شيخ محمد قادر مرحوم
پير علي محمد راشدي
بمبئيءَ پرڳڻي جي سورت شهر جو رهاڪو هو. پهريائين بمبئيءَ جي لوڻ
کاتي ۾، ۽ پوءِ سنڌ جي روينيو کاتي ۾ هيڊ منشيءَ طور مقرر ٿيو، ۽ ترقي ڪندي ڪندي
وڃي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تائين پهتو. اتان اورينٽل ٽرانسليٽر مقرر ٿي بمبئيءَ ويو، ۽
مير امام بخش خان جي پوئين زماني ۾ خيرپور جو وزير مقرر ٿي آيو. قد ۾ ڊگهو، بت ۾
سنهو، رنگ جو ڀورو، ڏاڙهي ڪوڙهيل، مڇون مختصر - هڪ راڻو مڙس هو. هميشه چيناسلڪ جي
پتلون ۽ ان تي کليل گلي سان ڊگهو ڪوٽ پائيندو هو، ۽ مٿي تي گول سلڪ جي مختصر پڳڙي،
جيڪا ويٺوڙي ٽوپيءَ تي ويڙهيل هوندي هئي. بيحد مهمان نواز، مسلماني جذبي سان
ڀرپور، حضور شرم، خدمتِ خلق جو شوقين، سياست ۾ ڳوڙهي دلچسپي وٺندڙ، دوستن جو دوست،
اميد ڀريل نوجوانن جو سرپرست، رحمدل، شريف، بي آزار، ڪم ڪرڻ جو سخي، رشوت کان پري،
هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جهڙا ٿورا انسان مون ان زماني جي ڪامورن ۾ ڏٺا. شوق هوس ته
زميندارن جي ڇوڪرن کي تعليم ڏياري سياست ۾ آڻي، جيئن هو چڱيءَ طرح هندن جو مقابلو
ڪري سگهن. انهن ڏينهن ۾ هندن جو ڏاڍو زور هوندو هو، تعليم، واپار، ۽ سياسي شعور ۾
مسلمانن کان گهڻو اڳ ۾ هئا. پر وقت گذرندي هو ڪانگريسي سياست ۾ ڪاهي پيا، جنهنڪري
انگريزي حاڪم کانئن پهريون دفعو بدظن ٿي، مسلمانن کي همٿائڻ ۽ اڳتي ڪرڻ لڳا. ان
معاملي ۾ مسلمان سرڪاري آفيسرن کان ڪم ورتو ويندو هو، جن جو غير سرڪاري طرح اڳواڻ
خيرپور جو وزير هوندو هو.
شيخ محمد قادر کي جيڪو به چڱو نوجوان نظر آيو، تنهن جي سرپرستي ۽
حوصله افزائي ڪيائين. مسٽر محمد ايوب کهڙو، سکر وارو عبدالحميد خداداد خان(جنهن کي
هڪ دفعي هندستان جي سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊرايائين) ۽ ڪنهن حد تائين
آءٌ، سندس قريب اچي چڪا هئاسون. جنهن طرح به کانئس ٿي سگهندو هو، اسان جي رهنمائي
۽ مدد ڪندو هو. منهنجو پنهنجو ته گهڻو وقت مورڳو ئي وٽس پيو بسر ٿيندو هو. پنهنجيءَ
رهائش واريءَ جاءِ جي قريب، سندس آفيس واري عاليشان بنگلي جو هڪ حصو خاص منهنجي
رهڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هئائين. شام جو سرڪاري ڪاروبار ختم ڪرڻ بعد اچي مون سان
ويهندو هو. ماني گڏجي کائيندا هئاسين، ۽ سنڌ جي ماڻهن توڙي سياست ۽ صحافت تي پيا
خيالن جي ڏي - وٺ ڪندا هئاسين. اخبار نويسن جو خاص لحاظ ڪندو هو. محمد هاشم ”مخلص“
مرحوم پنهنجي اخبار “مسلمان” ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڙڪو ڪندو هو ته ڏانهنس دعوت هلي ويندي
هئي. شيخ صاحب جو اصول هو ته منهن ڏني ڳالهه ٽٽي ته ان کي ڊگهو ٿيڻ ڇو ڏجي.
شيخ محمد قادر مرحوم جي زندگيءَ جا اصول ڏاڍا سٺا هوندا هئا. مثلاً،
هٿ وٺي ڪنهن سان به جهيڙو ڪو نه جوٽيندو. جي جهيڙو ٿي پوندو ته اُن کي سٺي نموني ۾
نباهيندو. ڪاري زخم، جنهن کي محسوس ڪري دشمن هميشه پيو انتقام وٺڻ جي ڪوشش ڪري،
ڪنهن کي ڪو نه رسائيندو. مخالفن تي چوڪسي رکندو، هو جيڪي به حرڪتون ڪندا رهندا، تن
کي خاموشيءَ سان ختم ڪندو ويندو، پر مقابلي ۽ جنگ جدل جو اوڙاهه کڙو ٿيڻ نه ڏيندو.
هر معاملي ۾ ۽ هر شخص متعلق، ابتدا هميشه نيڪيءَ سان ڪندو، ٿي سگهندس ته دشمن تي
به احسان ڪري ڇڏيندو.
سندس ڪوششن سان سکر مان ”سنڌ زميندار“ اخبار جاري ٿي، جيڪا زميندارن
۽ عام مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪندي رهي. ان جو پهريون ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب هو،
ان کانپوءِ ته ٽي سال مسٽر احمد علي خان عليگ آيو. ۱۹۲۸ع کان ۱۹۳۳ع تائين ان اخبار جي ايڊيٽري منهنجي سپرد ٿي. پر شيخ قادر ۱۹۲۵ع ۾ ئي، رتناگيري ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿي، خيرپور
کي خيرباد چئي ويو هو.
شيخ صاحب جي ٻي اسڪيم هئي ته زميندارن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ
”زمينداري ڪاليج“ کوليو وڃي. ان باري ۾ لک کن رپيا چندو گڏ ڪرايائين. ارادو هوس ته
اهو ڪاليج سکر ضلعي ۾ رُڪ اسٽيشن جي قريب قائم ڪيو وڃي. پر سندن بدلي ٿي وڃڻ کان
پوءِ اسڪيم ختم ٿي ويئي، ۽ گڏ ٿيل پئسن مان ڪراچيءَ ۾ ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“
ٺهرايو ويو، جنهن جو نالو، پاڪستان ٺهڻ بعد ڦيرائي ”جناح هاسٽل“ رکيو ويو آهي.
شيخ صاحب مرحوم سان تعلق رکندڙ هڪ ٻيو واقعو به ياد پيو اٿم. انهن
ڏينهن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي مسلمان قومي ڪارڪنن ”ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ نالي هڪ
تعليمي انجمن کڙي ڪئي هئي، جنهن جو روح روان پوني وارو سر ابراهيم هارون جعفر هو.
ان انجمن جي ڪاروبار ۾ مسلمان عملدار به حصو وٺندا هئا، ۽ ان جي وسيلي ئي انگريزن
تي پنهنجي عوامي اثر ۽ انفلوئنس جو رعب وجهندا هئا. مثلاً، جنهن به مسلمان عملدار
ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي ڪاوربار ۾ اڳواڻي حاصل ڪئي، تنهن متعلق سمجهيو ويندو هو ته
هو مسلمان قوم ۾ اثر رکي ٿو ۽ مسلمانن جو ليڊر آهي، ان کانپوءِ انگريز به ساڻس
صلاح مشورو ڪرڻ لڳندا هئا، ۽ موقعي سارو ڪو وڏو عهدو ڏيئي کيس پنهنجي هٿ ۾ رکندا
هئا. ان سبب ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عهدن تي هميشه وڏي لٺ لڳندي هئي.
۱۹۲۲ - ۱۹۲۳ع ڌاري( سال پوريءَ طرح ياد نه اٿم )حيدرآباد ۾ ان
ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻو هو، جنهن جي افتتاح لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي دعوت ڏني ويئي
هئي. سوال پيدا ٿيو ته ان ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جا عهديدار ڪير ٿين. سنڌ اندر
انهن ڏينهن ۾ ٻه پارٽيون هونديون هيون - حيدرآباد پارٽي، ۽ سکر - خيرپور پارٽي، يا
ائين چئجي ته ”لوئر سنڌ پارٽي“ ۽ ”اپر سنڌ پارٽي.“ ظاهري طرح ته انهن پارٽين جا
اڳواڻ بمبئي ڪائونسل جا ميمبر هوندا هئا، پر حقيقت ۾ انهن ميمبرن کي هلائڻ چلائڻ
وارا، مسلمان سرڪاري عملدارن جا گروپ هوندا هئا. لوئر سنڌ پارٽيءَ کي هلائڻ چلائڻ
وارا عملدار هئا مسٽر حامدعلي ڪليڪٽر، خانبهادر نبي بخش ، محمد حسين انڪمبرڊ
اسٽيٽس جو مئنيجر ۽ ٻيا چند مسلمان ڊپٽي ڪليڪٽر. اپر سنڌ پارٽيءَ جو حقيقي اڳواڻ
هوندو هو شيخ محمد قادر. غير عملدارن ۽ بمبئي ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن منجهان لوئر
سنڌ پارٽيءَ جا ڪارڪن هوندا هئا خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه ۽ مسٽر نور محمد وڪيل
(نور محمد هاءِ اسڪول جو باني). اپر سنڌ پارٽيءَ ۾ گهڻا ڪائونسل ميمبر اڃا شامل ڪو
نه ٿيا هئا، پر نالي خاطر اسين ننڍا ورڪر خانبهادر شاهنواز ڀٽي(پوءِ سر شاهنواز
ڀٽو ٿيو) جو نالو وٺندا رهندا هئاسين. غير ميمبرن منجهان ان پارٽيءَ جا ورڪر هئا
مسٽر محمد ايوب کهڙو، عبدالحميد خداداد خان سکر وارو، ماستر عبدالوهاب ايڊيٽر ”سنڌ
زميندار“ ۽ آءٌ. جنهن وقت تجويز ٿي ته حيدرآباد ۾ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس سڏائي وڃي، ۽
ان جي افتتاح لاءِ گورنر صاحب به اچڻ قبول ڪيو، ته هڪدم لوئر سنڌ پارٽيءَ پاڻ کي
اڳ ۾ ڪرڻ خاطر هڪ درپور ميٽنگ سڏائي، استقباليه ڪاميٽيءَ جا سمورا عهدا پنهنجن
ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا. سيد محمد ڪامل شاهه ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو، ۽ مرحوم نور
محمد وڪيل جنرل سيڪريٽري. اها ڳالهه اپر سنڌ پارٽيءَ لاءِ سخت نقصانڪار پئي ٿي،
گورنر صاحب کي هن سمجهڻ جو موقعو مليو ٿي ته سنڌ جي مسلماني پبلڪ لائيف جا اڳواڻ
فقط حيدرآباد وارا ئي آهن، باقي شيخ محمد قادر ۽ سندس پارٽيءَ جو ڪو نانءُ نشان ئي
ڪو نه آهي.
شيخ صاحب مرحوم اسان دوستن سان صلاح ڪئي. فيصلو ٿيو ته حيدرآباد واري
جوڙ توڙ خلاف تحريڪ هلائي لوئر سنڌ پارٽيءَ کي مجبور ڪيو وڃي ته چونڊ ٻيهر ڪرائي ۽
عهدن جو ڪجهه حصو اسان (اپر سنڌ وارن) کي به ڏئي. مون سڀ کان پهريائين سياسي
مضمون، ”سنڌ زميندار“ اخبار ۾، ان مسئلي تي ئي لکيا، يا ڪري چئجي ته منهنجي اخبار
نويسيءَ جي ابتدا انهيءَ جهيڙي جي طفيل ئي ٿي. اوستائين مون کي اڃا پتو ئي ڪو نه
هو ته ڪو آءٌ اخباري مضمون به لکي سگهان ٿو. انهن مضمونن ڪافي دلچسپي ۽ اثر پيدا
ڪيو. هر ڪو واه - واه چوڻ لڳو. منهنجو پنهنجو حوصلو به وڌيو. ان کانپوءِ وڌيڪ
جرائت ۽ خود اعتماديءَ سان لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيس، حتاڪه پڄاڻي وڃي هندستان -
پاڪستان جي ايڊيٽرن جي پريزيڊنٽيءَ تي ڪيم. جو نڪتو هن قصي ذريعي ظاهر ٿئي ٿو، سو
اهو ته ڪڏهن ڪڏهن معمولي واقعا، جن جي بروقت ڪا به اهميت محسوس ڪا نه ٿي ٿئي، اڳتي
هلي وڏين ڳالهين جو پيش خيمو بڻجن ٿا. مثلاً، جيڪڏهن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي عهدن
تي اهو جهيڙو نه لڳي ها ته آءٌ اخبار نويس ڪو نه بڻجان ها، ۽ جيڪڏهن اخبار نويسيءَ
کان ٻاهر رهان ها ته پوءِ منهنجي زندگي قطعاً ٻئي طريقي سان گذري وڃي ها - بطور هڪ
معمولي زميندار جي، محض جهنگن جرن ۾ جهيڙا ڪندو وتان ها، نه علم حاصل ٿئي ها ۽ نه
ڪو ٻيو ڪم ئي ڪري سگهان ها.
بهرحال، اهو ته جمله معترضه هو. اصل مقصد هو ته حيدرآباد وارو قصو
بيان ڪيو وڃي. اسان جي کڙي ڪيل تحريڪ جو اهو نتيجو نڪتو، جو حيدرآبادي پارٽيءَ کي
مجبور ٿي اڳيون چونڊون منسوخ ڪري هڪ نئين ميٽنگ سڏائڻي پيئي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
اسان جي ڌر کي به دعوتون ڏنيون ويون.
ميٽنگ حيدرآباد شهر ۾، مرحوم جان محمد خان ڀرڳڙي(صدر، حيدرآباد) جي
بنگلي تي منعقد ٿي. ميٽنگ جي وقتي صدارت پهريائين حامد علي ڪليڪٽر ڪئي، ۽ مغرب جي
نماز کان بعد واريءَ نشست جي صدارت اسان جي اڳواڻ شيخ محمد قادر ڪئي. ميٽنگ ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ شيخ محمد قادر اسان سڀني کي پاڻ سان وٺي آيو(يعني مسٽر کهڙي، ماستر
عبدالوهاب خان، عبدالحميد خداداد خان ۽ مون کي ). حيدرآباد پهچڻ بعد سوال پيدا ٿيو
ته ميٽنگ ۾ اسان جي ڌر پاران ڪير ڳالهائي؟ ماستر عبدالوهاب خان کي سڀ کان وڌيڪ عمر
رسيدو ۽ تجربيڪار سمجهي، پهرين اُن کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پر ماستر صاحب
پنهنجي طبيعت جي ناسازگيءَ جو عذر پيش ڪري جند ڇڏائي ڇڏي. ساڳيءَ طرح، مون
کانسواءِ، باقي ٻين سمورن صاحبن کي به تقرير نه ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو سنگين سبب
هو(حقيقت ۾ ڪنهن کي پيئي هئي جو ويهي مخالف پارٽيءَ جي آفيسرن اڳيان پاڻ کي ڏٺو
ڪري ها).آخر اها جوابداري مون غريب تي اڇلائي ويئي. مون به نه ڪئي هم نه تم،
مقابلي جو ميدان آراسته ڏسي، وچ ۾ ٽپي پيس. اها منهنجي پهرين تقرير هئي. قد اڃا
ايتريقدر ڇوٽو هوم، جو جنهن وقت آءٌ اُٿي ڳالهائڻ لڳس ته گهڻا ماڻهو مون کي ڏسي ئي
ڪو نه ٿي سگهيا! اها حالت محسوس ڪري وقتي چئرمن، مسٽر حامد علي، مون کي فرمائش ڪئي
ته آءٌ وچ مان نڪري اچي سندس ڀر ۾ بيهان ته جيئن حاضرين مجلس مون کي چڱيءَ طرح ڏسي
سگهن. پنهنجي تقرير جي دوران ۾ مون اڳينءَ ڪيل ڪارروائيءَ جي خلاف ڪافي زهر ڦهلايو
۽ دل کولي حيدرآبادي ليڊرن جي ڇنڇري لاٿم. نتيجو اهو نڪتو جو اڳيان عهديدار رد
ڪري، نيون چونڊون ڪيون ويون ۽ شيخ قادر ۽ سندس پارٽيءَ کي به چڱو حصو ڏنو ويو.
شيخ صاحب مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، مون کي ڀاڪر پائي،
زمين کان مٿي کنيائين، ۽ چيائين: ”بهادر آهين، ۽ اڃا وڌيڪ بهادر ثابت ٿيندين.“
انهيءَ خوشيءَ ۾ اسان سڀني کي وٺي وڃي سئنيما ڏيکاريائين. اهو سئنيما هال ريلوي
اسٽيشن واري رستي تي هو، ۽ اڃا تائين قائم آهي. انهن ڏينهن ۾ اڃا ”ٽاِڪي“ (talkie)
فلمون ڪين نڪتيون هيون.
ڪجهه مهينن بعد، مقرر وقت تي، ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي. هر
پارٽيءَ کي گورنر اڳيان پاڻ ڏيکارڻ جو جهجهو موقعو ميسر ٿيو. پوئتي ڪو به ڪو نه
رهيو، سواءِ منهنجي. آءٌ پاڻ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪو نه ٿيس. ڪانفرنس جو افتتاح ته
گورنر(سر ليسلي ولسن) ڪيو، پر صدارت جا فرائض عليڳڙه واري سر راس مسعود سرانجام ڏنا.
سر ابراهيم رحمت الله بمبئيءَ وارو به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن پنهنجيءَ تقرير ۾
ٻڌايو ته:”هندن جي ترقيءَ ۽ مسلمانن جي تنزل جو سبب هي آهي ته هندن ۾ هيرو ورشپ(
يعني پنهنجن اڳواڻن جي پٺڀرائي ڪرڻ) جو مادو موجود آهي، ۽ برعڪس ان جي، مسلمان قوم
جي دائمي خواهش هيءَ رهي ٿي ته منجهانئن جيڪو به ماڻهو اڳتي وڌي، تنهن کي ٽنگ مان
جهلي پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏين.“ اهو قيمتي قول مون هت هن ڪري نقل ڪيو آهي، جو بعد جي
زندگيءَ ۾ مون کي پاڻ کي هر قدم تي ان جي صداقت محسوس ٿيندي پئي رهي آهي.
شيخ محمد قادر مرحوم وڏو وفادار انسان هو. هيڊمنشگيريءَ واري زماني ۾
هڪ گهوڙو رکيو هئائين، جنهن کيس ڏاڍو سک پهچايو هو. وقت پڄاڻا آخر گهوڙو ڪراڙو ٿي
ويو، ۽ سواريءَ جي ڪم جو ڪو نه رهيو، پر شيخ صاحب کيس پاڻ کان پري ڪونه ڪيو. سنڌ
مان بمبئيءَ ويو ته ريل گاڏو ڀاڙي ڪري، پاڻ ساڻ کڻائي ويس. ڪئين سال بيهاري کارايائينس.
بمبئيءَ کان موٽي خيرپور آيو، ته به گهوڙو ساڻ. دستور هي هوندو هو ته شيخ صاحب صبح
کان منجهند تائين، ڀت جي اوٽ، کلئي ميدان ۾ ويهي ماڻهن سان ملندو هو ۽ ڪم ڪار ڪندو
هو. سندس ويهڻ واريءَ جاءِ کان ٿورو پري گهوڙو ٻڌو ويندو هو. مجلس ۾ اچڻ کان اڳ
پهرين گهوڙي وٽ ويندو: سندس مٿي تي هٿ ڦيراڻي، ساڻس پيار ڪري، پوءِ اچي ڪرسيءَ تي
ويهندو. گهوڙو مرندو مري ويو، مگر شيخ صاحب ان جانور منجهان هٿ ڪين ڪڍيا. اهڙين
ٿورين ٿورين ڳالهين مان ئي ماڻهوءَ جي فطرت، طبيعت ۽ خصلت جو پتو پوي ٿو. ننڍين
ڳالهين جي سلسلي ۾ ماڻهو پنهنجي ڪئريڪٽر کي ڪنهن بنياد تي بيهاريندو ته وڏين
ڳالهين ۾ هٿ وجهڻ وقت به انهيءَ ئي بنياد تي بيٺو رهندو. هر چڱائيءَ ۽ هر بڇڙائيءَ
جي شروعات ننڍين ڳالهين مان ٿئي ٿي.
شيخ محمد قادر کان اڳ به ڪيترا وڏا ماڻهو خيرپور جا وزير ٿي رهيا
هئا. مثلاً، خانبهادر قادر داد خان، سردار محمد يعقوب، شيخ صادق علي صاحب، ۽ شيخ
محمد ابراهيم. انهن مان هر هڪ صاحب، پنهنجي وقت اندر، وڏو نانءُ پيدا ڪيو. وڏا
منتظم هئا، ۽ وڏي دماغ جا صاحب. خانبهادر قادر داد خان مرحوم ته پهرين اَٺن رپين
پگهار تي ”دفتر بند“ هو، پوءِ اتان ترقي ڪندي ڪندي وڃي وزارت جي عهدي تي پهتو.
انهن ڏينهن جي خيرپور ۾ مون پاڻ جيڪي ماڻهو ڏٺا، تن مان ڪي شخص،
پنهنجي پنهنجي نوع سان، ڏاڍا شاندار هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا