; سنڌي شخصيتون: امير بخش رونجھو - شمس پالاري

03 October, 2012

امير بخش رونجھو - شمس پالاري


امير بخش رونجھو
اھو چنگ-نواز فنڪار، جنھن جي چنگ جو پڙلاءُ، جهر جهنگ گونجي پيو
شمس پالاري
چارڻ جو چنگ سنڌ جي لوڪ رنگ جو انوکو ساز آهي. آڱرين جي اشاري تي روح کي سڪون ڏيندڙ هيءُ ساز قديم تاريخ رکي ٿو. ٻين سازن؛ بوڙيندو، ڍولڪ، بانسري، بين، الغوزو وانگر چنگ جو ساز اترو ئي قديم آهي. سنڌ جي هن ساز کي، خاص طور تي مالوندن وٽ، انتهائي مقبوليت ۽ اهميت حاصل آهي. آڱر جي معمولي اشاري سان ڪافي ڪلامن جي ڌُن ڏيڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ماڻهو هٿ ۽ ساهه جو ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ وري مدهوش ڪرڻ ئي ڪلاڪار جو ڪم هجي ٿو. اهڙي ڪلا جو مسافر، چارڻ جي چنگ کي چوريندو هن جهان کي ڇڏي آرامي ٿي ويو آهي.


مرحوم امير بخش رونجهو، سنڌي لوڪ فن جي ۵۰ سال تائين خدمت سر انجام ڏني پر وقت جي دز سندس ”چنگ“ تي چڙهي وئي. جڏهن بيمار هو ۽ بستري تي هو تڏهن به حيدرآباد جي ڪجهه صحافي دوستن ئي سندس پرگهور لڌي پر ڪلچر کاتي جي احمد علي جمالي کانسواءِ ڪو به وٽس علاج، زندگي ۾ سهارو ڏيڻ به نه آيو. چارڻ جي سرن کي ڪيترن ميڊيائي چئنلن يا وري آواز جي لهرن ۾ سندس فن کي ڪيسٽن تي رڪارڊ ڪرايو ويو پر سندس مزاج پرسي انهن کان نه ٿي سگهي. هو بيماري ۾ هڪ اڌ ڏينهن نه پر پورا ۵ سال لڳاتار چارڻ جي سرن سان سنگت نه ڪري سگهيو، ڇو ته بيمار جسم هو، بزرگي جي زندگي هئي، سندس مڙسهه کي جڏهن حيدرآباد جهڙي سڌريل شهر جي چوواٽي تان آندو پئي ويو ته کيس اخبار اهو اعزاز ڏئي ورتو ته ”چنگ نواز امير بخش رونجهو لاڏاڻو ڪري ويو“ ۷۰ سالن جو پوڙهو بزرگ چنگ جو ڪلاڪار امير بخش رونجهو جيتوڻيڪ اسان وٽ نه رهيو آهي پر سندس منفرد انداز هاڻي به جهر جهنگ ۾ سمائجي ويو آهي، هن ڪلاڪار جي وڇوڙي چنگ جي ساز تي ڪافي اثر وڌو آهي، خاص طور تي امير بخش چنگ کي جنهن نموني ۽ انداز سان ماڻهن کي هڪ مڪمل ساز هجڻ طور ڏنو شايد هن وقت ائين ڪير ڪري به سگهي، فن کي ۵۰ سال ڏيڻ هن ڪلاڪار لاءِ وڏو اعزاز آهي، سنڌ ۾ ته آڱرين تي ڳڻپ جيترا ڪلاڪار رهيا آهن پر امير بخش پنهنجي فن لاءِ لازوال بڻائي ڇڏيو، سنڌ صدين تائين امير بخش جي فني خدمتن کي ياد رهندي، ڪمزور جسم وارو مڙهه جڏهن صبح جو ڳوٺ شيخ سومار شاهه  پهتو ته ان مڙهه سان گڏ سندس خاندان ۽ وڏو پٽ چنگ نواز علي محمد هو، مون کي انتهائي ڏک اهو به ٿيو ته سندس آخري سفر ۾ زندگي ۾ جن جي پروگرامن ۾ هن خوف داد ورتو ۽ خوب نموني سان ڌنن تي رقص ڪرايو پر انهن سڄڻن مان ڪو به موجود نه هو، ائين به هو ته غريب هو پر سندس فن امير بخش ان کي امير ڪري لوڪ سامهون پيش ڪيو، سنڌ ثقافت کاتي سنڌ جي فنڪار جي سار مرڻ کانپوءِ لهندو آهي پر امير بخش جي موت جي کين شايد خبر نه ڪنهن اخبار ۾ ملي نه وري ڪو اطلاع، امير بخش سنڌ جي هن ڪلا جي سفر کي ڪن تڪليفن سان جاري رکيو، چنگ کي سنڌ ۾ هر هنڌ جهر جهنگ، ڳوٺن ۾ وڄائڻ وارا ڪافي هوندا آهن پر مرحوم امير بخش چنگ کي هڪ ساز جي حيثيت ۾ سوز ذريعي وڄائڻ جو فن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. امير بخش پنهنجي ڪيل فني خدمتن کي ڪير وساري نه ٿو سگهي. امير بخش جو فن زوال ٿيڻو ئي ناهي، ڇو هن فن کي اڳتي وڌايو آهي، سندس خاندان ۾ باقائده فن جو گهر ڪري ويو آهي، سندس پٽ علي محمد رونجهو ۽ فيروز امير رونجهو ٻئي ڀائر گڏجي هن جي ڪلا جي تند جي سرن ڇيڙڻ لاءِ جاکوڙ ۾ رهيا آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا