ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر
جيءُ جَنين جو اُجرو، تَنين سُورَ سِينگاريو،
گواهه ٿيندي آ تاريخ، اَدبُ جَن سُنواريو،
علم رُوح راحتَ آ، دِل سان جن پرايو،
اوجَاڳن اُجاريو، سوڍرَ شاهنوازَ کي. (عزيز سوڍرُ)
سنڌ ڌرتي ڪيئي عالم، اديبَ، مُحقق، بزرگ، سَٻاجها درويش، اولياءَ،
سُگهڙَ، شاعَر، ماڻڪ مڻيادارَ اِنسانَ پئي اَرپيا آهن، جَن پنهنجي ڏاهپ سان سِنڌ
جي سِينڌ پئي سُرهي ڪئي آهي. تَن دانشور ۽ دانشمند انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍرُ به هڪ هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سنڌ جي ثقافت تي قلم کڻي
سِنڌ جي نالي وارن دانشورن ۾ نالو ڳڻايو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ ۱۹۴۰ع ۾ ڳوٺ ٿاڻي سوڍرُ، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سِنڌ جي هِڪَ غريب،
هاري، مٽيءَ ماءُ مان ماڻڪ ڪڍڻ واري باشعور اِنسانَ دُر محمد خان سوڍرَ جي آڳر تي اک
کولي، ٻالڪپڻ کان ڏاڍو ارڏو ۽ صاف گو اِنسانُ هو.
پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي
ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نئون ديرو جو Founder Member ۽
پهريون پرنسپال رهيو.
بابا سائين تعليم جي شروعات پنهنجي اَباڻي ڳوٺ جي مُلا مُڪتب مان
ڪئي، جتي سندس ڏاڏي جو ڀاءُ، ڏاڏو مولوي غلام حسين پڙهائيندو هو ۽ سَت درجا پاس
ڪري فائنل ڪيائين. سَت درجا پڙهڻ سان گڏوگڏ فارسي به سکندو هو، جنهنڪري فارسيءَ جي
به تمام گهڻي ڄاڻ هُيس. اُن کانپوءِ ڏهين جماعت جو فقط هڪ پرچو انگريزيءَ جو ڏئي
مئٽرڪ جي ڊگري حاصل ڪيائين، اهڙيءَ طرح ٻارهين جماعت (Intermediate)۽ بي
اي (B.A) ڪيائين. بابا سائين مڪمل تعليم خانگي طور حاصل
ڪئي.
بابا سائين ۱۹۶۳ع
۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ٿاڻو سوڍر (ھاڻوڪو نالو، فيض محمد سوڍر) جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾
استاد مقرر ٿيو. بابا سائين مُون کي چوندو هو ته؛ ”تون ڀاڳن وارو آهين، ڇو ته مُون
کي پهرين اولاد پُٽ جي هُئي. مان درزڪو ڪم به ڪندو هوس ۽ خانگي طور پڙهندو به
هُيس، اُن پُٽ جو نالو به عبدالعزيز هو، پر قدرت ٿوري ئي عرصي ۾ واپس ورتو. اُن
کانپوءِ ٻه ڌيئر ڄايون، پُٽ جي هُجڻ جو احساس کائي پيو، پر جڏهن تون اڃا ماءُ جي
پيٽ ۾ هئين ته مُون کي پرائمري استاد جو درجو مليو. اُن زماني ۾Ultrasound جي سهولت ڪو نه هُئي، پر مُنهنجي دل ۾ خُدائي ڏات (Divination) جو
جلوو افروز ٿيو ته اڄ استاد جي لقب سان گڏوگڏ پُٽ جي اولاد سان به نوازيو ويندس.
ڪجهه ڏينهن ۾ خدا تعاليٰ پُٽ جي نعمت عطا ڪئي، تنهنجو نالو به عبدالعزيز رکيم.
شايد اُن ڪري ئي اَڄ تُون مُون سان ڪلهو ڪلهي ۾ مِلائي منهنجي هر تخليقي و تحقيقي
ڪمُ کي خوش خطي ڏيندو رهين ٿو.“
حالانڪ استاد هئڻ باوجود پنهنجي درزڪي ڪم، ٻني ٻاري، هَرُ، سانهُر،
رونبي ۽ لاباري سان نڀائيندو اچي پيو. ٻني ٻاري جي ڪم ۾ جوڌو جَوان سڏيو ويندو هو.
سڄي ڳوٺ ۾ ساڻس ڪو به مقابلو نه ڪري سگهندو هو. بابا سائين هڪ سچو کاهوڙي انسان هو.
ڪڏهن به همت نه هاريائين، محنت، مشقت سندس وَڙُ هو.
کاهوڙي، جاکوڙي، همٿ ڀرئي انسان علم سان لڳاءُ رکندي، ايم اي، انٽر
رليشن ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت ۽ قدرت جي ساٿ سان، ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ ليڪچرارُ
ٿيو.
بابا سائين کي شاعري، موسيقي، اَدب، نثر سان اڳ ۾ ئي تمام گهڻو لڳاءُ
هو، پر ڀِٽَ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو پڻ مداح ۽ شيدائي هو. ڄڻ پاڻ ئي
شاهه صاحب جو ڪلام بڻجي ويو هجي. بابا سائين جي شيدائي هُجڻ تي منهنجي دل به
شاعراڻه مزاج ٿي.
شاهه صاحب جي شيدائي هجڻ ڪري، پروفيسر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب
جي رهبريءَ ۾ ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ تي Ph.D ڪرڻ
لاءِ تيارُ ٿي ويو. الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان پنهنجي رَهبر جي رهبريءَ هيٺ،
سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۵ ڊسمبر ۱۹۸۷ع تي Ph.D ٿيسز
مڪمل ڪئي ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽي Ph.D جي
ڊگري ايوارڊ ڪئي، جنهن جو مسوده سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ رکيل آهي.
مُون کي فخر ۽ خوشي اِن ڳالهه جي آهي ته بابا سائين جي ٿيسز، ڪتابَ
اوڄاڳي اجاريا ۽ ٻيا سڀئي مقالا، مضمون، ڪهاڻيون، ڊرامه، منهنجي ئي هٿن سان خوشخطي
ٿيل آهن، اِن جو ثبوت Ph.D ٿيسز جي پيش لفظن ۾ بابا سائين پاڻ ئي لکيو آهي
ته: ”مان شڪرگذار آهيان پنهنجي پُٽ ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍرَ جو جَنهن ڏاڍي شوق سان
خوشخطي ۾ هِن مسودي جي ڪاپي تيار ڪري ڏني.“
بابا سائين Ph.D ٿيسز کان علاوه ڪيترائي تحقيقي مقالا، ڪهاڻيون ۽ T.V ڊرامه
پڻ لکيا، انهن کي تفصيل سان لکڻ ڪري مضمون تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويندو.
بابا سائين جي مقالن، ڪهاڻين، ڊرامن، ٿيسز، اوجاڳي اجاريا کي پڙهندي
۽ خوشخطي ڏيندي، اِهو محسوس ڪيم ته جديد تحقيق ۽ جدت جو ڏانءُ موجود آهي. جڏهن به
ڪنهن موضوع تي قلم کڻي ويهندو هو ته اُن جي گهرائي، اونهائي ۾ هليو ويندو هو ۽
پَڪن، پُختن، دَليلن سان پيش ڪندو هو. بابا سائين اهڙي شفيق، ٻاجهاري طبيعت جو
مالڪ هو جو، جيڪڏهن ڪو اُوپرو ماڻهو به ساڻس ملي ته، سندس گرويده ٿي وڃي.
تنهنڪري بابا سائين شاهه جو شيدائي ٿي ۽ اُن گَسَ ۾ ڳهندو رهيو ۽ اُن
۾ ئي سُونهندو رهيو. تڏهن ته اوجاڳي اجاريا جي ابتدائي پيش لفظن ۾ بسم الله به
شاهه جي اِن شعر سان ڪري ٿو:
ڏيکاريس ڏکن، گُوندرُ گَسُ پرينءَ جو،
سُنهائي سَورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين. (شاهه)
بابا سائين ايترو ته مُحبتي منٺارُ، وينجهارُ ۽ پيارَ جو پينارُ هو
جو منهنجي دل به شاعرانه سوچ رکندي، بابا جي زندگيءَ متعلق، شخصي حقيقت، اُن جي
مٺڙائي، دانائي، سچائي جو عڪس رات جي پَهر ۾ (Divination) الهامي
آوازُ بڻجي دماغ سان ٽڪرائجي ويو ۽ پاڻ ئي پاڻ سِٽون لکجنديون ويون. اکين مان آبُ
جاري ٿيو، سَچ ته ائين پيو ڀانئيان ڄڻڪ هڪ هڪ قطرو اکين مان ڪرندو هُجي ۽ هِڪُ
هِڪُ سچائيءَ جو لفظ بڻجندو وڃي. مهربان شفيق بابا سائين جي نانءِ:
شاههَ سائينءَ جو نوازيل محبتي منٺار هو،
سنڌ جو سوڍرُ سُخن وَرُ، واههَ جو وينجهارُ هو.
هُو سُخن جو هو سچو، اُلفت سندو اظهارُ هو،
مُحبُ مِٺڙو مانُ ڏيندڙ پيارَ جو پينارُ هو.
هَٺُ وَڏائي کان پري، جو نيازُ نوڙت ويو ڪري،
اُلفتون اَرپي ڇڏيندڙ، قربتي ڪوهيارُ هو.
ڪِئين مِلي مُرڪي پيو، مَهڪارُ ٿي مَهڪي پيو،
ٻارڙن سان ٻارُ هو ۽ گهرَ سندو سينگارُ هو.
ڪِين ڪنهن کي ڏک ڏئي، ويو آ سڀن کي سِڪَ ڏئي،
دوستن سان دوستداري، سڀ ڪنهين جو يارُ هو.
وَيو لکي ”سِنڌي ثقافت“ شاههَ جي وَهواههَ جي،
هي مُحقق شاههَ جو قومي امر ڪردارُ هو.
پِي پيالا پيارَ جا، اوجاڳڙن اُجاريا،
سو سڄڻ سِڪَ ساريو، دل اکين جو ٺارُ هو.
ساههُ ٿو ”سوڍرَ“ سڏي، تنهن مُحب مڻيادارَ کي،
دل جي زخمن جي دوا، دلبرَ سندو ديدارُ هو. (عزيز
سوڍر)
بابا سائين پنهنجي آخري ڪتاب اوجاڳي اُجاريا جي مهورت لاءِ شاهه لطيف
يونيورسٽي ويو، جيڪو پروگرام اُتي ئي رکيل هو، ڪتابَ جي مهورت کانپوءِ جيئن ئي ۱۴ مارچ ۲۰۰۱ع تي شام جو گهر پهتو، ته
شايد مهورتي خوشي ايتري ته هُئي جو اُن جو اَنتُ اِهو ٿيو جو ساههَ ۾ سانڍي يا
سمائي نه سگهيو ۽ دل جو دؤرو (Heart
attack) ٿي
پيو، رات جو نائين وڳي ڌارا پنهنجون خوشيون ۽ ساههُ حقيقي مالڪ جي حوالي ڪيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا