; سنڌي شخصيتون: مرزا قليچ بيگ - حسن پنهور

07 October, 2012

مرزا قليچ بيگ - حسن پنهور


مرزا قليچ بيگ
حسن پنهور
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل جارجيان جا رهاڪو هئا جنهن علائقي کي گرجستان جي نالي سان به سڏيو ويندو هو جيڪو علائقو ڪوهه قاف کان اتر طرف ڏانهن آهي ۽ ان علائقي ۾ ايران جي بادشاهه جون جنگيون اڪثر ڪري روس سان ٿينديون هيون ۽ جارجيا ملڪ به ان زماني ۾ روس جي قبضي ۾ هو ان ڪري ئي ايراني حملن کان بچي نه سگهندو هو، اهڙين جنگين ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو ۽ پڙ نانون مارجي به ويا هئا ان وقت مرزا جي ڄمار فقط ۷ سال هئي مرزا صاحب کي سنڌ ۾ ان وقت کان جڳهه ملي جڏهن مرزا قليچ بيگ کي۱۸۰۵ع ۾ سندس نانا کي پٽيوالي ملي ۽ ان وقت ميرن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ سنڌ جو بادشاهه مير ڪرم علي خان ٽالپر هو ۽ ان وقت مرزا قليچ بيگ جي ڄمار ۱۵ سال هئي. مرزا قليچ بيگ جارجيان مان ڪوچ ڪري سنڌ ۾ پنهنجي نانا سان گڏ آيل هو ۽ سندس والد ان کانپوءِ ويهارو کن سالن بعد سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو مرزا قليچ بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ انگريزن جي صاحبي ۾ ۱۸۶۰ع ۽ مرزا صاحب جو والد مرزا فريد ون بيگ ۱۸۷۱ ع ۾ وفات ڪري ويا.


مرزا صاحب ان کانپوءِ ويڳاڻو برابر رهيو پر پاڻ سنڌ جي ڳوٺ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ اچي رهيو ۽ سندس پيدائش وارو ڳوٺ به اهوئي آهي. مرزا قليچ بيگ جنهن کي ساڍا چار سئو ڪاتبن لکڻ جو اعزاز مليل آهي ۽ پاڻ سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، اردو، انگريزي ٻولين کانسواءِ ڪيترن ئي زبانن جو ڄاڻو ۽ ادب جي حوالي سان پاڻ انهن ٻولين ۾ ساڍا چار سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا مرزا قليچ بيگ جي وارثن سندس نالو قليچ رکيو جنهن جي ترڪي زبان ۾ معنيٰ آهي ترار ان ڪري پاڻ ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ترار کان به تيز هئا. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل ۲  ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. مرزا قليچ بيگ کي ٻن ٻولين تي عبور حاصل هو، پهريان سنڌي ۽ ٻي فارسي جن ٻولين ۾ وڏي مهارت رکندو هو جن ٻولين ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا انعام به مليا. مرزا قليچ بيگ جي ذهن ۾ ٻالڪپڻ کان ڪتابن سان ڏاڍي محبت هئي ان ڪري پاڻ جو لاڙو ادب ڏانهن ئي گهڻو هوندو هيس. مرزا قليچ بيگ جي والد مرزا فريد ون بيگ جي وفات ۱۸۷۱ع کان پوءِ ۱۸۷۲ع ۾ مرزا بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جڏهن ته مرزا قليچ بيگ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهيو ان بابت سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب ”سنڌي ادب جو سدا روشن سج“ ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر ”ڀنڊارڪر“ هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو مرزا ان اسڪول ۾ شاگرد هئڻ سان گڏوگڏ استاد ۲ ۱  مهينن تائين رهيو ۽ پاڻ ڏهون درجو سال ۱۸۷۲ع ۾ پاس ڪري انهي ساڳئي سال ۾ بمبئي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي جتي کيس پهريان ته خرچ پکي جي بي انتهائي ڏکيائي محسوس ٿي ليڪن محبت ۽ جفاڪشي هن جي دماغ ۾ سمايل هئي ان ڪري پاڻ همت نه هاريندي پڙهائي مان هٿ نه ڪڍيو. ان وقت کيس ۲۰روپيا اسڪولي اسڪالر شپ ملي جيڪا ان ڪاليج ۾ ذهين ۽ هوشيار شاگردن کي ملندي هئي. مرزا قليچ بيگ هوشيار شاگردن کي پارسي ۽ گجراتي به پڙهائڻ جو آغاز ڪيو جتان کيس مهيني سر ۵ روپيا ملندا هئا، مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي ۽ ان سان بعد ۾ تمام گهڻي گهرائپ به ٿي وئي. مرزا قليچ بيگ جي اها خاصيت هئي ته هو دنيا جي هر ٻولي واري ماڻهو سان ويجهو رهندو هو ۽ ان جي زبان سکي وٺندو هو تنهن ڪري پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ ڪاليج پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو انگريزي اخبار سنڌ نيوز جي ايڊيٽر جا فرض به نڀايا ۽ بعد ۾ هن جي ڪراچي ۾ رهندي ئي واقفيت سنڌ محسن ڄاڻون، عالمن ۽ اديبن سان ٿي جن ۾ نمايان حسن علي آفندي، ديارام ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ جو ڌاڪو هنڌ، سنڌ ۾ ويهي ويو هو سو اهوئي سبب ٿيو جو جڏهن پهريون سنڌي ڪاليج کليو ته هن کي اتي  پروفيسر ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن تي هن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو. مرزا کي نيٺ نوڪري ملي انهي دوران هن قانون جي ڪتابن کي رٽڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ٿيو ائين جو پاڻ مئجسٽريٽ ٿيڻ لاءِ امتحان ڏنائين جنهن امتحان ۾ سموري سنڌ ۾ هي اڪيلو مئجسريٽي ۾ پاس ٿيو هو. ان دوران کيس ڪراچي روينيو کاتي مان بدلي ڪري ڪڪڙ تعلقي ضلع دادو ۾ روينيو هيڊ منشي طور مقرر ڪيو ويو جنهن بعد هي مختيار به ٿيو سندس محنت تي سرڪار کيس ڊپٽي ڪليڪٽر ڪري ڇڏيو مرزا قليچ بيگ روينيو کاتي ۾ ڪليڪٽر هئڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪم کي نه روڪيندي ان ڪرت کي جاري رکيو ۽ سندس عملي ادب خدمتن جي ڪري کيس ان وقت جي سرڪار ۱۹۲۴ع شمس العلماءِ جو خطاب ڏنو. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪليڪٽر طور ڪم ڪيو جن شهر ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، وارهه، ميهڙ، ٿرڙي محبت ۽ ڪوٽڙي شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ پنهنجي هڪ انگريزي دوست ڊاڪٽر بينجمن جي صلاح سان ميجر صوبيدار سردار بهادر شيخ اسماعيل جي نياڻي زليخان سان شادي ڪئي زليخان جا مائٽ يهودي هئا جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا جيڪا شادي ۲۵ ڊسمبر ۱۸۸۸ع ۾ ڪراچي شهر ۾ ٿي جنهن جو نڪاح مولوي تاج محمد پڙهايو هو مرزا صاحب جي پهرين گهر واري ۱۵ پسند جنهن سالن بعد ۳۳ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي ۽ پاڻ پنهنجي ئي خاندان مان ۱۹۰۷ ع ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ سندس اها زال شادي کانپوءِ ۱۹۰۸ ع ۾ ويم دوران فوت ٿي وئي پاڻ ٽئين شادي مرزا قلب علي مرحوم جي نياڻي سان ڪئي جيڪا سندس سموري حياتي جو سهارو بڻي. مرزا قليچ بيگ ۱۹۰۹ ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو ته ان وقت سندس ڄمار ۵ ۵  سال هئي. مرزا قليچ بيگ جڏهن ۱۹ آگسٽ ۱۹۲۸ ع تي رٽائرڊ وٺڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ ۱۹۲۹ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سندس جولاءِ پهرين ۱۹۲۹ع وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر ۲  جولاءِ ۱۹۲۹ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي منجهه رهي آخرڪار رات جو ۱۱ لڳي اچي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ وڃي خالق حقيقي سان مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا