; سنڌي شخصيتون: شبير احمد قريشي - لاکو ڦُلاڻي

20 October, 2012

شبير احمد قريشي - لاکو ڦُلاڻي


شبير احمد قريشي
سمنڊ جي سيوينِ، تَنين ماڻڪ ميڙيا
لاکو ڦُلاڻي
سنڌ مدرسته الاسلام کي، اِن جي ۱۲۷ سالن جي دور ۾اهڙا استاد مليا آهن، جن انتهائي خلوص، سچائي ۽ قومي جذبي سان پنهنجي مقدس پيشي سان انصاف ڪيو ۽ اداري جي تعليمي معيار سان گڏ اُن جي وقار جي واڌاري لاءِ پنهنجون بي لوث خدمتون انجام ڏنيون. شبير احمد قريشي پڻ اهڙن استادن مان هڪ آهي، جنهن سنڌ مدرسي ۾ مختلف وقتن تي مختلف قسمن جون تدريسي ۽ انتظامي ذميواريون سنڀالي اداري جي گهڻ پاسائين ترقيءَ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اِنهن ذميوارين ۾ هِن هڪ استاد، وائس پرنسپل ۽ قائم مقام پرنسپل توڙي پنهنجي سروس جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ماڊل اسڪول (بوائز) جي پرنسپل  جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو.


شبير احمد قريشي، سنڌ مدرسي ۾ پهريون ڀيرو ۲۰۰۰ع کان ۲۰۰۱ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۳ع تائين قائم مقام پرنسپل ٿي رهيو. اِن کانسواءِ هيءُ ڏهن سالن کان مٿي عرصي تائين، سنڌ مدرسي جو امتحانن جو ڪنٽرولر، سيڪشنل هيڊ ۽ ڪيترين ئي تعليمي ۽ انتظامي ڪميٽين جو ميمبر توڙي سربراهه پڻ رهيو.
هيءُ ڪراچيءَ جي سيڪنڊري تعليمي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ ۾سنڌي ۽ انگريزي مضمونن جو ڪو- ايگزمنر ۽ پيپر تيار ڪندڙ پڻ رهيو. اهڙي طرح ڪراچي بورڊ پاران امتحانن دوران جڙُندڙ وجيلنس ٽيمن جو ميمبر به رهيو.
۱۶ آڪٽوبر ۱۹۵۲ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ بختيارپور ۾ جنم وٺندڙ شبير احمد قريشيءَ جا باقي گهر ڀاتي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن، جتي سندس جيون ساٿياڻي پڻ تعليم۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهن. هِن جا ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪيل آهن، پر افسوس جو اهي اڃا تائين بيروزگار آهن.
قريشي صاحب ميٽرڪ دادوءَ ۽ انٽرميڊيئيٽ حيدرآباد مان ڪئي هئي. جڏهن ته هِن گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو ۽ ماسٽرس ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. اِن کانسواءِ هِن ڪيترائي پروفيشنل ڪورسز پڻ ڪيا، جن ۾ ايم ايڊ کانسواءِ آغا خان يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان ڪيل ايڊوانس ڊپلوما اِن ايجوڪيشن پڻ شامل آهن. هيءُ سنڌ مدرسي ۾ شاگردن کي انگريزي مضمون پڙهائيندو رهيو هيو.
قريشي صاحب پنهنجو تعليمي ڪئريئر سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾، جي بي پي ايس، لياقت آباد ۾، ۱۹۷۳ع ۾ استاد طور مقرري ءَ سان شروع ڪيو. بعد ۾ هِن ۱۹۷۸ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهڙي طرح هِن سنڌ مدرسي ۾ ۳۵ سالن تائين بي لوث خدمتون انجام ڏنيون. هيءُ ڊسپلين جي حوالي سان سخت، پر پنهنجي ڪردار ۾ هڪ ايماندار معلم رهيو. تڏهن ئي ته هِن جي اِن تجربي ۽ علم سنڌ مدرسي جي نوجوان ذهنن جي معياري سِکيا ڪئي.
سنڌ مدرسي ۾ جيڪي چند سينئر استاد آهن، اُنهن مان شبير احمد قريشي هڪ هيو. هِن ۳۵ سالن جو هڪ طويل عرصو، جيڪو هڪ نوجوان جي عمر جيترو عرصو آهي، اُهو سنڌ مدرسي کي لاڀائتي انداز ۾ ڏنو.
سنڌ جي هِن تاريخي درسگاهه جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ شبير احمد قريشيءَ جون ورتل ڪوششون هميشه ياد رهنديون.
سنڌ مدرسي ۾ شبير احمد قريشيءَ جي انجام ڏنل خدمتن جي مڃتا ۽ سنڌ مدرسي جي هڪ شاندار روايت طور سندن مانَ ۾ سندس رٽائرمينٽ واري ڏينهن (سومر، ۱۵ آڪٽوبر تي) سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽيءَ پاران اداري جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ هڪ شاندار تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. سنڌ مدرسي جي اِها شاندار روايت رهي آهي ته اِهو پنهنجن رٽاير ٿيندڙ استادن ۽ ملازمن کي تمام وڏي اعزاز سان رخصت ڪندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا