ڪاظم علي ڪاظمي ڪهيري
تلهار جو مشهور اديب
ناصر بلوچ
هي دنيا قدرت جو هڪ خوبصورت ڪارخانو آهي، جنهن ۾ هستيون به آهن ته
موج مستيون به. ڪي اهڙا به آهن جيڪي شهرت کان پري پنهنجي حال ۾ مست ۽ ڪي مال مست ۽
ڪي اهڙا پڻ آهن جيڪي شهرت ماڻڻ لاءِ انسانيت جا سڀ ليڪا لنگهندي به ڪين ڪيٻائين.
ليڪن علم و ادب جي دنيا ساڃاهه جي دنيا ليکبي آهي ۽ اهلم علم و دانش، ساڃاهه وند
جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن. ۽ اهڙيون شخصيتون هر هنڌ موجود آهن. اسان جي شهر ۾
پڻ ڪيئي اهڙا اهل قلم ٿي گذريا ۽ گهڻا حال حيات آهن، جن معاشري جي بهتري لاءِ پاڻ
پتوڙيو ۽ قلم جو خاموش پورهيو ڪيو آهي. گهڻا اهڙا معاشري کان وسري چڪا آهن ۽ ڪي
خاموش آهن ۽ انهن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ليڪن انهن جي محنت وسارڻ جهڙي ناهي. اهڙن ئي
شخصيتن ۾ تلهار اندر ماضي جي مشهور ۽ حال خاموش شخصيت ڪاظم علي ”ڪاظمي“ آهي. سندس
مختصر تعارف آهي؛ ڪاظم علي ولد مولوي لطف علي ڪهيري بلوچ، پيدائش ۱۹۳۸ع ۽ تعليمي قابليت سنڌي فائنل. انگريزي نه پڙهڻ جو
سبب ٻڌائيندي چيائين ته؛ داخلا ورتم پر استاد شفيع ڪپري سان ٻارن کان زياده في وٺڻ
جي معاملي تان اختلاف ٿيو ۽ اسڪول ۾ ڪيل اسٽرائيڪ ۽ اڳواڻي ڪرڻ ڪري، استاد جي تشدد
سبب اسڪول ڇڏي درزڪو ڪم وڃي سکيم ۽ پڙهائي اڌوري رهجي وئي. پاڪستان ٺهڻ وقت نيشنل
گارڊ طور رضاڪارانه ڪم، سندس پهرئين سماجي خدمت ڪئي. ان وقت، هو پنهنجي عمر ۹ سال ٿو ٻڌائي.
پنهنجي ادبي ذوق بابت چيائين ته؛ کيس شروع کان قصي ڪهاڻين جا ڪتاب
پسند هئا، جن ۾ الف ليليٰ، گل بڪائولي، چار درويش، ممتاز دمساز شامل آهن، پوءِ
اڳتي هلي جاسوسي ناول، عمران ڊائجسٽ، ابن صفي جا ناول ۽ سوانح عمريون زير مطالع
رهيون. جن ۾ هن خاص ذڪر جوش مليح آبادي جي يادون ڪي بارات جو ڪيو. ۽ انهي ذوق کيس
اڳتي هلي کلڻ تي مائل ڪيو ۽ هن سنجيده ڪهاڻيون، جاسوسي سسپينس انداز ۾ لکڻ شروع
ڪيون، جيڪي اڳتي هلي تلهار مان نڪرندڙ برسات پبليڪيشن ۾ شايع ٿيون. پبليڪيشن ۽ سائين
خواجا احسان پرويز جو خوب ساٿ رهيو. سندس شايع ٿيل ڪهاڻين ۾ منهنجو چنڊ، حادثو،
خون جو پياسي شامل آهن. سماجي روين تي سندس مشهور ناول عصمت ۶۰ ڌاري شايع ٿيو. بعد ۾ لطيف ادبي سوسائٽي جي پليٽفارم تان ناول اندر
۾ ابليس شايع ٿيو. ڪاظم علي ڪهيري ”جڏهن جنگلي جاڳيا“ جي عنوان سان مظلوم طبقن ۾
سجاڳي ۽ حقن واسطي تحريڪ تي مبني ناول پڻ لکيو آهي. جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿي
سگهيو آهي. ان کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ پڻ سندس ڪيترا ڪالم به ڇپيا آهن. سنڌي ادبي
سنگت تلهار جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. ڪاظم علي ”ڪاظمي“ ڪهيري زندگي جون ۷۴ بهارون گذاري چڪو آهي. سندس قلم ڪيتري عرصي کان خاموش آهي.
موجوده علمي ادبي صورتحال تي تبصرو ڪندي هو چوي ٿو ته؛ نه ادبي ماحول
رهيو آهي ۽ نه ڪي گڏجاڻيون ۽ نه تعليم ته پوءِ نوجوان نسل ۾ ادبي ماحول ڪيئن پيدا
ٿيندو؟ سندس خيال موجب؛ اڄ جي نئين نسل ۾ ڪتابن مان دلچسپي ناهي گهٽي پر ڪهاڻي ۽
ناول پڙهڻ جو رجحان ضرور گهٽيو آهي. ماڻهو سفرنامه، سوانح عمريون ۽ آپ بيتيون اڄ
به شوق سان پڙهن ٿا. تعليمي تباهي سبب به ظاهر آهي ته هر علمي ادبي رجحان گهٽبو ئي
آهي. تعليمي تباهي جو ڪارڻ سندس خيال موجب؛ پرائمري تعليم جي تباهي آهي. جيستائين
پرائمري تعليم بهتر نه ٿيندي اعليٰ تعليم جي معياري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
سندس خيال موجب؛ پرائمري تعليم جي بهتري لاءِ ضروري آهي ته استادن جو معيار بهتر
بڻايو وڃي. استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وڃي. سفارش ڪلچر ختم ڪيو وڃي. يڪسان تعليمي
نصاب رائج ڪيو وڃي. پرائمري تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي. سخت امتحاني سسٽم لاڳو
ڪيو وڃي ته تعليمي معيار بهتر ٿي سگهي ٿو. هن جي تجويز آهي ته؛ ٻارن تان ڪتابن جو
بار ۽ مائٽن تان ڪتابن جو خرچ گهٽايو وڃي. جيڪڏهن اسڪول ۾ سليٽ سسٽم ٻيهر رائج ڪيو
وڃي ته تعليم سستي ٿي سگهي ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا