; سنڌي شخصيتون: همدرد جانوري - احسان لغاري ’جان‘

25 November, 2012

همدرد جانوري - احسان لغاري ’جان‘


همدرد جانوري
’تڪي چنڊ تو کي پيو رات ساري‘
احسان لغاري ’جان‘
وڇڙي وڇڙي وِکري وياسين،
هاڻ سڀن کان وِسري وياسين.
تو نه سڃاتو مون کي مٺڙا،
تنهنجي ڀر مان گذري وياسين.
مٿِيُون سِٽون سانگهڙ جي اُن شاعر جون آهن، جنهن جو ڇٺيءَ جو نالو ته ”پهلوان“ رکيو ويو، پر جڏهن وڏو ٿيو، مَلهه ۽ ڪُشتيءَ وارا اصلي پهلوان ڏٺائين ته نالي تان ئي هَٿُ کڻي ”پرديسي“ ٿي ويو؛ ۽ وري جڏهن ڏاڍي فتح علي خان ريڊيي حيدرآباد تي ”پرديسي“ تي ٽوڪ ڪئي، ته پوءِ ”پرديسيءَ“ تان به هٿ کڻي ”همدرد جانوري“ بڻيو. اڳتي هلي هن پنهنجي قلم کي پهلوانيءَ جي پَڳُ ٻَڌائي، سنڌي ادب ۾ شينهن واري گجگوڙ سان داخل ٿيو؛ ۽ مٿيون سِٽون لِکي ورتائين؛ توڙي جو سندس قَلمُ کي شِينهن ٿيڻ ۾ اڃا وَقتُ لڳندو.


۱۹۷۷ع ۾ ڳوٺ مولچند ديوانَ ۾، غريب هاري، رحمت الله جانوريءَ جي گهر ۾ جنمُ وٺندڙ اسان جي ساٿي لالٽين جي روشنيءَ تي ويهي ڪتابَ پڙهيا ۽ اُها لالٽين جي روشني سندس مَن ۾ هڪ باشعور شاعر جي رُوپ ۾ اڃا تائين ٻَرندي پئي اچي؛ ۽ هُو ننڍپڻ وانگر اڃا به مطالعو ڪندو، شعور جي ڏاڪَن تي چڙهندو پيو اچي.
هيءُ اُهو شخص آهي، جنهن کي پنهنجي شاديءَ جي موڪل لاءِ پنهنجي ’باس‘ کي ڪيتريون ئي آزيون ڪرڻيون پيون، پر موڪل نه مليس ۽ هار کائيندي، هن کي ٻانهن ۾ ٻڌل شاديءَ جي ’ڳاني‘ بچائي ورتو ۽ اُهو ئي هڪ اِهڙو ثبوتُ هُيو، جنهن کيس ’قَسمُ کڻڻ‘ کان بچائي ورتو. ٻيءَ صورت ۾ هن کي پنهنجي شاديءَ جي پَڪ ڏيارڻ لاءِ اهو به ڪرڻو پوي ها. ڇاڪاڻ جو سندس شادي، ڪوڙ جي عالمي ڏينهن، ۰۱ اپريل ۲۰۰۰ع تي ٿي؛ ۽ ’باس‘ پئي سمجهيو ته شايد هو کيس ’اپريل فُول‘ ڪري رهيو آهي.
مئٽرڪ ۽ ايف. اي ڪرڻ کانپوءِ، U.T.C جو امتحان پاس ڪري، نوڪري حاصل ڪندڙ اسان جي دوست، U.T.C کي ئي دنيا جي وڏي ۽ آخري ڊگري سمجهندي پڙهڻ تان ئي هٿ کنيا. شايد ٻهراڙيءَ ۾ رهندي سندس سوچ تي ڪجهه اٻوجهه ڳوٺاڻن جو اَثرُ پئجي ويو هو، جو ٻهراڙيءَ جي گهڻن ماڻهن لاءِ سرڪاري نوڪري ملڻ ئي زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي، پوءِ اُها ڪهڙي به هجي، اُن کان اڳتي وڌڻ ۽ پڙهڻ انهن لاءِ ڄڻ حرام ڪيل هوندو آهي.
۱۹۹۷ع ۾، الفقراءَ اخبار ۾ پهرئين غزل ڇپجڻ سان ادبي دنيا ۾ پيرُ پائيندڙ، اسان جي هن ساٿيءَ جو ۷۰ غزلن تي مشتمل پهريون ڪتاب ”اکڙين ۾ مهراڻ“ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ۲۰۱۰ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي ارپنا هُن ڪنهن ڪاموري اديب جي نالي ڪري، اُن کي خوش ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي مرحوم ڀاءُ محب عليءَ جي نالي ڪئي، جيڪو ڪمهلي موت جي وَرُ چڙهي کانئس وڇڙي ويو هو.
ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جو اِڀياس اُهو ئي ماڻهو پيش ڪري سگهي ٿو، جيڪو علمِ عروض سان گڏ، اڀياسي گهرجن کان به واقف هجي؛ ۽ آئون اِنهن ٻِنهي کان محروم آهيان. پر همدرد جي شاعريءَ ۾ جيڪي خوبيون مون کي، منهنجي گهٽ علميءَ ۾ ڏسڻ ۾ آيون، اُهي هتي کيس ’داد‘ طور پيش ڪريان ٿو.
ضلعي سانگهڙ ۾ جنم وٺندڙ، اسان جي هن ساٿي تي مٺي فقير لنڊ جي رومانويت جو ضرور اَثرُ ٿيو هوندو؛ جنهن پنهنجي محبوب جي ديدار جي لاءِ پنهنجي مٿي تي مِٽِي ڍوئي ۳ سؤ فوٽن جو دڙو ٺاهيو ۽ پاڻ کي دنيا جي چوٽيءَ جي عاشقن جي صف ۾  آڻي بيهاريو. ’همدرد‘ به مٺي فقير وانگر محبوب جي اڳيان شاعريءَ جو مينار کڙو ڪري بيهاريو آهي. اچو ته سندس شاعريءَ جي ٿڌن چشمن مان سِپ ڀري لطف اندوز ٿيون.
ڏيئا ٻاري ٿڪجي پيو هان،
واٽ نهاري ٿڪجي پيو هان.
رات وهامي وئي آ ساري،
پاسا واري ٿڪجي پيو هان.
هاڻ هلي آ ساجن مون ڏي،
جذبا ماري ٿڪجي پيو هان.

تڪي چنڊُ توکي پيو رات ساري،
اِهو ڪيئن اوهان جي اچي ويو چڪر ۾.
سانگهڙ جي هڪ وڏي خوبي اِها به آهي ته هي انقلابين جو ضلعو رهيو آهي. حضرت سورهيه صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري جڏهن انگريزن خلاف محاذ کَڙو ڪيو؛ ۽ ’حُر تحريڪ‘ شروع ٿي، ته سڄي سنڌ مان ضلعي سانگهڙ مان ئي اُها تحريڪ اَؤج تي پُهتي. سانگهڙ ضلعي جو عوام، سمنڊ جيان پنهنجي وطن لاءِ سِر جو نذرانو کڻي اُٿلي پيو. اُن بغاوت جو اثر ضلعي جي سڄي عوام تي پيو، ۽ ’همدرد‘ به اُن اثر کان بچي نه سگهيو ۽ هو پنهنجا خيال پيش ڪري ٿو ته:
مسڪين هتي ڪيسين مرندا،
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري ويندس.
منهنجي قسمت ڪاريون راتيون،
تولئه ڏيئا ٻاري ويندس.
’همدرد‘ کي پُختو شاعرُ ٿيڻ لاءِ، توڙي جو اَڃا وَقتُ لڳندو، پر هُو اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اُهو هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي روز ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائين ٿا ۽ روز نئين زندگي جنم وٺي ٿي، هڪ طرف ماڻهو نَچندا کِلندا ۽ ڳائيندا ويندا آهن ته ٻئي پاسي ماڻهو روئيندا مٿو پِٽِيندا ٻاهر نڪرندا آهن. اسان کانئس جيڪر وڌيڪ اميد نه رکون ته به حقيقي تخليقي پيڙا جي کانئس ضرور اُميد رکنداسين.

1 comment: