غلام علي سنديلو
جانِـي تو نه جُڳائي، رُسَڻ نماڻيءَ سان
ناصر مقصود گل
منهنجي
ساڻس صرف هڪڙي ملاقات ئي ٿي هئي، سندس پڄاڻان ان جي يادن کي جيئارڻ لاءِ سندس امر
آواز سان گڏ، اها هڪ ملاقات ئي منهنجي دل جي دفتر تي محفوظ آهي. سچ پچ ته ڪي ڪي ماڻهو
رسمي يا رواجي رشتو نه هجڻ باوجود به پنهنجا ڀاسجندا آهن ۽ دل جي قريب لڳندا آهن،
جيڪي هميشه لاءِ دل جي ڌڙڪن بڻجي ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جو دل جي ويجهو اچڻ لاءِ
ساڻس گڏ گھاريل هڪ گھڙي ئي ورهين جي واسطي ٿي حاوي هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ وري سر
سنگيت هڪ اهڙو وکر آهي، جنهن جا ڪيمياگر پنهنجي آواز جي حسناڪيءَ ۽ جادوگريءَ سان
اجنبي ماڻهن جون دليون به کٽي ويندا آهن. هڪ ڪلاڪار پنهنجي آواز جي ميٺاج سبب
پراون کي به پنهنجو ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو آهي ۽ وري اهڙا ماڻهو جڏهن دنيا وارن کي وڇوڙي
جو روڳ ڏئي هليا ويندا آهن ته ان ويل ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو پنهنجو ئي جدا
ٿي ويو هجي.
