; سنڌي شخصيتون: غلام عباس چانڊيو - اصغر تنها

07 October, 2012

غلام عباس چانڊيو - اصغر تنها


غلام عباس چانڊيو
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
اصغر تنها
عوامي خدمت جو جذبو فطري طور تي هر انسان ۾ موجود هوندو آهي، پر ان جذبي جو دارومدار انساني نيت، سچائي، خلوص ۽ قرباني جي اصولن تي ٻڌل رهي ٿو. دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا انسان پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي محنت، محبت ۽ قرباني ۽ جي جذبي تحت دنيا جي ماڻهن جي دلين تي پنهنجي يادن جا نقش چٽيا آهن. شهيد غلام عباس چانڊيو به انهن مان هڪ هو، جيڪو وڇڙيو ته ضرور آهي پر وسريو هرگز ناهي. سندس ڪيل عوامي خدمتن عيوض ڪجهه لکجي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. سندس سڄي ڄمار اٻوجهه ماڻهن جي خدمت ڪندي گذري. هن گهٽ وقت اقتدار ۾ رهي ايترا ته گهڻا ڪم ڪيا جيترا ڪير ۱۵ سال پارليامينٽ ۾ رهي به نه ٿو ڪري سگهي. پاڻ نظرياتي طور نهايت چٽو هو. ان جا خيال ۽ تصورات سياست، مذهب ۽ سماجي ريتن رسمن ۾ گهڻو ڪري پوريءَ ريت پختا هئا، جنهن جي ڪري هو هميشه کلي راءِ رکندو هو. هي دلير شخص ڪڏهن ڪنهن ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو. ضيائي مارشل لا جي دور ۾ هن اهم ڪردار اد اڪيو. ڏنڊا، ڪوڙا ۽ جيل جو تڪليفون سٺائين پر وڪيو ڪونه. شهيد غلام عباس چانڊيو جي شخصيت ۽ ڪيل خدمتن تي تمام گهڻي ڪم جي ضرورت آهي، اگر جي ائين نه ڪيوسين ته اهڙا انمول هيرا وقت جي دز ۽ ماضي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيندا ويندا.


۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن شهيد محترمه پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻي ته غلام عباس چانڊيو کي ۲۴ ۱۹۸۹ع تي وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار مقرر ڪيائين ۽ پوءِ جڏهن ۶ آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿي ۽ نواز شريف وزيراعظم بڻيو ۽ ڄام صادق علي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيائين ته ڄام صادق علي انتقامي ڪارروائي طور غلام عباس چانڊيو کي سنگاپور جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي کيس ڪراچي جيل ۾ قيد ڪرايو. نيٺ اتان به غلام عباس چانڊيو پاڪستان پيپلز پارٽي سان وفاداري جي بدلي پنهنجي جوڀن جا چار ورهه جيل ۾ گذاري ۹ مارچ ۱۹۹۳ع تي آزاد ٿيو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو هي بهادر اڳواڻ جيل مان آزاد ٿي پنهنجي دوستن سان گڏ ريل گاڏي ذريعي ڪراچي کان نوابشاهه پهتو هو ته نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي سندس استقبال لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا هئا ۽ پوءِ جڏهن سوين گاڏين جو قافلو نوابشاهه کان ڳوٺ پنهل خان چانڊيو روانو ٿيو هو ته ماڻهن جا عقل حيران ٿي ويا هئا. اهو منهنجي زندگي جو اڻ وسرندڙ جلسو هو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان جلد پوءِ ۱۲ مئي ۱۹۹۳ع تي ڪراچي جي هڪ سنڌي پٺاڻ ڇوڪري سان شادي ڪيائين، جيڪا ضلعي نوابشاهه جي وڏي ۾ وڏي شادي جي تقريب ڪوٺي وڃي ٿي، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سندس ور ۽ هاڻوڪو صدر پاڪستان آصف علي زرداري سميت پاڪستان جي ڪيترن ئي سياسي، سماجي، ادبي ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي هئي. شادي جي ۲۳هين ڏينهن کانپوءِ ۵ جون ۱۹۹۳ع ڇنڇر جي ڏينهن تي جڏهن غلام عباس چانڊيو پنهنجي قائد جي سڏ تي ڳوٺ کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته منجهند ۱۲ وڳي درگاهه پير ذاڪري وٽ سندس ڪار کي هڪ تيز رفتار بس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ غلام عباس ۽ سندس ڊرائيور رسول بخش چانڊيو ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري پيرل چانڊيو فوت ٿي ويا. غلام عباس چانڊيو جي زندگي جو اهو سڄو مرحلو ڪنهن فلمي سين کان گهٽ ڪونه هو. سندس جنازي جي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ سندس جنازو مشهور درگاهه پير ذاڪري جي سجاده نشين سائين سهڻي جي خليفي سيد ابراهيم شاهه پڙهايو. غلام عباس چانڊيو سياست ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو. هو پنهنجي پيءُ جيان ارڏو ۽ دلير مڙس هو. غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هن وڌ کان وڌ غريب ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏنيون. اها شايد اسان مسڪين ماڻهن جي بدقسمتي هئي جو هو اسان کي ايڏو جلدي بي يارو مددگار ڇڏي ويو، سندس آخري آرامگاهه پنهنجي عظيم پيءُ جي ڀر ۾ راهو رتول قبرستان ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا