; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر قربان جهتيال - خليل عارف سومرو

10 October, 2012

ڊاڪٽر قربان جهتيال - خليل عارف سومرو


ڊاڪٽر قربان جهتيال
انقلابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي
خليل عارف سومرو
سچ چون ٿا ته ماڻهو مري وڃي ٿو پر ڪردار نه ٿو مري اسان جو پرين پيارو دوست ڊاڪٽر قربان جهتيال به ڳڻن ڀريو اهو سلڇڻو، سٻاجهو ۽ سهڻو انسان هيو جنهن جي شخصيت جا ڪي ئي رنگ هئا ۽ هر رنگ هڪ ٻي کان وڌيڪ خوبصورت. سڀ کان پهرين ته هو هڪ بهترين، نيڪ سيرت ۽ درويش صفت انسان هيو ان کانپوءِ هڪ ذميوار ڊاڪٽر ان سان گڏ ئي هڪ شفيق ۽ مهربان پيءُ، هڪ سڄاڻ سماج سڌارڪ، هڪ ڇانوري جهڙو دوست، هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي قسم جو قوم پرست ڪارڪُن ۽ الڳ، سادي ۽ سچي قسم جو شاعر. هي اهو ئي ماڻهو هيو جنهن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت ۽ بي لوث علمي ادبي ۽ سماجي خدمت جي ڪري ڦلجي اسٽيشن شهر کي سڄي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو ۽ اڄ ڦلجي اسٽيشن سندس ئي نانءُ سان سڃاتي وڃي ٿي. هو سگا جو باني ميمبر  به هيو، هو سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو جو ڪي ئي ڀيرا غير تڪراري رابطه سيڪريٽري به بڻيو. هُن سموري سنڌ جي آواز جي دنيا جي ماڻهن کي ريڊيو پبليڪيشن جو بنياد وجهي ڳنڍي ڇڏيو ۽ هڪ خوبصورت ميگزين ڪڍيو مطلب ته سندس  قول، فعل ۽ هر عمل سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هيو ۽ هو سڄي سنڌ سان پنهنجي گهر وانگر پيار ڪندڙ هيو سندس زندگي هر پهلو وزنائتو ۽ ڪارائتو آهي هڪ دفعي قلم کڻڻ سان سندس زندگي جي گلدستي کي مڪمل طور پيش ڪري ئي نه ٿو سگهجي.


ڪا ياد رات جي سانت کي رولي وئي
۽ هن دل جي ڪائنات کي رولي وئي
پيار نيڻن ۾ زندگي ۾ ناهي
کوکلي زندگي ڇا معنيٰ
عشق قربان ڌرتي سان آ
ٻي به ڪا عاشقي ڇا معنيٰ
تهمت ڏئي ڪاري ڪئي وئي
زندگي هُن جي کاري ڪئي وئي
انقلابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي
هي ڪتابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي
خدمت خلق ۾  وڏو سڪون آ قربان
ها ثوابن جي زبان ڪو ڪو ڄاڻي
آزادي جا گيت چپن تي چريا آهن
جذبا اندر ۾ اڃا ڀي وڌيا آهن
۽ اهڙا ڪي ئي انيڪ خيال سندس ڪوتائن جي ڪاڪ تي ڪنولن جيان جرڪندا ۽ موهيندا رهن ٿا.  سندس ڪمهلي وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. پنهنجي جدائي تي سنڌ جي ان غم جي پرک ۽ ڄاڻ ڄڻ کيس اڳ ۾ ئي هئي، تڏهن ته چيو هئائين،
جنهن به ٻڌو قربان جو غم آ
ساٿي سارا روئي ويٺا
۽ اها حقيقت مونکي سندس وڇوڙي تي چٽي نظر آئي سنڌ  جون هزارين اکيون سندس غم آليون هيون هي ٻه لفظ لکندي منهنجا نيڻ آلا ٿي ويا آهن ۽ ائين لڳي رهيو آهي  ڄڻ منهنجا لفظ لڙڪن هاڻا ٿي پيا آهن سندس وصيت جي لفظن تي قلم اچي رڪجي ۽ ڪجهه سوچڻ لڳي ٿو:
گل قبر تي آڻجان وصيت اٿئي
ٿورو گهڻو پيو سارجان وصيت اٿئي



ڊاڪٽر قربان جهتيال
گهڻ پاسائين شخصيت
دريا خان جهتيال
ڊاڪٽر قربان جهتيال هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار، سماج سڌارڪ شخصيت، صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو، هو پهرين جنوري ۱۹۵۷ع تي دادو تعلقي جي شهر ڦلجي اسٽيشن جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ پيدا ٿيو، مون جيڪڏهن زندگي ۾ ڪو درويش صفت ڊاڪٽر ۽ اديب ڏٺو (سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي) ته اهو هو ڊاڪٽر قربان جهتيال.
ڊاڪٽر هڪ صوفي مزاج، علم ادب، موسيقي جو عاشق، پرين پيارو سڄڻ دوست هو، کيس ڪا به پرواهه نه هوندي هئي ته ڪير منهنجي لاءِ ڇا پيو چوي، جيڪڏهن چوي پيو ته پيو چوي، انتهائي سادو، فقير صفت ماڻهون، هوغريبن مسڪينن جو پڳ مٽ يار هوندو هو، ڊاڪٽر ڪو رواجي ڊاڪٽرن وانگر نه هو ۽ هن جي من ۾ اهيو به نه هو ته رڳو پئسو ڪمائڻو آهي، نه بلڪل نه، هي ته ڦلجي جي غريب مسڪين ماڻهن جو مسيحا هو، سندس ڪلينڪ به سادي، پاڻ به سادو ۽ سادن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ وارو ماڻهون هو، ڦلجي هڪ ننڍو شهر آهي سو ان ڪري ڊاڪٽر کي ڦلجي جو ٻچو ٻچو سڃاڻيندو هو، سندس ڪلينڪ تي هميشه ريڊيو پيو هلندو هو، ريڊيو ڄـڻ ڊاڪٽر قربان جهتيال جي هڪ سڃاڻپ بڻجي ويو هو، ڊاڪٽر قربان سان ڪو به دوست سندس ڪلنيڪ تي ملندو هو ته هو ان کي ڦلجي شهر جا پڪوڙا، مائو ۽ چانهه نوش ڪرائيندو هو، ڊاڪٽر قربان جهتيال مئٽرڪ ۽ انٽر ڦلجي اسٽيشن مان ڪئي، جڏنهن ته ايم بي بي ايس چانڊڪا لاڙڪاڻو مان ڪئي، ايم بي بي ايس پاس هئڻ باوجود به هن سرڪاري نوڪريءَ کي اوليت ڏيڻ يا ڪنهن وڏي شهر وسائڻ جا خواب ڏسڻ بدران پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ قائم ڪري نه رڳو پنهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو پر هر جمعي تي مريضن جو مفت علاج ڪرڻ به هن پنهنجو فرض سمجهي اها خدمت ڪئي، هن لکڻ جي شروعات ۱۹۷۳ع کان ڪئي، ان دوران نامور شاعر محسن ڪڪڙائيءَ کان رهنمائي حاصل ڪيائين، ڊاڪٽر قربان جهتيال سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو ۵ دفعا رابطا سيڪريٽري، پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري، نائب صدر، آڊيٽر، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري، پئرنٽس ٽيچرس ايسوسيئشن جو چيئرمين، ريڊيو لسنرز ايسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي صدر پڻ رهيو، هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو لسنرز ڪلب ٺاهي نه رڳو ريڊيو ٻڌندڙن کي اتساهيو پر ان سان گڏ ريڊيو پبليڪيشن قائم ڪري هڪ رسالو شايع ڪرايائين، جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هو، سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن رسالي جا ڪل ۱۲ پرچا شايع ٿيا، ڊاڪٽر قربان جهتيال پنهنجي سموري عمر جاکوڙ ڪندي گذاري، سندس شاعري نامور فنڪارن شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انور وسطڙو، ڪوثر ماروي، سڪندر سومرو، روشن جلال، اختر سخيراڻي سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، سندس شاعري، مضمون سنڌ جي مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ مسلسل شايع ٿيندا رهيا.
ڊاڪٽر قربان جهتيال انهن سڄاڻ سماجي ۽ ادبي ماڻهن مان هو جن علمي طور سماجي تبديلين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کيس خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ سگا طرفان ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ايوارڊ وغيره ذڪر جوڳا آهن، ڊاڪٽر قربان جهتيال جو هڪ شاعري جو ڪتاب ”سارون سپنا“ پڻ ڇپيل آهي، جڏهن ته ڪجهه ڪتابن جو مواد اڃا اڻ ڇپيل آهي.
اڄ ۲۱هين آگسٽ آهي، اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جو سادو ماڻهو شگر جي بيماري سبب اسان کان جسماني وڇڙي ويو، ڊاڪٽر قربان جهتيال جي چوٿين ورسي ڊاڪٽر نبي بخش هال حيدر آباد ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال يادگار ڪاميٽي ڦلجي اسٽيشن طرفان ملهائي پئي وڃي.


No comments:

راءِ ڏيندا