; سنڌي شخصيتون: راشد مورائي - خليل عارف سومرو

07 October, 2012

راشد مورائي - خليل عارف سومرو


راشد مورائي
سنڌ جو يگانو شاعر

خليل عارف سومرو
محبت بخشو ماڻهپو، اُنس ڪيو انسان،
هيس اڳي حيوان، عشق بڻايو آدمي.

مان پنهنجي مٺڙي ماتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جهڙي آ سونهاري سُهڻي، تهڙا آهن هن جا ماڻهو مٺا ۽ ملوڪ. اصل مکڻ جا چاڻا ۽ موتين جا داڻا. دل جهڙي اهڙي ديس کي هن وقت امن، ايڪي، الفت ۽ اتحاد جي ضرورت آهي هينئر وقت جي تقاضا آهي ته سجاڳ ٿيجي ۽ وطن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي مورو تعلقي جي جوڻالي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سائين راشد مورائي جنهن جون جوتون هاڻي ساري جڳ ۾ ڦهلجي ويون آهن ان ارڏي ۽ انقلابي مرد مجاهد سائين راشد کي سلام طور ٻه اکر ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو، شال قبول پون. سچ چوندا آهن مورو ناهي ٿورو اهو ئي مورو ۽ اتي ڳڻن ۾ سڀني کان ڳورو سائين راشد مورائي سنڌ جو سچو عاشق صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو سورمو آهي. سنڌ جو هي سيد ڀٽ ڌڻي وانگي سنڌ جي سڪار ۽ عالم جي آبادي لاءِ دم دم دعاڳو آهي، سائين راشد مورائي سنڌ جي عظيم روايتن کي نه رڳو قائم رکڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي بلڪه روشن ضميري جي روشني جهڙين انهن روايتن کي جنم به ڏئي رهيو آهي. عطا محمد ڀنڀري سنڌ امڙي جي ٿڃ ملهائيندي ايوارڊ ٺڪرايو موٽ ۾ مٽي کيس مان ڏنو. مريم مجيدي ايوارڊ قبول نه ڪيو قوم کيس سلام پيش ڪيو سائين راشد مورائي ۰۶ آڪٽوبر تي پنهنجي رٿيل رهاڻ ملتوي ڪرائي اهڙي عمل سان ديس واسي سرها به ٿيا سُرها به ٿيا. سائين راشد مورائي سان ۰۶ آڪٽوبر تي ساڃاهه وند سوسائٽي مورو طرفان رهاڻ هئي جنهن جو ڪارڊ سڄي سنڌ وانگر مون تائين به پهچي چُڪو هيو پر سائين پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي اهو چيو ته (سنڌ هينئر تمام ڏکئي وقت مان گذري پئي کيس ٻٽي نظام جي صورت ۾ ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي قوم احتجاج ڪندي روڊن تي نڪري آئي آهي ڌرتي جا ڳڀرو شهيد ٿي رهيا آهن سنڌ جي هن سڏڪندڙ صورتحال ۾ مان پنهنجي رهاڻ نه ٿو ڪرائي سگهان منهنجو ضمير ئي گوارا نه ٿو ڪري ته جيجل جنجل ۾ هجي ۽ مان گلن جا هار پائي اجرڪ اوڍي خوشيون ملهايان.) مون سان اها ڳالهه سائين منظور علي شاهه منظور جڏهن فون تي ڪئي ته منهنجي دل ۾ سائين راشد لاءِ احترام ۽ عزت اڳي کان به اڃان گهڻو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته سائين راشد مورائي هن وقت جنهن پير سنيء جي موڙ تي آهي يا سندس بيماري جنهن اسٽيج تي آهي جتي دنيا جو ٻيو ڪوبه ماڻهو هجي ته اهو سوچيندو ته گهڙي پل جو مهمان آهيان جيترو گهڻو کائي سگهان کاوان. ڏسي سگهان ڏسان، گهمي سگهان گهمان مطلب ته وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ مزو ماڻيان پر سائين ان جي ابتڙ پنهنجي رهاڻ ٺڪرائي نه رڳو سنڌ پرستي جو ثبوت ڏنو پر پنهنجي ويڙهيچن سان وفا جو وچن ورجائي ڏيکاريو، سائين راشد توکي سلام آهي.
ساهه برابر سنڌڙي آهي
سنڌڙي راشد جندڙي آهي.
سنڌ کي ساهه کان وڌيڪ مٺو ڀائيندڙ سائين راشد پنهنجي ڌرتي سان Committed آهي
ماتا تو کان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ
سنڌڙي مان ته سڃاپان ئي ٿو تنهنجي نسبت سان
اڄوڪي هن دور جي اڳ ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ئي ڪئي هئائين
هي دور آ بد اخلاقي جو
هي دور ڪميڻو دور آهي
سنڌڙي جي سيني تي سائين پيا ٿا سَپ سُرن
الاڙي هي شل چپ چُرن
اسان سنڌي تصوف ۾ يقين رکون ٿا اسان جون سوچون به صوفياڻيون آهن امن پسند ۽ محبت جا متوالا به آهيون پر جڏهن ڌارين، ظالمن، غاصبن جا ڏاڍ ڳچي ۾ پئجي وڃن ته وڙهڻ لاءِ پنهنجا جيڪي لوڪ هٿيار آهن تن جو اظهار به ڏسو.
نظر سنڌ ڏي جيڪي بدڪن انهن جي
اکين جي ڪڍڻ لاءِ اُماڙي ته آهي
نه بندوق ڀالا نه ڪي بم نه گولا
وڙهڻ لاءِ راشد ڪهاڙي ته آهي
منزل ٿيندي ويجهڙي ، جيئن جيئن پنڌ ڪبو،
ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو.
الا سنڌ جيئي، جيئي نظارو نور،
اڪن جهليون ڦلڙيون، ٻيرن جهليو ٻُور،
چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.
هيئنر ته ڄڻ سڄي دنيا جون بد نظرون سنڌ ۾ کپي ويون آهن ۽ ڏائڻ ماڻهو پنهنجون وحشي نگاهون سنڌ مان ڪڍن ئي ڪون ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ سائين راشد سان ڪچهري ۾ ويٺو هيس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کائنس محبت ۽ سيڪس جي فلسفي بابت پڇيم ته سيد بادشاهه جلالي ۾ اچي ويو چئي ماڻهو پيا ٿا مرن، سنڌ اچي وئي آ سورن ۾ توکي پئي آ محبت ۽ سيڪس جي چڏيو انهي بحث کي جتي هُجو جتي ويهو مائٽن سان، دوستن سان جيڪا ڪچهري ڪيو اها سنڌ بابت هجي سنڌ جي حالتن تي هجي ۽ سنڌ جي سجاڳي لاءِ هجي محبت کانسواءِ جي ويندوء سنڌ کانسواءِ جي نه سگهندوء سندس دڙڪن ۾ به ناصحانه نُڪتا هيا جيڪي مون هيانءُ سان هنڍائي ڇڏيا سندس شعر دل تي تري آيو ته.
نئين نسل جي راشد سائين
سرت سنواري وينداسين
سائين ته شاعري لاءِ به هيئن چوندو آ ته:
گل ۽ بُلبُل جي قصي تي پاڻ ڇو جهُومي اُٿون
دانهن جي ڌرتي جي هوندي شعر تي وهوا ڪبي
جسم ٿو ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
اچو نئون سماج ڪو، نئون جهان جوڙجي
سائين راشد مورائي جي شاعري سماجي نا انصافين خلاف جنگ جو اعلان آهي،
اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون،
عقل علم عمل کي، هڪٻئي سان واڻيون،
ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان
جوکي ۾ وڌم جيء، ڪيم جنگ اُمن لاءِ
انياءُ سان اٽڪين ته مونکي ياد ڪندو ڪر
سڄي سنڌ کي خبر آهي ته سائين راشد مورائي گهڻي وقت کان مسلسل بيمار رهي ٿو منهنجو جڏهن به موري وڃڻ ٿيندو آهي ته سائين جي مزاج پُرسي لاءِ سندن اوتاري تي پيرين پوڻ ضرور ويندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هُو لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف هوندو آهي بيماري جي ان حالت ۾ به سائين وٽ جيتري ڳڻتي مون سنڌ لاءِ ڏٺي آهي اوتري پنهنجي صحت لاءِ به ڪونه اٿس. هو ته ههڙي حال ۾ به لکي ٿو ۽ بجل جي لوڊ شيڊنگ جي پرواهه به نه ٿو ڪري چئي ٿو :
بجلي وارن جي مرضي آ گهٽ لکجي
ڏيئا جلندو رهه ڳچ تائين لکڻو آ
ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان
مس کُٽي وئي آ،
لکيم ريٽي رت سان
باک ڦٽي وئي آ
تازي هن صورتحال ۾ به جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن به سائين راشد قلم سان ۽ پنهنجي عمل سان ميدان تي لٿل آهي وڏي واڪي للڪاريندو رهي ٿو.
پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيون ٿئون نه ڪبو
بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو
سنڌ جي ڄڻين سان ڪو ليکو نه اٿئون
پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئو ن نه ڪبو
ڇاڪاڻ ته سندس هي ويچار به آهن ته:
تنهنجو منهنجو ٺاهه، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي
مونکي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساهه،
ٿيندو ڪيئن نڀاهه، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو
سائين راشد مورائي لاءِ محبت ۽ عقيدت جو سمنڊ دل ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ روح جو آواز هي لکڻ تي مجبور ڪري ٿو ته:
راشد مورائي،
اهڙا ماڻهو سنڌ ۾
هوندا ٿورائي.

No comments:

راءِ ڏيندا