; سنڌي شخصيتون: اداڪار لهري - مير رستم ٽالپر

03 October, 2012

اداڪار لهري - مير رستم ٽالپر


اداڪار لهري
ڪانپور کان ڪراچي
مير رستم ٽالپر
هي ۶۰ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته جڏهن فلمن جي شوٽنگ عام نه هوندي هئي يا عام ماڻهن کان پري هئي، تڏهن هڪ اردو فلم ” آگ ڪا دريا “ جي شوٽنگ لاءِ فلم جو يونٽ ٽنڊوڄام آيو هو. فلم جي ڪهاڻي ڌاڙيلن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ فلم اسٽار محمد علي، شميم آرا، ساقي ۽ لهري شامل هئا.

فلم جي عڪس بندي نصرپور جي واريِ جي دَڙَن ۽ ڊِٻُن ۾ ڪرڻ کان سواءِ ڌاڙيل محمد علي جي پناهه گاهه ٽنڊوڄام - ٽنڊو قيصر روڊ تي، بَڙُ جو هڪ وڏو وڻ هو، جتي بَڙ وارا ميمڻ رهن ٿا. ان ۾ ڌاڙيل محمد علي ته فرار ٿي ويو، پر ان جو ساٿي لهري، پوليس گرفتار ڪري ٽنڊوڄام ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو، جتي هو گوڏ ۽ گنجي ۾ قيد رهي ٿو. فلم جي ان منظر ۾ لهري کي مڇر کائين ٿا ۽ هو سنڌي اردو ۾ رڙيون ڪري ٿو، ته ٽنڊوڄام جا مڇر ظالم آهن. اهو منظر فلم آگ ڪا دريا ۾ فلمائين کي خوب کلائي ٿو. فلم جا موسيقار غلام نبي ۽ عبدالطيف هئا ۽ نورجهان جو ڳايل ۽ شميم آرا تي فلمايل گانو ”من جا من جا بالم نه ٺڪرا ميرا پيار“ (نصرپور ۽ ٽنڊوڄام ۾) پڻ زبردست هٽ ٿيو هو. بهرحال آئون ٽنڊوڄام ٿاڻي تي اداڪار لهري سان ننڍپڻ ۾ ملڻ ويو هئس. فلم آگ ڪا دريا ڏاڍو بزنس ڪيو ۽ هڪ عوامي فلم ثابت ٿي.
لهري عرف سفيرالله صديقي هندستان جي صنعتي شهر ڪانپور ۾ ۲ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڄائو ۽ پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ هند ڇڏي پاڪستان آيو. جتي شروعات ۾ هن هڪ خانگي اداري ۾ ٽائيپ جو ڪم ڪيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ شيون کپائڻ لڳو. ليڪن لهري کي اداڪاري جو شوق هو سو نيٺ شيخ لطيف جي فلم اَنوکي ۾ کيس هڪ رول مليو، جيڪا ۱۹۵۶ع ۾ ريليز ٿي. ان دوران هو لطيفا ٻڌائيندو هو. سندس يادگار فلمن ۾ هڪ فلم سجده به هئي، جنهن ۾ مٿس فلمايل گانو ”عشق ۾ کائي ايسي مار ڪه منڙڪا ٽوٽ گيا...“ ڏسندڙ ڏسڻ سان کلندا هئا ۽ فلم نئي ليلا نيا مجنون ۾ فلمايل گانو ”بي بي يه حسين اور هي“ پڻ مزاح سان ڀريل هو.
لهري جي اچڻ وقت فلمن ۾ نذر جو بول بالا هو، ان بعد رنگيلا، منورظريف، ننها، نرالا، ظريف به پاڻ ملهائي ويا. لهري تي ۱۹۸۳ع ۾ ٿائلينڊ ۾ فلم جي شوٽنگ دوران فالج ٿيو هو. هن کي ۱۳ ايوارڊ مليا ۽ آخري ۱۹۹۳ع ۾ نگار ايوارڊ مليو.
لهري جي ۲۲۵ مان آخري فلم ”ڌنڪَ“ هئي. هن کي صدر فاروق لغاري صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو، پر لهري کي ۲۵۰۰ ملندڙ وظيفو بند ڪيو ويو هو. هن جا پنج پٽ ٻه نياڻيون آهن. هن جون چند مشهور فلمون صاعقه، دل لڳي، انجمن، رم جهم، اف يه بيويان، نوڪر، ٻيون کوڙ آهن. هي پنهنجي ننڍي فرزند مهراڻ سان گڏ رهندو هو.
بهرحال دنيا کي کلائيندي کلائيندي، لهري دنيا مان موڪلائي ويو. سندس آخري خواهش حج جي پوري نه ٿي سگهي. ائين ڪانپور کان ڪراچي پهتل هند ڄائو، پاڪستان ۾، منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات ٽنڊوڄام ٿاڻي کان مسجدالمڪرم تائين رهي ۽ کيس ياسين آباد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا