; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام - غلام حسين خاصخيلي

03 October, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام - غلام حسين خاصخيلي

پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام
بيمارين سان وڙهڻ لاءِ معاشري کي هڪ مُٺ ٿيڻو پوندو
ڳالهه ٻولهه: غلام حسين خاصخيلي
ٿر جي ڍاٽ واري علائقي ۾ چيلهار ۽ ڪانٽئي جي وچ مان ويندڙ ڪچي رستي تي ۸-۱۰ ڪلوميٽر ڏور واقعي چونئرن، لانڍين ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ پڪين جاين واري ان ڳوٺ کي ماڻهو گونگيو چوندا آهن پر آئون ان ڳوٺ کي ڊاڪٽر بيکارام جي حوالي کان سڃاڻان ٿو. انهي ڳوٺ ۾ اڻ گهڙيل ڪاٺ کي گهڙي آرامده هندورن، پيار ڀريل پينگهن، خوبصورت درين دروازن ۽ بهترين فرنيچر جي صورت ۾ تيار ڪندڙ هرچندراءِ سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ بيکارام ٻاروتڻ کان ئي پڙهڻ  جي طرف ته پنهنجي من لڳايو پر ان وقت هن جي ذهن ۾ نه وري سندس والدين جي سوچ ۾ اهو هو ته سندن لاڏلو اڳتي هلي ملڪ جي مشهور معالجن ۾ شمار ٿيندو. وسيلن جي اڻهوند، ٿر جي تتل واري، پري موجود اسڪول سواري جي نه هجڻ جهڙي مسئلن ڪڏهن به بيکارام جي آڏو رڪاوٽ بنجڻ جي همت نه ڪئي. هي باهمت ٻار آڙاهه جي تتل ڪاڙهن ۽ سياري جي سان سڪائيندڙ سردي به هن ٻالڪ جو رستو نه روڪيو، اڳتي تعليم پرائڻ جي ڌُن ۾ هو پنهنجي مامي وٽ ٽنڊو ڄام پهتو، جيڪو ان وقت زرعي يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. اهو سندس اڳتي جي راهه جو سونهون بڻيو.


اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هن مڙي پوئتي نه ڏٺو. ان وقت جڏهن ٿر جي ڪنهن نوجوان لاءِ رُلي پني ايم بي بي ايس ڪرڻ ڇيهه جي ڳالهه هوندي هئي. انهي وقت بيکارام اتي بس نه ڪئي. هن ۱۹۹۸ع ۾ ايف سي پي ايس مڪمل ڪئي ۽ منهنجي مادر علمي ۾ ئي تدريسي عمل سان گڏ طبي شعبي ۾ پنهنجو خدمتون ڏيڻ شروع ڪيون. هو اسٽنٽ پروفيسر پوءِ ايسوسيئيٽ پروفيسر هاڻي پروفيسر بڻجي چڪو آهي. لمس جي ميڊيڪل وارڊ يونٽ ۴ جو انچارج بڻجڻ کانپوءِ هن وارڊ ۾ انقلابي تبديليون آنديون. اتي مريض جي سارسنڀال ۽ کين بهتر ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان ۽ پنهنجي دوستن جي کيسي مان خرچ ڪرائي وارڊ کي بهتر شڪل ۾ آندو. اڄ جيڪو به مريض سندس هٿان علاج ڪرائيندو آهي اهو سندس شفيق شخصيت کي دعائون ڏيندو موٽندو آهي. سندس ڪلينڪ تي اهڙا مريض گهڻا ايندا آهن جن جي دوا به ڊاڪٽر جي اڪائونٽ مان ويندي آهي. هو چوندو آهي ته جنهن ڏکاري ماحول مان مون اڳتي وک وڌائي آهي ان جي اثر ڪري آئون چاهيان ٿو ته غريبن جي وس ۽ وت آهر خدمت ڪريان.
پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام جيڪو هن وقت هاير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ايف سي پي ايس جو سپروائيزر ۽ لياقت يونيورسٽي ۾ ايم ڊي جو سپروائيزر آهي ساڳئي وقت هو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي طرفان ايم ايس سي جو پڻ سپروائيزر آهي. بنگلاديش جي ڪاليج آف فزيشنز ۽ سرجن پڻ کيس انٽرنيشنل ايگزمنر طور مڃتا ڏني آهي. تازو ئي آمريڪا جي ڪالج آف فزيشن پڻ کيس اعزازي فيلوشپ ڏني آهي. هو هيپاٽائٽس جي خاتمي واري وڏي وزير جي پروگرام جو فوڪل پرسن ۽ شگر جي مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن کي سکيا ڏيندڙ ٽرينر پڻ آهي. هو مليريا جي خاتمي لاءِ ڊبليو ايڇ او جي پروگرم جو چيئرمين پڻ رهيو. سندس تحقيق تي هڪ دوا پڻ تيار ڪئي وئي آهي.جيڪا پارڪنسز سينڊ روم ۾ ورتل مريض جي علاج ۾ ڪم اچي ٿي.
پروفيسر بيکارام عالمي طبي جرنلن ۾ ۸۰ کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا آهن ۽ جاپان، اسپين، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيل طبي ڪانفرنس ۾ ماهر طور شرڪت ڪئي.
عبرت سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هيپاٽائٽس جي واڌاري جو مک سبب حجم ۽ عطائي ڊاڪٽر آهن. جڏهن ته خراب پاڻي پڻ پيٽ جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو ۽ خراب پاڻي جي ڪري سائي پڻ ٿئي ٿي. هن چيو ته برساتن بعد گندي پاڻي جي نيڪاس جو سرشتو بهتر نه هجڻ ڪري پاڻي بيهجي وڃي ٿو. جنهن ڪري هڪ طرف ته مڇر وڌن ٿا ته ٻئي طرف وري اهڙو پاڻي  واپرائڻ ڪري گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون. ڊاڪٽر بيکارام چيو ته علاج کان بهتر احتياط آهي. ماڻهن کي احتياط رکڻ گهرجي جيئن کين وڌيڪ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ڊاڪٽر بيکارام چيو ته سڄي معاشري کي بيمارين سان وڙهڻ لاءِ هڪ مٺ ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر پڻ پنهنجي پيشي سان سچا ٿين ته ملڪ صحتمند ٿي ويندو.

No comments:

راءِ ڏيندا