; سنڌي شخصيتون: شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - حاڪم چانڊيو

07 October, 2012

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - حاڪم چانڊيو


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
حاڪم چانڊيو
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي پونئرن کي يقينن اڄوڪي ڏينهن تي ئي نه هر وقت ياد هوندو، پر سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌي ادبي ادارن توڙي سرڪار کان به ته نه وسرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جنهن سرڪاري نوڪري هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو يا لڪل نه آهي نه ئي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج آهي، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو سهرو سندس ئي سر تي آهي. مرزا قليچ بيگ تحرير جي ميدان ۾ هر فن موليٰ هو، سندس شخصيت جي اهم خوبي هي سمجهي وئي آهي ته پاڻ پهريون سنڌي عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور آهي جنهن نثر ۽ نظم ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا، سنڌي سميت عالمي ادب ۾ شايد ئي ڪو اهڙو اديب يا شاعر هجي جنهن ايترا سارا ڪتاب لکيا هجن، جيترا ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب لکيا آهن.


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، مرزا خسرو بيگ جو ڏوهٽو، مرزا فريدون بيگ جو ٽيون نمبر پٽ هو، ڇٺي جونالو ورتل مرزا قليچ بيگ خان ۴ محرم سن ۱۲۷۰ هجري بمطابق ۴ آڪٽوبر سن ۱۸۵۳ع ۾ حيدرآباد شهر جي علائقي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيو. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سٺو ۽ اعليٰ پائي جو شاعر هجڻ ڪري پنهنجي پيدائش جي تاريخ پنهنجي شاعري ۾ هن طرح بيان ڪئي آهي.
پيدا  آءُ  محرم ۾ ٿيس، چوٿين هئي تاريخ،
واويلا ۽ هي هي جي، مون ٻولي ٻڌي، روئيندي قليچ.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب جا وڏڙا اصل ترڪمانستان جي شهر تفليس سان تعلق رکندڙ هئا. ۱۷۹۷ع ڌاري روس ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ جنگ دوران شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ جو نانو ۽ والد جنگي قيدي بنجي ايران پهتا جتان پوءِ ايراني شهنشاهه جي طرفان سنڌ جي تڏهوڪي حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر کي تحفي طور ڏنا ويا.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي خاندان بابت پنهنجي ڪتاب “ يادگيريون”  ۾ هن طرح لکي ٿو ته “ ڏسڻ ۾ ايندو ته نانو مرزا خسرو بيگ (مرحوم) ، بابو مرزا فريدون بيگ (مرحوم) ۽ مرزا قربان علي بيگ (مرحوم) اهي ٽئي ڄڻا گرجي هئا، هن ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهندا هئا.....، اسان جا وڏا گرجستان مان آيا جو ملڪ ترڪستان ۽ يران جي پاسي ۾ آهي...، مير صاحبن، هنن کي “مرزا” سڏيو” ۽  “مرزا” ايران ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري يا منشي کي چوندا آهن......، حيدرآباد ۾ سنڌ ۾ ڪن ٻين هنڌن تي به مرزائون آهن پر اهي گرجي ناهن،  پر اهي مغل آهن، جن جا وڏا شايد دهلي جي پاسي کان آيل هوندا....، پر پٺيان “ بيگ” جو لفظ اسان جي مائٽن جي نالن پٺيان انهي ڪري پيو  جو تُرڪ شمار ڪيا ويا هئا ۽ اسنبول ۾ رهيا هئا ۽ سنڌ ۾ اچڻ وقت به ترڪي ڳالهائيندا هئا ٿوري پارسي به.....، حقيقيت ۾ اسان جا گرجي مائٽ نڪي ايراني هئا ۽ نه ڪي ترڪي هئا، سرڪاشين پاچرڪس نسل جا ماڻهو هئا ۽ جارجيا، تفليس ۽ ٻين آسپاس جي شهرن جا ويٺل هئا. هو ڪرسچن يا عيسائي مذهب جا هئا ۽ روس جي رعيت هئا، ٻولي به ترڪي ڳالهائيندا هئا. اگرچه ايرانين ۽ ترڪين جي ڪاهن ڪري انهن جي ٻولي ۽ صحبت جو مٿن اثر پيل آهي.”
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو نانو جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ان قوت هن جي عمر ڏهه سال هئي ڪجهه عرصي کانپوءِ مرزا قليچ بيگ صاحب جو والد فريدون بيگ سنڌ آيو ۽ اچي مرزا خسرو بيگ سان گڏ رهڻ لڳو، ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي پريت ٿي وئي، تنهن ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ مرزا فريدون بيگ جي خسرو بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ٿي، جنهن مان الله تعاليٰ کيس ۷ پٽ ۽ ٻه نياڻيون عطا ڪيون. سندس پٽن مان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ٽيون نمبر پٽ هو.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي استاد مرزا حيرت بيگ کان تصوف جي تعليم پڻ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي تصوف تي سولي سنڌي ۾ هڪ بهترين ڪتاب به لکيائين،  ڪاليج ۾ پڙهائي دوران انگريزي زبان جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪيائين جو انگريزي ۾ شعر چوڻ لڳو،  فارسي ۾ هوشيار هئڻ ڪري پروفيسر حيرت جي سفارش تي کيس بي اي پاس ڪرڻ کان اڳ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي هو هيٺين ۽ مٿين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو هو. مرزا قليچ بيگ بمبئي ۾ هو ته سن ۱۸۷۶ع ۾ سندس والده وفات ڪري وئي، هو ويڪيشن ۾ حيدرآباد ڳوٺ آيو ته کيس اها ڏک واري خبر ملي، سڄي ويڪيشن ڏک ۾ گذاريائين پوءِ لاچار بمبئي ويو، ماءُ جي وڇوڙي سبب سندس پڙهائي تي اثر پيو ۽ ساڳئي سال پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ موٽي آيو.
شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ صاحب مبئي کان واپسي کان ٻه سال پوءِ پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچي ۾ هيو جتي مسٽر ڏيارام  طرفان سنڌ ڪاليج ۽ حسن علي آفندي طرفان سنڌ مدرسه الاسلام ۾ فارسي پڙهائڻ لاءِ زور ڀريو ويو، پر مرزا صاحب انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ ٿي گهري. تنهن ڪري انهن ڏينهن جي ڪليڪٽر ڪرنل رامبرٽ کان اجازت وٺي مختيارڪاري ۽ ڪليڪٽري آفيسن ۾ وڃي اتان جي ڪم ڪارين جي ڄاڻ حاصل ڪيائين پوءِ امتحان جي تياري ڪري امتحان ۾ ويٺو ان سال امتحان ايڏو مشڪل هو جو هو سمورا اميدوار ناپاس ٿيا فقط شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب ڪامياب ٿيو. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ۱۸۸۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ کي پنهنجي خواهش موجب روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي، جنهن جون ذڪر مرزا قليگ بيگ پنهنجي ڪتاب “يادگيريون” جي صفحي ۴۰ ۾ هن طرح بيان ڪري ٿو ته “ نوڪريءَ وارن ڏينهن ۾ ته پهريئن ٿڙري محبت جو مختيارڪار ٿيس، پوءِ ميهڙ ۽ ڪڪڙ جو به، تڏهن ميهڙ ڊويزن تي مسٽر پارو ملشيواڻي ديپوٽي هو. وارهه، نصير آباد، جوهي، گهوٽڪي، ۽ روهڙي تعلقن ۾ به مختيارڪار هوس،  پوءِ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي پهرين شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿيس ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيس، تڏهن ڪليڪٽر ميهو صاحب ۽ ڪمشنر جيمس صاحب هو، پوءِ  ٿورا ڏينهن سيوهڻ، ٺٽي، شاهبندر ۽ جيڪب آباد جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر به هوس ۽ ٿرپارڪر ۾ به ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيس، قادرداد خان جي وزير ٿيڻ تي پوءِ نوشهري فيروز ڊويزن جو ٽي ورهيه ڊيپوٽي ڪليڪٽر هوس ۽ ٿورا ڏينهن هالا ڊويزن جي به چارج هيم، پوءِ ڪوٽڙي ڊويزن جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هوس جتي نون ورهين کانپوءِ پينشن ورتم” اهڙي سال مرزا قليچ بيگ ۳۰ سال نوڪري ڪري ۵۷ سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ٿيو. جنهن عيوض سرڪار کيس پينشن کان علاوه نوابشاهه ( هاڻوڪي بينظير آباد) ضلعي ۾ پنج سئو ايڪڙ زرعي زمين ڏني.
مرزا قليگ بيگ صاحب ادبي حوالي سان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. مرزا قليگ بيگ سنڌي اردو، فارسي، ترڪي ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، پر جيڪا خدمت سنڌي ادب جي ڪئي سا سونهري اکرن ۾ لکيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليگ بيگ صاحب سنڌي ادب جو ابو سڏيو ويندو آهي، محترم محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ مرزا قليگ بيگ کي پورهيت اديب ڪري ڪوٺيو، آهي به سچ ائين، مرزا قليگ بيگ سڄي ڄمار قلمي پورهيو ڪندو رهيو سندس سوانح عمري مان پتو پوي ٿو ته پاڻ پهريون ڪتاب سن ۱۸۷۰ع ۾ لکيو ان وقت سندس عمر صرف ۱۷ سال هئي، آخري ڪتاب ۱۹۲۸ع ۾ لکيائين. اهڙي ريت مرزا قليگ بيگ پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ۵۸ سال قلمي پورهيو ڪندي گذاريا، ان جو نتيجو اهو نڪتو هو مرزا قليگ بيگ ۴۵۷ ڪتاب لکيا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌي عالم، ادبي توڙي اداري ايتري تعداد ۾ ڪتاب نه لکيا يا ڇپرايا هوندا. ظاهري طور ائين لڳي ٿو ته اهو ڪم انساني هٿن کان ممڪن نه آهي اهڙو ڪم ڪو ڪمپيوٽر ئي ڪري سگهي ٿو، پر هي حقيقت آهي ته مرزا پنهنجي هٿن کان ڄڻ ته ڪميپوٽر جو ڪم ورتو، اهو ئي سبب آهي جو سندس دوست ديوان ڪوڙو مل چرچي خور کيس ڪتابن جو ڪيڙو يا ڪتاب جوڙڻ جي مشين سڏيندو هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ڪوبه اهڙو موضوع نه هو جنهن کي مرزا قليگ بيگ نه ڇهيو هجي، تاريخ، گرامر، لغت، ناول، ڪاهڻي، افسانو، ناٽڪ، مضمون، ترجما، تحقيقي، آکاڻيون، الٿا، ڪيميا، تاريخ، بناتات، زولاجي، باٽني، باغباني، هوم اڪنامڪس، جفر، رمل شاعر غرض ته گهڻي ڀاڱي ادب جي هر موقضوع تي مرزا قليگ بيگ طبع آزمائي ڪئي. ان کان علاوه مرزا صاحب ستر سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي آتم ڪٿا “ سائو پن، ڪارو پنو”  لکي جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تنهن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي.
مرزا قليگ بيگ صاحب لاءِ اهو اعزاز آهي جو هن هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي اول نمبر رهيو، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان دلچسپي هجڻ ڪري ۴۵۷ ڪتاب لکيا، تنهن ڪري کيس “ شمس العلماءُ”  يعني علمائن جو سج جو لقب مليو، واحد سنڌي آفيسر هو جنهن کي نوڪري جي رٽائرمينٽ کان پوءِ سرڪار طرفان ۵۰۰ ايڪڙ زرعي زمين نواب شاهه ۾ ڏني وئي ، پاڻ پهريون سنڌي ليکڪ هو جنهن هر صنف ۽ موضوع ٿي سڀ کان پهرين طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ ناول نگاري، ڊراما نگاريم سوانح عمري، سفرنامه، لسانيات وغيره شامل آهن، پاڻ پهريون سنڌي شخص هو جيڪو سنڌي، انگريزي، اردو ۽ عربي کان سواءِ ۱۵ ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو جن ۾ گجراتي، مرهٽي، هندي، فارسي، تڪري، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، سنسڪرت، ڍاٽڪي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.
پاڻ ۷۶ سالن جر ڄمار ۾ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي رات جو يارهين وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي واري قبرستان ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ ٺهرايل قبر ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا