جيجي زرينه بلوچ
سنڌ جي اڏول عورت
جانب ڀٽي
جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي
انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي
جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊراما
نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي
محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه
بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي
سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ). زينه
بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي
تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي
لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو.
جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز
لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول
۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب، ڪراچي جي نيشنل اسپتال
۾، سال ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.
جيجي زرينه بلوچ استاد هئڻ سان گڏ
هڪ وڏي قومپرست اڳواڻ پڻ هئي. هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن
تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. مارشل لا ۽ جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪرڻ
تي سنڌ جي ماڻهن پاران هن کي جيجي جو لقب ڏنو ويو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي
ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. هن کي قدرت پاران انتهائي خوبصورت آواز ڏنو ويو
هو. هن جا قومي لوڪ ۽ ڳيچ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي دلين جا ڌڙڪن هئا. مور ٿو ٽلي راڻا،
پيرين پوندي سان ايئن چوندي سان رهي وچ رات
ڀنڀور ۾.
هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه
نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي
قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ
به سنڌ ۾ مقبول آهي. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري،
سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان
وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو
هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان
انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.
زرينه بلوچ پرائمري تعليم قاضي عبدالقيوم
اسڪول مان حاصل ڪئي.سال ۱۹۶۰ع تي فائنل جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي نياڻين کي علم جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ استاد جو مقدس پيشو اختيار ڪري شاگردن کي خاص طور تي نياڻين کي علم
جي روشني ڏئي همٿايو. هوءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي جلسن ۾ گڏ هوندي هئي جنهن جو مثال مارشل
لا جي دور ۾ پيرين پنڌ قافلو جنهن ۾ پانڌيئڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي، ٻين سنڌي نياڻين سان
گڏ زرينه بلوچ پڻ تشدد جو نشانو بڻي.
سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي لاءِ ضياءِ
الحق جي دور ۾ کيس ٻه سال قيد پڻ ڪاٽڻو پيو. اهڙي ماءُ کي پوءِ سنڌي ڇو نه جيجي جو
لقب ڏئي. ڪوئل جهڙي آواز ۾ پاڻ سنڌوديش جو قومي ترانو پڻ ڳايو آهي. پاڻ سائين جي ايم
سيد جي نظريي جي تمام گهڻو ويجهو هئي ٿيندڙ هر پروگرام پڻ شرڪت ڪندي هئي.
جيجي جي پهرئين ڪهاڻي ”روح رهاڻ“
رسالي ۾ ڇپجي آئي پاڻ ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ لکيو ”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون“ جي مهاڳ
۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري لکي ٿي ته ”زرينه تون ان ڪري اهم آهين جو تو ۾
سچ جو ثمر آهي سموري سنڌ تنهنجي ساهن ۾ تنهنجي ڳلي ۾ پاتل آهي تون ئي ته آهين، جنهن
قوم کي ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام مُحبت پيئي سنڌ “ جهڙو لازوال گيت ڏنو. تنهنجي فن،
سچ ۽ ايمان کي ئي محسوس ڪري آمريڪا، ڀارت، انگلينڊ ۽ دبيءَ جي سنڌين توکي سنڌ جو سونو
نقشو ڳلي ۾ ميڊل طور پارايو هو جو اڄ به تنهنجي دل جي ڌڙڪن تي لڏي رهيو آهي. جڏهن تنهنجي
دل اهو نقشو لڏندي ڏسندي آهيان، تڏهن لڳندو آهي ته سنڌ حرڪت ۾ آهي، سنڌ برڪت ۾ آهي.
باقي هونئن ته سموري سنڌ الاءِ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن سياسي سيلابن ۾ ٻڏي رهي آهي. ڪاش!
هر دل وسيع زرينه جيئن هجي! اڃا انيڪ سيلاب ساھ ۾ سانڍي پنهنجي وجود، پنهنجي شڪتي
۽ فن کي سر سبز رکي سگهي. ڪاش هر دل تي پنهنجي ڌرتيءَ جا اهڙا نقشا اڀريل هجن“.
پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، ڪهاڻيڪار،
شاعره ۽ ڳائڻ سان گڏ اداڪاري جو ڪردار به خوب نموني سان نڀايو سندن ڪيل ڪردار عام هوندو
هو ڪنهن به قسم جي غير ضروري سجاوٽ نه ڪئي، جيجي دنگيءَ منجھه درياھ، راڻيءَ جي ڪهاڻي،
جهنگل، ڪاروان، ديوارين، آن ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي انهن ڊرامن کي ”ورلڊ
ڊراما فيسٽيول“ انعام پڻ مليا، جيجي کي لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لال شهباز
ايوارڊ، سگا ايوارڊ، وحيد ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ ۽ ٻين لاتعدادن ايوارڊن سان پڻ
نوازيو ويو.
ڪوئل جهڙو آواز پهريان ۱۹۶۲ع تي
ريڊيو اسٽيشن تي هلايو ويو. اڳتي هلندي جيجي تمام گهڻا لوڪ گيت ڳائيندي ماڻهن جي دل
۾ جاءِ وٺندي وئي. پاڻ استاد محمد جمن کان پڻ سکيا ورتي هن جي آواز ماڻهن کي ايترو
ته جهمائي ڇڏيو جو جڏهن هو مور ٿو ٽلي چوندي هئي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي
هئي ۽ هو خوشي منجهان نچڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندا هئا، جيجي سنڌي
ڀينرن سان گڏ ويهي سهرا پڻ ڳايا آهن.
زرينه بلوچ جا ڳايل گيت:
مور ٿو ٽلي
راڻا
.....
اسان ماڻهو
لاڙ جا
.....
منهنجي ٻارڙي
کي لوڏو ڏيو
.....
هٿين گل مهندي
.....
ادي منهنجو
ڇلڻو پاڻيءَ ۾
.....
هن اڳڻ تي
مور لڳي ويون بهاريون
.....
ٽيڙي پوندا
ٽاريءَ ۾
.....
پيرين پوندي
سان
.....
اهي اڳڻ منهنجي
لاڏل جا
.....
ٻي خبر ناهي
پر مرڻ کان پوءِ
.....
جيئي سنڌ،
جام مُحبت پيئي سنڌ
وني ماڻي بنرا
سيج ماڻي بنرا
No comments:
راءِ ڏيندا