; سنڌي شخصيتون: موهن ڪولهي - سنڌو ملاح

31 October, 2012

موهن ڪولهي - سنڌو ملاح


موهن ڪولهي
انسانذات لاءِ پورهيو ڪندڙ هڪ محنتي انسان
سنڌو ملاح
هن سڄي ڪائنات ۾ ڪيترا ئي محنتي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪري رهيا آهن. انهن لاءِ انهن جو مقصد ئي سڀ ڪجهه آهي. اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪردار اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. بلڪل گهٽ اهڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪي ٻين جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. انهن ۾ موهن ڪولهي کي ضرور شامل ڪنداسين.


موهن ڪولهي هڪ محنتي هاري آهي، جيڪو ۱۹۵۲ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ جنم ورتو ڪجهه سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ رهڻ کانپوءِ، ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ اچي رهيو، جتي اڃا تائين رهي ٿو. هاري اسان جي معاشري جو اهم فرد آهي، جنهن کانسواءِ پوک ناممڪن آهي.
موهن ڪولهي هڪ سبزي فارم سنڀالي ٿو، جنهن ۾ طرح طرح جون ڀاڄيون پوکي، پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن ۾ گذر سفر ڪري ٿو.
موهن ڪولهي صبح جو سويري اٿي ٻني جو ڪم ڪندو آهي ۽ ورندي شام تائين پنهنجو ڪم جاري رکندو آهي. سندن گهر به ٻني ۾ آهي، جنهن اندر سندس گهر واري، سندس ۶ ٻار ۽ سندس ماءُ پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا. سندس گهر ڀاتي به سندس مدد ڪن ٿا.
موهن پنهنجي زميندار جون ڪجهه مينهون، ٻڪريون، ڍڳيون پڻ سنڀاليندو آهي. هن ٻڌايو ته؛ هيءَ ان چوپائي مال پالڻ جو معاوضو نه وٺندو آهي. ڇاڪاڻ ته بدلي ۾ هيءَ کير وڪرو به ڪندا آهن ۽ گهر ۾ به استعمال ڪندا آهن.
موهن ڪولهي تمام ئي سادي طبيعت جو انسان آهي، جنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن سان به ڪڏهن جهڙو نه ڪيو آهي. سڀ ڳوٺ جا ماڻهو هن جي تعريف ڪندا آهن ۽ هيءُ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺاڻن کي ڀاڄي به مفت ڏيندو آهي. موهن اَن پورهئي ۾ تمام گهڻو ماهر آهي. هيءَ ان ڪم ۾ ٻين ڀر وارين هارين جي پڻ مدد ڪندو آهي. موهن چيو ته؛ ”اها ٻني ۽ ان ۾ ٿيندڙ ٻوٽا، مان پنهنجي اولاد وانگر سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏھن انهن ٻوٽن کي نقصان رسي ٿو ته مان اهو محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ منهنجي ٻارن کي نقصان رسي ٿو.“
سنڌ جا پورهيو ڪندڙ ماڻهو ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿا وڃن. مطلب اهي رڳو کائڻ ۾ پورا آهن پر ان جي باوجود هو همت نه ٿا هارين. ٻين لاءِ سٺي معيار جون ڀاڄيون پهچائڻ لاءِ پنهنجو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين، پنهنجي مستقبل جو بلڪل به نٿا سوچن ۽ ايمانداري سان پنهنجي ڪم ۾ لڳا رهن ٿا. ڪنهن سان پنهنجي مال جي شڪايت نه ٿا ڪن ۽ نه روي ٻي ڪنهن کي شڪايت جو موقعو ڏين ٿا اسان طرفان اهڙن جدوجهد ڪندڙ انسانن ۽ سنڌ جي هارين کي سلام.

No comments:

راءِ ڏيندا