; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام علي الانا

29 October, 2012

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڊاڪٽر غلام علي الانا


ڊاڪٽر غلام علي الانا، ۱۵ مارچ ۱۹۳۰ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال ۱۹۷۱ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.


ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ۱۹۶۳ع ۾ ايم. اي ڪئي.
ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيو. ۱۹۵۲ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان ۱۹۵۴ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو،  جتي ۲۶ جنوري ۱۹۵۸ع تائين رهيو،     
تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، ۱۹۷۶ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ ۱۹۶۳ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. ۶ جنوري ۱۹۸۱ع کان ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۱ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ ۱۴ مارچ ۱۹۹۰ع ۾ رٽائر ٿيو. ۲۱ جون ۱۹۹۳ع کان وٺي ۲۸ جولاءِ ۱۹۹۵ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو     وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان ۲۵ جولاءِ ۱۹۹۵ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال ۱۹۹۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر الانا ۹ آگسٽ ۱۹۸۳ع کان وٺي ۴ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو.  ۲۲ جولاءِ ۱۹۹۸ع کان وٺي آگسٽ ۲۰۰۱ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو.
سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (۱۹۵۴ع،”لاش“ (۱۹۵۴ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (۱۹۶۱ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (۱۹۶۴ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (۱۹۶۴ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (۱۹۶۶ع)، ”ادبي اوسر“، (۱۹۶۷ع)، ”سنڌي صوتيات“ (۱۹۶۷ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (۱۹۷۱ع)، ”علمي آئينو“ (۱۹۷۱ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (۱۹۷۳ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (۱۹۷۳ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (۱۹۷۴ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (۱۹۷۴ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (۱۹۷۴ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (۱۹۷۷ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (۱۹۷۹ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (۱۹۸۷ع)، ”زبان اور ثقافت“ (۱۹۸۷ع. ”سنڌي معلم“ (۱۹۹۱ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (۱۹۹۹ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (۲۰۰۱ع)، ”استادن لاءِ هدايتون-۲ جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ (۲۰۰۷ع)، ”سنڌي صوتيات“، History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“ جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌيءَ جو عملي گرامر“ ڇپائي هيٺ آهي.


ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا آهن ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا آهن.
ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترا ئي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا آهن.



ڊاڪٽر غلام علي الانا

[ولادت ۱۳۴۹ هه = ۱۹۳۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ماڻهو ته مڙيو ئي ماڻهو آهن. مگر ڪو ماڻهو فرشتن واريون خصلتون ۽ خوبيون کڻي، دنيا جي تختي تي پنهنجا قدم رکي ٿو. اهڙن عظيم انسانن مان سنڌ جو نامور محقق؛ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۱۳۴۹ هه مطابق ۱۵ مارچ ۱۹۳۰ تي، ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ ”تڙ خواجا“ ۾ ڄائو آهي. بي اي (آنرز) ۽ ايم اي کان علاوه ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي عنوان تحت تحقيقي مقالو لکي ڊي فل (D. phil:) جي ڊگري به ورتي اٿس.

ڊاڪٽر الانا صاحب، گهڻين ئي خوبين جو مالڪ آهي. بالخصوص سنڌي زبان ۽ ادب جي جيڪا کائنس خدمت پڳي آهي، شايد ئي ٻيو ڪوئي ڪري سگهي ها! انهيءَ لکڻ ۾ وڌاءُ نه آهي، ته هن وقت تائين سندس قلم مان ڪوڙي ڪتابن جي، تحقيق جي اک مان نڪري چڪي آهي؛ انهن مان خاص: ”لاش“ (ناول)، ”چور“ (ڪهاڻيون)، ”ديوان فاضل“ (انتخاب)، ”سنڌي صورتخطي“ (لسانيات)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (لسانيات) ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ قابل - ذڪر آهن.



ڊاڪٽر صاحب کي نثر تي وڏو درڪ حاصل آهي. سندس تحقيق جو انداز به انوکو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهندي، سنڌي شعبي طرفان قائم ڪيل ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“، سندس ئي ذاتي دلچسپيءَ جو مظهر آهي. پاڻ انهيءَ شعبي جو ڊائريڪٽر به آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم، ڊاڪٽر الانا صاحب جي خدمتن جو کليءَ دل سان اعتراف ڪري ٿي. پاڻ ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جي سربراه هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جو خاص ڪارندو پڻ آهي. سندس دلچسپيءَ سان سنڌ الاجيءَ طرفان ڇهه ماهي مئگزين ”سنڌي ادب“ پڻ نڪري ٿي. دعا آهي، ته خدا پاڪ هن محب - وطن سنڌيءَ کي جڳ جياريندو.



ڊاڪٽر غلام علي الانا

اديب، محقق ۽ تعليمدان جو وڇوڙو

نور سنڌي

مشھور تعليمدان اديب محقق لسانيات جو ماھر ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪالهه ۲۹ نومبر ۲۰۲۰ع تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، سوشل ميڊيا ۽ نجي ٽي وي چينلن تي سندس لاڏاڻي جي ھليل خبرن کان وٺي کيس ھٿن سان ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪرڻ سندس سوڳوارن سان تعزيت ڪرڻ جي باوجود يقين نٿو اچي ته ڪو اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو آھي، سندس لاڏاڻي سان سنڌ جي تحقيقي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي، سچ پڇو ته اهڙو غلام علي الانا وري پيدا نه ٿيندو!

ڊاڪٽر غلام علي الانا سان ڪئين ياديون جڙيل آھن، سندس لاڏاڻي تي اھي ياديون جڏھن ذھن جي پردي تي ھلن ٿيون ته اکيون آليون ٿي ويون، منهنجي ساڻس پھرين ملاقات تقريبن ۸۳ع ۾ درگاهه شاھ لطيف تي ٿي، ان دور ۾ پاڻ سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ھو، ھن اداري جو مقصد سنڌ جي لوڪ ورثي ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي کي زور وٺرائڻ ھو، الانا ھن اداري کي قائم ڪرائڻ کان وٺي عروج تي پھچائڻ ۾ اھم وڏو ڪردار نڀايو، جڏھن مون کي سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن ڍنڍن ڍورن قديم ڳوٺن جي تاريخ ولين تي تحقيق ڪرڻ جو شوق جاڳيو ته مون ڊاڪٽر عبداالله ورياهه ۽ پروفيسر محمد خان ٻرڙو جي مشوري تي سندن معرفت الانا صاحب سان ملاقات ڪئي، جيڪا ساڻس ٻي ملاقات ھئي، پاڻ منھنجي اسرار تي ان تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ رھنمائي ڪئي پر ھمٿ افزائي به ڪئي، جڏھن مون مشھور ولي الله حضرت فقير نوح ٿياڻي تي تحقيق پئي ڪئي، جنھن ۾ ڪجھ مونجھارا ھئا ته مون جڏھن الانا صاحب کان رھنمائي وٺڻ لاءِ حاضر ٿئس ته پاڻ رھنمائي ڪئي، جڏھن اھا ڳالھ فقير ولي محمد نوح پوٽو سان ڪئي ته فقير ولي محمد ساڻس وڃي مليو، ان بعد اھا صلاح بيٺي ته حضرت فقير نوح ٿياڻي جي درگاهه تي فقير نوح ٿياڻي ادبي ڪانفرنس ڪرائجي، جنھن جي صدارت غلام علي الانا کان ڪرائجي، اتي ئي ڪانفرنس جي تاريخ به طئي ٿي، الانا قرب ڪري ان ڪانفرنس ۾ آيو، اھڙي ريت ساڻس ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو، ڪڏھن شاھ لطيف جي عرس مبارڪ جي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪڏھن ڪنھن شھر ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ سگھڙ ڪانفرنسن ۾ ڪڏھن سندس رھائشگاهه تي. سنڌي ادب لاءِ سندس وڏيون خدمتون رھيون، شروع ۾ پاڻ افسانه ۽ ناول لکيا بعد ۾ سندس لاڙو تحقيق طرف ٿيو، پاڻ وڏي تعداد ۾ ڪتاب لکيا، جن ۾ ٻين کانسواءِ چور (ڪھاڻيون) لاش (ناول) سنڌي نثر جي تاريخ. سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد، سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي، سنڌي ادب جو تعارف سنڌي صورتختي، سنڌي معلم، سندس پسديده موضوع جو ماھر صوتيات، لسانيات، سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽالاگ. سنڌي زبان جي لغت علمي آئينو. ادبي اوسر. سنڌي ٻولي جي وڌايل بنيادي لغت، لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ، زبان ۽ ثقافت ثقافتي ورثو، استادن لاءِ تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ ڪا حصا، ھدايتون سنڌي ٻولي جي ارتقا سنڌي صوتيات منتخب ديوان فاضل ناصر خسرو ايراني، جڏھن ته ڪجھ انگريزي ۾ به ڪتاب لکيا، مختلف اخبارن ۾ به سندس تحقيقي مواد شايع ٿيو، پاڻ لطيف سائين جي مختلف سرن تي به مقالا لکيا، جيڪي شاھ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ پڙھيا سندس پسنديده موضوع لسانيات، صوتيات، تعليم صوفيت رھيا، پاڻ لطيف سائين جو پارکو ھو، ادب جي ميدان ۾ کيس مولانا غلام محمد گرامي جي رھنمائي رھي.

ڊاڪٽر غلام علي ۱۵ مارچ ۳۰ع تي ڳوٺ تڙ خواجا تعلقي جاتي ۾ ھڪ غريب الهه ڏنو الانا خواجا جي گھر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم تڙ خواجا ۾، ثانوي تعليم ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪيائين. ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ۱۹۴۹ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ کيس سيٺ محب علي خواجا پڙهايو، جيڪو بھترين شاعر ۽ راڳ ويراڳ جي شوقين ھو، الانا جي زندگيءَ تي سيٺ محب علي خواجا جو وڏو اثر رهيو، الانا بي اي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم اي آنرس سنڌي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. هي پهرين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ۲۷ جنوري ۱۹۵۸ع کان استاد جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ۱۹۶۲ع ۾ آغا خان اسڪالرشپ تي اعلى تعليم وٺڻ جي لاءِ ولايت روانو ٿيو، جتان لنڊن يونيورسٽيءَ جي معروف اداري ”اسڪول آف اورينٽيئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان ايم اي (لسانيات) جي ڊگري ۱۹۶۳ع ۾ وٺي واپس وريو، جنهن کانپوءِ هن ۱۹۷۱ع ۾ علامه مولانا غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌ يونيورسٽي مان سڀ کان پهرين پي ايڇ ڊي جي ڊگري ھن حاصل ڪئي، سندس مقالي جو عنوان ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ۱۹۶۳ع ۾ سنڌالاجي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. اهو ادارو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت جنوري ۱۹۶۳ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي لوڪ ورثي ۽ تاريخ کي مختلف صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ هو. پهرين اهو ”سنڌ اڪيڊمي“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ انهي جو نالو بدلائي ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو ويو، جتي پاڻ آگسٽ ۱۹۸۳ع تائين رهيو. الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ۱۹۷۷ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي پهتو، پر سنڌالاجي جي عهدي جي اضافي چارج ھن وٽ رھي. ۹ آگسٽ ۱۹۸۳ع کان ۱۸ اپريل ۱۹۸۹ع تائين ”علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد“ جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ۱۹۹۰ع ۾رٽائر ٿيو، جنهن کانپوءِ ۱۹۹۳ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو ۲۸ جولاءِ ۱۹۹۵ع تائين رهيو. بعد ۾ ۱۹۹۸ع ۾ هن کي ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي هي آگسٽ ۲۰۰۱ع تائين رهيو. ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين رهڻ دوران هن وڏي محنت سان سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪيترائي اهم عملي قدم کنيا، پاڻ لکڻ جو ڪم زندگي جي آخري دم تائين جاري رکيو، سنڌ کي الانا جھڙي شخصيت تي ناز آھي، اڄ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لاڏاڻي تي اسان سندس چاھيندڙن سان گڏ سنڌ به سوڳوار آھي.

 

(ڏيھاڙي عبرت ۳۰ نومبر ۲۰۲۰ع تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا