زخمي چانڊيو
سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي شہ رڳ
سڪندر عباسي
ڪنهن
شاعر جون سِٽون آهن ته:
الا ايئن مَ هوءِ، جو مري وڃان مري،
هُجان جيئن وري، جيئرو هن جهان ۾.
واقعي
ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي موت ماري ناهي سگهندو، سندن ڪردار امر بڻجي ويندا
آهن، هُنن جي آڏو موت جو مفهوم مٽجي ويندو آهي.
اسان
جو دوست زخمي چانڊيو به انهن املهه ماڻڪ ماڻهن منجهان ئي هو جن جو نالو ذهن تي تري
اچڻ سان ئي سندس اڏولتا ۽ اٽل اصول ساروڻين جي سمنڊ ۾ ترڻ لڳندا آهن. زخمي چانڊيو جي
شاعريءَ کي الف کان ي تائين پڙهي ڏسجي ته انهن جذبن ۾ جتي جبلن جهڙي سختي ۽ پنهنجي
مقصد تان انچ به نه سُرڻ جي صلاحيت ۽ سگهه ملندي ته اتي پشم کان وڌيڪ نازڪ ۽ نفيس ڪونئرا
احساس به اکيون مهٽي اٿندي نظر ايندا.
زخمي
چانڊيو رڻ ۾ ٽڙيل رابيل مثل هُيو، جيڪو جنهن محفل، جنهن ميڙ، جنهن ڪچهريءَ ۾ ڪَهي ويندو
هو ته ماحول کي مهڪائي ڇڏيندو هو، سندس خيالن ۾ ڌرتيءَ جو درد ليئاس پائيندي نظر ايندو
هو، سندس شعرن ۾ شبنم جهڙي شگفتگي هوندي هُئي، اها شبنم جيڪا باک ڦٽيءَ جو گلن جي ڪومل
پتين تي رقص ڪندي آهي، سندس شاعري وهندڙ پاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي، اهو وهندڙ پاڻي جيڪو
پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيند و آهي، جنهن آڏو ڪوبه بند جٽاءُ ناهي ڪري سگهندو.
پيارُ اسان پنهنجايو آهي.
باقي سڀ اجايو آهي.
جنت جهڙو ديس اسانجو،
سڀني جو سرمايو آهي.
زخمي
چانڊيو اهڙو سرجڻهار هو، جيڪو ڪنهن به ڪردار جي اکين رستي هُن جي روح ۾ لهي وڃي ۽ اهو
اظهار انهيءَ ڪردار جي وس ۾ نه هوندو آهي.
ادب
جيڪو اندر جي سائنس آهي، جيڪڏهن ادب نه هُجي ته اسان کي پتو ڪيئن پوي ته ڪو تبسم مجلسي
به ٿيندو آهي ۽ چمڪندڙ چهرن جي پويان بي انتها اونداهيون به هونديون آهن. زخمي چانڊيو
سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي شهه رڳ مثل هو، سندس شاعريءَ ۾ جتي بغاوت جو بارود سمايل
آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي پهاڙن جهڙي پختگي آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي محبوب جهڙيون ادائون
به آهن، اتي سندس شاعريءَ ۾ محبت جا ماڪ ڦڙا به آهن ته پيار جا پوپٽ مي رقصم به آهن،
جن جو صوفي رقص رُٺل روح کي ريجهائي وٺندو آهي.
شل ڪوئي سمجهي سگهي،
هـڪـڙو ئـي الله،
ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.
اڄ
جيتوڻيڪ زخمي چانڊيو جسماني طور تي هن دنيا، هن ماحول ۾ موجود ناهي پر سندس سداحيات
خيال اڄ به ڪڪرن جيان ادب جي آسمان تي وکريل آهن.
جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.
گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪجهڙائي رکندڙ شاعر
ادل سومرو
زخمي
چانڊيو، نئين ٽهيءَ جو مزاحمتي سرواڻ شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد، پيڙهيل
انسانن جي آهُن ۽ اهنجن جو بيان سمايل آهي. هُن جي تخليقن ۾ وطن پرستيءَ کان وٺي، امن،
پيار، انسان دوستي ۽ عالمگير ڀائيچاري جا ويچار سمايل آهن. هُو نه صرف وطن دوست مزاحمتي
شاعر هو، پر عملي زندگيءَ ۾ به ارڏو، بهادر ۽ بي باڪ انسان هو.
مصلحت
پسنديءَ کان ڏُور، مُنهن تي سچ چوڻ واري هُن جي کري انسان هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو
۽ انياءَ سان اٽڪاءُ ڪيو. هُن ڪٿي به آڻ نه مڃي ۽ ڪنهن اڳيان جهُڪڻکان ڪسڻ کي ترجيح
ڏني. سنگت جي حوالي سان هُن جي مونسان ويجهڙائپ رهي، هُو ادبي سنگت جو هڪ جاکوڙي ۽
سچو ڪارڪن هو، جڏهن به کيس ڪا ذميواري سونپي وئي ته هُن ان کي بهتر نموني نڀاهيو. هُن
جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪ جهڙائي رکندڙ زخمي چانڊئي جهڙي شاعر
کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.
سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر زخمي چانڊيو
ايازگل
سڀني
وصفين سُهڻو، ارڏو، بي ڊپو، حشمت ڀريو ۽ هڪ سچو انسان زخمي چانڊيو جوانيءَ ۾ ئي موڪلائي
هليو ويو! ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا، سالن تائين دل ۽ ذهن قبول ناهن ڪندا، زخمي چانڊئي
جي وڇوڙي وارو واقعو به صفا اهڙو ئي آهي. ڪيترائي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ته وڏيون وڏيون
ڳالهيون ڪندا آهن، پر عمل جي وقت ڳوليا ناهن لڀندا. زخمي چانڊيو انهن مان هڪ هُيو،
هر هنڌ، هر مهل تي هَڪيو تڪيو حاضر! هُن سنڌي جي ان چَوڻِيءَ کي سدائين غلط ثابت ڪيو
هُيو:
”نه
سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀَئو“
زخمي
چانڊيو، پنهنجي شاعري ۾ به سدائين هڪ سنڌ دوست ۽ انسان دوست شاعر رهيو. پنهنجن اندروني
ڪيفيتن جو اظهار به هُن عام ماڻهن جي احساسن، اهنجن ۽ آسُن کان ڪٽجي، ڌار ٿي ناهي ڪيو،
هُو عام ماڻهن جو شاعر هُيو، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ڌرتي۽ جو شاعر، جنهن کي نه ڪڏهن
دوست وساري سگهندا ۽ نه سنڌي قومي ۽ عوامي شاعريءَ جي تاريخ ئي وساري سگهندي.
No comments:
راءِ ڏيندا