; سنڌي شخصيتون: قادربخش طالباڻي - رسول بخش درس

19 October, 2012

قادربخش طالباڻي - رسول بخش درس


قادربخش طالباڻي
درياهه دل شخص
رسول بخش درس
زندگي وهندڙ درياهه آهي ۽ يادن جا ڪئين پور اُن ۾ لڙهي ٿا وڃن، واقعا، ڏک سُک محبتون وقت جي وير ٻوڙيو ڇڏي ۽ لاشعور جي ڀنڊار ۾ گهل مل يادون وري جيئن جو تيئن ذهن جي ڪينواس تي چٽجي وڃن ان لاءِ شعور ۽ لاشعور طاقتور تحت الشعور ۾ جڏهن ايتري سگهه هجي پوءِ ڪي اهڙا ڪردار آهن جيڪي شعور جي پٽيءَ تان ميسارجي نه ٿا سگهن. سندس نالو ياد ايندي سندس سڀ ڳڻ ، وڙ، محبتون اکين اڳيان هُري ٿيون اچن.


سائين قادر بخش طالباڻي به وسري سگهي ٿو؟ هي محبت جو پيڪر- عملي انسان جو هڪ نمونو-استادن جي اڳواڻي جو مثال ۽ پنهنجي جوهر ۾ سنگت ۽ دوستي جو انوکو مثال، ڪيئن وسرندو؟ دوستي ۽ پنهنجائپ ۾ ڪافي ماڻهو مونکي انمول لڳا پر طالباڻي صاحب جهڙو نج پج صفا سچو ۽ همدرد دوست ورلي ملندو- سندس سنگت جي لسٽ به تمام ڊگهي آهي پر جيڪي محبت جا پيرهن ڀريا اهي هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ حال حيات يارن جي سار سنڀال. ٻيو نه ته فون تي حال احوال وٺڻ، اهو قادر بخش طالباڻي جو وڏو وڙ آهي.
۱۹۷۶ جي ڳالهه آهي، آئون پ ٽ الف ۾ سيد اڪبر ۽ پير علي مير شاهه جي محبت ۾ ڪارڪن طور اَڀورسڀرو ڪردار نڀائيندو رهندو هئس-ليڊر ٿيڻ جو مونکي شوق نه هو سيد اڪبر مرڪز ۾ بيهڻ لاءِ به چيو مون چيو فقيرن کي ان جهنجهٽ کان پري رکو پر سنگت سان گڏ هئاسين، ٺٽي شهر ۾ پ ٽ الف جو موچارو ميڙاڪو هو- سيد اڪبر جو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ هو. مرڪزي قيادت پهتل هئي. تمام گهڻا استاد گڏ هئا- هڪ سنهڙو سهڻو سنڌي ٽوپي پاتل اڳواڻ اچي رهيو هو، سيد اڪبر چيو “ابا اهو اٿئي قادربخش طالباڻي” خاڪي وڳو پاتل پر اکين ۾ هڪ عجيب ڪيفيت، وڌي ملياسين- واقفيت ٿي“ اڇا رسول بخش درس هي آهي-اڙي بابا پاڻ ته مائٽ آهيون”
آئون مٽي مائٽي جي رشتن کان محبت جي رشتن جو وڏو قائل آهيان پر طالباڻي صاحب جي محبت ۽ پنهنجائپ مونکي متاثر ڪيو.
نيٺ نوڪري تبديل ٿي، پ ٽ الف جي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي آياسين- قادربخش طالباڻي استادن جي رهبري ۾ ڀرپور ڪرادار ادا ڪري رهيو هو. هڪ دوست جو ڪم هجي پ ٽ الف جي مرڪزي آفيس ۾، زمين دوز آفيس ۾ طالباڻي صاحب موجود هو. مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو ۽ عبدالڪريم جتوئي مرڪزي صدر هو.
سائين قادربخش اسان جي وڏي خدمت ڪئي، اسان جي سائين سان وڌيڪ ويجهڙائپ سيد اڪبر جي بيماري دوران ٿي. سيد اڪبر جي بيماري ڄڻ مسئلو ئي طالباڻي جو هو. سڄو علاج وري وفات بعد دفنائڻ، تڏو وڇائي ويهڻ سيد اڪبر جي گهر سار سنڀال ننڍڙن پٽن جي طهرن، سيد اڪبر جي گهر واري جو علاج اهو سڄو لائق فرزند لطيف اڪبر شاهه جي رهنمائي ۽ سارسنڀال لاءِ رابطو قائم رهي ٿو. ساڳي طرح پير علي مير شاهه جي وفات تي به قادر بخش طالباڻي تڏي تي پلٿي هڻي سڀني ماڻهن سان فاتحون پڙهڻ، پنهنجي عزيز ن وانگر طالباڻي صاحب نڀائيندو اچي ۽ سائين جي اولاد تي به مٿي ته هٿ رکيو اچي. قادربخش طالباڻي جو اهڙو ڀرپور ڪردار ان ڪري به آهي جو سندس تربيت ۽ سياسي وابستگي آهي. سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ ڌارا ۾ مشهور سماج سڌارڪ ۽ ترقي پسند اڳواڻ عبدالسلام بخاري جي شخصيت جو جادو قادربخش جي زندگي تي حاوي رهيو. بخاري صاحب اهڙو مڻيادار مڙس صحبت رکندڙ مثالي ڪردار اسان جي انساني زندگي لاءِ مثال، چمبڙ ۾ هاري عدالتون، هاري تحريڪ جو بي مثال نمونو آهي. انقلابي جدوجهد ۾ سچ،قرباني ۽ غريب طبقي جي حقن لاءِ هن لڏي جو ڀرپور ڪم اڄ به اسان جي لاءِ رهنمائي جو سبب ٿي سگهي ٿو. پروفيسر حيدر علي لغاري، محب نظاماڻي ۽ ٻين کوڙ انقلابي دوستن جي محبت طالباڻي صاحب جي ڪردار کي رچي ريٽو ڪيو. تازو سائين طالباڻي ٻڌايو ته حسن درس سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ بخاري ڪرائي جڏهن حسن اڃا ستون ڪلاس پڙهندو هو. حسن درس جي تربيت ۾ پروفيسر حيدر علي لغاري، محب علي نظاماڻي- خود سلام بخاري ۽ ٻين ڪامريڊن جو وڏو هٿ هو.
طالباڻي سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ جو هڪ خاموش ۽ محنتي ڪارڪن رهيو ۽ ان سان گڏ استادن جي اڳواڻي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندو اچي. مونسان سندس محبت لاءِ آئون ڇا چوان؟ سيد اڪبر جي وفات بعد طالباڻي صاحب سندس شاعري جو ڪتاب ميدان تي آندو-سيد اڪبر جي خطن جو موچارو تعداد رهيو. سائين ۽ سارنگ پراڻا فائل ڪڍي ڪافي مواد گڏ ڪيو ۽ سڄو ڪتاب گڏ جي سهيڙيوسين-ڪتاب ڇپيو ته وڏي موٽ ملي. اڪبر تي لکيل تاثرات جو به ڪتابن ڇپرايون ٿا. مون گهڻو ڪري اهي ڪردار لکيا جن جي محنت هر حوالي کان تمام وڏي هئي پر سندن نالو تاريخ ۾ درج نه هو. اهي فنڪار هجن. اديب شاعر، سماجي ورڪر- ڪتاب ڇپيو (سنڌ هيرن کاڻ) سائين طالباڻي محنت ڪري سڀني ڪردارن جا ڦوٽا به هٿ ڪري ڪتاب کي وڌيڪ سٺو ڪري ڇپايو. ڏاڍي زبردست موٽ ملي، مهورت به ڌام ڌوم سان ٿي.
قادربخش طالباڻي هڪ مسلسل جدوجهد ڪندڙ- چرپر ۾رهندڙ دوست-تازو سائين کي  ڪاري سائي ٿي پئي. مون کي ڏاڍو ڊپ هجي وڏي عمر سبب وئڪسين به نه ٿيندي پر طالباڻي صاحب لاءِ ڄڻ مسئلو ئي نه هجي.نيٺ ڪراچي جي تمام ڀلي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايائين، اڄ ڪلهه رزلٽ تمام ڀلي آئي آهي پر کيس وري اسان دوستن جو الڪو آهي. سندس اولاد به کيس تمام گهڻو پيار ڏيندو آهي. عبدالرزاق ڄام شوري سوسائٽي ۾ تمام خوبصورت بنگلو ورتو- ڪار سائين طالباڻي حوالي-سندس رٽائرمينٽ جا ڏوڪڙ ڪتاب ڇپائي ۽ سنگت تي پورا ٿيا. پٽ سٺي روزگار سان آهي پر طالباڻي صاحب جا اهي ئي حال. تازو سندس گهر ويٺا هئا سين وڏي ڪچهري ٿي هڪ نوجوان آيو تعارف ڪرايائين “ڊاڪٽر حاجي کاڙڪ، ڪامريڊ هارون کاڙڪ جو لائق فرزند- مرحوم هارون جي وفات کانپوءِ هن نوجوان کي سلام آهي ٽي ڀينرون يونيورسٽي ۾ پڙهائي پيو ۽ پاڻ ڊاڪٽري پڙهي ٿو. ڪيئن ٿو پورت ڪري اهو هن جو ڪارنامو آهي. آئون سندس همت کي سلام ٿو ڪريان. اڀري حال سارو سندس همت افزائي ڪندو آهيان” مون کي حيرت ٿي سڄي جهان جو درد سائين جي ذمي آهي.
ڪجهه وقت اڳ چمبڙ جو هاري اڳواڻ ڪامريڊ عثمان لغاري سخت بيمار هجي دل ساٿ نه پئي ڏئي.، طالباڻي صاحب رات ڏينهن هڪ ڪري سندس تيماداري ڪئي پر همراهه سان زندگي وفا نه ڪئي. سائين عزيز وانگر سندس خدمت ڪئي. سندس ڀائيٽو ۽ ناٺي به هيلٿ ۾ اسٽور ڪيپر هو. عبدالستار طالباڻي تازو نوجواني ۾ وفات ڪئي. وڏو ڌڪ هو پر پوڙهي شينهن وٽ پهتاسين ته وڏي همت سان سڀني دوستن جو آڌر ڀاءُ پيو ڪري، هي درياهه جهڙي دل رکندڙ انسان مونکي من ۾ ويهي ويو آهي. هر پل پهريان فون ڪري طبعيت پڇندو، ننڍن وڏن جو احوال وٺندو، سڄي سنگت جو هي همدرد هڏ ڏوکي سنڌ جو صدورو انسان اسان لاءِ وڏو ڌڍ آهي. شل وڏي حياتي ماڻي.

No comments:

راءِ ڏيندا