; سنڌي شخصيتون: حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار

22 October, 2012

حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار

حميد سنڌي
ناميارو اديب ۽ پروفيسر
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌي جو پورو نالو عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يوڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح مختلف ادارن ۾ سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ هن وقت پبلڪ اسڪول  لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڪري رهيو آهي.


حميد سنڌي جتي عملي طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اتي پاڻ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. معاشري جي مسئلن کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي عڪس بندي ڪئي آهي. حميد سنڌي کي ادب جي ميدان ۾ تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ پاڻ روح رهاڻ رسالو شروع ڪيائين. جيڪو اڄ به نڪري رهيو آهي. حميد سنڌي ادب جي واڌ ويجهه جي لاءِ روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان هفتي وار ادبي گڏجاڻي ڪرائي رهيو آهي. انهن گڏجاڻين ۾ اديب پنهنجون لکڻيون هر هفتي پيش ڪندا آهن. حميد سنڌي ۲۸ مئي ۱۹۹۸ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمت ڪئي. حميد سنڌي جي ڪتابن جو تعداد يارنهن آهي جيڪي شايع ٿيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سُر ليلا چنيسر، سُرگهاتو، سُر ڪاموڏ، سرماروي، سُرڪاپائتي، سُر بلاول، سُر رام ڪلي، سُر ڪوهياري، سُر ڪارائل سُر ڀيروي، سُر سارنگ شامل آهن. سندس اهي ڪتاب سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن تي لکيل آهن.
حميد سنڌي جو هڪ ڪتاب اردو ۾ سوکي ڌرتي جي نالي سان لکيو آهي. جڏهن ته جاپاني فوڪ ادب چونڊ تي مشتمل آهي.
حميد سنڌي ڀارت جي شهر دهليءَ ۾ وائيس چانسلرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح حميد سنڌي ايران ۽ يو ڪي ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.
حميد سنڌي کي مڃتا طور ۲۳ مارچ ۱۹۹۰ع ۾ حڪومت پاڪستان تمغه امتياز سان نوازيو ويو.
حميد سنڌي کي ۲۸ آگسٽ ۱۹۹۳ع ۾ اعزاز فضيلت جو ايوارڊ پڻ حڪومت پاڪستان طرفان ڏنو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا