; سنڌي شخصيتون: راشد مورائي -الهه بخش راٺوڙ

03 October, 2012

راشد مورائي -الهه بخش راٺوڙ


شاعر ۽ اديب راشد مورائي جون کريون ڳالهيون
مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي دل تائين پهچي وئي آهي!
انٽرويو: الهه بخش راٺوڙ
سوال: ماضيءَ جي جوش ۽ جذبي واري سياسي ۽ ادبي ماحول جي ڀيٽ ۾ هينئر جيڪا صورتحال آهي، ڇا ان ۾ ساڳيو اتساهه ملي ٿو؟
جواب: ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو فرق آيو آهي، ان دور ۾ جيڪي اتساهيندڙ ڪردار هئا، انهن ۾ محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ استاد بخاري قومي شاعري ڪندا هئا. هينئر اهي اتساهيندڙ ڪردار هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، جنهن ڪري ماضيءَ جهڙي شاعري به نه ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته ڪجهه سرڪاري اديبن قومي شاعريءَ کي نعري بازيءَ جو نالو ڏنو ۽ مخالفت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اهو ادب نه آهي، پر نعريبازي آهي. ان جي نتيجي ۾ جيڪي قومي شاعري ڪندا هئا، انهن مان به ڪيترائي مايوس ٿي اها شاعري ڇڏي ويا. منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيستائين سنڌ جا مسئلا موجود آهن، تيستائين اها شاعري ڪرڻي آهي، ان کي پوءِ سرڪاري اديب ڪهڙو نالو ڏين ٿا، ان سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. جيڪي قومي شاعر يا اديب ان تان هٿ کڻي وڃن ته ان کي ڀاڙيائپ يا بزدلي چئي سگهجي ٿو ۽ اها ڪنهن به صورت ۾ ادبي ديانتداري نه آهي.


سوال: اهي ڀاڙيا يا بزدل ڪهڙا سرڪاري اديب هئا، ڪجهه نالا کڻندؤ؟
جواب: انهن جا نالا نه کڻبا، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي لانڍ آهي، مان توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ماضي ۾ پ ٽ الف جي هڪڙي هڙتال هئي، سيوهڻ ۾ هڪڙو ڏنڊي وارو مولائي استاد هوندو هو، اهو ڏنڊو لهرائيندي چوندو هو جيڪو به هڙتال ختم ڪندو ان کي منهنجو ڏنڊو سجهي ٿو. ان دوران ويهن استادن جي نمائندن گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڙتال ختم ڪئي وئي. پوءِ مولائيءَ کي چيو ويو ته مولائي هڙتال ته ختم ٿي وئي ۽ تنهنجي ڏنڊي کان ڪو به نه ڊنو، ان تي مولائي چوڻ لڳو ڀائو ڏنڊو هڪڙو، ماڻهو ۲۰ آهن، ڪنهن ڪنهن کي ڊيڄاريان. اڄ به بااخلاق ۽ باڪردار اديب تمام گهٽ آهن، بد ڪردار تمام گهڻا آهن، جيڪي ٻوليءَ جا دشمن آهن ۽ اهي ٻوليءَ کي بگاڙي رهيا آهن. اهي رڳو سرڪار جي تعريف ۾ پورا آهن ۽ عوام جي مسئلن کان وانجهيل آهن. اهي اهڙو تاثر ڏين ٿا ڄڻ عوام جا مسئلا هاڻ رهيا ئي ڪو نه آهن ۽ سنڌ جو ماڻهو آزادي ۽ مزي سان زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيو آهي، اهڙا ڪردار جتي ڪٿي اوهان ڏسي سگهو ٿا.
سوال: مارشل لا جي دور ۾ اديبن ۽ شاعرن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هوندو هو ۽ شاعر عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ انقلابي شاعري ڪندا هئا، هينئر اهڙو ماحول به نه آهي ۽ ڪجهه لبرل ماحول آهي. ان صورتحال ۾ توهان ڪهڙي اميد ڪيو ٿا؟
جواب: لبرل ماحول ۾ ته وڌيڪ آزاديءَ سان لکڻ گهرجي، پوءِ اديب ۽ شاعر ڇو نه ٿا لکن، اصل ۾ هو ذهني طور ڀاڙيا آهن، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي اديب کي سرڪار وڏي ڪرسي ڏئي ڇڏي، ته اهڙو ليکڪ ڇو لکندو، اهڙا اديب ڀلا حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڇو ڪندا؟ جڏهن مارشل لا هئي تڏهن به سهڻي، روح رهاڻ ۽ مهراڻ رسالا شايع ٿيندا هئا، اهي رسالا جيڪي ماڻهو ڪڍندا هئا اهي سمورا ختم ٿي ويا. ان ڪري سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيو آهي.
سوال: ماضيءَ ۾ سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ هاڻ به سائين عطا محمد ڀنڀري پ پ حڪومت کان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، توهان ان عمل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: مون سائين عطا محمد ڀنڀري کي فون ڪري ايوارڊ نه وٺڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ کيس چيو ته توهان وڏو ڪم ڪيو آهي، ان موٽ ۾ چيو ته سنڌي سمورا قوم پرست آهن، مون هڪ وڏو نالو کڻي چيو ته اهو به قوم پرست آهي؟ چوڻ لڳو ها آهي. ان تي مون وڏا ٽهڪ ڏنا ته چوڻ لڳو پوءِ توهان چنيسر جو ڪو نه پڙهيو آهي، آخر ۾ اهو به وڙهيو هو. اسان سائين کي جس چيو ته اهو هڪ سٺو قدم هو. اهي ڪردار معاشري ۽ سنڌي سماج لاءِ اتساهيندڙ آهن. اهڙن قدمن سان نوجوانن کي اتساهه ملندو. جيڪڏهن اسان ايوارڊن تي خوش ٿي ويهي رهياسين ته نوجوانن کي ڪو به اتساهه نه ملندو.
سوال: توهان اهو ٻڌايو ته سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ گهرجن يا نه؟
جواب: وقت وقت جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن مون کي اهو ايوارڊ ملي ها ته مان اهو چوان ها ته پهريان ڪامريڊ غلام رسول سهتي جا مطالبا پورا ڪريو، ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀري به ان ڪري ئي چيو ته سنڌ ڏکن ۾ آهي، پهريان ان جا ڏک، سور ختم ڪيو ان کان پوءِ ايوارڊ وٺندس. سائين عطا محمد ڀنڀرو پهريان اهڙي نوعيت جو ايوارڊ وٺي چڪو آهي، ايوارڊ وٺڻ وقت اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو ڪنهن جي هٿان ملي ٿو. ماضي ۾ مون سان شام ملهائي وئي ۽ پڇيو ويو ته توهان ڪنهن جي هٿان ايوارڊ وٺندؤ. پوءِ مون جنهن جو نالو تجويز ڪيو ان جي هٿان ايوارڊ ڏنو ويو. انهي ڪري ڏسڻو اهو هوندو آهي ته وقت ڪهڙو آهي ۽ مسئلا ڪهڙا آهن. ان کان پوءِ اهو فيصلو ڪبو ته اهڙو ايوارڊ وٺجي يا نه. منهنجي خيال ۾ ايوارڊ وٺڻ گهرجن، اسان هن ملڪ ۾ رهون ٿا، اسان جو حصو هر ڳالهه ۾ آهي. انهيءَ ڪري اسان کي به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي.
سوال: سائين کي اهو ايوارڊ وٺڻ گهربو هو يا نه ؟
جواب: سائين ماضيءَ ۾ جيئن مون چيو ته ايوارڊ وٺي چڪو آهي، هن ايوارڊ نه ورتو، ان تي مان کيس سلام پيش ڪيان ٿو، هيءَ به هڪڙي بهادري آهي، سائينءَ به سٺو قدم کنيو آهي، جيڪڏهن سائين ايوارڊ وٺي ها تڏهن به اسان ان جي مذمت نه ڪيون ها، جمهوري حڪومت آهي ۽ اسان جا به ان تي حق آهن، سائينءَ جيڪا ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جي عيوض ايوارڊ ان جو حق هو.
سوال: توهان جنهن ماحول ۾ شاعري ڪئي اهو ڏاڍو گرم هو ۽ توهان جهر جهنگ وڃي ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي جاڳرتا پيدا ڪئي، ڇا اهڙو ماحول ٻيهر جنم وٺي سگهي ٿو؟
جواب: جيترو اسان تي ڏکيو وقت هو اوترا اسان جا جذبا جوان هئا، هينئر ٿورو گهڻو جمهوري دور آهي، جنهن جي ڪري به اديب آرام ۾ آهن، ڪن کي ته وري سرڪاري نوڪريون مليون آهن، ان ڪري هو آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن ڏکيو وقت آيو ته پوءِ ظلم جي خلاف سڀئي اٿي پوندا.
سوال: توهان جيڪا شاعري ڪيو ٿا، ان ۾ اتساهه جو ذريعو ڪهڙو آهي؟
جواب: مون ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ اسان جا قومي شاعر اتساهه جو وڏو ذريعو هئا، جيڪي هاڻ نه رهيا آهن، مان شروع ۾ شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن جون سٽون پنهنجي ڊائري ۾ لکندو هئس ۽ مون کي اڄ به انهن جا ايترا گهڻا شعر ياد آهن جيترا پنهنجا به ناهن. اتساهه ڏياريندڙ ماڻهو اسان کان وڇڙي ويا آهن، هينئر منهنجو عقيدو ايترو پختو ٿي ويو آهي، جو جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ سڃ ٿي وڃي، پوءِ به منهنجو عشق قائم هوندو. ان ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ايندي.
سوال: ڇا شاعرن لاءِ به نظريا ضروري آهن؟
جواب: نظريو، شاعرن سميت سمورن ماڻهن لاءِ ضروري آهي، ڪنهن نظرياتي پارٽي ۾ شاعر ڀلي ڪم نه ڪري، پر پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ڪميٽيڊ رهڻ ضروري آهي، حيوان واري زندگي گذارڻي ڪانهي، عوام جي مسئلن کي سمجهڻو آهي ۽ اهي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻا آهن. عوام کي سمجهائڻو آهي، عوام جي سجاڳيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن معاملن کان ڪن لاٽار ڪرڻي نه آهي. جيڪو عوام سان ويساهه گهاتي ڪري ٿو، اهو غدار آهي.
سوال: سنڌ جي موجوده صورتحال کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اسان کي ڀٽائي دلاسو ڏنو ته :
هيٺان به ان، مٿان به ان،
گري ڪانو پن، وچان ويندا نڪري.
هي اهڙا آسرا آهن، جنهن جي سهاري تي جيئون ٿا پيا، ته من ڪا مستقبل ۾ ڀلائي ٿئي ۽ اها اسان کي نصيب ٿئي، مجموعي طور تي اسين آرام ڪرڻ واري قوم آهيون، امن پسند آهيون ۽ جهيڙي مان ڄاڻون ڪو نه، موهين جي دڙي مان سڀ ته شيون مليون، پر ويڙهه ڪو اوزار نه نڪتو، مطلب ته ماضي بعيد کان وٺي هينئر تائين وڙهي نه سگهيا آهيون. سڪندر اعظم جڏهن سيوهڻ آيو ۽ اتان جي قلعي ۾ ويڙهه ٿي، تيستائين سنڌين تلوار نه ڏٺي هئي، سڪندر جا فوجي قلعي مان ٽپي اندر آيا، سنڌي انهن کي ٻک پيا هڻن ته سڪندر جي سپاهين تلوار لهرائي ۽ کين مارڻ شروع ڪيو. پوءِ کين خبر پئي ته هي تلوار ته خطرناڪ آهي. انگريزن سنڌ جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته سنڌين انهن تي گهوٻاٽن سان حملا ڪيا. سنڌ جي زرخيزي ۽ امن پسنديءَ جي ڪري ماضيءَ کان سنڌ تي ڪٽڪ ڪاهيندا آيا، سنڌ کي لتاڙيندا ڦريندا رهيا ۽ اسان هميشه لٽبا رهيا آهيون. هينئر سنڌ ۾ سجاڳي ڪافي گهڻي آهي، ماضيءَ ۾ لاڙ ۾ جنگ ٿيندي هئي ته اتر وارن کي ڪا خبر به نه هوندي هئي، اتر ۾ ڌاريجا رهن ٿا، ان جي لاڙ وارن کي خبر ئي ڪا نه هئي، هينئر سموري سنڌ جو ساڳيو مسئلو آهي، توهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪهاڙيءَ وارو جهنڊو ملندو. نظريو جتي ڪٿي پکڙيل آهي، جڏهن ته امن پسندي اسان جي خون ۾ شامل آهي، ويڙهه جي عمل ۾ گهڻا باشعور نه ٿيا آهيون ۽ نه ئي وري وڙهڻ جي ٽريننگ آهي، پر نظرياتي طور تي پختگي ايندي ٿي رهي ۽ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا اڳڀرا آهيون.
سوال: توهان وٽ ويڙهه جو تصور ڪهڙو آهي ڇا هٿيار کڻي وڙهجي؟
جواب: نه نه! ضروري نه آهي ته هٿيار سان وڙهجي، ڪجهه هٿيارن سان به وڙهڻو پوندو، ڪلاسيڪي شاعر دادن فقير جون ٻه سٽون آهن ته:
نه اوڀارو نه لهوارو،
لڙي چؤطرف چوڌارو.
ان ڪري وڙهڻو چئني ڪنڊن تي آهي، ان ۾ قلم جي جنگ به شامل آهي، هٿيار جي ويڙهه به شامل آهي ۽ زبان جي جنگ به اچي وڃي ٿي، مطلب ته هوشيار قوم ۽ ماڻهوءَ کي هر وقت نظرياتي طور تيار رهڻو آهي. پوءِ هو ڪٿي قلم استعمال ڪندو، ڪٿي زبان استعمال ڪندو ته ڪٿي ڪٿي هٿ به استعمال ڪرڻا پوندا. رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم، رحمت اللعالمين هئا، پر احد جي جنگ ۾ ويڙهه دوران هڪ ڪافر ماري وڌائون، جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اهو کين نقصان پهچائي ها، اهو اسلام لاءِ وڏو خطرو ٿي وڃي ها، تنهن ڪري رحمت اللعالمين به هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري وڌو. ان ڪري جيڪڏهن اسان جي سر تي اچي وئي ته پوءِ هٿ به استعمال ڪرڻو پوندو. ڇو ته قلم ۽ زبان جي جنگ وقت تي وڙهڻي آهي. قلم ته تلوار کان به تکو آهي، ان جو زوردار طريقي سان استعمال ٿيڻ گهرجي. قلم کي ته ڪجهه ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، پر زبان کي هر ٻهراڙيءَ جو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو.
سوال: توهان ڪيترين ئي نسلن جا شاهد آهيو ۽ هڪڙي جنريشن کي توهان ذهني طور تيار ڪري ميدان ۾ لاٿو، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: سئو سيڪڙو ته اسان جو ڪو به نسل صحيح نه رهيو آهي، پر اڪثريت چڱي پاسي آهي، اسان نئين نسل مان نااميد نه آهيون، اهو چئون ته جن کي پڙهايوسين اهي سئو سيڪڙو صحيح آهن، سا ڳالهه صحيح نه ٿيندي. هڪڙا وڃي روزگار سان لڳا ۽ کين سڻڀي نوڪري ملي وئي ته اتي خوش ٿيا، انهن کان نظريا وغيره سڀ وسري ويا، اهڙا ماڻهو هينئر به موجود آهن. ٻيا اهي جن سٺين نوڪرين کي لت هنئي ۽ اهي فيلڊ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙا ماڻهو به اسان وٽ آهن. نااميديءَ جي ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي ڌرتي زرخيز آهي ۽ اها اسان کي بک مرڻ ڪا نه ڏيندي، اسان جو نئون نسل نوان نوان ٻوٽا پوکيندو ۽ ان مان نوان سلا پيدا ٿيندا. اسان پراميد آهيون.
سوال: توهان شروع کان وٺي فيلڊ ۾ هئا ۽ توهان کي خبر آهي ته هر جاءِ تي سياست حاوي هوندي هئي، پوءِ اها شاعري هجي، ادب يا وري زندگيءَ جو ڪو ٻيو شعبو، توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڏکن سورن کي وڌيڪ بيان ڪندا هئا، ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو صحيح هو؟
جواب: مان پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو مطمئن آهيان، جيڪڏهن منهنجو سمورو پورهيو قوم جي اڳيان اچي ته سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا، جن مون جيترو پورهيو ڪيو هوندو. هارين سان گڏ لابارا ڪرڻ، اسٽڊي سرڪل هلائڻ، ماڻهن جي ذهني تربيت ڪرڻ ۽ ٻيا گهڻا ڪم ڪيا تنهن تي مان گهڻو خوش آهيان. مان هينئر به پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ئي اهڙي هئي جنهن کان اديب اتساهه حاصل ڪندا هئا، زندگيءَ کان مايوس اديب رات سائين وٽ رهندا هئا ۽ ڪچهري ڪري اتساهه حاصل ڪندا هئا، اهي وري اچي ان اتساهه کي اسان ۾ ورهائيندا هئا. هينئر سائينءَ جي شخصيت به نه آهي جنهن کان اتساهه حاصل ڪجي. هاڻي چڱائيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ۽ جتان ملي اها وٺڻي پوندي. ائين ڪري گهڻي چڱائي گڏ ڪري وٺنداسين.
سوال: توهان ماضيءَ ۾ انقلابي ۽ رومانوي شاعري ڪندا هئا، پر هاڻ عمر سان گڏ ڪٿي رومانوي رنگ ته توهان جي شاعريءَ تي حاوي نه ٿيو آهي؟
جواب: نه ائين نه آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري. اهي منهنجي شاعريءَ جا محرڪ آهن. اهي جيئن ئي شروع کان وٺي منهنجي شاعريءَ ۾ هئا هينئر به آهن، پيريءَ ۾ ذاتي عشق گهٽجڻ گهرجي، ماروي جڏهن پنهنجي وطن ۾ هئي ته ان جي ذهن ۾ رڳو کيت جو تصور هو ۽ اهو ئي هن جو محبوب هو. جڏهن عمر جي جيل ۾ پئي ته ان جو عشق وسيع ٿي ويو، هن جي سمورن ماروئن ۽ ٿر جي ڀِٽن، ڇيلن، ٻڪرين مطلب ته هر شئي سان محبت ٿي وئي. تيئن، جيئن عمر گذري ٿي عشق مجازيءَ کان حقيقيءَ ڏي وڌي ٿو.
سوال: سنڌ جو جيڪو لبرل ۽ صوفي ازم وارو رنگ هو، توهان سمجهو ٿا ته مذهبي انتهاپسنديءَ ان کي به متاثر ڪيو آهي.
جواب: ها بلڪل! مذهبي انتهاپسندي اسان جي ڳوٺن تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن ائين چئجي ته اها سنڌ جي دل تائين پهتل آهي ته غلط نه هوندو. مذهبي انتهاپسند ان ڪري وڌيا آهن ڇاڪاڻ ته اسان جي ترقي پسند تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ ان گوڏا کوڙي ڇڏيا.
سوال: ماضيءَ جي ترقي پسندن جي پاسيري ٿيڻ جا سنڌ جي معاشري تي ڪهڙا ناڪاري اثر پيا آهن؟
جواب: اسان جي ڪامريڊن ۽ ترقي پسندن کي روس جي ٽٽڻ سان گڏ ڀڄڻ نه گهربو هو ۽ کين پنهنجي موقف تي قائم رهڻ گهرجي ها، اهي انتهاپسنديءَ اڳيان بند ٻڌي بيٺا هئا، جيڪو ٽٽي پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻ مذهبي انتهاپسند اسان کي جتي ڪٿي ملن ٿا ۽ ان سان سنڌ جي لبرل سوچ به متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ان سوچ کي ٻيهر اڀارجي ان وقت جڏهن اسان پرڀرا بيٺا هئاسين ته ڪامريڊ يا ڪميونسٽ اڳتي هئا ۽ جڏهن اسان انهن سان ويجهڙائپ ڪئي ۽ ان موقف کي پنهنجو ڪيو ته هو ڀڄي ويا. جنهن ڪري سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اڄ هر سنڌي ماڻهوءَ جي اک ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا