; سنڌي شخصيتون: رياضت ٻرڙو

31 October, 2012

رياضت ٻرڙو


رياضت ٻرڙو
ادبي نالو: رياضت ٻرڙو
اصل نالو ذات سميت: رياضت علي ٻرڙو
پيءُ جو نالو: شوڪت علي ٻرڙو
ڄمڻ جي تاريخ: سرڪاري رڪارڊ ۾ 20 اپريل 1971، گهريلو رڪارڊ ۾ 27 فيبروري 1970ع
ڄمڻ جو هنڌ ۽ ضلع: قنبر شهر، قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو (اڳوڻو لاڙڪاڻو ضلعو)
خاندان جو تاريخي پس منظر: قنبر ۾ ڪيئي نسلن کان رهندڙ، اصل ٺُل جا.


پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڪٿي ورتل: قنبر ۾.
مڪمل تعليم ڪيتري حاصل ڪيل آهي: ايم ايس سي (فزڪس)، ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ.
ملازمت/ ڌنڌو: ليڪچرر (فزڪس) 2001ع کان.
موجوده عهدو: ليڪچرر
رٽائر ٿيڻ جو وقت: اڃا ناهي آيو
لکڻ/ شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي: 88-1987ع
نثر ۾ ڇا لکيو ۽ ڪٿي ڇپيو: مضمون، ڪهاڻيون، مقالا، تاثر (تخليقي ۽ ترجمو)
ٻيون ڪهڙيون صنفون لکيون: لڳ ڀڳ سڀ
ڪهڙا ڪتاب لکيا ۽ ڪڏهن ڇپيا:
تخليقي:
1.      پيار جي ڪهاڻي (ڪهاڻيون) 1994ع
2.      سائنسي معلومات (سوال-جواب) 1995ع
3.      شام جي هوا (شاعري) 2004ع
4.      ديوانِ رياضت (شاعري) 2005ع
ترجمو:
1.      موسى کان مارڪس تائين (ليکڪ: سبطِ حسن. ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان گڏ) 2010ع
2.      ڏاهپ جو جنم (ليکڪ: گينرخ وولڪوف. ترجمو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان گڏ) 2011ع
ترتيب:
1.      گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم (ادريس راجپوت جا مضمون، مرتب) 2004ع
2.      تحفو (حسن علي هڪڙو جو ڪهاڻيون، مرتب) 2006ع
3.      قنبر: هڪ اڀياس (تحقيق) 2006ع
4.      چانڊوڻا چمڪن (سنڌي ادبي سنگت قنبر جي 15 شاعرن جي شاعري، مرتب) 2007ع
5.      ڏات ڏيئا ٻاريا (لاڙڪاڻي ضلعي جي 14 شاعرن جي شاعري، مرتب) 2010ع
6.      مون ڏات انوکي آندي آ (لاڙڪاڻي ضلعي جي 16 شاعرن جي شاعري، مرتب) 2012ع
ايڊيٽر: ٽماهي سائنسي سوچ قنبر
ايڊيٽر: سنگت خبرنامو (2004-2003)
اسسٽنٽ ايڊيٽر: ماهوار ’سائنس‘ ڄامشورو (94-1993ع)
شاعريءَ جون ڪهڙيون صنفون طبع آزمائيءَ ۾ رهيون: لڳ ڀڳ سڀ مروج صنفون.

No comments:

راءِ ڏيندا