هاريائين. اڌرنگ ٿيس ته بيهوش رهيو، مگر انهيءَ حالت ۾ به وات مان ڪڏهن ڪڏهن آواز نڪتو ته “واسڪوٽ آڻيو، رڪشا گھرايو، دفتر وڃڻو آهي، ڪم ڪرڻو آهي”.

سال ۱۹۱۸ع ۾ جڏهن ڏيپلائي اڃا پرائمري ۾ پڙهندو هو، تڏهن پهرين دستي اخبار “فرحت آثار” جي نالي سان شروع ڪيائين، جيڪا پاڻ هٿ سان لکي شاگرن ۾ ورهائيندو هو.

سال ۱۹۱۸ع ۾ جڏهن ڏيپلائي اڃا پرائمري ۾ پڙهندو هو، تڏهن پهرين دستي اخبار “فرحت آثار” جي نالي سان شروع ڪيائين، جيڪا پاڻ هٿ سان لکي شاگرن ۾ ورهائيندو هو. ۱۶ سالن جي عمر “محمد بن قاسم” بابت مضمون لکيو، جيڪو دهليءَ مان نڪرندڙ اردو رسالي “منادي” ۾ ڇپيو. سندس پهريون افسانو “چنڊ سهڻو يا انسان” ۱۹۲۷ع ۾ “ترقي” رسالي ۾ شايع ٿيو. ڊرامن جي حوالي کان “غيرت عرف نورجهان جو پٽ” سندس پهريون ڊرامو آهي، جيڪو ۱۹۴۱ع ۾ لکيائين. پهريون ناول “سنگدل شهزادي” جيڪو ۱۹۳۸ع ۾ پنهنجي اداري “اسلاميه دارالاشاعت” ميرپورخاص ڇپائي پڌرو ڪيائين. افسانن جي مجموعن ۾ “گلشن عبرت” سندس پهريون مجموعو هو. ڪتابن جي دنيا ۾ ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڪتاب “قرآني دعائون” آهي، جيڪو مسلم ادبي سوسائٽي طرفان شايع ٿيو، کيس هن ڪتاب تي پبلشر طرفان انعام پڻ مليو. سندس لکڻين ۾ تلخ حقيقت سمايل آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس ست ڪتاب “گلستان حسن ۱۹۳۹ع”، “ڏاهري رنگ محل ۱۹۴۲ع”، “۱۸۵۷ع ۾ آزاديءَ جي جنگ ۱۹۵۷ع”، “غازي انورپاشا ۱۹۵۷ع”، “جپاني گڏي ۱۹۵۷ع”، “امڙ ۱۹۵۷ع” ۽ “شيخ المشائخ ۱۹۷۵ع” صبظ ڪيا ويا. نه صرف ڪتاب پر سندس اخبارون ۽ رسالا پڻ صبظ ٿيا، جن ۾ هفتيوار اخبار “انسان” ۽ روزاني “سنڌ ٽائيمس” شامل آهن. ڏيپلائي صاحب لکڻي ۽ موضوع جي حوالي سان قاضي خادم لکيو آهي ته:

“اهڙو تکو لهجو ۽ قلم کڻي نڪتو جو تلوار به سندس ڇا مقابلو ڪندي. ايندي شرط ان دور جي تقاضا مطابق کنيائين ٿرين جي حالت زار تي، ٿر جي ڏڪار تي، ٿر جي مظلوميت تي ۽ پوءِ هن جي لکڻيءَ جو ڪينواس تبديل ٿيو انهن هندن خلاف، جيڪي ان وقت سياسي ۽ مذهبي منافرت جي بنياد تي اسلامي حڪومتن، حقيقتن جي خلاف ناول ۽ ڪهاڻيون لکڻ لڳا. “مغل رنگ محل” جي جواب ۾ ڏيپلائي صاحب لکيو “ڏاهري رنگ محل” ۽ “شيوا جي شيش محل” اڃا به دل نه ڀريس ته اسلام جو مثبت پهلو ڏيکارڻ لاءِ لکيائين “نور توحيد”، اهڙي طرح هن ڪيترا ئي افسانا لکيا جن ۾ حديثون ۽ ڪلام الله مان مثال کڻي پنهنجي مدعا بيان ڪيائين”.

ڏيپلائي صاحب جي قلم ۾ سچ جو ايترو ته اثر هو، جو حڪومت سميت چڱن ڀلن سنڌ دشمن عناصرن جو هاضمي سرشتو ٺپ ٿي ويندو هو، نتيجي ۾ جابر ۽ آمر قوتون سندس قلم کي قيد ڪرڻ لاءِ سٽون سٽيندا هئا. ڪڏهن ڪتاب ضبط ڪندا هئا ته ڪڏهن وري زندانن ۾ واڙيندا هئا، پر ڏيپلائي جي هماليا جيان اوچن ۽ مضبوط ارادن کي نه ڪڏهن روڪي سگھيا نه موڙي سگھيا، سندس قلم جيل ۾ به جاري رهيو. پاڻ “جيل جي مشاهدن” تي به ڪيترا ئي مضمون لکيائين. ۱۹۵۸ع، ۱۹۶۱ع ۽ ۱۹۷۳ع ۾ کيس جيل جي حوالي ڪيو ويو، پر پاڻ پڇاڙيءَ تائين ساڳئي رفتار سان لکندو رهيو. ڏيپلائي جي محنت ۽ مشقت جي حوالي سان جمال ابڙي لکيو آهي ته:

“ڏيپلائي صاحب، سور سکائون ڪري جھليا، جن کيس جذبو ڏنو، مقصد به ڏنو ته امنگ به ڏنو. هو پنهنجي جند ۾ انجمن بڻجي ويو. جھڙوڪر ڪرشمو، ليکڪ به پاڻ، پرنٽر به پاڻ، پبلشر به پاڻ ۽ ڊسٽريبيوٽر به اهڙو انوکو، جو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گھر هجي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب يا لکڻيوون نه هجن. اهڙيون ڪرشمه ساز هستيون قومن کي جيئاري وينديون آهن”.

مڪمل حڪومتي تبديلي، نظام جي تبديلي، نئون سرشتو آڻڻ لاءِ سرڪار يا سماجي نظام جو زوريءَ خاتمو ڪرڻ وغيره انقلاب جي زمري ۾ اچن ٿا. دنيا ۾ ڪيترا ئي انقلاب آيا آهن، مثال طور فرانسي انقلاب، روسي ڪمونسٽ انقلاب، چيني انقلاب، زرعي انقلاب وغيره سياسي انقلابن ۾ اديبن ۾ به اهم ڪرفار رهيو آهي. روسو جي لکڻين جي ڪري فرانسي انقلاب جي راهه هموار  ٿي. چارلس ڊڪنس جي ناول “A Tale of two Cities” ۾ فرانسي انقلاب جو ذڪر آهي. ڪارل مارڪس جي لکڻين سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي ۽ ڪميونسٽ انقلاب آندو. عثمان ڏيپلائي به سنڌ ۾ انقلاب جا جتن ڪيا. سندس انقلابي ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪتابن ۾ اڄ به اڀرندڙ سج جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. سندس آخري ڪتاب “انقلاب ايران” پڻ ان سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. امداد حسيني لکيو آهي ته:

“ڏيپلائي صاحب هڪ انقلابي ماڻهو آهي، ان ڪري دنيا جي انقلابن کان هو بيحد متاثر ٿيو. پوءِ اهو ترڪيءَ جو انقلاب هجي، روس جو انقلاب هجي، فرانس جو هجي يا حر تحريڪ هجي. انهن سڀني انقلابن جي حوالي سان ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب موجود آهن... ڏيپلائي صاحب صحيح معنيٰ ۾ هڪ نظريه دان ڏاهو هو. مثال طور ڏيپلائي صاحب سنڌ يونيورسٽيء جو نظريو ڏنو، جيڪو اڄ به زنده نظريو آهي”.

ڏيپلائي سنڌ جي ان غريب، مسڪين ۽ پيڙهيل طبقي سان واسطو رکندو هو، جنهن وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ مرشدن جا سور ۽ سختيون سٺيون ۽ برداشت ڪيون، ان ڪري کيس سمورن سماجي مسئلن جي ڄاڻ ۽ ماڻهن سان همدردي هوندي هئي. ڏيپلائي صاحب سماجي براين خلاف قلم کي هٿيار بڻائي، جنگ جوٽي ۽ جنگ ۾ مجاهد بڻجي آخري گھڙين تائين وڙهندو رهيو. بس کيس هڪڙو اونو هوندو هو ته آخر هي مارو ماڻهو پنهنجي خاموشي ڪڏهن ٽوڙيندا، ڪڏهن سجاڳ ٿي ظلم، ناجائزي ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاريندا. محترم يوسف شاهين لکيو آهي ته:

“ڏيپلائي صاحب ان ڳالهه تي سڄي عمر حيران ۽ پريشان رهيو ته سنڌ ۾ ڇو وڍيل وايون نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪٺل ڪوڪاري ٿي، سنڏين کي ڇو ماٺ لڳي ويئي آهي! هتي سڀئي هادي، حاذق، ويڄ طبيب، ان مامري تي منجھيل آهن. سنڌ مٿان اڀرندڙ سج، چنڊ تارا، هتي هلندڙ هوائون، برپٽ بيابان، جبل، صحرا، سمنڊ، سنڌوءَ جون ڇم ڇم ڪندڙ ڇوليون ڇرڪ ڀري پڇن ٿيون، ڇو سنڌ ۾ وڍيل وايون نٿي ڪري، ڇو هتي ڪٺل نٿي ڪوڪاري”.

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌ جو اهو امر ڪردار آهي، جنهن جون لکڻيون صدين تائين سجاڳيءَ ۽ بيداري جون ٻانگون ڏينديون رهنديون. انساني بهبودي ۽ ڀلائي سندس منشور بڻجي چڪو هو. پاڻ سڀني کي سبق ڏئي ويا ته “پستي بلنديءَ ۾ بدلجي سگھي ٿي”، پر محنت، مشقت، سجاڳي، بيداري، خبرداري، هوشياري، سمجھ، عقل ۽ جاڳرتا شرط آهي. شوڪت شوري لکيو آهي ته:

“ڏيپلائي صاحب کي سچي به صد آفرينون هجن. هن سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، منجھن سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر سنڌي قوم جي بدنصيني جيڪا صدين کان هلندي اچي ان جي ختم ٿيڻ جا آثار پري پري تائين به نظر ڪو نه ٿا اچن. اهڙين حالتن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جھڙن ماڻهن جو پيدا ٿيڻ به هڪ وڏي غنيمت آهي ۽ سنڌ جي بند، سڙيل ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ تازي هوا جو جھوٽو آهي.”


ڏيپلائي محمد عثمان

(۱۹۰۸-۱۹۸۱ع) - ۱۳ جون ڄم جي تاريخ

آصف جمال سومرو

سنڌ جو ناميارو عالم، صحافي، مزاحمتي اديب، ناول نگار، مضمون نويس، نقاد ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائي، ۱۳ جون ۱۹۰۸ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ڏيپلي ۾ هڪ ننڍڙي واپاري حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. ستن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ هجڻ سندس تعليم توڙي خانداني ذميوارين تي وڏو اثر وڌو.

سندس تعليم ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ڏيپلي جي پرائمري اسڪول کان شروع ٿي. ڪلاس ۾ سندس شمار هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو ۽ گهڻو ڪري پهريون نمبر کڻندو هو. ڏيپلي ۾ پرائمريءَ کان وڌيڪ تعليم جو بندوبست نه هئڻ ڪري اُن دور ۾ باقاعدي وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو.

سنڌي فائنل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۱۵ سالن جي عمر جي پابندي هئي، تنهنڪري ٻه ٽي سال گهر ۾ ئي هِتان هُتان ڪتاب هٿ ڪري پڙهندو رهيو. ان واندڪائيءَ واري دور ۾ هڪ مولويءَ کان ’زليخا‘ تائين فارسي سکيو ۽ ٻئي طرف هندي، گُرمکي (لپي)، اردو، عربي ۽ ڪجهه قدر انگريزي پڻ سکي ورتائين. نجوم، رمل، سامد رڪ جي ڄاڻ به حاصل ڪيائين.

توڙي جو انهن علمن ۾ سندس ويساهه بلڪل نه هو. اڳتي هلي، گهڻو گهڻو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل ۽ ۶۰ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۶۸ع ۾ حيدرآباد سيڪنڊري بورڊ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.

ڏيپلائي صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي آکاڻيون، قصا ۽ ناول پڙهڻ جو گھڻو شوق هو. مذهبي ڪتابن ۾ قصا پيو ڳوليندو هو. سندس حافظو نهايت سٺو ۽ مطالعي جي رفتار تمام تيز هئي. اسڪول ۾ تاريخ نهايت شوق سان پڙهندو هو. لکڻ پڙهڻ جي شوق کيس ننڍيءَ عمر ۾ ئي اديب ۽ صحافي بڻائي ڇڏيو. ڏهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي هم ڪلاسي دوستن لاءِ هٿ سان لکيل اخبار ’فرحت آثار‘ ڪڍيائين، جنهن ۾ سڄي هفتي ۾ پڙهيل ۽ ٺاهيل آکاڻيون لکي دوستن کي پڙهي ٻُڌائيندو هو.

ڏيپلائي صاحب جي ادبي لکڻين جي شروعات اردوءَ ۾ ۱۹۲۴ع ۾ ۱۶ ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. هندستان جي نامور عالم علامه حسن نظاميءَ جي ادارت ۾ نڪرندڙ علمي رسالي ’منادي‘ ۾ محمد بن قاسم بابت شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ ڪي تاريخي غلطيون هيون، جن جي نشاندهي ڪندي هن هڪ خط لکيو، جيڪو علامه نظاميءَ کي ايڏو ته وڻيو، جو ٿوري تصحيح ڪري، ان کي هڪ مضمون جي صورت ڏيئي ’منادي‘ رسالي ۾ ڇپي ڇڏيائين.

ٿر ۾ مسلسل ڏُڪاري حالتن جي ڪري ڏيپلائي صاحب ۱۶ سالن جي ڄمار ۾ ڏيپلو ڇڏيو. اول ٽنڊي باگي ۽ لاڙ ۾ ننڍي پيماني تي واپار ڪيائين. سندس شادي ۱۸ ورهين جي ڄمار ۾ ٿي، تنهنڪري لاچار کيس نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي. فائنل پاس نه هئڻ ڪري کيس سرڪاري نوڪري نه ٿي ملي سگهي. ان ڪري مجبوراً کيس وڏيرن جي منشيگيري ڪرڻي پئي.

سندس شروعاتي پگهار ۱۰ روپيا هو. ۱۹۳۰ع ڌاري عمرڪوٽ جي زميندار خانصاحب عطا محمد پليءَ وٽ پهتو، جتي ويهارو سال کيس نهايت شفقت ۽ عزت ملي. سندس پگهار وڌي وڃي ۵۰۰ روپين تي پهتو، اُتي کيس لکڻ پڙهڻ جي به آزادي هئي، ان ڪري هن انهيءَ عرصي ۾ سؤ کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي شايع ڪرايا.

ڏيپلائي صاحب جو پهريون افسانو ’چنڊ سهڻو يا انسان‘ حڪيم خليق مورائيءَ جي رسالي ’ترقيءَ‘ ۾ ڇپيو. پوءِ ’علمي دنيا‘ ۽ ’مخلص‘ رسالن ۾ سندن افسانا لڳاتار ايندا رهيا. هڪ اندازي مطابق سندن افسانن جو انگ ۲۰۰ کان مٿي ٿيندو.

انهن افسانن جا موضوع گوناگون آهن. ڏيپلائي صاحب جو پهريون ڪتاب ’قرآني دعائون‘ ۱۹۳۴ع ۾، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ شايع ڪيو ۽ ان جا چار ايڊيشن ڇپيا.

ڏيپلائي صاحب جي اسلامي ناولن جي باقاعدي شروعات آڪٽوبر ۱۹۳۸ع ۾ ’سنگدل شهزادي‘ سان ٿي. اهو دور ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي. انگريزن ’ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو‘ واري پاليسيءَ تي هلندي هندو مسلم نفاق جو بنياد وڌو. ڪجهه لالچي ۽ شر پسند ڌرين کي انگريزن استعمال ڪيو. سنڌيءَ ۾ ڊزن کن مسلم آزار ناول آندا ويا، انهيءَ صورتحال ۾، مولانا خير محمد نظاماڻيءَ جي ترغيب تي ڏيپلائي صاحب ’سنگدل شهزادي‘ لکيو، پر نظاماڻي صاحب مالي تنگيءَ سبب ڇپائي نه سگهيو. آخر ڏيپلائي صاحب، پنجاهه روپيا اوڌر کڻي ميرپورخاص ۾ ’اسلاميه دارالاشاعت‘ جو بنياد رکي ’سنگدل شهزاديءَ‘ سان عبرت ڪتابي سلسلي جي ابتدا ڪئي، جنهن ۾ لاڳيتو هر مهيني هڪ ناول اچڻ شروع ٿيو. ۱۹۴۱ع ۾ انهيءَ سلسلي کي ماهوار ’عبرت‘ جي صورت ملي. آگسٽ ۱۹۴۴ع ۾ اُن کي هفتيوار ڪيو ويو. انهيءَ دور (۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۸ع) ۾ ڏيپلائيءَ جي لکڻين سنڌ جي نوجوانن ۾ خود اعتماديءَ ۽ خودداريءَ جي لهر آندي. ڏيپلائيءَ جي ڪتابن، ناولن، ايڊيٽوريلن، ڪالمن ۽ مضمونن جو مقصد سنڌي مسلمانن ۾ شاندار ماضيءَ جي ڄاڻ پيدا ڪرڻ سان گڏ منجهن انهن خباثتن جي شناخت پيدا ڪئي وئي، جن سندن زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. هن جي نظر ۾ اهي خباثتون هيون: ڌاريا حڪمران، وياج خور واپاري طبقو، انگريزن جو وفادار وڏيرو، سندن ايمان تي ڌاڙا هڻندڙ بدڪار ۽ بيڪار، نام نهاد مرشدن جو ٽولو ۽ ديني احڪامن جي غلط تشريح ڪندڙ جاهل ۽ بدعتي مُلو.

ان دور جي ڏيپلائيءَ جي ناولن ۾ گلستان حسن، حور بغداد، روم جي راڻي، هوشربا شهزادي، نازنين يورپ، دختران اسلام، فتح فلسطين، نيل ڪنوار، غازي صلاح الدين، فتح اسپين، آخري اميد، ڪاشيءَ جا پاپڙ، ڪنيز اسلام، ايراني شهزادي، شير شاهه ۽ همايون، نور توحيد، عروج اسلام، شوڪت اسلام، جلوه اسلام، گمراهه مسلمان، فتح ايران، سبڪتگين ۽ جئه پال، سومناٿ جي سندري، سنگدل شهزادي، چين جو چنڊ، قسطنطنيه جي شهزادي، آفريقه جي شهزادي، جنگ ترڪ و جرمن، بلبل ايران، عرب جي لاڏي، فتح پاڪستان شامل آهن. ان دور جو مشهور ترين ناول ’رنگ محل'>ڏاهري رنگ محل‘ هو، جيڪو ميلارام واسواڻيءَ جي ناول ’مغل رنگ محل‘ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. هي ٻئي ناول فرقي پرستيءَ جي خدشي کي مدنظر رکي انگريز سرڪار پاران ضبط ڪيا ويا.

پاڪستان تحريڪ ۾ به ڏيپلائي صاحب جو قلمي ڪردار رهيو. هو مسلم ليگ ۾ باقاعدي شامل نه ٿيو. ڇو ته کيس وڏيءَ حد تائين مسلم ليگي اڳواڻن جي شخصي ڪردار کان نفرت هئي. هو ان وقت مذهبي حوالي کان مولانا مودوديءَ جي اسلامي نظريي کان متاثر هو. هن جي نظر ۾ مولانا مودوديءَ جي نظريي کي عملي صورت وٺائڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ ’پاڪستان جو حصول‘ ضروري هو، ان ڪري هن پنهنجي تحريرن ۾ پاڪستان جي تائيد ڪئي.

ورهاڱي ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ حاڪمن جا ارادا ۽ عمل ڏيپلائيءَ جي سوچن ۽ خواهشن جي بلڪل اُبتڙ نڪتا. ۱۹۴۰ع واري ٺهراءُ ۾ رياستن کي ڏنل آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي نفي ڪئي وئي. ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪيو ويو. ۱۹۵۴ع جي آخر ۾ سنڌ جي تشخص کي ختم ڪيو ويو. ونيونٽ ٺاهڻ واري قدم ڏيپلائيءَ جي ذهن کي ڌوڏي ڇڏيو. ملڪي ۽ بين الاقوامي صورت حال جي نئين سر تجزيي ۽ مطالعي بعد هو ان نتيجي تي پهتو ته “سڀ کان اول آهي پنهنجو وجود ۽ پنهنجو وطن. جنهن کي نه آهي تڏو، سو آهي جڏو!.” سندس نظريو هو ته، “هر دور انديش اديب ۽ اڳواڻ کي گهرجي ته هو پنهنجي قوم کي خوب سجاڳ ڪري ۽ ان کي پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙو سرشار ڪري، جو ان کي ڪو به ڀنڀلائي نه سگهي!” قوم پرستيءَ جي انهيءَ جذبي هيٺ ڏيپلائي صاحب، سنڌي عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ کين ٻين ملڪن ۾ اُٿندڙ قومي تحريڪن ۽ حالتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي مخصوص طرز تحرير ذريعي ’جپاني گڏي‘، ’۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ‘، ’غازي انور پاشا‘، ’سسي نيزي پاند‘ (دوستو وسڪيءَ) ۽ ’امڙ‘ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو) جهڙا ناول لکيا ۽ ترجما ڪيا، جيڪي وقت جي سرڪار ضبط ڪيا. انهيءَ کان سواءِ سندس ٻيا ناول: ڪنول ڪلي، سمرقند جو صوف، ڪوريا جي ڪنوار، مجاهد ڪشمير، مصطفيٰ ڪمال، ريف جو مجاهد، سوڊان جي سونهن وغيره به گهڻو ڪري اهڙن ئي موضوعن تي لکيل هئا. سن ۱۹۶۳ع ۾ قيد دوران لکيل سندس ناول ’سانگهڙ‘ جو شمار وطن پرستيءَ ۽ مزاحمت جي حوالي سان سنڌيءَ جي شاهڪار ناولن ۾ ٿئي ٿو. هي ناول حر تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو هو، جنهن جا ڪيترا ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ ان جو اردو ترجمو به لاهور مان ڇپجي چڪو آهي.

مطالعي جي وسعت ڏيپلائي صاحب جي ذهن ۽ دل مان هر قسم جو تعصب ۽ ڪٽرپڻو ڪڍي ڇڏيو. سندس نظر ۾ هر مظلوم انسان خواه ڪهڙي به ملڪ، مذهب، فرقي، ذات ۽ طبقي جو هجي ان جي حمايت بنا ڪنهن ڊپ ڊاوَ ۽ مصلحت جي ڪرڻي آهي. اهڙيءَ طرح هو ڪڏهن به مدي خارج سوچ جو نه رهيو. معاشري جي هر خاميءَ ۽ اوڻائيءَ خلاف جهاد ڪيائين. سندس ڪتاب گلستان حسن، مصطفيٰ ڪمال، ٽيپو سلطان، شاهدي، نجومي، سجائي موڙي وغيره اهڙيءَ سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا.

نون خيالن واري انسان دوست ڏيپلائيءَ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کي پڙهندڙن آڏو آڻڻ لاءِ ’اسلاميه دارالاشاعت‘ سان گڏ ’اداره انسانيت‘ قائم ڪيو ۽ ماهوار ’انسان‘ جاري ڪري، جديد ادب جا عمدا ڪتاب ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’آمريڪي شاعر‘، ’ڏکڻ مان سج ٿو اُڀري‘ (ترجمو)، ’امڙ‘ (ترجمو)، ’هاريءَ جي سجاڳي‘ ۽ دکن جا مجاهد‘، پيغام لطيف (جي ايم سيد) وغيره شايع ڪيائين.

ڏيپلائي صاحب سماجي ۽ سياسي مسئلن جي نشاندهي ڪندي ننڍا وڏا ۱۴ ناٽڪ لکيا. سندن پهريون ناٽڪ ’غيرت عرف نورجهان جو پٽ‘ ۱۹۴۱ع ۾ شايع ٿيو. ناٽڪ ۾ جهانگيري عدل ۽ مذهبي پاسداريءَ جا موضوع کنيل هئا. ساڳئي سال تعليم جي موضوع تي ’سجائي موڙي‘ ناٽڪ قلمبند ڪيائين. سياسي صورتحال تي روشني وجهندڙ سندس ٻه طويل ڊراما ’ڪانگريسي ڄار‘ ۽ ’ڪانگريس‘ سن ۱۹۴۵ع ۽ ۱۹۴۶ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ’ڪانگريسي ڄار‘ ۾ ۱۹۳۷ع وارين چونڊن کان پوءِ مسلم اقليتي علائقن ۾ ڪانگريس جي پاليسين تي طنز ۽ مزاح ۾ تنقيد ٿيل آهي. سن ۱۹۴۸ع ۾ ڇپيل سندس ناٽڪ ’شاهدي‘ ۾ ڪورٽن ۾ ڪوڙين شاهدين ۽ پيشه ورن شاهدن کي طنز ۽ مزاح ذريعي وائکو ڪيو ويو آهي. هي ناٽڪ ۱۹۵۶ع ۾ وڌائي ۽ سڌاري سه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇاپيو ويو. هن ناٽڪ کي غير معمولي پذيرائي ملي.

هي ناٽڪ بمبئيءَ مان نڪرندڙ ’سنڌو‘ رسالي ۾ به شايع ٿيو ۽ حيدرآباد ۾ ۱۹۸۰ع ۾ منعقد ڪيل ’سنڌي ناٽڪن جي هڪ صدي‘ واري تاريخي جشن ۾ صديءَ جي اهم ناٽڪن ۾ شامل ڪري اسٽيج ڪيو ويو. ۱۹۴۹ع ۾ ڇپيل ’اسلام تي مقدمو‘ ناٽڪ ۾ نام نهاد اسلامي نظام کي وائکو ڪيو ويو آهي. ۱۹۴۸ع ۾ لکيل ناٽڪ ’نجوميءَ‘ ۾ ويساهه وسوڙلن جو نجومي ٺڳن هٿان بيوقوف بنجڻ جو احوال ڏنو ويو آهي.

سن ۱۹۵۶ع ۾ ڪڇي ۽ ٿري سنڌيءَ ۾ لکيل سندس شرڪ خلاف لکيل ناٽڪ ’واڀيڙو‘ سماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. ساڳئي سال هالا ادبي ڪانفرنس ۾ لاهور ۾ ويٺل، سنڌ جي حالتن کان اڻواقف ۽ بيپرواهه حاڪمن کي طنز جو نشانو بنائيندڙ ناٽڪ ’ڏڪار‘ پيش ڪيائين. ۱۹۵۷ع ۾ لکيل سندس ناٽڪ ’ڊاڪٽر‘ ۾ ڏيکاريل آهي ته ڊاڪٽرن جي غير همدردانه رويي سبب اقليتي فرقي جا ماڻهو پنهنجن کان مايوس ٿي غيرن جي مدد وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا. ۶۰-۱۹۵۹ع ۾ ايوبي دور جي بنيادي جمهوري نظام بابت لکيل ناٽڪن ’آزاد چونڊ‘ ۽ ’پئنچائتي پدمڻي‘ ۾ عوام جي اميدن ۽ انهن جي راهه ۾ آيل رڪاوٽن کي موضوع بنايو ويو. ڊرامه ’مرزا جاني بيگ‘ ۾ سنڌ ۾ ارغونن جي دور جي ظلمن جي عڪاسي ڪيل آهي. ڏيپلائي صاحب پنهنجي آخري ڊرامي ’بي وقتي ٻانگ‘ ۾ عباسي دور ۾ انصاف حاصل ڪرڻ جي طريقي جو ذڪر ڪيو آهي. هن ۾ ۱۹۵۷ع ۾ لکيل طويل ناٽڪ ’ڪورٽ‘ ۾ عدالتي نظام جي اوڻاين جو ورجاءُ ڪيل آهي.

ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۱۵۰ کان مٿي آهي ۽ جيڪڏهن اهو سمورو مواد جيڪو مختلف رسالن، خاص ڪري هفتي وار ’انسان‘ ۾ ڇپيل افسانن، ايڊيٽوريلن، ڪالمن ۽ مضمونن وغيره کي شامل ڪيو وڃي ته انهيءَ تعداد ۾ ڪافي اضافو ٿي سگهي ٿو. سندس قلمي پورهيو ويهين صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ وڏي ۾ وڏو قلمي پورهيو سمجهيو ويو آهي. مرزا صاحب هر موضوع تي سنڌيءَ ۾ مواد پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي. بي بها خدمت ڪئي، جڏهن ته ڏيپلائي صاحب معاشري جي اصلاح لاءِ مزاحمتي ۽ مقصدي ادب تخليق ڪيو. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ڏهاڪو کن درسي ڪتابن ۾ به مواد ڏنو. سڀ کان وڏي خصوصيت، جنهن ڏيپلائيءَ کي امتياز ۽ فوقيت بخشي، سا آهي سندس اوهام پرستيءَ ۽ شرڪ خلاف بغاوت ۽ مسلسل جهاد. سندس طبيعت ۾ اها بغاوت مشهور موحد مبلغن مولانا عبدالرحيم پڇمي ۽ مولانا حاجي احمد ملاح وغيره جي تعليمات سان پيدا ٿي. انهيءَ موضوع تي هن بيشمار افسانا، مضمون ۽ ناول قلمبند ڪيا.

ڏيپلائي صاحب ۱۹۴۱ع کان پنهنجي وفات تائين چاليهه سال عملي طرح صحافت سان وابسته رهيو. سندس صحافت هميشه مجاهدانه رهي. هن سنڌي سماج جي سمورن استحصالي طبقن، بدعتن، جاهلانه ريتن رسمن خلاف مسلسل احتجاج جاري رکيو ۽ عوام جي ذهني تربيت ڪئي. ماهوار عبرت جو اجراءِ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ ٿيو. آگسٽ ۱۹۴۴ع ۾ عبرت کي هفتيوار ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع کان اها روزانه اخبار ٿي، جيڪا آگسٽ ۱۹۵۷ع ۾ قاضي برادران جي حوالي ٿي ۽ هن وقت به انهيءَ جو شمار پاڪستان جي اهم سنڌي اخبارن ۾ ٿئي ٿو. ڏيپلائي صاحب ۱۹۵۳ع ۾ ماهوار ’انسان‘ جاري ڪيو، مئي ۱۹۵۹ع ۾ ’هفتيوار انسان‘ جي شروعات ڪيائين. هي رسالو ڏيپلائي صاحب جي ترقي پسندانه قوم پرستيءَ واري سوچ جو ترجمان ٿي اُڀريو. سماجي اوڻاين ۽ ڏاڍاين جي تذڪرن سان گڏ رسالي ۾ سنڌي عوام جي ذهني تربيت لاءِ انساني ارتقا بابت سائنسي نظريي جي آسان زبان ۾ تشريح، شرڪ خلاف مضمون ۽ افسانا، سنڌي تهذيب ۽ زبان تي ٿيندڙن اڳراين خلاف جهاد، جديد ادبي نظرين کان آگاهي، ٻارن جا صفحا، عورتن لاءِ صفحا، فلمي صفحا، دنيا جهان جون خبرون، انهن تي تنقيد ۽ تبصرا، مطلب ته هر لحاظ کان هي هڪ جامع رسالو هو.

اهم موضوعن تي انسان جا خصوصي نمبر پڻ نڪتا، جن ۾ ابراهام لنڪن، لوممبا، ٽالسٽاءِ، سچل سرمست، ڀٽائي، عيد ميلاد، سنڌ مدرسه نمبر وغيره شامل هئا. هن رسالي تي فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ طرفان بندش وڌي وئي. ۱۹۵۷ع ۾ ڏيپلائي صاحب ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي مخزن مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ هن روزنامه ’سنڌ ٽائيمز‘ جاري ڪئي، جيڪا سندس وفات تائين هلندي رهي.

هن سيپٽمبر ۱۹۷۸ع کان ماهوار ’ساڻيهه ڊائجيسٽ‘ شروع ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. ڏيپلائي صاحب جي دوستن، اديبن ۽ عالمن سان خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. هفتيوار ۽ ماهوار عبرت ۾ علمي، ديني ۽ سياسي سوالن جا جواب به ڏيندو هو. کيس خط و ڪتابت جمع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ته نه ٿي، البت سندس محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي سان خط و ڪتابت جاري رهي، جن مان سندس خط نگاريءَ جي نرالي طرز نگارش معلوم ٿئي ٿي.

اسلامي تعليم ۽ تشريح تي ڏيپلائي صاحب کي وڏو عبور هو. ان ڏس ۾ هن قرآن شريف جو با محاوره ۽ سليس ترجمو ترتيب ڏئي جديد طريقي سان ۱۹۴۹ع ڌاري ڇپايو. ان کان سواءِ ڪيترا ئي ديني ڪتاب لکي ۽ لکرائي شايع ڪرايا، جن ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جا توحيدي شاعريءَ وارا مجموعا، سندس نظم ۾ قرآن شريف جي شروعاتي پاره الم ۽ پاره سبقول جا ترجما، انتخاب صحيح بخاري، سنڌي ترجمي سان (علامه وفائيءَ سان گڏ)، قرآني دعائون، قرآني خزانو، صداقت القران، مطالب القران، ارشاد القران وغيره شامل آهن. لطيفيات جي موضوع تي به ڏيپلائي صاحب گهڻو ڪم ڪيو.

۱۹۴۵ع ڌاري کيس شاهه ڏانهن منسوب ڪلام ۾ ڪافي بيت اسلامي تعليمات جي خلاف نظر ۾ آيا، جيڪي سندس خيال ۾ ڪن ٻين جا هئا، جيڪي ڀٽائي صاحب جي نالي منسوب هئا. اهڙا بيت هن هفتيوار عبرت ۾ ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ’ککر ۾ کڙو‘ جي نالي سان ڪتاب ۾ گڏ ڪري ڇپايا ويا. اڳتي هلي ۱۹۵۰ع ڌاري شاهه جي ڪلام جو هڪ جامع نسخو ڇپايائين، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻا بيت ۽ سُر شامل هئا. سندس خيال هو ته شاهه جي ڪلام ۾ ڌارين ڪلام جو هجڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر اهو ڪلام ضايع به نه ڪرڻ گهرجي. هن ۱۹۶۳ع ۾ شاهه جي رسالي جو پاڪيٽ سائيز ايڊيشن پڻ ڇپرايو. انهيءَ رسالي جو نئون ايڊيشن تازو ئي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.

نفسيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ٽي ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪيا. ڊاڪٽر صادق جي اردو ڪتاب ’زندگي تابندگي‘ جو سنڌي ترجمو ’چمڪندڙ زندگي‘، ڊيل ڪارينگيءَ جي ڪتاب جو ترجمو ’راحت ڀري زندگي‘ ۽ هڪ ٻيو ترجمو ’بهتر زندگي‘ پڻ شايع ڪيائين.

اردودانن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ’سنڌي استاد‘ ۽ سنڌين کي اردو سيکارڻ لاءِ ’اردو استاد‘ ڪتاب به لکيائين.

ڏيپلائي صاحب شاعري به ڪئي. ابتدائي روايتي عشق ۽ فراق جي موضوع واري شاعري سندس ڊرامن ۾ استعمال ٿي. پنجاهه جي ڏهاڪي کان پوءِ طنزيه ۽ سياسي شاعري به ڪيائين. کيس اردو، هندي ۽ فارسي شاعريءَ جو وڏو مطالعو هو، جن جو موقعي ۽ مهل سان استعمال ڪندو هو.

تنقيدنگاريءَ ۾ ڏيپلائي ڪافي ڪم ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’بقول اياز‘ جو مهاڳ ۽ سه ماهي مهراڻ ۾ چاليهارو ڪتابن تي سندس تبصرا ڇپيل آهن.

ڏيپلائي صاحب سٺو ڪالم نگار به هو. پنهنجي اخبارن، ماهوار، هفتيوار ۽ روزانه عبرت کان سواءِ روزنامه ’هلال پاڪستان‘، روزنامه ’نواءِ سنڌ‘ ۽ قاضي برادران واري ’عبرت‘ ۾ مختلف قلمي نالن سان سندس ڪالم ڇپبا هئا. هفتيوار ’انسان‘ ۾ سندس ڪالم ’نرالا نظارا‘ ۽ ’گامونءَ جا گفتا‘ نهايت مقبول ٿيا. جنگ اردوءَ ۾ به سندس ڪجهه ڪالم شايع ٿيا.

سندس تحقيقي مضمون، هفتيوار ’انسان‘، هفتيوار ’عبرت‘، ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ ۾ ڇپيا. شخصيتن/ سوانح حيات جي موضوع تي ڏيپلائي صاحب ڊزن کن ڪتاب ۽ مضمون لکيا، جن ۾ سيرت محمدي (صلي الله عليه وسلم)، سيرت الرسول (صلي الله عليه وسلم)، سيرت الحيدر (ڪرم الله وجهه)، سيرت الصديق (رضي الله تعاليٰ عنه) سيرت الفاروق (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت الفاطمه (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت امام حسن (رضي الله تعاليٰ عنه)، سيرت الحسين (رضي الله تعاليٰ عنه)، شاهه جيلان (رحمت الله عليه)، وهابين جو بابو (محمد بن عبدالوهاب) شامل آهن.

ان کانسواءِ سائين جي ايم سيد، ٽالسٽاءِ، ابراهام لنڪن ۽ لوممبا جي حياتيءَ تي مضمون ۽ پنهنجي ابتدائي آتم ڪٿا ’ننڍڙو ماڻهو، ننڍڙيون ڳالهيون‘ پڻ لکيائين. انقلابي ۽ قومپرستيءَ واري سوچ ۽ استحصالي قوتن سان مسلسل مزاحمت واري پاليسيءَ جي ڪري مالي نقصانن کان سواءِ ڏيپلائي صاحب کي ٽي ڀيرا جيل ياترا ڪرائي وئي. پهريون ڀيرو ۱۹۵۸ع ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏ حيدرآباد ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ (جتي سندس ملاقات فيض احمد فيض، دادا هميش گل ۽ ٻين انقلابي سوچ رکندڙن سان ٿي)، ٻيو ڀيرو سن ۱۹۶۱ع ۽ ٽيون ڀيرو ۱۹۷۶ع ۾ وقت جي وزيراعليٰ جي مرشدن خلاف ڪتاب ’شيخ المشائخ‘ لکڻ تي حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ ٿي. ڏيپلائي صاحب تي جتي سرڪاري عتاب نازل ٿيندا رهيا، اُتي سندس عزت افزائي ۽ قدرداني به ٿيندي رهي. سندس پهرئين ڪتاب ’قرآني دعائون‘ کي سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۱۹۳۴ع ۾ انعام ڏنو ويو. ۱۹۴۲ع ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان ’امڙ‘ (ترجمو) تي، ۱۹۶۳ع ۾ ’سانگهڙ‘ (ناول) تي پاڪستان رائيٽرز گِلڊ طرفان ۽ ’انقلاب ايران‘ کي ۱۹۸۰ع ۾ بهترين سنڌي ناول جو اعزاز مليو.

ڏيپلائي صاحب کي وفات کان پوءِ ۲۰۰۴ع ۾ حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ قاسم آباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم روڊ ساڻس منسوب ڪيا ويا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ميوزيم ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪارنر ۽ گيليريون قائم ٿيون آهن. سنڌ ثقافت کاتي طرفان سندن سماجي خدمتن تي لکيل سندس نياڻي ثريا سوز ڏيپلائيءَ جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شايع ڪئي وئي آهي. اڪيدمي ادبيات پاڪستان سندس شخصيت ۽ فن تي اردوءَ ۾ پـروفـيـسـر آفاق صديقيءَ جو لکيل ڪتاب شايع ڪيو آهي. تاج جويي سندس خدمتن تي ’بيباڪ صحافي ۽ انسان دوست اديب‘ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ڇپايو ويو آهي. سندس اولاد طرفان ’محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ‘ قائم ڪيل آهي، جنهن جو چيئرمئن سندس وڏو فرزند محمد علي ڏيپلائي آهي. ٽرسٽ طرفان حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ علمي اسڪول سينٽر قائم ٿيو آهي.

سنڌ تعليم کاتي طرفان ڏيپلي ۾ ۱۹۱۲ع ۾ پرائمري اسڪول (جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب تعليم حاصل ڪئي هئي) ڏيپلائي صاحب جي نالي منسوب ڪندي انهيءَ جو نالو ’گورنمينٽ محمد عثمان ڏيپلائي بوائز پرائمري (مئن) اسڪول‘ نالو رکيو ويو. ساڳيءَ طرح ’شهباز‘ ڊائجسٽ جا ٻه خصوصي شمارا، روزنامه عبرت جا ڪيترا ئي خصوصي شمارا پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب جي ’اسلاميه پرنٽنگ پريس‘ سندس ڪتابن جي اشاعت کان سواءِ سنڌي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ وڏي اداري جو ڪردار ادا ڪيو. ڏيپلائي صاحب ڪيترن ئي ادارن جو باني هو، جنهن ۾ اسلاميه دارالاشاعت، اداره اشاعت اسلاميه پرنٽنگ پريس، قرآن پريس، اسلاميه پرنٽنگ پريس، اداره لطيفي، ڏيپلائي اڪيڊمي، اداره تبليغ، قرآن و حديث وغيره شامل آهن.

هو ڪيترن جماعتن ۽ انجمنن جو سرگرم رڪن رهيو. انهن ۾ خاڪسار جماعت، جماعت اسلامي، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي وغيره شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هو ’انجمن مديران جرائد، سنڌ‘ جو باني صدر هو. سنڌي ادبي سنگت جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انتهائي سرگرم رڪن هو. سنگت جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون سندس پريس تي ٿينديون هيون. ان کان سواءِ هو پاڪ سويت ثقافتي انجمن ۽ پاڪستان رائيٽرز گلڊ جو رڪن پڻ هو.

هن ڪيترا ئي سير ۽ سفر ڪيا، جن ۾ هندستان جا شهر: جوڌپور، ڪالڪ ۽ ڌرمپور کانسواءِ صوبه سرحد، تورخم تائين ۽ آمريڪا شامل آهن.

ڏيپلائي صاحب ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي سن ۱۹۲۶ع ۾ ۱۸ ورهين جي ڄمار ۾ صفيه ٻائيءَ سان ڪيائين، جنهن مان هڪ نياڻي ٿي. پهرين زال جي وفات کان پوءِ ۱۹۳۰ع ڌاري ٻي شادي سڪينه ٻائيءَ سان ڪيائين، جنهن مان کيس جهجهو اولاد ٿيو، جن ۾: ڊاڪٽر حبيب الرحمان، عبدالرحمان ڏيپلائي ۽ نياڻين ۾ ملڪه خانم، عائشه خانم، ڊاڪٽر ثريا سوز، زينت ياسمين ۽ فاطمه فرحت شامل آهن.

ڏيپلائي صاحب، جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي سان خاص محبت رکندو هو ۽ سندن سوچ سان هم آهنگ هو.

ڏيپلائي صاحب ۷ فبروري ۱۹۸۱ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.

مواد ورتل مختلف ڪتابن، ويب سائٽس تان.


محمد عثمان ڏيپلائي

سنڌ جو ڏاهو - سالگرهه جي مناسبت سان

صدام جوکيو

سنڌي ادب جو هڪ دور اهڙو رهيو آهي، جنهن ۾ رجعت پسند اديبن ۽ ترقي پسند اديبن جي وچ ۾ وڏي ڇڪتاڻ هلي، ادب جو جدت طرف وڌڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ هر دور ۾ هر خطي ۽ هر ٻوليءَ جي ادب ۾ جدت ۽ جديد لاڙا متعارف ٿيندا رهيا آهن پر جڏهن سنڌي ادب روايتي ۽ تقليدي قيد جي مضبوط زنجيرن مان پاڻ ڇڏائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ۽ مقصديت سان سلهاڙيل ادب سرجڻ لڳو ته ان وقت قدامت پسند سوچ رکندڙ اديبن جي وڏي حلقي ترقي پسند اديبن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ خاص طور شيخ اياز تي گهڻي الزام ڪشي ڪئي وئي، جيل جي سختين هيٺ رکيو ويو، پر جيئن مان اڳئي بيان ڪري چڪو آهيان ته ادب جو جدت ڏانهن وڌڻ فطري عمل آهي، جنهن کي جمودي قيد ۾ بند ڪرڻ ايئن آهي، جيئن سمنڊ کي لَٽي ڇڏڻ جي ڪوشش. بهرحال جڏهن شيخ اياز ۽ ٻين ترقي پسند اديبن خلاف پروپيئگنڊا ڪئي وئي ۽ انهن تي تهمتون لڳايون ويون ته ان وقت سنڌ جا عظيم ذهن جاڳي پيا ۽ اهڙيون تاريخي تحريرون لکيائون جو دنيا پوري حيران رهجي وئي. اُنهن ڏاهن ۽ فڪر جي نئين واٽ ڏيکاريندڙ ترقي پسند اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو شمار صفِ اول ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو بلند پايا اديب، سٺو شاعر، نامور نقاد، مرتب، مترجم، محقق، ناول نويس، افسانا نويس، ڊراما نگار، صحافي ۽ چوٽيءَ جو ڏاهو عالم هو. سندس مزاحمتي ادب ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو اُن کي بيان ڪندي ثمينا ميمڻ لکي ٿي ته “ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هُو مزاحمتي ادب جو سرجيندڙ سرواڻ هو” سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد هن لاءِ لکيو آهي ته “هُن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽ مخلص انسان جي عمل ۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان گذري آهي، هڪ حد تائين منهنجي حالت به اهڙي رهي آهي”. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي صاحب سندس لاءِ لکيو آهي ته “محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو جي زندگي رهي آهي.نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾، ڏيپلائي صاحب رڳو، قلم کان ئي ڪم ڪونه ورتو آهي. سندن زبان، هن جهاد ۾ سندن قلم کان وڌيڪ  مصروف ۽ مستعد رهي آهي”. پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته “هن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر قوم کان معاوضو نه ورتو..ايترو لکيائين، جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه هاريائين”. ڊاڪٽر غلام علي علانا صاحب کيس “سنڌ جو امر اديب” سڏيو آهي، جمال ابڙي هن لاءِ لکيو آهي ته “هن جي دل ۾ غريب عوام لاءِ ڀرپور همدردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چاهيائين ٿي” شمشير الحيدريءَ کيس “نون خيالن وارو انسان دوست” سڏيو آهي، ڊاڪٽر فهميده حسين کيس “هڪ ڪميٽيڊ انسان” سڏيو آهي، عنايت بلوچ کيس “هڪ انقلابي انسان” ته امداد حسينيءَ  کيس “هڪ انقلابي شخصيت” سڏيو آهي، مظهرالحق صديقي صاحب وري کيس “درد وند دل وارو مجاهد” سڏيو آهي، شيخ اياز کيس پنهنجو محسن تسليم ڪيو آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ سندس لاءِ لکيو آهي ته “هڪ بيباڪ صحافي، سچو ۽ کرو نقاد، روشن خيال، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ بهترين ناول نگار هو. مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس تحرير دلڪش، ٻولي سولي ۽ سليس آهي. سندس تحريرون منفرد طرز جي لحاظ کان اعليٰ ۽ اُتم آهن” اهڙي طرح سنڌ جي سمورين مهان شخصيتن کيس ڏيپلائي صاحب کي ڀيٽائون ڏئي مان ڏنو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي جي والد جو نالو حبيب الله ميمڻ هو، هن ۱۳ جون ۱۹۰۸ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي سهڻيءَ مٽيءَ تي ڏيپلي ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪيائين، جتي هر امتحان ۾ سڀني کان وڌيڪ نمبر کڻي پاس ٿيندو رهيو. سال ۱۹۶۸ع ۾ سٺ ورهن جي عمر ۾ عثمان صاحب حيدرآباد جي اسڪول مان ميئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل به ڪيائين. هن عظيم ذهن انسان جي علم، ڄاڻ، عقل، علم ذوقيءِ ۽ تيز فهميءَ جي جيتري ڳالهه ڪجي گهٽ آهي، کيس علم نجوم، علم رمل، علم جفر وغيره جي به خاصي ڄاڻ هئي ۽ هُن پنهنجي محنت ۽ ذهنيت سان اردو، عربي، فارسي، گجراتي، هندي وغيره ٻوليون بنا ڪنهن اسڪول يا مدرسي جي سکيون، شروعاتي وقت ۾ پاڻ واپار ڪيائين، منشيءَ ۽ ڪلارڪي جي ملازمت به ڳپل عرصي تائين ڪئي هئائين، صحافت جي شروعات پرائمري اسڪول جي زندگي کان ڪيائين ۽ ڪلاس فيلو شاگردن سان گڏجي هڪ اخبار “دستي” ڪڍيائين. هن لکڻ جي شروعات ۱۹۲۴ع ۾ هڪ مضمون لکڻ سان ڪئي هئي، جيڪو محمد بن قاسم تي لکيل مضمون هو ۽ اردو جي “منادي” رسالي ۾ شايع ٿيو هو. ان کان پوءِ ۱۹۲۷ع ۾ “چنڊ سهڻو يا انسان” جي عنوان هيٺ پهريون افسانو لکيائين، جيڪو “ترقي” رسالي ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري شايع ٿيو هو، هن ۱۹۴۱ع ۾”غيرت عرف نورجهان جو پٽ” جي عنوان هيٺ پهريون ناٽڪ لکيو هو. پهريون شايع ٿيندڙ ڪتاب ۱۹۲۵ع ۾ “قرآني دعائون” ۱۹۳۸ع ۾ پهريون ناول “سنگدل شهزادي” جي عنوان هيٺ شايع ٿيو، محترم محمد عثمان ڏيپلائي سچ ته هڪ پورو ادارو هو، جنهن تمام گهڻا علمي، ادبي سلسلا هلايا ۽ جاري ڪيا، جن ۾۱۹۶۹ع ۾ ماهنامه ساڻيهه، ۱۹۶۹ع ۾ روزاني سنڌ ٽائيمس، ۱۹۳۸ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت، ۱۹۴۹ع ۾ قرآن ڪمپني، ۱۹۴۱ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلو، ۱۹۴۳ع ۾ هفتيوار عبرت، ۱۹۴۸ع ۾ قرآن پريس، ۱۹۴۹ع ۾ اداره لطيفي، ۱۹۵۲ع ۾ اداره انسانيت، ۱۹۵۳ع ۾ روزاني عبرت،  ۱۹۵۷ع ۾ ماهوار انسان،  ۱۹۵۹ع ۾ هفتيوار رسالو انسان، وغيره شامل آهن. سنڌ جي هن بيباڪ عاشق ڪيترائي دفعا جيل جون سختيون به سٺيون، کيس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي انعام ۽ اعزاز به حاصل ٿيا، سندس ڪيترائي ڪتاب ضبط به ڪيا ويا، سندس ڪيترن ئي جاري ڪيل ادارن، رسالن ۽ اخبارن تي باپنديون لڳايون ويون پر هن دلير ۽ برجستي عالم ڪڏهن به ماٺ ڪري ويهي رهڻ تي نه سوچيو ۽ سچ ۽ حق جون ڳالهيون بهادريءَ سان لکندو رهيو. سندس اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا، جيڪي تمام گهڻا معياري، ڪارائتا ۽ اثرائتا هئا، سندس تصنيفن جو سلسلو ته تمام ڊگهو آهي، ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون شوڪت اسلام، عروج اسلام، جلوه اسلام، فتح اسلام، گمراهه مسلمان عرف هندو- مسلم اتحاد، فتح ايران، سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي دانهن، غازي محمود غزنوي، غازي اورنگزيب، گلستان حسن عرف ڪوهه ڪاف جي پري، هوشربا شهزادي، سنگدل شهزادي، نازنين سمرنا، حور بغداد، آفريقا جي شهزادي، شيوا جي شيش محل، چين جو چنڊ، قسطنطنيه جي شهزادي، جنگ ترڪ و جرمن، فتح المقدس، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، احمد شاهه ابدالي، مينا بازار، ڏاهري رنگ محل، سبڪتگين ۽ جئه پال، فتح يرموڪ، بلبل ايران، هندستان کان پاڪستان، ڪُتي جو..؟، افضل شهيد، قومي آزاديءَ بابت ناول،۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ، قرآني دعائون، گلشن عبرت، امڙ (ناول)، سانگهڙ (ناول)، انقلاب ايران، ڏاهري رنگ محل، گلستانِ حسن، آزاديءَ جي جنگ، غازي انورپاشا، جپاني گُڏي، شيخ المشائخ، اسلامي تاريخي ناول، روم جي راڻي عرف شڪست حسن، هوشربا نازنين، ڪارا ڪافر، نازنين يورپ (ٻي صليبي جنگ)، دخترانِ اسلام، شاهه امان الله، فتح فلسطين، نيل ڪنوار عرف فتح مصر، غازي صلاح الدين، فتح اسپين عرف عصمت جي قيمت، آخري اميد، ڪاشيءَ جا پاپڙ، ڪنيز اسلام، ٽيپو سلطان، حيدرعلي، ايراني شهزادي، شير شاهه ۽ همايون، نورِ توحيد، شير ايران، غازي مصطفيٰ ڪمال، غازي انورپاشا، ڪنول ڪلي، سانگهڙ، سمرقند جو صوف، سسي نيزي پاند، ڪوريا جي ڪنوار، مجاهد ڪشمير، انقلاب ايران، ريف جو مجاهد، سوڊان جي سونهن وغيره شامل آهن، ان کان علاوه ڪجهه ڪتاب اهڙا به هئا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ قسطوار ڇپيا پر شايع نه ٿي سگهيا، سندس ٻيا ڪيترائي افسانن جا مجموعا، ڊرامه ۽ ٻيون مختلف تحريرون پڻ آهن، جن کي اختصار جي ڪري هتي رکي نٿو سگهجي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون علمي، ادبي، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ صحافتي بي بها ۽ بي انت خدمتون ڏسي هر ماڻهو اهو قبول ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ته محمد عثمان ڏيپلائي هڪ تاريخ ساز شخصيت هو، هُو هڪ ديومالائي ڪردار هو ۽ هو هڪ شخص نه پر هڪ پورو ادارو هو، هڪ پوري تاريخ هئي، هو هڪ گهڻ طرفو مطالعو ۽ مشاهدو رکندر محقق، نقاد ۽ تخليقڪار هو، هو پنهنجي ذات ۾ جذباتي شخص هو ۽ اها عام چوڻي آهي ته جذباتي انسان پرخلوص هوندا آهن. سنڌ جو هي ترقي پسند اديب، املهه انسان، سماج سڌارڪ، ڪميٽيڊ انقلابي ليکڪ، گهڻ پاسائين ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ محمد عثمان ڏيپلائي ۷۳ سال جي زندگي گذاري ۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو هو، پاڻ هڪ هنڌ لکيو هئائين ته “سنڌ جي باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا رکيو ويو آهي، جهڙو جپانين، چينين سان ڪيو. فلسطين جي عربن تي يهودين ڪيو ۽ فرينچن الجيريا ۾ ڪيو”.

 


ڏيپلائيءَ جو صحافت معرفت سجاڳيءَ جو سڏ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ هڪ اهم نالو آهي. سندن صحافتي سفر جي شروعات سنڌي صحافت جي ٻئي دور (۱۹۱۱ع کان ۱۹۴۷ع) جي آخر کان شمار ڪري سگهجي ٿي. پاڻ هڪ ڊگهو عرصو صحافت ذريعي سنڌي سماج جي خدمت ڪيائون.

محمد عثمان ڏيپلائي انهن باضمير صحافين ۽ ايڊيٽرن مان هو، جنهن سچ ۽ صداقت کي ڪمرشلائيز ٿيڻ نه ڏنو. زندانن کي زنده دليءَ سان منهن ڏيندي هن جمهوريت جي پيداوار سچيءَ صحافت کي آمريت خلاف جوٽيل جنگ طور استعمال ڪيو. ڏيپلائي صاحب هڪ بي ڊپو، بي ريا، بي باڪ، باهمت ۽ بينظير صحافي ۽ ايڊيٽر هو، جنهن کي سچيءَ صحافت جي سرواڻيءَ تان هٽائڻ لاءِ ڪئين تڪليفون ڏنيون ويون. اخبارن ۽ رسالن جا ڊڪليئريشن منسوخ ڪيا ويا. اشتهارن تي پابنديون وڌيون ويون. ڪاغذ جي ڪوٽا گهٽائي ويئي. بي سبب بند ۾ رکيو ويو، پر هو پنهنجي مقصد تان نه هٽيو ۽ اٽل ارادن سان پنهنجي مشن کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيائين.

تن سورن کي شاباس، جن پرت پڄائي پنهل سين.

ڏيپلائي صاحب باقاعده طور ڇپائيءَ جي سلسلي لاءِ ۱۹۳۸ع ۾ “اسلاميه دارالاشاعت” جي اداري جو قيام ميرپورخاص ۾ عمل ۾ آندو. ۱۹۴۱ع ۾ ماهوار “عبرت” جو ڪتابي سلسلو جاري ڪيائين، جيڪو ۱۹۴۳ع ۾ هفتيوار ۽ ۱۹۵۳ع ۾ روزانه اخبار طور جاري ٿيو. ۱۹۴۲ع ۾ ڏيپلائي صاحب مستقل حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جنهن جي ڪري اسلاميه دارالاشاعت جو سلسلو ۽ “عبرت” اخبار پڻ حيدرآباد منتقل ٿيا. “عبرت” جو نالو مشهور ترڪي اديب ۽ صحافي نامق ڪمال جي اخبار “عبرت” تان ورتل آهي.

۱۹۵۲ع ۾ ڏيپلائي صاحب “اداره انسانيت” جو قيام عمل ۾ آندو. هن اداري تحت جديد ترقي پسند ادب جي اصلوڪن ۽ ترجمو ٿيل ڪتابن جي اشاعت ٿي. “اداره انسانيت” مان جاري ٿيندڙ رسالو “انسان” ۱۹۵۷ع ۾ پهرين ماهوار ۽ مئي ۱۹۵۹ع کان هفتيوار شايع ٿيو. ۱۹۶۱ع ۾ ڏيپلائي صاحب جي نظربنديءَ سبب هن رسالي جو اجراء بند ٿي ويو. ماهنامه “ساڻيهه ڊائجيسٽ” ۱۹۶۹ع ۾ ڪڍيائين ۽ روزانه “سنڌ ٽائيمس” به جاري ڪيائين. “اداره انسانيت” ۽ “اداره لطيفي” جي نالي سان ڏيپلائي صاحب جي قائم ڪيل انهن اشاعتي ادارن ۾ نه فقط سندن ذاتي ڪتاب ڇپبا هئا، پر ٻين به ڪيترن وڏن ليکڪن جا ڪتاب ڇپيا ويا.

سال ۱۹۵۸ع ۾ “عبرت” اخبار قاضي برادران کي ڏيڻ کان اڳ ڏيپلائي صاحب “اداره انسانيت” کي قائم ڪري انهيءَ معرفت رسالي “انسان” جو اجراءُ ۱۹۵۷ع ۾ شروع ڪري ڇڏيو هو. رسالي “انسان” سنڌ ۾ مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا. ظفر حسن هن ڏس ۾ لکي ٿو ته، “ڏيپلائي صاحب جي سنڌي اخبار نويسيءَ ۾ وڏي ڪنٽري بيوشن آهي، هفتي وار “انسان” سنڌي اخبار نويسيءَ جو ڇٽ هئي. اهو رسالو ون يونٽ جي دور ۾ نڪتو ۽ هر پرچو ايترو ته سينسر ٿيو، جو ڪڏهن ڪڏهن اڌ رسالو اوور پرنٽ جي ڪري پڙهڻ جي ناقابل بڻايو ويندو هو”. هن رسالي نه فقط اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ طرفان پيش ڪيل انساني حقن جا پڌرناما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيا، پر “ون يونٽ” خلاف اصل بنيادي دستاويز به شايع ڪيا. رسالي ۾ سنڌ واسين جي مسئلن کي خاص نمائندگي ڏني ويندي هئي. باوجود ان جي ته “انسان” ۾ نامور ليکڪن جون لکڻيون شامل هيون، ته به رسالي جي مشهوريءَ جو سبب گهڻي ڀاڱي ڏيپلائي صاحب جا لکيل اداريا ۽ مستقل ڪالم “نرالا نظارا”، “ديس پرديس”، “گامونءَ جا گفتا”، “جيل جا مشاهدا”، تنقيدون ۽ تبصرا ۽ مختلف اخبارن جي ڏيهي ۽ پرڏيهي خبرن تي تنقيد هئا. انهيءَ کان علاوه ڏيپلائي صاحب جي ذاتي لکيل ناولن، ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جون قسطون “انسان” رسالي ۾ شايع ٿينديون هيون. جن ڪتابن جون قسطون شايع ٿيون، انهن ۾ “ڪوريا جي ڪنوار”، “ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي”، “سِسي نيزي پاند”، “انسان جي تاريخ”، “پنچائتي پدمڻي” ۽ افسانن ۾ “ڪونڍير”، “مرشد جو نڪ”، “جيل جو وصال” ۽ ٻيا آهن.ڏيپلائي صاحب مضمون نگار پڻ هو، سو “انسان” ۾ سماجي، سياسي، ادبي ۽ سوانحي موضوعن تي هن مضمون لکيا، جيئن “امن ۽ انسان دوستي”، “لطيفي ديڳ جو ڍڪ لاهيندڙ (سچل سرمست)”، “محرم جو رت”، “سنڌي زبان”، “ڀڳت ڪنور جي ورسي”، “سنڌي قوم” ۽ ٻيا خاص نمبرن جي موضوع مطابق مضمون آهن. خاص نمبرن ۾ “شهيد انسانيت (ابراهيم لنڪن)”، “جنگِ آزادي ۱۸۵۷ع نمبر”، شهزاده ڪريم آغا نمبر”، “شاهه لطيف نمبر”، “سچل سرمست نمبر”، “عيد ميلاد النبي نمبر”، “ٽالسٽاءِ نمبر”، قائد اعظم نمبر” ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪنهن به اخبار يا رسالي جي ڪاميابيءَ ۾ اخبارن ۽ رسالي جي اداريي جو وڏو هٿ هوندو آهي. اداريي جو وقتائتو ۽ جاندار هئڻ اخبار يا رسالي جي پاليسيءَ کي واضح ڪري ٿو ته گڏ ان جي مضبوطيءَ سان اخبار جي سرڪيوليشن تي به مثبت اثر پوندو آهي. ايڊيٽر جو اديب ۽ ڄاڻو هئڻ سان گڏ عوام جو “نبض شناس” هئڻ ضروري آهي. هونئن بظاهر ته ادب ۽ صحافت هڪ ٻئي کان الڳ آهن، پر حقيقت ۾ ادب جو تعلق جيئن زندگيءَ سان آهي، تيئن صحافت به انساني روزمره جي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ ڪري ادب ۽ صحافت کي هڪٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. دنيا جي تقريبًا گهڻين ٻولين جي نثر ۽ نظم جي ترقيءَ ۾ ان ٻوليءَ جي صحافت هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪيتروئي ادب جو مواد رسالن ۽ مخزنن سان گڏ قسطوار صورت ۾ روزانه اخبارن وسيلي عام تائين پهتو آهي.حافظ خير محمد اوحدي صاحب موجب ته، “صحافيءَ جو اديب هئڻ ضروري آهي ۽ اديب لاءِ صحافت ضروري نه آهي”. سو ڏيپلائي صاحب نه فقط اديب صحافي هو، پر باهمت دلير، ايڊيٽر ۽ پبلشر هو. سندس لکيل اداريا پُراثر ۽ وقت جي للڪار هئا، هو حالاتِ حاضره کان باخبر هو. سندس انهيءَ صحافتي بي باڪيءَ جو ثبوت، “انسان” جي ادارين جي موضوعن ۽ مواد مان واضح ملي ٿو، جيئن “مشرقي پاڪستان جي قيامت”، “ڪراچيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جا مطالبا”، “قوم جي وقف ملڪيتن جي باري ۾ صلاح”، (مهاجرن جي لطيف آباد يونٽ ۳ ۾ آبادڪاريءَ تي احتجاج)، “شينهن جي گجگوڙ”، (صدر ايوب خان جي ڪيل پاڻيءَ جي غلط ورڇ تي)، “مايوسيءَ جي ڪابه ضرورت ڪونهي” (هن اداريي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي مستقبل ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ تجويزون ڏنل آهن)، “تعليمي ڪميشن جي رپورٽ پنهنجي ئي اکرن جي آئيني ۾”، “يا صدرِ مملڪت فرياد رس”، “سنڌ جون رڙيون”، “هڪ هيبتناڪ انڪشاف”. مطلب ته تمام اهم موضوعن تي وزنائتا اداريا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي خوبين جي حوالي سان جڏهن رسالي “انسان” جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان تقريبًا پنجاهه سال اڳ جڏهن پرنٽنگ ۽ پبلشنگ جون سهولتون گهٽ هيون، هڪ هفتيوار رسالي جي ڇپائيءَ ۾ لفظن ۽ جملن جي ترتيب، بيهڪ جون نشانيون، گرامر جو استعمال احسن طريقي سان ڏنل آهي. رسالي جا پروف تمام ڌيان سان چڪاسيل آهن. لفظن جون چُڪون نه هئڻ برابر آهن ۽ عام فهم ۽ آسان سنڌي نثر ڪتب آندل آهي. ڏيپلائي صاحب فڪري طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مسئلن سان لاڳاپيل هو. سندس فن هر وقت جو آئينه دار رهيو. هن هر هلندڙ مسئلي کي موضوع جي حوالي سان هٿ ۾ کنيو. ورهاڱي جو دؤر، ون يونٽ جو دور، مارشلائي حالتون، سنڌ جون ٻيون مشڪل سياسي ۽ سماجي حالتون، تن سڀني تي هن هميشه ٺهڪندڙ مواد پنهنجن ڪتابن ۽ اخبارن معرفت عام تائين پهچايو. سندن ذاتي پريس جي موجودگيءَ ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌي صحافت ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت طور سنڌي صحافت کي ترقي وٺرائي، جنهن مان سندن اخبار “عبرت” رسالي “انسان” ۽ “ساڻيهه ڊائجسٽ” کان علاوه ٻيا به ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿيندا هئا، جيئن “الرحيم”، “پيغام”، “روح ادب”، “سهڻي”، “پرهه ڦٽي”، “رهبر ڊائجسٽ” وغيره. اهو بلڪل بجا طور چئي سگهجي ٿو ته محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سنڌي صحافت ۾ وڏو حصو آهي ۽ سندن خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



محمد عثمان ڏيپلائي

ترقي پسندي ۽ حب الوطني جي مورچي جو بيباڪ مجاهد

دستگير ڀٽي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۱۴ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ انگريزي اخبار انڊس ٽائيمز جي ڀرسان جڏهن پنهنجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو مهورت ڪري رهيو هو ته اسان سيکڙاٽن سان گڏ هڪ پوڙهو شينهن، ڏاڍو بهادر، روشن خيال، ترقي پسند ۽ بيباڪ صحافي ۽ اديب، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي پڻ هن تاريخي ميڙ ۾ موجود هو. ان کانپوءِ روزانو هي بزرگ ليکڪ، پنهنجي گاڏي کاتي واري گهر کان وٺي شاهي بازار جي مُنڍ وٽ سندس ڏيپلائي پريس ۽ اتان وري پيرين پنڌ ڀائي خان واري چاڙهي چڙهي اچي هلال پاڪستان جي آفيس ڀيڙو ٿيندو هو. اسان جو ايڊيٽر مرحوم شيخ علي محمد پٽيوالي کي آواز ڏيئي، ڏيپلائي صاحب لاءِ هڪدم چانهه ٺهرائيندو هو. چانهه جو هڪڙو ڪوپ سندس ٿڪ لاهي، کيس ڪالم لکڻ لاءِ ٽاٽ ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ هو پنهنجي هئنڊ بيگ يا ٿيلهيءَ منجهان قلم ۽ ڪجهه پنا ڪڍي، آرٽيڪل لکڻ ۾ جُنبي ويندو هو. لکڻ جي رفتار اهڙي تيز، جو اڌ ڪلاڪ اندر ڪالم تيار. گهڻو ڪري پروف به روز پاڻ پڙهندو هو پر جنهن ڏينهن کيس ڪنهن ڪم سان وڃڻ جي تڪڙ هوندي هئي ته مون کي تاڪيد ڪري ويندو هو ته پروفن ۾ غلطي نه ڪجانءِ. سو اسانجي صحافت جي شروعات ڏيپلائي مرحوم کان علاوه مرحوم مولانا غلام محمد گرامي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، پير حسام الدين راشدي ۽ مولوي عبدالحق رباني جهڙن عوام دوست، کاٻي ڌر سان واڳيل عالمن ۽ فاضلن جا پروف پڙهڻ سان ٿي، جيڪي علم جي گهري سمنڊ جا سچا موتي هئا.

انهيءَ دور ۾ ملڪ اندر جنرل يحيٰ خان جي بي رحم مارشل لا لڳل هئي، جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن کي فوجي عدالتن جي انٽر پاس ميجر يا ڪرنل سطح جي پرزائيڊنگ آفيسرن هٿان قيد ۽ ڦٽڪن جون سزائون عام جام ملنديون هيون. ڀٽو صاحب، پنهنجي پارٽي منشور ۾ سوشلزم واري معيشت قائم ڪرڻ جو نعرو هڻي، ڄڻ ککر ۾ کڙو هڻي ڇڏيو هو. جماعت اسلامي جي سربراهه مولانا مودودي انهيءَ ترقي پسند نظرئي کي فتويٰ ڏيئي اسلام دشمن قرار ڏنو ۽ سوشلزم جي حامين کي ”ڪافر“ جو لقب ڏيئي ڇڏيو. جماعت اسلاميءَ وارن سنڌي اڳواڻن، ووٽرن کي گمراهه ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي روزاني اخبار ”الوحيد“ وسيلي، ڀٽو شهيد خلاف جيڪا زبردست ناڪاري پروپئگنڊه مهم هلائي، ان جو مقصد فقط ۽ فقط کيس لادين، لامذهب ۽ دهريو ثابت ڪري عوام کان ڌار ڌِڪڻ هوندو هو.

عثمان ڏيپلائي صاحب پنهنجي مضمونن ۾ حضرت ابوذر غِفاريءَ کان وٺي مولانا عبيد الله سنڌيءَ کي سوشلسٽ ثابت ڪرڻ جا دليل ڏيئي، جماعت اسلاميءَ جي زهريلي مهم منجهان زهر ڪڍي ڇڏيندو هو. جيتوڻيڪ ڏيپلائي مرحوم پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ هو پر اسان کي انگريزي پڙهڻ، خاص ڪري روزانو انگريزي اخبار جو مطالعو ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٽي چار ڀيرا نصيحت ڪندو هو. سندس لکڻين ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن پاران هارين نارين سان رواجي ڏاڍائين ۽ بي رحميءَ سان سندن استحصال جو تمام گهڻو عڪس چٽيل هوندو هو ۽ پاڻ پنهنجي وطن واسين کي سکيو ستابو ڏسڻ چاهيندو هو، تنهنڪري ئي ڀٽو صاحب جي سوشلزم واري پروگرام جي ڀرپور پٺڀرائي ڪيائين.

ڏيپلائي صاحب حُرن جي آزاديءَ واري تحريڪ بابت سانگهڙ ناول لکي، سنڌين کي پنهنجن سرويچ هيرن ۽ جوڌن جوانن جي دليري ۽ بهادريءَ وارن سچن داستانن کان باخبر ڪيو آهي. انهيءَ ناول جي پيش لفظ ۾ پاڻ فرمايو اٿن ته، ”انسان ذات جي نجات ۽ ڀلائيءَ لاءِ هزارين سالن جي جدوجهد کانپوءِ آخر ڪار مدبرن طرفان ”بنيادي انساني حقن“ جو منشور پاس ٿيو آهي، جيڪو انساني ارمانن ۽ تمنائن جو نچوڙ آهي. اهو سچ آهي ته اڄ به انسانيت جا دشمن بنيادي حقن جي ٺاهي مٽي پليد ڪري رهيا آهن، پر نيٺ هڪ ڏينهن سچا اڳواڻ به پئدا ٿيندا، جيڪي ڪونڌرن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ کان بچائيندا.“ سانگهڙ ناول ۾ سورهيه سائين پير صبغت الله شاهه ۽ سندس پوئلڳن جي انگريزن خلاف هلايل هٿياربند گوريلا جنگ جا جيڪي تفصيل ڏنل آهن، انهن کي سهيڙڻ ۽ سنڌين جي چاليهه هزار شهيدن جا تفصيل ميڙڻ لاءِ مرحوم ڏيپلائي جنهن محنت، جفاڪشي ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو مثالي آهي.



محمد عثمان ڏيپلائي

ناول نگار، شاعر، صحافي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

۱۳ جون ۱۹.۸ع تي ڏيپلي شهر ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عثمان ميمڻ پنهنجي صلاحيتن سبب سنڌ جي ادبي اُفق تي بي باڪ صحافي ۽ ناليواري اديب طور مشهور ٿيو. ڏيپلو شهر سندن نسبت سان ڏيهه پرڏيهه سڃاتو وڃي ٿو.

ڇهه درجا ڏيپلي مان پڙهڻ کان پوءِ گهرو حالتن جي ڪري اڳيان پڙهي نه سگهندڙ محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻو شوق هو ۽ هُو ماٺ ڪري نه ويٺو، پنهنجو شوق ذاتي محنت سان پورو ڪيائين. وڏي پئماني تي تاريخ، مذهب، سياست ۽ ادب پڙهندو رهيو. اديب فاضل ۱۹۵۷ع ۾ پاس ڪري ۱۹۶۸ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. عربي، فارسي، گجراتي، هندي، گرمکي ۽ اردو ٻولين جي سٺي ڄاڻ هيس. ۱۱ سالن جي عمر ۾ دستي اخبار فرحتِ آثار (۱۹۱۹-۱۹۱۸ع) ۾ هم ڪلاسين لاءِ لکيائين، جنهن ۾ قاضي حاجي علي محمد ساڻن گڏ هوندو هو ٻئي گڏجي دستي اخبارون ڪڍندا هئا.

سورنهن سالن جي عمر ۾ پهريون مضمون محمد بن قاسم بابت اردو اخبار “منادي” ۾ ۱۹۲۴ع ۾ شايع ٿيو. سندن پهريون افسانو ۱۹۲۸ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ افسانا لکندو رهيو، جن جا ننڍا مجموعا شايع ٿيل آهن. پهريون مجموعو “گلشن عبرت” شايع ٿيو.

ڏيپلائي صاحب ٿر ۾ ڏڪار جي بدترين صورتحال سبب شروع ۾ ئي ڏيپلو ڇڏي پهرين ٽنڊي باگي ۽ پوءِ بدين ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڳيان هلي ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڏي رهائش منتقل ڪيائون. سندن وڏا وڻج واپار ڪندا هئا. ڏڪار جي سبب جڏهن اهو ممڪن ڪونه هو، تڏهن پاڻ زميندارن وٽ منشي ٿي ڪم ڪيائون. چار درجا پڙهيل هئڻ ڪري نوڪري ته آسانيءَ سان ملي ويندي هئي.

۱۹۴۱ع ۾ ناٽڪ نويسيءَ طرف توجهه ڪندي “غيرت عرف نور جهان جو پٽ” ناٽڪ لکيائين، جو بي حد مقبول ٿيو. اهڙيءَ ريت هن ۱۵ کن ناٽڪ اصلاحي، سماجي، اخلاقي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن تي لکيا. ۱۹۳۹ع ۾ ناول نگاريءَ جي شروعات ڪندي “سنگدل شهزادي” ناول لکي پنهنجي ئي قائم ڪيل اداري اسلاميه دارالاشاعت ميرپورخاص مان شايع ڪرايائين. پوءِ ته ڄڻ ناولن جي برسات ٿي وئي. ڏيپلائي صاحب ۶. کان مٿي تاريخي، اسلامي، نصيحتي ۽ ٻين موضوعن تي ناول لکيا. ڏيپلائي صاحب آخري ناول “انقلابِ ايران” ۱۹۸.ع تائين ڪل ۱۵. کن ڪتاب لکيا ته مضمون، ڪالم، اداريا، افسانا، ديني مذهب، تاريخ، سوانح، لسانيات، تنقيد، لطيف شناسي ۽ ٻين موضوعن تي لکيائين. ڪجهه شعر به چيائين تخلص”شائق” هيس. ان شاعريءَ مان چونڊ شاعري، “مهراڻ شاعر نمبر” ۾ شايع ٿيل آهي.

ڏيپلائي صاحب پنجاهه رپين جي موڙيءَ سان اسلاميه دارالاشاعت جو ادارو کوليو، جنهن ۾ سندن پنهنجي ڪتابن کان سواءِ ٻيا پڻ ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ جا لوڪ ادب جي سلسلي جا ڪجهه ڪتاب، “تاريخِ معصومي”، “آفتاب ادب”، “تاريخ ريگستان”، “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ”، “بلو کوکر” ۽ ٻيا هئا، جن جو انگ به پنجاهه تائين آهي.

روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سماج کي اڏڻ لاءِ هن هڪ مضبوط سماج سڌارڪ جو رول ادا ڪيو. ۱۹۶۳ع ۾ ميڪسيم گورڪيءَ جي ناول “the mother” جو ترجمو “امڙ” چئن ڪتابڙن جي شڪل ۾ آندائين، اهو ضبط ڪيو ويو. ان کانپوءِ ۱۹۷۶ع ۾ “شيخ المشائخ” ڪتاب تي بندش پئي، جو جي ايم سيد جي خلاف لکيل “سنڌ سونهار” ڪتاب جو جواب هو. سندن سڀ کان گهڻو مقبول ڪتاب ۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ هو، جنهن جون ٽي هزار ڪاپيون ٻن ايڊيشن ۾ ڇپيون، جو هڪ سنڌي ڪتاب جو رڪارڊ قائم ٿيو هو. ڏيپلائي صاحب جي ٻين اهم ڪتابن ۾ “سانگهڙ”، “انقلاب ايران”، “غازي انور پاشا”، “گلشنِ عبرت”، “عروج اسلام”، “نورِ توحيد”، “غازي صلاح الدين”، “سيرت محمدي”، “فتح اسلام” قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ شاهه لطيف جو رسالو (ترتيب) آهن، سندن ڏهن ڪتابن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

انساني بنيادي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ انسانيت جي حاميءَ ڏيپلائيءَ ۱۹۳۸ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت اداري جو بنياد وڌو ۽ ۱۹۴۱ع ۾ “عبرت” ماهوار جاري ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ ئي “عبرت” جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، هفتيوار عبرت ۱۹۴۳ع ۾ ڪڍيائين. قرآن پريس ۱۹۴۸ع ۾ قائم ڪيائين. ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ پهريون ڪتاب “سيرتِ محمدي” ڇپيو. “اداره لطيفي” ۱۹۴۹ع ۾ ۽ “اداره انسانيت” ۱۹۵۲ع ۾ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني عبرت اخبار جو سلسلو ۱۹۵۳ کان قائم ٿيو جا سنڌ جي هڪ مقبول و معروف اخبار هئي.

۱۹۵۷ع ۾ ڏيپلائي صاحب ماهوار “انسان” رسالو شروع ڪيو، جنهن کي مئي ۱۹۵۹ع ۾ هفتيوار ڪيائين. ۱۹۶۹ع ۾ “ساڻيهه ڊائجيسٽ”، ۽ روزاني “سنڌ ٽائيمس” ۱۹۶۹ع ۾ ڪڍيائين. اهڙيءَ ريت عوامي رابطي جي هن صحافتي سفر ۾ ڏيپلائي صاحب ۱۹۴۸ع کان ۱۹۸.ع تائين رهيو. قرآن پريس کي ۱۹۷۲ع ۾ لساني وڳوڙن ۾ باهه ڏني وئي، جنهن ۾ کين وڏو نقصان ٿيو پر همٿ ڪونه هاريائون. پوءِ اخبارن هفتيوار “انسان” ۽ روزاني “سنڌ ٽائيمس” تي پابندي وڌي وئي ۽ ڪتاب ضبط ٿيا کين ٽي دفعا جيل نيو ويو ۱۹۵۸ع، ۱۹۶۱ع ۽ ۱۹۷۳ع ۾ ۽ اهو دور سندن مشهوري ۽ ڪم جي رفتار جي حوالي سان عروج جو هو. جيل ۾ سندس ملاقاتون اديبن ۽ سياستدانن سان ٿيون، جن سندس نظرين ۾ تبديلي آندي، جن ۾ خاص طور فيض احمد فيض، دادا امير حيدر، خوشحال خان، مرزا ابراهيم ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان ملڻ کان پوءِ سندن ئي لفظن ۾ ته، “انهن جي خيالن ۽ جذبن مون کي متاثر ڪيو”.

ڏيپلائي صاحب ۾ متاثر ٿيڻ جي قوت وڌيڪ هئي، جنهن جي ڪري سندن خيالن ۽ سوچن ۾ وقت سان گڏ تبديليون پڻ آيون، جنهن جو ڏيپلائيءَ جي فڪر تي گهرو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو سياسي ماڻهو نه هو پر هن پنهنجي سماج جي ماڻهن کي سياسي سجاڳيءَ جو سڏ تحريرن معرفت ڏنو. سندس مطالعو ۽ مشاهدو تحرير جو روپ وٺي مزاحمتي ادب طور عوام جي ذهنن کي ذهني مفلوجي ۽ وهم پرستي مان ڪڍندو رهيو.

ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ صوبائي خودمختياري جي لاڙي ۽ ان جي جدوجهد کي تيز تر ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب وطن دوستي، انسان دوستي ۽ قومپرستيءَ کي تاريخ جي تناظر ۾ اڳيان آندو. “سانگهڙ” ناول کان اڳ انهيءَ قسم جي مزاحمتي ناول جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ۾ موجود نه هو.

هن انقلابي شخص دنيا جي ڪيترن ملڪن جي انقلابن تي ناول پيش ڪيا جيئن، “انقلابِ ايران”، “انقلابِ ويٽنام”، “انقلابِ سنڌ عرف فتح پاڪستان”، “انقلاب روس”، “انقلاب فرانس” ۽ ٻيا. جن مان ڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ته ڪي رسالي “انسان” ۾ قسطوار آيا، انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٽيليفون، موبائل ۽ انٽرنيٽ جهڙيون سهولتون نه هيون. هڪ ٿري شخص پنهنجي مطالعي ۽ اخبار بينيءَ جي آڌار تي ڪيترو نه باخبر هو! محمد عثمان ڏيپلائي ۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کين پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجن ڪتابن تي انعام ۽ ايوارڊ مليا، خاص طور پنهنجي پڙهندڙن ۽ مداحن کان بي حساب محبتون مليون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ جون ۲.۲۳ع تي ڇپيل)


 

محمد عثمان ڏيپلائي

ادبي خدمتون

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

۱۳ جون ۱۹.۸ع تي ڏيپلي شهر ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عثمان ميمڻ پنهنجي صلاحيتن سبب سنڌ جي ادبي اُخق تي بي باڪ صحافي ۽ ناليواري اديب طور مشهور ٿيو. ڏيپلو شهر سندن نسبت سان ڏيهه پرڏيهه سڃاتو وڃي ٿو. ڇهه درجا ڏيپلي مان پڙهڻ کان پوءِ گهرو حالتن جي ڪري اڳيان پڙهي نه سگهندڙ محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻو شوق هو ۽ هُو ماٺ ڪري نه ويٺو پنهنجو شوق ذاتي محنت سان پورو ڪيائين. وڏي پئماني تي تاريخ، مذهب، سياست ۽ ادب پڙهندو رهيو. اديب فاضل ۱۹۵۷ع ۾ پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. عربي، فارسي، گجراتي، هندي، گرمکي ۽ اردو ٻولين جي سٺي ڄاڻ هيس. ۱۱ سالن جي عمر ۾ دستي اخبار فرحتِ آثار (۱۹۱۹-۱۹۱۸ع) ۾ هم ڪلاسين لاءِ لکيائين, جنهن ۾ قاضي حاجي علي محمد ساڻن گڏ هوندو هو. ٻئي گڏجي دستي اخبارون ڪڍندا هئا. سورنهن سالن جي عمر ۾ پهريون مضمون محمد بن قاسم بابت اردو اخبار “منادي” ۾ ۱۹۲۴ع ۾ شايع ٿيو. سندن پهريون افسانو ۱۹۲۸ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ افسانا لکندو رهيو، جن جا ننڍا مجموعا شايع ٿيل آهن. پهريون مجموعو “گلشن عبرت” شايع ٿيو.

ڏيپلائي صاحب ٿر ۾ ڏڪار جي بدترين صورتحال سبب شروع ۾ ئي ڏيپلو ڇڏي پهرين ٽنڊي باگي ۽ پوءِ بدين ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڳيان هلي ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڏي رهائش منتقل ڪيائون. سندن وڏا وڻج واپار ڪندا هئا. ڏڪار جي سبب جڏهن اهو ممڪن ڪونه هو، تڏهن پاڻ زميندارن وٽ منشي ٿي ڪم ڪيائون. چار درجا پڙهيل هئڻ ڪري نوڪري ته آسانيءَ سان ملي ويندي هئي، جتي نوڪري ڪندي گهڻو لکندو رهيو. ڪيترائي زميندارن جا ظلم ۽ ڪامورن جا ڪلور ڏسڻ کان پوءِ سندن قلم رهي نه سگهيو، جي گهڻي ڀاڱي سندن افسانن ۾ موجود آهن. ۱۹۴۱ع ۾ ناٽڪ نويسيءَ طرف توجهه ڪندي “غيرت عرف نور جهان جو پٽ”، ناٽڪ لکيائين جو بيحد مقبول ٿيو. اهڙيءَ ريت هن ۱۵ کن ناٽڪ اصلاحي، سماجي، اخلاقي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن تي لکيا. ۱۹۳۹ع ۾ ناول نگاريءَ جي شروعات ڪندي “سنگدل شهزادي” ناول لکي پنهنجي ئي قائم ڪيل اداري اسلاميه دارالاشاعت ميرپورخاص مان شايع ڪرايائين. پوءِ ته ڄڻ ناولن جي برسات ٿي وئي. ڏيپلائي صاحب ۳. کان مٿي تاريخي، اسلامي، نصيحتي ۽ ٻين موضوعن تي ناول لکيا. سندس لکڻ جو سفر باقاعدي شروع ٿي ويو. قلم جي رفتار پريس جي مشين وانگر نه بيهندڙ هئي. ڏيپلائي صاحب آخري ناول “انقلابِ ايران” ۱۹۸.ع تائين ڪل ۱۵. کن ڪتاب لکيا ته مضمون، ڪالم، اداريا، افسانا، ديني مذهب، تاريخ، سوانح، لسانيات، تنقيد، لطيف شناسي ۽ ٻين موضوعن تي لکيائين. ڪجهه شعر به چيائين، تخلص“شائق” هئس. ان شاعريءَ مان چونڊ شاعري، “مهراڻ شاعر نمبر” ۾ شايع ٿيل آهي. شاعريءَ مان ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ڪري ڪو ڪرم، ڪر سڄڻ شاد، ‘شائق’

ڀري پير پرنئون، جڏو جيءُ جياريو.

....

صبر ‘شائقا’، سوز کي سانڍ دِل ۾،

نه قادر ڪندو نيٺ ناڪام مون کي.

ڏيپلائي صاحب پنجاهه رپين جي موڙيءَ سان اسلاميه دارالاشاعت جو ادارو کوليو، جنهن ۾ سندن پنهنجي ڪتابن کان سواءِ ٻيا پڻ ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ جا لوڪ ادب جي سلسلي جا ڪجهه ڪتاب، “تاريخِ معصومي”، “آفتاب ادب”، “تاريخ ريگستان”، “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ”، بلو کوکر ۽ ٻيا هئا، جن جو انگ به پنجاهه تائين آهي. ڏيپلائي صاحب مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌ ۾ وڌ ڪتاب لکڻ وارو اديب شمار ٿئي ٿو. مرزا صاحب شاعر پڻ هو پر ته به سندن گهڻا ڪتاب نثر ۾ آهن. ڏيپلائي صاحب فقط نثر ۾ لکيو ۽ ۱۵. کان مٿي ڪتاب لکيا. انهيءَ ڪري اهو بجا طور چئي سگهجي ٿو ته سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه ۾ قليچ ۽ ڏيپلائيءَ جو ڪم تاريخي اهميت رکي ٿو.

ڏيپلائي صاحب ٿر جي هڪ پٺتي پيل علائقي سان واسطو رکندڙ غريب ڪٽنب جو صوفي منش، جنهن کي ڪنهن به اداري، حڪومت ۽ سربراهه طرفان نه ملي، نه پنهنجي ئي ڳوٺ واسين مان ڪا شاباس اُن وقت ملي. هن ڏک ڏاکڙا سهي، راهن جا پٿر هٿن سان هٽائي، ڏات ۽ پورهئي وسيلي اهڙو ته مقام ماڻيو جو تمام ٿورن ڏات ڌڻين کي نصيب ٿيو آهي. روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سماج کي اڏڻ لاءِ هن هڪ مضبوط سماج سڌارڪ جو رول ادا ڪيو. سندس تحريرن تي بندش پئي. ڏيپلائي صاحب جي جن ڪتابن کي ضبط ڪيو ويو.انهن ۾ پهرين “ڏاهري رنگ محل” ضبط ٿيو ۽ ان کان پوءِ “گلستان حسن” (حسن بن صباح بابت لکيل) آهي. انگريز حڪومت خسارن ۽ وڳوڙن کان بچاءُ لاءِ اهي ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا. ايوبي مارشل لا جي دور ۾ “۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ”، “انور پاشا” ۽ “جپاني گُڏي” ضبط ٿيا. ۱۹۳۳ع ۾ ميڪسيم گورڪيءَ جي ناول “the mother” جو ترجمو “امڙ” چئن ڪتابڙن جي شڪل ۾ آندائين، اهو به ضبط ڪيو ويو. ان کانپوءِ ۱۹۷۳ع ۾ “شيخ المشائخ” ڪتاب تي بندش پئي جو جي ايم سيد جي خلاف لکيل “سنڌ سونهاري” ڪتاب جو جواب هو. سندن سڀ کان گهڻو مقبول ڪتاب ۱۸۵۷ع جي آزاديءَ جي جنگ هو، جنهن جون ٽي هزار ڪاپيون ٻن ايڊيشن ۾ کپيون جو هڪ سنڌي ڪتاب جو رڪارڊ قائم ٿيو هو. ڏيپلائي صاحب جي ٻين اهم ڪتابن ۾ “سانگهڙ”، “عروج اسلام”، “نورِ توحيد”، “غازي صلاح الدين”، “سيرت محمدي”، “فتح اسلام“، قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ شاهه لطيف جو رسالو (ترتيب) آهن، سندن ڏهن ڪتابن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

انساني بنيادي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ انسانيت جي حاميءَ ڏيپلائيءَ ۱۹۳۸ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت اداري جو بنياد وڌو ۽ ۱۹۴۱ع ۾ “عبرت” ماهوار جاري ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ ئي “عبرت” جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، هفتيوار عبرت ۱۹۴۳ع ۾ ڪڍيائين. قرآن پريس ۱۹۴۸ع ۾ قائم ڪيائين. ڊسمبر ۱۹۴۸ع ۾ پهريون ڪتاب “سيرتِ محمدي” ڇپيو. “اداره لطيفي” ۱۹۴۹ع ۾ ۽ اداره انسانيت ۱۹۵۲ع ۾ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني عبرت اخبار جو سلسلو ۱۹۵۳ کان قائم ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ ڏيپلائي صاحب ماهوار “انسان” رسالو شروع ڪيو. جنهن کي مئي ۱۹۵۹ع ۾ هفتيوار ڪيائين. انهيءَ دوران روزاني عبرت، قاضي عبدالمجيد عابد ۽ قاضي محمد اڪبر کي ۱۹۵۸ع ۾ وڪرو ڪيائين. ۱۹۳۹ع ۾ “ساڻيهه ڊائجيسٽ”، ۽ روزاني “سنڌ ٽائيمس” ۱۹۳۹ع ۾ ڪڍيائين. اهڙيءَ ريت عوامي رابطي جي هن صحافتي سفر ۾ ڏيپلائي صاحب ۱۹۴۸ع کان ۱۹۸.ع تائين رهيو. قرآن پريس کي ۱۹۷۲ع ۾ لساني وڳوڙن ۾ باهه ڏني وئي، جنهن ۾ کين وڏو نقصان ٿيو پر همٿ ڪونه هاريائون. ڏيپلائي صاحب تي وقت به وقت آزمائش ايندي رهي. جو هو صاف گو ۽ بي ڊپو ليکڪ هو. اڻ ورچائي سندس نصب العين هو. باهمٿ ۽ باعزم ڏيپلائيءَ جي سڄي حياتي جهدِ مسلسل جي داستان آهي. سندن اخبارن هفتيوار “انسان” ۽ روزاني سنڌ ٽائيمس تي پابندي وڌي وئي ۽ ڪتاب ضبط ٿيا. کين ٽي دفعا جيل نيو ويو ۱۹۵۸ع، ۱۹۳۱ع ۽ ۱۹۷۳ع ۽ اهو دور سندن مشهوري ۽ ڪم جي رفتار جي حوالي سان عروج جو هو. ۳.-۷. ۽ ۸. جي انهن ڏهاڪن ۾ جيل وڃڻ سان پريس وقتي طور بند ٿي ٿي وئي. پر واپس اچي وري به وڏي حوصلي سان ان کي شروع ڪندو هو. خود اعتمادي، پنهنجي ڪم سان محبت، محنت ۽ شوق ڏيپلائي صاحب جو وطيرو هو. سچائي، سادگي ۽ توڪل جي ترهي سندس حوصلو قائم رکيو. پنهنجي ذهانت ۽ مدد جي جذبي سان وڏن وڏن عالمن ۽ اديبن جي مدد ڪيائين، جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جمال ابڙو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، مولوي احمد ملاح، شيخ اياز ۽ ٻيا. جن اهو اعتراف پنهنجي تحريرن معرفت ڪيو آهي.

مايوسي ۽ نااميديءَ کان ڪوهين پري رهندڙ ڏيپلائي صاحب جي مزاح جي حس وڻندڙ ۽ يادگيري لازوال هئي ڪچهرين جو مور هو، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، نجم عباسي، حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان اٿڻ ويهڻ هئس ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن کي ويجهو هو، جيل ۾ سندس ملاقاتون اديبن ۽ سياستدانن سان ٿيون، جن سندس نظرين ۾ تبديلي آندي، جنهن ۾ خاص طور فيض احمد فيض، دادا امير حيدر، خوشحال خان، مرزا ابراهيم ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان ملڻ کان پوءِ سندن ئي لفظن ۾ ته، “انهن جي خيالن ۽ جذبن مون کي متاثر ڪيو“.

ڏيپلائي صاحب ۾ متاثر ٿيڻ جي قوت وڌيڪ هئي. جنهن جي ڪري سندن خيالن ۽ سوچن ۾ وقت سان گڏ تبديليون پڻ آيون جنهن جو ڏيپلائيءَ جي فڪر تي گهرو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو سياسي ماڻهو نه هو پر هن پنهنجي سماج جي ماڻهن کي سياسي سجاڳيءَ جو سڏ تحريرن معرفت ڏنو. سندس مطالعو ۽ مشاهدو تحرير جو روپ وٺي مزاحمتي ادب طور عوام جي ذهنن کي ذهني مفلوجي ۽ وهم پرستي مان ڪڍندو رهيو. ون يونٽ قائم ٿيڻ، کانپوءِ صوبائي خودمختياري جي لاڙي ۽ ان جي جدوجهد کي تيز تر ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب وطن دوستي، انسان دوستي ۽ قومپرستيءَ کي تاريخ جي تناظر ۾ اڳيان آندو. “سانگهڙ” ناول کان اڳ انهيءَ قسم جي مزاحمتي ناول جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ۾ موجود نه هو. هن انقلابي شخص انقلاب کي پسند ڪندڙ دنيا جي ڪيترن ملڪن جي انقلابن تي ناول پيش ڪيا جيئن، “انقلابِ ايران”، “انقلابِ ويٽنام”، “انقلابِ سنڌ عرف فتح پاڪستان”، انقلاب روس، انقلاب فرانس ۽ ٻيا. جن مان ڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ته ڪي رسالي انسان ۾ قسطوار آيا، انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٽيليفون، موبائل ۽ انٽرنيٽ جهڙيون سهولتون نه هيون، هڪ ٿري شخص پنهنجي مطالعي ۽ اخبار بينيءَ جي آڌار تي ڪيترو نه باخبر هو، جو هُو پوريءَ دنيا ۾ ٿيندڙ حالتن، انقلابن، ترقين ۽ تنزلين جي ڄاڻ رکندڙ هو. محمد عثمان ڏيپلائي شخصي طور زندگيءَ ۾ سڀني سان مهربان، نئڙت ۽ محبت سان رهيو. هُو هڪ هر دلعزيز، خوش طبع ۽ خوش مزاج شخص هو. ڏيپلائي صاحب جي اولاد ۾ ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي ۽ محمد علي ڏيپلائي جو نالو علم ادب ۾ موجود آهي. موجوده وقت ڏيپلائي صاحب جي اولاد پنجن نياڻين ۽ ٽن پٽن مان ڪو به فرد حيات نه آهي. باقي سندن ڏوهٽا ڏوهٽيون ۽ پوٽا پوٽيون ڏيپلائي صاحب جي ورثي کي سنڀاليندا اچن.

محمد عثمان ڏيپلائي ۷ فيبروري ۱۹۸۱ع تي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کين پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجن ڪتابن تي انعام ۽ ايوارڊ مليا، خاص طور پنهنجي پڙهندڙن ۽ مداحن کان بي حساب محبتون مليون. سندن وفات کان پوءِ سنڌ جي چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه ۱۴ آگسٽ ۱۹۸۷ع تي “پاڪستان موومينٽ ايوارڊ” عطا ڪيو، جو سندن نياڻيءَ ڊاڪٽر ثريا نسيم وصول ڪيو هو. اهو ايوارڊ کين پاڪستان تحريڪ ۾ ورتل حصي طور ڏنو ويو. ان کانپوءِ صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي ۱۴ آگسٽ ۲..۳ع تي اعلان ڪيو ويو ۽ ۲۳ مارچ ۲۰۰۴ع تي سندن فرزند محمد علي ڏيپلائي اهو ايوارڊ پاڪستان جي صدر کان حاصل ڪيو. ڏيپلائي صاحب جي نالي تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڏيپلائي ڪارنر قائم ڪيل آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ واري روڊ کي سندن جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. ۵- جولاءِ ۲۰۰۷ع ۾ قاسم آباد حيدرآباد جي اهم روڊ (علمدار چوڪ کان هنڊا پيلس تائين) کي ڏيپلائي صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون سنڌ جي ويهين صديءَ جي دور جي هڪ تاريخ آهن. جي هميشه قائم رهنديون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا