غلام علي سنديلو
جانِـي تو نه جُڳائي، رُسَڻ نماڻيءَ سان
ناصر مقصود گل
منهنجي
ساڻس صرف هڪڙي ملاقات ئي ٿي هئي، سندس پڄاڻان ان جي يادن کي جيئارڻ لاءِ سندس امر
آواز سان گڏ، اها هڪ ملاقات ئي منهنجي دل جي دفتر تي محفوظ آهي. سچ پچ ته ڪي ڪي ماڻهو
رسمي يا رواجي رشتو نه هجڻ باوجود به پنهنجا ڀاسجندا آهن ۽ دل جي قريب لڳندا آهن،
جيڪي هميشه لاءِ دل جي ڌڙڪن بڻجي ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جو دل جي ويجهو اچڻ لاءِ
ساڻس گڏ گھاريل هڪ گھڙي ئي ورهين جي واسطي ٿي حاوي هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ وري سر
سنگيت هڪ اهڙو وکر آهي، جنهن جا ڪيمياگر پنهنجي آواز جي حسناڪيءَ ۽ جادوگريءَ سان
اجنبي ماڻهن جون دليون به کٽي ويندا آهن. هڪ ڪلاڪار پنهنجي آواز جي ميٺاج سبب
پراون کي به پنهنجو ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو آهي ۽ وري اهڙا ماڻهو جڏهن دنيا وارن کي وڇوڙي
جو روڳ ڏئي هليا ويندا آهن ته ان ويل ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو پنهنجو ئي جدا
ٿي ويو هجي.
گھڻو ڪري
اها جون 2005ع ۾ اونهاري جي هڪ رات هئي، جڏهن ضلعي خيرپور جي ’ڳوٺ سوهو قناصرا‘ ۾
(جيڪو هينئر حامي ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي) ان ڳوٺ جي آباديءَ کان به ٻيڻ ٽيڻ تي
ماڻهو، ڳوٺ جي هڪ ميدان ۾ ان ڳوٺ ڄائي محسن ۽ هڪ عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر عطا
محمد حامي صاحب کي ياد ڪرڻ لاءِ سندس ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيا هئا. چوڻ ۾ ته اها هڪ عام
محفل هئي، پر ورهين پڄاڻان اڄ منهنجي دل ۾ ان محفل جو قدر ۽ قيمت وڌي چڪو آهي ۽ ان
موقعي کي هن وقت مان پنهنجين يادگار محفلن ۾ ليکيندو آهيان، سو به صرف ان هڪ ئي
همراهه جي ڪري... .!!! ادبي نشست کانپوءِ راڳ واري محفل جي شروعات ۾ ئي ان کي سڏيو
هئائون، واهه جو ڳاتائين ۽ ڀرپور داد حاصل ڪيائين. ان جي ڳائڻ کانپوءِ، جيئن ئي
مون کي اسٽيج تي سڏ ٿيو ته منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ ساهه سڪي ويو، ڇاڪاڻ ته مون کي ان وهم اچي ورايو ته سنڌ جو هيڏو وڏو
ڪلاڪار، هيڏي ڀرپور محفل ڳائي، ماڻهو جھومائي ويو آهي، ان کانپوءِ آئون ڇا ڳائيندس...
!!!! نيٺ الله کي ياد ڪري، عزت جي امان ۽ پناهه گھرندي، اسٽيج تي چڙهي ويس، وقت جي
ستم ظريفي اها ته مون کي ڳائڻ لاءِ به سندس ئي ساز ۽ سازندا منهنجا همراهه هئا. نيٺ
دل ٻڌي، الله توهار ڪري، سندس ئي هارمونيم تي هٿ رکي، سـُرن کي ڇيڙيندي، حامي صاحب جي غزل سان شروعات
ڪيم، جنهن جي ڌن به راڳ ملتاني ڀيرويءَ ۾ منهنجي ئي ترتيب ڏنل هئي. مون کي ان وقت
پنڊال ۾ موجود انهن ٻن ٽن سون جي ماڻهن جي تعداد جي ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ جي به ايڏي ڪاڻ
نه هئي، جيترو ان ويل پهرين قطار ۾ ويٺل هن ۽ ساڻس بلڪل گڏ ويٺل استاد حنيف
لاشاريءَ جي ٻڌڻ جو دل ۾ ڊپ هو، جيڪي مڪمل توجهه سان مون کي ٻڌي رهيا هئا. ان وقت
منهنجي حصي ۾ ٻن اسمن ڳائڻ جو ٽائيم مليل هو، ٻه ڪلام ڳائي جيئن ئي اسٽيج تان لٿس،
تيئن ئي پهريان وڃي انهن ٻنهي سان مليس. استاد حنيف لاشاري ته خير شروع کان ئي
پيار وچان مون کي ’شينهن‘ چوندو آهي، تنهن هٿ ملائڻ بجاءِ شابس واري معنى ۾ مون کي
ڪياڙيءَ تي ننڍڙي ٿڦڪڙي هڻي ڪڍي، تنهن کانپوءِ جڏهن هن سان مليس، تڏهن پنهنجي پوري
پيار سان مون کي نوازي ائين چيائين ته: ”تنهنجي آواز کان وڌيڪ تنهنجون باجي تي
هلندڙ آڱريون وڻيون اٿم... .!!!“
سچ پچ
ته ڪجھه ماڻهو جڏهن هن فاني دنيا مان اسهندا آهن ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ سمورو پنڊال
خالي ٿي ويو هجي، سندن وڇوڙي سبب سندن ڪلا ۽ ڏات جون ساروڻيون درد بڻجي ويتر من کي
ماندو ڪري رکنديون آهن. ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي گيتن سان لاڳاپيل ماڻهو ڌرتيءَ جي سونهن
هوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جون تشريحون لفظن ۾ بنهه ڪري نه سگھبيون آهن، بس! انهن جي
قد ڪاٺ ۽ ڪردار کي صرف محسوس ڪري سگھبو آهي. مٿي آئون به هڪ اهڙي ئي ڪلاڪار جون
ساروڻيون ساري آيو آهيان، جنهن کي پوري سنڌ غلام علي سنديلي جي نالي سان ياد ڪندي
آهي. سندس شمار سنڌ جي چند اهڙن ڳائڻن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي موسيقيءَ کي غير معياري
شاعريءَ کان بچائيندي اعلى درجي تي رسائڻ ۾ هاڪارو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سال
2013ع جي 11 مارچ تي رات ڌاري مون جڏهن غلام علي سنديلي جي وڇوڙي جي ندوري خبر ٻڌي،
تڏهن منهنجا دل ۽ ذهن ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه پئي ٿيا. سندس سريلي
آواز ۾ ڳايل پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي غزل ’تنهنجي حسن ڏي مولا خير ڪري، حيران
هزارين پيا ٿيندا‘ جي آخري سٽ ’حاميءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا‘
ڪنن ۾ بار بار ٻُرڻ لڳي، تڏهن يقين نه پئي آيو ته غلام علي سنديلو صاحب اسان کان
هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي... !!! جيتوڻيڪ اڄ غلام علي سنديلي جي وڇوڙي کي
چئن سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، پر خبر ناهي ته ڇو سندس وڇوڙي جي وڍ کي دل مڃڻ
لاءِ تيار ئي ناهي.
سنڌ ڌرتيءَ
جي هن نامياري ڪلاڪار غلام علي سنديلي پيرن ۽ درويشن جي نگري روهڙيءَ ضلعي سکر ۾
پنهنجي وقت جي سريلي ڪلاڪار ماسٽر لونگ خان جي گھر ۾ 10 جنوري 1958ع تي جنم ورتو،
سندس والد جو اصل نالو حسين بخش سنديلو هو، جيڪو سنگيت جي سفر ۾ سيد منور علي شاهه
معصوميءَ جو شاگرد هو. غلام علي سنديلي جو والد ماسٽر لونگ خان ۽ چاچو قلندر بخش
سنديلو جوڙيءَ جي انداز ۾ گڏجي ڳائيندا هئا، ورهاڱي کان اڳ سندن آوازن ۾ جاري ٿيل
گرامون فون جا رڪارڊ ڪافي مقبول ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح ورهاڱي وقت هنن ٻنهي ڀائرن جي
آواز ۾ ڳايل ريڪارڊ هتان هجرت ڪري ويل اسلوڪن سنڌين جي هٿارئون هندستان تائين پڻ
پهتا.
غلام
علي سنديلي کي بنيادي طور تي گھر ۾ ئي موسيقيءَ وارو ماحول ميسر هو، جنهن سبب ننڍپڻ
۾ ئي کيس سريلن آوازن ٻڌڻ جو موقعو مليو، ساڳئي ئي وقت گھر ۾ ئي انيڪ سازن جو
ديدار پڻ ڪيائين. هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ بيدل بيڪس هاءِ
اسڪول روهڙيءَ ۾ داخلا ورتي، تڏهن اسڪول ليول تي منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ هڪ اڀرندڙ
راڳي جي حيثيت ۾ حصو وٺندو رهيو، سندس آواز ننڍپڻ ۾ ئي نهايت سريلو هوندو هو، جنهن
جي موٽ ۾ استاد کيس بيحد ساراهيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس والد ۽ چاچو کيس محفلن
۾ پڻ وٺي ويندا هئا، جتي هو پنهنجي والد ۽ چاچي کانسواءِ سنڌ جي سريلي گائيڪه مائي
بيگم فقيرياڻيءَ سان پڻ گڏجي ڳائيندو هو، اهڙيءَ طرح غلام عليءَ راڳ جي سکيا جا
ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ شروع ڪيا. هن نصابي تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي. سندس
زندگيءَ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو مان ان ڳالهه جو پتو پڻ پوي ٿو ته غلام علي سنديلي کي ننڍپڻ
۾ ’راڳي‘ ۽ ’ڊاڪٽر‘ ٻه وڏيون خواهشون هيون، پر راڳي هجڻ واري خواهش سرسي ماڻي ورتي
۽ دنيا وارن ڏٺو ته هو هڪ بهترين راڳي جي حيثيت ۾ منظرِعام تي آيو.
غلام
علي سنديلي راڳ جي بنيادي سکيا ته پنهنجي والد صاحب ۽ چاچي جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي،
پر موسيقيءَ جي حوالي سندس قسمت جو ستارو ان وقت بلندين تي آيو، جڏهن 1980ع ڌاري جڳ
مشهور ڪلاڪار خانصاحب استاد خورشيد علي خان لاهور مان مڪمل طور تي هجرت ڪري، سندس ڳوٺ
روهڙيءَ ۾ مسڪن پذير ٿيو، هيءُ استاد خورشيد علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ استادِ
محترم به سندس ادب داريءَ وارو عنصر پسندي دل سان کيس پنهنجي شاگرد طور قبول ڪيو ۽
کيس رسمي طور شاگريءَ جو ڳانو پڻ ٻڌو. جيئن ته خانصاحب استاد خورشيد علي خان سنگيت
جي سفر ۾ ’شام چوراسي‘ گھراڻي سان سلهاڙيل هو، انهيءَ نسبت سان ائين پڻ چئي سگھجي ٿو
ته هند توڙي سنڌ ۾ مقيم موسيقيءَ جي چئن وڏن گھراڻن مان ’شام چوراسي‘ گھراڻي جي
گائيڪيءَ جو هنر توڙي انگ غلام علي سنديلي کي به نصيب ٿيو.
غلام
علي سنديلي ميڊيا رستي پنهنجي فني سفر جي شروعات 1987ع ڌاري ريڊيو خيرپور کان ڪئي،
انهن ڏينهن ۾ ريڊيو خيرپور جو پڻ تازو افتتاح ٿيو هو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال خيرپور
جي عمارت ۾ ريڊيو پاڪستان جي عارضي نشرگاهه بڻائي پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا. جنهن
دؤران ڪڏهن ڪڏهن فنڪارن کان براهِ راست پڻ ڳارايو ويندو هو. ان حوالي سان غلام علي
سنديلي کي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي بنيادي فنڪارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. هن ريڊيو
خيرپور تي سڀ کان پهريان براهِ راست نشر ٿيندڙ پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ ۾ ڳايو، جنهن
کانپوءِ سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل پهريون ڪلام سچل سائين جو هو، جنهن جا ٻول هئا:
”جاني تو نه جڳائي، رسڻ نماڻيءَ سان“ سندس آواز ۾ ريڊيو تي ڪافي ڪلام رڪارڊ ٿيا ۽
مقبولت ماڻيائون.
ٽيليويزن
تي کيس نامياري ممتاز شخصيت ممتاز مرزا متعارف ڪيو، جتي هن سڀ کان پهريان پروگرام
”سنڌ سينگار“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان کانپوءِ ٽيليويزن تان به سندس ڪيترائي
پروگرام نشر ٿيندا رهيا. غلام علي سنديلي جون هيل تائين ڪيتريون ئي آڊيو ڪئسٽون پڻ
رليز ٿي چڪيون آهن. هي هڪ سنجيده فنڪار هو، سندس شاعريءَ جي چونڊ پڻ نج ادبي ۽
معياري رهي آهي، هيءُ هڪ سٺي فنڪار هجڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪمپوزر پڻ هو. هن سنڌ جي
جن شاعرن جي شاعري ڳائي، انهن ۾ شاهه سائين، سچل سرمست، سيد صالح شاهه، ڊاڪٽر عطا
محمد حامي، ڪرم ٽالپر، مير محمد عباسي، اعجاز ٻرڙو ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. غلام
علي سنديلي جي آواز ۾ ڳايل مشهور ڪلامن ۾’لوڪ ڀلي ڪري ريسان، يار ملي ته مين
جيسان‘، ’تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري‘، ’اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا
پوندا‘، ’توکان نه مليو پيار گهرڻ مون ڇڏي ڏنو‘، ’پيرين اگهاڙي پڳاسين پرين تنهنجا
سلام جو پهتا‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام قابلِ ذڪر آهن. سندس آواز خانگي سنڌي چئنلن
ذريعي ڪيترائي ڀيرا پوري دنيا ۾ پڻ نشر ٿي چڪو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ
جو هيءُ سهڻو راڳي غلام علي سنديلو 11هين مارچ 2013ع تي ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب لاڙڪاڻي
جي مقامي اسپتال ۾ 55 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻو جتي سنڌ واسين
کي هڪ گهري صدمي ۽ ڏک ۾ مبتلا ڪري ويو، اتي سهڻا گيت رچيندڙ سنڌ جي هن البيلي ڪلاڪار
جي وفات جي صدمي ۾ هڪ لمحي لاءِ پنهنجي هنج ۾ وٺڻ باوجود ڄڻ ڌرتيءَ به ائين پڪاريو
هجي ته:
جاني
تو نه جڳائي، رسڻ نماڻيءَ سان... .!!!
No comments:
راءِ ڏيندا