; سنڌي شخصيتون: October 2012

31 October, 2012

رياضت ٻرڙو


رياضت ٻرڙو
ادبي نالو: رياضت ٻرڙو
اصل نالو ذات سميت: رياضت علي ٻرڙو
پيءُ جو نالو: شوڪت علي ٻرڙو
ڄمڻ جي تاريخ: سرڪاري رڪارڊ ۾ 20 اپريل 1971، گهريلو رڪارڊ ۾ 27 فيبروري 1970ع
ڄمڻ جو هنڌ ۽ ضلع: قنبر شهر، قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو (اڳوڻو لاڙڪاڻو ضلعو)
خاندان جو تاريخي پس منظر: قنبر ۾ ڪيئي نسلن کان رهندڙ، اصل ٺُل جا.

موهن ڪولهي - سنڌو ملاح


موهن ڪولهي
انسانذات لاءِ پورهيو ڪندڙ هڪ محنتي انسان
سنڌو ملاح
هن سڄي ڪائنات ۾ ڪيترا ئي محنتي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪري رهيا آهن. انهن لاءِ انهن جو مقصد ئي سڀ ڪجهه آهي. اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪردار اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. بلڪل گهٽ اهڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪي ٻين جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. انهن ۾ موهن ڪولهي کي ضرور شامل ڪنداسين.

29 October, 2012

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر - ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر


ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر
جيءُ جَنين جو اُجرو، تَنين سُورَ سِينگاريو،
گواهه ٿيندي آ تاريخ، اَدبُ جَن سُنواريو،
علم رُوح راحتَ آ، دِل سان جن پرايو،
اوجَاڳن اُجاريو، سوڍرَ شاهنوازَ کي. (عزيز سوڍرُ)
سنڌ ڌرتي ڪيئي عالم، اديبَ، مُحقق، بزرگ، سَٻاجها درويش، اولياءَ، سُگهڙَ، شاعَر، ماڻڪ مڻيادارَ اِنسانَ پئي اَرپيا آهن، جَن پنهنجي ڏاهپ سان سِنڌ جي سِينڌ پئي سُرهي ڪئي آهي. تَن دانشور ۽ دانشمند انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ به هڪ هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سنڌ جي ثقافت تي قلم کڻي سِنڌ جي نالي وارن دانشورن ۾ نالو ڳڻايو آهي.

خانبهادر حسن علي آفندي


خانبهادر حسن علي آفندي
[۱۸۳۰ع – ۱۸۹۶ع]
خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند ، ۱۴ ربيع الاولد ۱۲۴۶ هه مطابق ۷ آگسٽ ۱۸۳۰ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڊاڪٽر غلام علي الانا


ڊاڪٽر غلام علي الانا، ۱۵ مارچ ۱۹۳۰ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال ۱۹۷۱ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

الحاج عطا محمد خان لنڊ - شڪيل احمد ڪٻر


الحاج عطا محمد خان لنڊ
شڪيل احمد ڪٻر
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي خوشبودار، پاڪ ۽ زرخيز مٽي مان هر دور ۾ اهڙين مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي جدوجهد ۽ صلاحيتن سان انسان ذات جي ڀلائي لاءِ کوڙ سارا ڪارناما انجام ڏئي پنهنجي وجود کي امر بڻائي ڇڏيو. سيٺارجا لڳ ڳوٺ وليداد خان لنڊ ۾ ۱۹۰۹ع ۾ رئيس جادل خان لنڊ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مرحوم الحاج عطا محمد خان لنڊ پڻ انهن شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي بهادري، قائدانه صلاحيتن، خدمت خلق جي ڪري وڏو نالو ڪمايو ۽ مرڻ بعد به اڄ ماڻهو کين دلي محبت، عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا. 

ڊاڪٽر خان محمد پنهور - عبدالمجيد پنهور


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
عبدالمجيد پنهور
ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن،. سندس محبتون ۽ گُڻَ   اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ  قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي - مرتضيٰ سيال


ڊاڪٽر تنوير عباسي
سچ ۽ سونهن جي علامت
مرتضيٰ سيال
ڊاڪٽر تنوير عباسي اسان کان وڇڙيو ضرور آهي، پر وسريو مُور ناهي. سچ، سونهن ۽ سُرت واري آفاقي فلسفي جو پوئلڳ پنهنجي سڀاءُ، روين ۽ عمل ۾ سچو صوفي هئو. هُن هميشه ڏيڻ چاهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جو هر پَل پنهنجي ديس، ديس وارن، سنڌي ٻولي ۽ ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيندي گذاريو. ڊاڪٽر تنوير عباسي وڏو شاعر هئو يا نه پر وڏو ماڻهو ضرور هُئو. آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ جن ماڻهن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، اُنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سرفهرست آهي. مون هُن کي سدائين مُرڪندي ڏٺو، حساس دل رکندڙ ۽ اندر جو انتهائي اجرو شخص. هر ماڻهوءَ کي زندگي، سماج ۽ ماڻهن کان ڪيئي شڪايتون هُجن ٿيون، جن جو ذڪر به هر شخص ڪندو رهي ٿو، پر ڊاڪٽر تنوير کي مون ڪڏهن به ڪنهن جي شڪايت ڪندي نه ٻُڌو. هڪ ڀيري کيس ڏاڍو ڏکارو ڏٺم، هي تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن انتهائي ويجهو دوست شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر هئو ۽ اهو ڪنهن بنهه ننڍڙي غلط فهمي جي ڪري سندس ڏک جو سبب بڻيو. ادل سومرو، اياز گل ۽ آءٌ ساڻس ملڻ سندس گهر وياسين. ڊاڪٽر صاحب پير سلپ ٿيڻ جي ڪري زخمي ٿي پيو هئو. اُن ڏينهن کيس زخم جو نه پر دل گهرئي دوست جي روي جو ڏاڍو درد هئو، بس اهو هڪڙو موقعو اهڙو هئو جو کيس ڏکارو ڏٺو هوم ۽ اهو ڏينهن، اهي پَل مون کان ڪڏهن به ناهن وسريا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ننڍين ننڍين غلط فهمين جي بنياد تي پنهنجن انتهائي پيارن ماڻهن کان به پري ٿي ويندو آهي. هونئن ته دوستي ڏاڍو مضبوط رشتو آهي، پر جڏهن غلط فهمي کي وِٿي ملي ٿي ته مضبوط رشتو به نازڪ بڻجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر تنويز پنهنجن دوستن تي ساهه ڏيڻ وارو ماڻهو هُئو. هو اُن حد تائين معصوم ماڻهو هُئو جو ڪنهن دوست جي غلط ڳالهه يا ارڏائي جي خبر پوندي هوس ته ان ڳالهه تي اعتبار نه ايندو هوس. هڪ دوست کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ بيورو آف ٽرانسليشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اُن دوست جو علمي ادبي قد ۽ ذهانت بورڊ ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويئي. اُن زماني ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب بورڊ جو چيئرمين ۽ غلام رباني آگرو بورڊ جو سيڪريٽري هُئو. جويو صاحب جامي چانڊيي کي بورڊ ۾ وٺي ويو ته جيئن بيورو آف ٽرانسليشن جو ڪم بهتر انداز ۾ شروع ڪري سگهجي. اُن رٿا تحت چونڊ عالمي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرائڻو هُئو. جامي جي مقرري سيڪريٽري ۽ اُن جي پوئلڳن کي نه وڻي ۽ انهن ملي ڀڳت ڪري بورڊ ۾ احتجاج ڪيو ته ”ٻاهريون ماڻهو ڇو رکيو ويو آهي“ جامي اُن ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو، شام جو بورڊ کان واپسي تي جامي سڌو مون وٽ آيو هُئو. مون اُن ئي وقت جامي کي ٻڌايو هُئو ته ائين ڇو ۽ ڪنهن جي ڪري ٿيو آهي، پر جامي کي اعتبار نه آيو هئو. پوءِ وري جڏهن ڊاڪٽر تنوير کي اها ڳالهه ٻُڌائي هيم ته اُن به اهو چيو هو ته ”رباني صاحب ائين نه ٿو ڪري سگهي“ ڊاڪٽر صاحب جي رباني صاحب سان به دوستي هُئي ۽ اُن ناتي جي ڪري هو نه پيو سمجهي ته سندس دوست ائين ڪري سگهي ٿو. خير اڳتي هلي اُها ڳالهه سچ ثابت ٿي. ڊاڪٽر جهڙو پاڻ انتهائي سچو، ايماندار ۽ معصوم ماڻهو هُئو، ٻين کي به اهڙو ئي سمجهندو هئو. ڊاڪٽر تنوير صاحب سان منهنجون ڪافي ملاقاتون ٿيون، هو اسان دوستن کي پنهنجن ٻچن جيان ڀائيندو هُئو. هڪ ڀيرو مون کيس خط لکيو هُئو، جنهن ۾ پنهنجي پريشانين ۽ مايوسين جو ذڪر ڪيو هئو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور جواب لکي مون کي ڪافي آٿت ڏني هئي ۽ سمجهايو هُئو. هُن اهو به چيو هُئو ته پهرين فرصت ۾ ساڻس ملان، پوءِ جڏهن ساڻس خيرپور ملڻ ويو هوس ته ڪافي دير ڏاڍي پيار سان سمجهائيندو رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ آءٌ بيروزگار هوس. مون ڊاڪٽر صاحب سان ذڪر ڪيو ته هُن فوري طور موٽ ڏني ته ”ڪا ڳالهه ناهي، گڏجي ڪوشش ڪريون ٿا، الله بهتر ڪندو“ ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري جون جايون آيون هيون، جن ۾ سچل آڊيٽوريم خيرپور لاءِ پروگرام مئنيجر جي پوسٽ به انائونس ٿي هُئي، مون ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان اپلاءِ ڪيو هُئو، جڏهن انٽرويو ڪال آئي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي ٻُڌايو، اُن ئي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي سان ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته ”مرتضيٰ پروگرام مئنيجر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، هي مون کي ڏاڍو عزيز آهي، پر انٽرويو ۾ پنهنجي اهليت ثابت ڪري ته هن کي ميرٽ تي رکجو، اهو خيال ڪجو ته ڪنهن جو حق نه مري.“ ڊاڪٽر صاحب جا اهي لفظ مون کان ڪڏهن به وسري نه ٿا سگهن. هُن نه رڳو سدائين ميرٽ ۽ سچائي جي ڳالهه ڪئي، پر اُن تي عمل به ڪيو.

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ - غلام نبي مغل

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ
غلام نبي مغل
گذريل ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي سرزمين، ڪجهه هيرن موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا، ڪي پنهنجي دور جا شاعر، اديب ۽ سياستدان هئا ته ڪي انسانيت جا هڏ ڏوکي هئا. اهي ٿر جي تهذيب ۽ سنڌ ملڪ جو ميٺاڄ ۽ بين الاقوامي روين جا پڻ مظهر هوندا آهن. ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ به انهن ماڻهن منجهان هڪ هو. منجهس انسانيت جو عڪس نظر ايندو هو، ماڻڪ موتين جون خوبيون ۽ سونهن محسوس ٿيندي هئي. هو صاحب بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڳاڙهن گلابن جي خوشبو وانگر هو. دنيا جو ايڏو وڏو ماڻهو هو، پر منجهس ڪنهن ٿريءَ جو املهه روح موجود هو ۽ صاف ظاهر ٿيندو هو ته هو ماڻڪ موتي آهي، بهار جي مند ۾ ٽڙيل ڳاڙهو گلاب آهي، نماڻو ٿري به آهي ته هڪ پروگريسو، ڪنزرويٽو ڏيپلائي به آهي، پر انهن سڀ خوبين سان گڏ هُو هڪ سٻاجهو سنڌي به هو.

27 October, 2012

ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو


ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو
ساهتي پرڳڻي جو يادگار ڪردار
چوندا آهن ته هن دنيا ۾ هونئن ته هر ڪو جيئندو آهي پر ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو ڪنهن ڪنهن ۾ پيدا ٿيندو آهي. هڪ مسيحائي پيشي سان تعلق رکندڙ اهڙو ڪردار جنهن جو ڪم صرف مريضن کي تپاسي علاج فراهم ڪرڻ نه پر عوام الناس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جو نمونو هئي. هن جي سوچ اها هوندي هئي ته جيڪڏهن هو ڊاڪٽر آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هو مريضن کان ڳريون فيون وٺي، ڪمائڻ جي جستجو ۾ لڳي وڃي، پر هو مريضن کي دوا درمل ڏيڻ سان گڏوگڏ جيڪڏهن انهن وٽ پيسا ڏوڪڙ نه هوندا ھيا ته کين واپس موٽائڻ بجاءِ دوا وغيره ڏئي ڪرايو ڀاڙو به ڏيندو هو. هڪ اهڙي شخصيت کي علائقي واسي سخي ڊاڪٽر مسعود احمد سهتو جي نالي سان سڃاڻن ٿا. جنهن پنهنجي زندگي ۾ کوڙ سارا اهڙا ڪم ڪيا جن جي ذريعي عوام کيس سٺي نالي سان ياد ڪري ٿو. ظاهر آهي ته عوامي فلاح جي ڪمن کي ترجيح ڏيڻ تي غريب عوام کين سٺي موٽ ڏئي سگهي ٿو ۽ ساهتي جا مقامي ماڻهو سندس محنتن ۽ خلوص جي جذبي کي ڏسندي اڄ به سندس وڇوڙي کي هڪ وڏو خال قرار ڏيندي سندس ڪيل فلاحي ڪمن کي ياد ڪري روئي ويهن ٿا.

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو - افتخار سومرو


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
ساهتيءَ جو هيرو
افتخار سومرو
ناليواري تعليمدان، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومري 15 فيبروري 1933ع تي ساهي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
1950ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري 17 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مادر علمي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول کان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين.

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي


ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند شوقي رام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن 20 سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري جُون ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، جتي سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. 1902ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. ان وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. ان دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين.

جيجي زرينه بلوچ - جانب ڀٽي


جيجي زرينه بلوچ
سنڌ جي اڏول عورت
جانب ڀٽي
جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊراما نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ). زينه بلوچ  ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب، ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾، سال ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.

25 October, 2012

جيجي زرينہ - مهراڻ درس


جيجي زرينہ
ڌرتيءَ سان نينھن نڀائيندڙ جيجي
مهراڻ درس
سنڌ جي سرزمين فطرت جي سمورين حسناڪين سان مالا مال رهي آهي، جڏهن تاريخدان جنگين جي ميدانن ۾ جهيڙيندڙ بهادر سپهه سالارن جي ڳڻپ ڪن ٿا ته يقينن سنڌ جا سورما سوين بهادريءَ جي خوبين سان ٽمٽار نظر اچن ٿا، جڏهن ادب ۽ شاعريءَ جي کيتر جي کاهوڙين جي پرچار ڪئي ويندي تڏهن سنڌيڙيءَ جي ڀٽ ڌڻيءَ درازن جي سچوءِ ۽ شيخ اياز جهڙن فڪر انگيز شاعرن جو قد سمورن کان مٿانهون محسوس ٿيندو، اهڙيءَ طرح جڏهن دنيا جي سازن ۽ سرن ۽ ڪلاڪارن جي ڪلا جو ذڪر ٿيندو، تڏهن ڀٽائيءَ جو تنبورو، چنگ، مرلي، ٻين سميت اهي ساز جيڪي هٿن جي آڱرين ۽ ڦوڪ سان سريلا سر ڇيڙين ٿا ته داناءَ به دنگ رهجي وڃن ٿا.

22 October, 2012

حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار

حميد سنڌي
ناميارو اديب ۽ پروفيسر
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌي جو پورو نالو عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يوڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح مختلف ادارن ۾ سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ هن وقت پبلڪ اسڪول  لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڪري رهيو آهي.

زخمي چانڊيو - سڪندر عباسي


زخمي چانڊيو 
سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي شہ رڳ
سڪندر عباسي
ڪنهن شاعر جون سِٽون آهن ته:
الا ايئن مَ هوءِ، جو مري وڃان مري،
هُجان جيئن وري، جيئرو هن جهان ۾.
واقعي ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي موت ماري ناهي سگهندو، سندن ڪردار امر بڻجي ويندا آهن، هُنن جي آڏو موت جو مفهوم مٽجي ويندو آهي.

21 October, 2012

فواد علي لانگاهه جي ڳالهه ٻولهه


پاڻ مڃرائيندڙ شاگرد فواد علي لانگاهه جي ڳالهه ٻولهه
اڄ اسان اهڙي نوجوان سان اوهان کي ملايتون ٿا جيڪو سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقي تعلقه خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گبرجي سان تعلق رکي ٿو. پاڻ PAFKIET مان TN ڪري رهيو آهي ۽ هي آخري سيمسٽر ۾ آهي. اچو ته تفصيلي انٽرويو جي طرف هلون ٿا. 
سوال: توهان جو نالو ڇا آهي؟
جواب: منهنجو نالو فواد علي لانگاهه آهي ۽ هن وقت ڪراچي ۾ رهان ٿو.

20 October, 2012

شبير احمد قريشي - لاکو ڦُلاڻي


شبير احمد قريشي
سمنڊ جي سيوينِ، تَنين ماڻڪ ميڙيا
لاکو ڦُلاڻي
سنڌ مدرسته الاسلام کي، اِن جي ۱۲۷ سالن جي دور ۾اهڙا استاد مليا آهن، جن انتهائي خلوص، سچائي ۽ قومي جذبي سان پنهنجي مقدس پيشي سان انصاف ڪيو ۽ اداري جي تعليمي معيار سان گڏ اُن جي وقار جي واڌاري لاءِ پنهنجون بي لوث خدمتون انجام ڏنيون. شبير احمد قريشي پڻ اهڙن استادن مان هڪ آهي، جنهن سنڌ مدرسي ۾ مختلف وقتن تي مختلف قسمن جون تدريسي ۽ انتظامي ذميواريون سنڀالي اداري جي گهڻ پاسائين ترقيءَ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اِنهن ذميوارين ۾ هِن هڪ استاد، وائس پرنسپل ۽ قائم مقام پرنسپل توڙي پنهنجي سروس جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ماڊل اسڪول (بوائز) جي پرنسپل  جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو.

19 October, 2012

نياز همايوني


نياز همايوني
(متوفي ۳ جنوري ۲۰۰۳ع)
گاڏي کاتي حيدرآباد جي ان مصروف علائقي ۾ اوائلي واڻڪين جائين ۽ ڪجهه خوبصورت ماڙين جي پاڙي ۾، گاڏين جي گيراجن ۽ ڊينٽنگ پينٽنگ وارن جي ٺڙا ٺوڪي جي گهيري ۾ هُل هنگامي ۽ گوڙ شور کان بي نياز، نياز همايوني جو اهو فليٽ منهنجي لاءِ نهايت اتساهڪ رهيو، جتي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ تمام وڏي لائبريري هئي، جتي رکيل الماري ۾ علم ۽ ادب جو وڏو دَفينو (ڄڻ ته هڪ گهاگهر ۾ ساگر سهيڙيل هجي). مون پنهنجي حياتي جي حوالن ۾ سائين نياز همايوني سان تمام ٿورڙين ملاقاتن ۾ گهڻو مانُ پاتو ۽ سرت ۽ ساڃاهه آهر ڄاڻ پرائي.

روبينا قريشي


روبينا قريشي
روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سندس اصل نالو عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته عائشه شيخ  مان ڦري رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.

صالح محمد شاهه المعروف فتح خان


صالح محمد شاهه
المعروف فتح خان
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڳوٺاڻي ڪچهري المعروف فتح خان جي هو ڪچهري ۾ امُلهه ماڻڪ ڪردار هو. سيد صالح محمد شاهه عُرف ڏاڏو فتح خان سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعري جو پارکُو هو، فتح خان جي ڪچهري سڄي سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وڏي مشهوري ماڻي ورتي. فتح خان جي ڪچهري جنهن وقت ريڊيو پاڪستان تان شام جو نشر ٿيندي هئي، ان وقت ڪچهري ٻڌڻ وارا سمورا ماڻهو پنهنجي سمورو ڪم ڪار ڇڏي، ڪچهري کي وڏي غور سان ٻڌندا هئا. هر ڪو ماڻهو اهو محسوس ڪندو هو ته ڏاڏو فتح خان اسان سامهون ويٺل آهي، سندس ڪچهري جو انداز ٻهراڙي وارو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هئي. سندس ڪچهري واري پروگرام جي ڪيسٽ ريڪارڊ ڪري، ماڻهو دبئي، سعودي عرب موڪليندا هئا. اتي رهندڙ سنڌي به وڏي دلچسپي سان ڪچهري کي ٻڌندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ۲۹ آڪٽوبر ۱۹۵۹ع ۾ هفتيوار ڪچهري وارو پروگرام جمهور جو آواز جي نالي سان شروع ڏاڏي فتح خان جو ڪردار نجُ ثقافت ۽ ٻهراڙي سنڌي وڏي جهُوني جي حيثيت سان ڪچهري وسيلي سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ڪچهري واري پروگرام جمهور جو آواز کي تمام گهڻي مڃتا ملي، جنهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڪچهري کي روزانو شام جو اڌ ڪلاڪ جي وقت تائين نشر ڪيو. ماڻهن جي وڌيڪ اسرار تي ڪچهري جو وقت وڌائي ۵۰ منٽ ڪيو ويو. ڪچهري جا نالا تبديل ٿيندا رهيا، جمهور جو آواز مان اوطاق، ڪچهري جو نالو رکيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪچهري جو پروگرام سون ورني ڌرتي جي نالي سان نشر ٿيندو رهيو. صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان جي بهترين ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ مڃتا ڏيندي ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ ڪچهري جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو. مشهور شاعر قمر ڪوهستاني ڏاڏي فتح خان جي وڇوڙي تي نظم وسيلي پنهنجو اظهار ڪيو آهي.

سردار ڄام گل محمد خان سهتو - گلاب علي سهتو


سردار ڄام گل محمد خان سهتو
تاريخ جي اڻ وسرندڙ شخصيت
گلاب علي سهتو
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
سياڻن سچ چيو آهي ته چڱو انسان ڪڏهن به نٿو مري هن جون چڱايون، نيڪين ۽ سٺي ڪردار جي سڃاتو وڃي ٿو، اهڙن نيڪ انسانن ۾ سردار گل محمد خان سهتو جو پڻ شمار ٿئي ٿو، سردار ڄام گل محمد خان سهتو جو جنم ۱۹۰۱ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر سيٺارجا بالا ۾ ٿيو، سندس والد ڄام واحد بخش خان سهتو ڪيترين، پشتن کان سهتا، مڱڻيجا، ڌاريجا، ڪوريجا، سُريجا، جهيجا، ونڊير جا پڳدار هئا، کين سردار گل محمد خان سهتو جي جنم جي ڏينهن پاڻ ايترا ته خوش ٿيا جو پنهنجي زرعي ايراضي مان فوري طور ۱۲ ايڪڙ دانءُ ڏئي ڇڏيائون، سردار ڄام واحد بخش خان سهتو جي وفات کانپوءِ پاڻ پنهنجي برادري جي پڳ ٻڌائون، پاڻ پنج وقت نماز، تهجد گذار هئا، پاڻ هند سنڌ ۾ پنهنجي برادري جي وڏي جي حيثيت ۾ رياست ۾ ڪرسي نشين هئا، ان ايڏي وڏي برادرين جي سرداري هجڻ باوجود پاڻ برادري جي هر ماڻهن وٽ غم ۽ خوشي ۾ شريڪ ٿيندا هئا، نه صرف ايترو پر پاڻ پاڙايوارن سان به ساڳين ريتن رسمن موجب اٿندا ويهندا هئا، پاڻ سياسي، سماجي هلچل سان گڏ ديني خدمات به انجام ڏيندا هئا ۽ بزرگن جي مزارن تي وڃي حاضري ڀرڻ اتي ثقافتي ميلا ڪرائڻ ۽ تهذيبي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ محفلون منعقد ڪرائي انهن جي رونق ٿيندا هئا ۽ پنهنجي تڪ ۾ ضابطي هيٺ بغير رياستي انتظام جي نظم و ضبط جي معاملن تي پاڻ قابو پائيندا هئا، سندن سخا وارو هٿ هميشه ڪشادو رهيو، جتي به اولياءَ الله جي انتظامن ۾ حصو ورتائون اڄ به سندس پونئير ان سلسلي کي جاري رکيو اچن، سردار هوندي به کين عارفانه ۽ فقيري صفتون نمايان نظر آيون، سندن عوامي طاقت ۽ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي جڏهن ڌارين گورن سنڌ ڌرتي تي پنهنجا ناپاڪ پير وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ حُر تحريڪ ۽ ٻي مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ امڪاني خطرن کي ٽارڻ لاءِ ۱۹۴۴ع ۾ انگريز سرڪار ڊفينس آرڊيننس آف برٽش گورنمينٽ تحت ضلعي خيرپور ۾ ٽن اهم شخصتن کي گرفتار ڪيو، جنهن جي عوامي ۽ سماجي طاقت کان انگريز ڊنل هئا، انهن مان ڄام گل محمد سهتو جي شخصيت هڪ هئي، انگريز سرڪار طرفان سردار صاحب کان وفاداريون حاصل ڪرڻ لاءِ پهريائين ته پنهنجي ڪارندن معرفت ۽ القابن ۽ انعامن جي لالچ ڏني وئي پر انهن سڀني آفر کي ٺڪرائيندي پنهنجي خاندان جي هزارها سال جي تاريخ کي غداري جو داغ نه لڳرايو ۽ زندان ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني، تنهن کانپوءِ انگريزن کين طرح طرح جون تڪليفون عذاب ۽ عقوبتون ڏنيون پر هن مانجهي مرد ڀونءِ جو ڀرم رکندي پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو، سندن ڪردار لطيف سائين جي هن شعر جي عڪاسي ڪري ٿو.

قادربخش طالباڻي - رسول بخش درس


قادربخش طالباڻي
درياهه دل شخص
رسول بخش درس
زندگي وهندڙ درياهه آهي ۽ يادن جا ڪئين پور اُن ۾ لڙهي ٿا وڃن، واقعا، ڏک سُک محبتون وقت جي وير ٻوڙيو ڇڏي ۽ لاشعور جي ڀنڊار ۾ گهل مل يادون وري جيئن جو تيئن ذهن جي ڪينواس تي چٽجي وڃن ان لاءِ شعور ۽ لاشعور طاقتور تحت الشعور ۾ جڏهن ايتري سگهه هجي پوءِ ڪي اهڙا ڪردار آهن جيڪي شعور جي پٽيءَ تان ميسارجي نه ٿا سگهن. سندس نالو ياد ايندي سندس سڀ ڳڻ ، وڙ، محبتون اکين اڳيان هُري ٿيون اچن.

11 October, 2012

اي آر ميمڻ - مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


اي آر ميمڻ
اداڪار ۽ صداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
ريڊيو ۽ ٽي وي جو سينيئر اداڪار ۽ صداڪار، ٽي وي ڊرامن ۾ اڪثر گورنر، وزير، وڏيرن، جا ڪردار ڪري مقبوليت ماڻيندڙ اي آر ميمڻ، گذريل رات دير سان اباڻي ڳوٺ ڀريا سٽي ۾، دل جو دورو پوڻ سبب، لاڏاڻو ڪري ويو. ٻين بيمارين سان گڏو گڏ هڪ اک جي نظر به ختم ٿي چڪي هئس ۽ ٻي اک جي نظر گهٽجي ويئي هيس. اهڙيءَ طرح ڀلوڙ اداڪار اي آر ميمڻ، ۴ سال پهريان شگر سبب الهه تلهه وڪڻي، ڪراچي نيشنل ميڊيڪل سينٽر مان علاج ته ڪرايو پر ڊاڪٽرن حياتي بچائڻ لاءِ ان کي هڪ ڄنگهه کان به معذور ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ٻيهر هن ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ته انهن ٻيهر آپريشن ڪرائڻ لاءِ ساڍا چار لک گهري ورتا. جڏهن ته پهريان اٺ لک علاج تي خرچ اچي چڪو هو.

10 October, 2012

امين فقير مڱريو - نواز ڪنڀر


امين فقير مڱريو
پير صاحب پاڳاري جو ارڏو سپاهي
نواز ڪنڀر/سانگهڙ

تاريخ ۾ مثال بڻجندڙ ڪردارن جهڙو ئي ڪردار، هڪ ئي وقت غازي ۽ شهيد جو درجو ماڻيندڙ، امين فقير مڱريو به آهي. پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه جو هي ارڏو سپاهي، انتهائي مفلسي، ريڍاري ۽ ٻڪرار واري حالت مان هلندو، طارق فقيرن سان گڏ سيلاني بڻجي، اٿندو ويهندو وڃي درگاهه شريف جي خدمت لاءِ پهتو، جيڪا واٽ سندن وڏن جي به هئي. جتان کين پير صاحب پاڳاري جن پاران ۱۹۶۵ع واري جنگ ۾ ملڪ جي دفاع جون ذميواريون سنڀالڻ جو حڪم به ٿيو ته هيلي ڪاپٽر به. حُرن پاران جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جنگ کٽرائڻ سبب کيس صدر پاڪستان فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان پاران سندس خدمتن جي صلي ۾ تغمهِ شجاعت به مليو ته تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ زمين به. پر سندس اصل ڪاميابي ۽ حاصلات غازي ٿيڻ هئي.

ڊاڪٽر قربان جهتيال - خليل عارف سومرو


ڊاڪٽر قربان جهتيال
انقلابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي
خليل عارف سومرو
سچ چون ٿا ته ماڻهو مري وڃي ٿو پر ڪردار نه ٿو مري اسان جو پرين پيارو دوست ڊاڪٽر قربان جهتيال به ڳڻن ڀريو اهو سلڇڻو، سٻاجهو ۽ سهڻو انسان هيو جنهن جي شخصيت جا ڪي ئي رنگ هئا ۽ هر رنگ هڪ ٻي کان وڌيڪ خوبصورت. سڀ کان پهرين ته هو هڪ بهترين، نيڪ سيرت ۽ درويش صفت انسان هيو ان کانپوءِ هڪ ذميوار ڊاڪٽر ان سان گڏ ئي هڪ شفيق ۽ مهربان پيءُ، هڪ سڄاڻ سماج سڌارڪ، هڪ ڇانوري جهڙو دوست، هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي قسم جو قوم پرست ڪارڪُن ۽ الڳ، سادي ۽ سچي قسم جو شاعر. هي اهو ئي ماڻهو هيو جنهن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت ۽ بي لوث علمي ادبي ۽ سماجي خدمت جي ڪري ڦلجي اسٽيشن شهر کي سڄي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو ۽ اڄ ڦلجي اسٽيشن سندس ئي نانءُ سان سڃاتي وڃي ٿي. هو سگا جو باني ميمبر  به هيو، هو سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو جو ڪي ئي ڀيرا غير تڪراري رابطه سيڪريٽري به بڻيو. هُن سموري سنڌ جي آواز جي دنيا جي ماڻهن کي ريڊيو پبليڪيشن جو بنياد وجهي ڳنڍي ڇڏيو ۽ هڪ خوبصورت ميگزين ڪڍيو مطلب ته سندس  قول، فعل ۽ هر عمل سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هيو ۽ هو سڄي سنڌ سان پنهنجي گهر وانگر پيار ڪندڙ هيو سندس زندگي هر پهلو وزنائتو ۽ ڪارائتو آهي هڪ دفعي قلم کڻڻ سان سندس زندگي جي گلدستي کي مڪمل طور پيش ڪري ئي نه ٿو سگهجي.

شيخ محمد قادر مرحوم - پير علي محمد راشدي


شيخ محمد قادر مرحوم
پير علي محمد راشدي
بمبئيءَ پرڳڻي جي سورت شهر جو رهاڪو هو. پهريائين بمبئيءَ جي لوڻ کاتي ۾، ۽ پوءِ سنڌ جي روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ طور مقرر ٿيو، ۽ ترقي ڪندي ڪندي وڃي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تائين پهتو. اتان اورينٽل ٽرانسليٽر مقرر ٿي بمبئيءَ ويو، ۽ مير امام بخش خان جي پوئين زماني ۾ خيرپور جو وزير مقرر ٿي آيو. قد ۾ ڊگهو، بت ۾ سنهو، رنگ جو ڀورو، ڏاڙهي ڪوڙهيل، مڇون مختصر - هڪ راڻو مڙس هو. هميشه چيناسلڪ جي پتلون ۽ ان تي کليل گلي سان ڊگهو ڪوٽ پائيندو هو، ۽ مٿي تي گول سلڪ جي مختصر پڳڙي، جيڪا ويٺوڙي ٽوپيءَ تي ويڙهيل هوندي هئي. بيحد مهمان نواز، مسلماني جذبي سان ڀرپور، حضور شرم، خدمتِ خلق جو شوقين، سياست ۾ ڳوڙهي دلچسپي وٺندڙ، دوستن جو دوست، اميد ڀريل نوجوانن جو سرپرست، رحمدل، شريف، بي آزار، ڪم ڪرڻ جو سخي، رشوت کان پري، هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جهڙا ٿورا انسان مون ان زماني جي ڪامورن ۾ ڏٺا. شوق هوس ته زميندارن جي ڇوڪرن کي تعليم ڏياري سياست ۾ آڻي، جيئن هو چڱيءَ طرح هندن جو مقابلو ڪري سگهن. انهن ڏينهن ۾ هندن جو ڏاڍو زور هوندو هو، تعليم، واپار، ۽ سياسي شعور ۾ مسلمانن کان گهڻو اڳ ۾ هئا. پر وقت گذرندي هو ڪانگريسي سياست ۾ ڪاهي پيا، جنهنڪري انگريزي حاڪم کانئن پهريون دفعو بدظن ٿي، مسلمانن کي همٿائڻ ۽ اڳتي ڪرڻ لڳا. ان معاملي ۾ مسلمان سرڪاري آفيسرن کان ڪم ورتو ويندو هو، جن جو غير سرڪاري طرح اڳواڻ خيرپور جو وزير هوندو هو.

07 October, 2012

سيد سمن شاهه - آر عمراڻي، نور سنڌي،

سيد سمن شاهه

مجذوب درويش

آر عمراڻي



سيوا ڪر سمنڊ جي جت جر وهي ٿو جال

سئين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال

جي ماسو جُڙيئي مال، ته پوڄارا پُرِ ٿئين.

سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ڪيترائي بزرگ، اوليا، مجذوب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ حضرت شاهه ڪريم بلڙي وارو، صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو ۽ مجذوب اولياءُ لاڙ جو لعل سيد سمن شاهه سرڪار قابل ذڪر آهن.

امر جليل - رضوان گل


امر جليل
سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ
رضوان گل
سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به “امر” آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترائي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي.
هي وقت هٿن مان ڪين وڃي،
هي وقت آ وک وڌائڻ جو.
ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون،
هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو.