; سنڌي شخصيتون: الطاف شيخ جو انٽرويو - رشيد ميمڻ

01 November, 2012

الطاف شيخ جو انٽرويو - رشيد ميمڻ


الطاف شيخ جو انٽرويو
ڪاوش اخبار طرفان
انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ
بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع
ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي.
ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه آهي.


ڪاوش پاران پڇيل سوال ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ادب يا لکڻ سان اهو چاهه آهي جيڪو هئڻ گهرجي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ تمام گهڻا ئي سٺا اديب، شاعر، صحافي ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر جيڪا اڄ سنڌ جي آدمشماري آهي ۽ جيترا تعليمي ادارا آهن، ان جي مقابلي ۾ اهو تعداد بنهه گهٽ آهي. اسان جي گهڻي ڀاڱي نوجوان کي لکڻ ته ڇا پر پڙهڻ جو به شوق ناهي، هن کي صحيح تعليم ئي ڪانه پئي ملي ۽ نه ڪو صحيح پڙهڻ جو ماحول اٿن. نه استادن کي احساس آهي ۽ نه مائٽن کي الڪو آهي.
 اهو ڀلا ڪيئن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو توهان رڳو ممبئي يونيورسٽي ۾ هفتو کن رهي ڏسو ته احساس ٿيندو ته اتي جي شاگردن ۽ تعليمي ماحول ۽ اسان ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهو ماحول هو، جيڪو مون 60ع جي شروع وارن سالن ۾ به ڏٺو، جڏهن منهنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئا. آئون دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران منهنجي دل ۾ هميشه اها خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ ته مهانگو آهي پر ڪاش هر مهيني سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن کي هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ مهمان طور رهايو وڃي جيئن هو ڏسي سگهن ته اتي ڪيئن پڙهائي ٿي رهي آهي، صبح شام ڪلاس پيا هلن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ڏهين تائين لائبريري ۾ ويٺا آهن، ڪو هنگامو ناهي، ڪو جهيڙو ناهي... ته جيئن اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس ٿئي. کوکرا پار کان ممبئي پهچڻ ۽ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ جو ڪو خاص خرچ به نه آهي.
سفر ناما لکڻ جو شوق توهان کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو، توهان ڪهڙي شيءِ کي ڏسي ان جي شروعات ڪئي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سفرنامن لکڻ کان اڳ مون کي ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکڻ جو شوق هو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جيتوڻيڪ انگريزي ۾ تعليم ڏني ٿي وئي پر ٻين وانگر آئون به اٺين ڪلاس کان انگريزي ناولن ۽ رسالن سان گڏ اڙدو ۽ سنڌي به تمام گهڻا پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڪجهه لکندو به هئس. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ بعد مون وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ سوئيز ڪئنال بند هو. انگلينڊ، يورپ، آمريڪا يا ڪئناڊا پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز کي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائي وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيهه چاليهه ڏينهن به سمنڊ تي هلڻو پيو ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون پڙهڻ ۽ لکڻ تي زور ڏنو ۽ سمنڊ ۽ بندرگاهه تي جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لڳس انهن جو احوال لکڻ لڳس.
توهان سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ جي مسئلن تي ڪهڙي طرح پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو آهي يا نه؟ سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته افسوس جو مون سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ يا مسئلن تي نه لکيو آهي، ان ڪري جو مون تعليم به سنڌ کان ٻاهر بنگال ۽ سئيڊن ۾ ورتي ۽ نوڪري به ٻاهر ڪئي، هاڻ جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي. جواني جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي وغيره تمام گهڻو وڃڻ ٿيو ٿي پر ان وقت ڪوٽڏيجي قلعو، معصوم شاهه جو منارو يا موهن جو دڙو ڏسڻ بدران اتي پنهنجن ڪلاس ميٽن؛ شوڪت جماڻي، نجم قاضي، عاشق شاهه، اختر عباسي وغيره جن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا ڪرڪيٽ کيڏڻ هوندو هو.
توهان کي سفرناما لکڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون پيش آيون يا اچن ٿيون؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ ليکڪ ۽ خاص ڪري هڪ فوٽو جرنلسٽ جي حيثيت ۾ آئون تڏهن ئي صحيح ۽ بهتر لکي ۽ ڄاڻ مهيا ڪري سگهان ٿو جڏهن آئون هر قسم جي ماڻهن ۽ ماڳن تي وڃي پاڻ مشاهدو ڪريان. مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ نه فقط مولوين ۽ عالمن سان ملڻو پوي ٿو ۽ نه فقط مسجدون ۽ يونيورسٽيون ڏسڻيون پون ٿيون پر چورن، ڌاڙيلن، سياستدانن، ٻاون، پنڊتن، سدا سهاڳڻين، گيشائن ۽ ماماسانن سان به ملڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن سدا سهاڳڻ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مون کي Play Boy سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ وارا ته منهنجو اهڙو سڄو پئراگراف ئي ڪٽيو ڇڏين، جنهن ۾ لفظ سدا سهاڳڻ ٿو اچي ۽ پوءِ ڀلي کڻي ان جي ڪا نصيحت واري ڳالهه هجي. پير پاڳاري سان ملڻ تي ماڻهن کي اهو اعترض ٿيندو هو ته آئون هالا جي مخدومن بدران پير پاڳاري جو مريد ٿيو آهيان. ايران وڃي سفرنامو لکڻ تي ڳوٺ جي هڪ مولوي مون لاءِ اهو مشهور ڪيو ته آئون شيعو ٿيو آهيان ۽ متعي جي شادي کي Justify پيو ڪريان. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا هن منهنجي ڪتاب ”ايران ڏي اڏام“ ۾ اهو مضمون ”متعي جي شادي“ پڙهيو آهي ته هن وراڻيو ته ”نه! ڳوٺ جا ماڻهو ٿا چون“.
 سو بهرحال اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ رڳو نفرتون ئي نفرتون آهن، جتي تعليم ۽ سهپ گهٽ آهي، اتي هر لکڻي تي ڪونه ڪو ناراض ٿئي ٿو ۽ لکندڙ جي پريشاني جو سبب بڻجي ٿو. هڪ پڙهندڙ چيو ته تون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهين. وراڻيومانس ته منهنجو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هڪ ليکڪ يا صحافي کي واسطو رکڻ کپي، توهان کي ڪيئن لڳو ته آئون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهيان؟ جنهن تي هن چيو ته توهان انهن جي اخبار ۾ لکو ٿا. وراڻيومانس ته آئون پڙهندڙن لاءِ لکان ٿو، ان کان وڌيڪ هلندڙ ڪا اخبار مضمون ڇپي ته آئون ان ۾ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
 ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سان ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪريو؟ جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت تمام گهٽ آهي. نه صرف سنڌ جي پر اسان جي سڄي ملڪ جي نوجوانن جو اهو حال آهي. ان جي خبر ٻاهرين ملڪن ۾ اچي پوي ٿي، جتي اسان جو نوجوان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي نوجوان کان تعليمي مقابلي ۾ ته هيٺانهون شمار ڪيو وڃي ٿو پر جسماني پورهئي ۾ به سست قرار ڏنو وڃي ٿو. اسان وٽ اڻپڙهيلن ۽ ڪاپي ڪري مٿانهون مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪري ملڻ ۽ No Work  ڪلچر هجڻ ڪري، اسان جو نوجوان ٻين ملڪن جي نوجوانن جو مقابلو ڪري نٿو سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن ۾ جيڪي پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن يا جهاز ران ڪمپنيون آهن، انهن جا مالڪ ۾ به بنگالين ۽ ڀارتين کي ته شوق سان رکن ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ گريز ڪن ٿا. بهرحال پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪيترائي اسان جا ماڻهو ولايت ۾ سٺين نوڪرين ۾ به آهن ۽ هنن نالو روشن ڪيو آهي پر اهڙن ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي کپي ته يونيورسٽي جون فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران صحيح طرح تعليم حاصل ڪن ۽ پاڻ ۾ محنت جي پڻ عادت وجهن. جاپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط صبح جو آفيس ۾ وڃڻ جو ٽائيم مقرر آهي ۽ موڪل تڏهن ٿي ٿئي جڏهن ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا دفعا گهر ايندي رات ٿيو وڃي.
 سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، ان کي ڪيئن بهتر ٿو ڪري سگهجي؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف چيو ته اها ڳالهه توهان ائين ڪري رهيا آهيو جيئن جهازن جو مالڪ ڪنهن جهاز تي هڪ ڄٽ ۽ شرابي ڪئپٽن رکي، پوءِ اُهو يا جهاز جا مسافر چون ته جهاز منزل کان ڇو ڀٽڪي رهيو آهي؟ جهاز جي ٻُڏڻ جا ڇو آثار آهن؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر تعليمي اداري جو ڪئپٽن يعني ”سربراهه“ (هيڊ ماستر، پرنسپال، وائيس چانسلر، سيڪريٽري يا وزير تعليم) اهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تعليمي ماهر، محنتي، ڊسيپلين رکڻ وارو ۽ پنهنجي وطن جي نوجوانن جو هڏ ڏوکي هجي.
سنڌ ۽ ٻي دنيا جي تعليم جي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي، جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ ڪو تعليم جو معيار آهي؟ هن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڇا وڃي رهيو آهي، خاص ڪري اندروني سنڌ ۾ جتي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ گڏهه ۽ ڪتا ٻڌا پيا آهن، جتي کلئي عام ڪاپي پئي ٿئي، جتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو داخلا وٺن ٿا پر باقاعدگي سان ڪلاس نٿا هلن، جتي جي يونيورسٽين ۾ جهيڙن جهٽن ڪري خوف ۽ هراس هجي ٿو! ان سلسلي ۾ الطاف صاحب ٻڌايو: ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ”سنڌي سوسائٽي“ تي مون کي جنهن ڏينهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو هو، ان ڏينهن اتي جي مرهٺي ۽ انگريزي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن ٽيچر جي قتل جي خبر ڏنل هئي. ليڪچر بعد سوال جواب واري ڪلاڪ ۾ آئون هر وقت اهو سوچيندو رهيس ته ڪو شاگرد مون کان سنڌ يونيورسٽي بابت سوال نه ڪري ته اها يونيورسٽي جنهن جو وائيس چانسلر سنڌي آهي، انتظاميا سنڌي آهي، پڙهائڻ وارن ۽ شاگردن جي اڪثريت به سنڌي آهي، اتي ڇو هر وقت مار ماران ۽ بدامني لڳي پئي آهي؟ انگريزي اخبار ۾ ڏنل خبر جو هڪ جملو جيڪو هن وقت به منهنجي دل ۾ چڀي رهيو آهي جيڪو هنگامن بابت ۽ يونيورسٽي کي في الحال بند رکڻ بابت هو ته It is nothing uncommon with this university?  
ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ”هڪ ليکڪ نوجوانن جي يا معاشري جي ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو سگهي” جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته هڪ ليکڪ معاشري ۾ موجود خرابين بابت نشاندهي ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ ته هن وٽ ڪو پوليس فورس ناهي.
سنڌ ۾ سفرناما نگار نه هئڻ برابر آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن سفرناما لکيا آهن پر اسان وٽ ڇپائڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي سفرناما اڻڇپيل حالت ۾ آهن. اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو مهاڳ ۽ پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪيترائي سفرناما منهنجين نظرن مان نڪتا آهن. سفرنامن يا لکڻ ذريعي ڇا مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ڪري سگهجي ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل ان سوال ته توهان جي نظر ۾ سنڌ جا اهم مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جا مسئلا ڪيترائي آهن ۽ تمام ڳنڀير قسم جا آهن پر جي توهان فقط ٻه چار اهم مسئلا پڇڻ ٿا چاهيو ته منهنجي نظر ۾ تعليم، عدل انصاف، امن امان ۽ روزگار آهن.
سنڌ ۾ هينئر بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جو مون کي گهڻي  سياسي ڄاڻ نه آهي، ان بابت ڪو سلجهيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهي، اسان جي ڄاڻ ٽي وي جي خبرن تائين محدود آهي. ڪراچي جون حالتون بار بار خراب ڇو ٿيون ٿين، جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي چاهي ته ان لاءِ امن امان قائم رکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان جي چونڊيل نمائندن تي Depend ٿو ڪري ته هنن کي سنڌ ۽ عوام لاءِ ڪيترو درد آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن جو ڪيڏو خيال آهي. اسان جي پڇيل سوال ته سنڌ جا وڏا وڏا آرٽسٽ يا اديب بيماري ۾ بيوس ڇو ٿي وڃن ٿا؟ حڪومت توڙي معاشرو سندن ڪا مدد نٿو ڪري. ڇو؟ الطاف وراڻيو؛ آئون ان خيال جو آهيان ته نه رڳو وڏن آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي پر حڪومت کي اهڙو بندو بست ڪرڻ کپي جو هر غريب غربي جي بيماري جو علاج ٿي سگهي جيئن ٻين فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو.
سنڌ جي تاريخ تي تحقيق نٿي ٿئي، ان ۾ تضاد ڇو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙن سوالن جا جواب ته پروفيسر مبارڪ ۽ ڊاڪٽر الانا ئي ٻڌائي سگهندو، آئون ته فقط جهازن ۽ سمنڊ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان پوري دنيا گهمي ڏٺي آهي يا ڪو ملڪ رهيل آهي، جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ دنيا گهمڻ ائين آهي جيئن هڪ ٽرڪ ڊرائيور لاءِ جيڪو سڄو ڏينهن پيو ٽرڪ هلائي، هن لاءِ ڇا حيدرآباد، سکر يا ڇا ملتان لاهور! اهڙي طرح اسان به 15 سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن تي مخلتف جهاز، ڏينهن رات هلائيندا رهياسين. ڪن بندرگاهن ۾ ته هفتن جا هفتا گهمندا رهياسين، ڪن ۾ ته سستي، ٿڪ ۽ بيزاري ڪري جهاز تان هيٺ لهي بندرگاهه جي جيٽي تي واڪ به نه ڪيوسين. ملائيشيا ملڪ سڀ ۾ گهڻو ان ڪري پسند آيو جو اتي سنڌ کان گهڻي وڏيراشاهي هوندي به ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
 ان جو سبب؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ڇو جو اتي جي هر ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ ۾ پنهنجو شان ۽ مان سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي امير ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. ملائيشيا جو هر سياستدان عام سرڪاري بسن ۾ سواري ڪري ٿو، ولايت وڃڻ بدران ڳوٺ جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو، نتيجي ۾ ملائيشيا جون بسون ۽ اسپتالون بهتر کان بهتر ٿينديون وڃن.
 دنيا ۽ ملڪ ۾ سڀ کان سٺا سفرناما نگار توهان جي نظر ۾ ڪير آهن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته مون کي ڪيترائي پسند آهن. پنهنجن مان آغا سليم، تنوير عباسي، بيگم اختر رياض الدين، ابن انشا، اختر ممونڪا وغيره ۽ ڌارين ۾ جيمس مچنر، طاهر شاهه، وڪرم سيٺ، پال ٿيروڪس، يوني نو گچي، مڪيرو ساساڪي وغيره آهن. توهان سنڌ جي ماڻهن سان ايڏو ڪٽيل ڇو آهيو، تقريبن ۾ نٿا اچو ۽ نه ئي پاڻ ڪو پروگرام ڪرايو ٿا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان آئون ڪٽيل هرگز نه آهيان، خط و ڪتابت، اي ميل ۽ فيس بڪ ذريعي منهنجو جيترن سان رابطو رهي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنهن جو هجي، هر مهيني اٽڪل ڏهه هزار پڙهندڙن سان منهنجي لفظن جي ڏي وٺ رهي ٿي، جنهن ۾ منهنجا سنڌي ۽ اردو ڪالم پڙهڻ وارن سان گڏِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا دوست، شاگرد ۽ پڙهندڙ پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجا انگريزي مضمون اتي جي اخبار ۾ پڙهن ٿا. باقي فنڪشن يا شادين مرادين ۾ گهٽ پير ڀريان ٿو، جو هڪ ته ان کي وقت جو زيان سمجهان ٿو ۽ ٻيو ڪجهه سست به آهيان. هونءَ به مون کي تنهائي وڌيڪ پسند آهي. موڊي ماڻهو آهيان، ڪچهري 15 منٽ به مشڪل سان ڪري سگهندس، باقي لکڻ پڙهڻ جو ڪم فقط چانهه جي ڪوپ تي لڳاتار 15 ڪلاڪ به ڪري ويندس. بهرحال اهي منهنجون مجبوريون آهن، آئون اهو نٿو چوان ته اهي ڪي سٺيون ڳالهيون آهن. ڪيترن عالمن جو اِهو رايو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ڪچهري آهي. بهرحال ڇا سٺي ڳالهه آهي ڇا خراب، هاڻ ستر ورهين جي ڄمار ۾ آئون پنهنجيون عادتون بدلائي نٿو سگهان.
توهان کي متاثر ڪندڙ شخصيتون ڪهڙيون آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي جن بيحد متاثر ڪيو ۽ منهنجا سفرناما ۽ انهن جا انتساب اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. توهان کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا چئلينج درپيش آيا آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي يعني سمنڊ تي جهاز هلائڻ هميشهه چئلينجن سان ڀريل رهي ٿو. هر وقت مصيبتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو ڪجهه تفصيل سان احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ۽ اردو ڪتاب ”سمندر ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
اسان جا اديب يا ليکڪ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو خاص ڪردار ڇو ادا نٿا ڪن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ماڻهن جي حقن جو بار نمائندن يعني سياستدانن تي هوندو آهي، اسان وٽ خبر ناهي ڇو هر ڳالهه ۾ اديب ۽ شاعر کي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. توهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته ادا مون کي ڪا ادبي سنگت جي ڪردار جي ڄاڻ نه آهي، منهنجي ته زندگي جو وڏو حصو سمنڊ تي گذري ويو. اڄ کان 45 سال کن اڳ امرجليل ۽ قمر شهباز سان گڏ سائين نوردين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه ٽي ادبي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون هئم، هاڻ ان جي آڌار تي موجوده سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروبار هلائيندڙ ميمبرن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان ته اها هڪ چريائپ ٿيندي.

No comments:

راءِ ڏيندا