; سنڌي شخصيتون: بودلو بهار

10 November, 2012

بودلو بهار


بودلو بهار

سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار، مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بهار“، اصل ملتان جو ويٺل هو. سندس جنم ۲۰۲هه/ ۸۱۷ع ڌاري اچ شريف (ملتان) ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿيس. ڦوهه جوانيءَ ۾ سيوهڻ شريف آيو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو، پر پوءِ دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي روحاني رهبر جو متلاشي ٿي ويو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهندو هو.


آخر کيس قلندر شهباز جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ قلندر جي پيارن طالبن مان هو ۽ سڄي عمر شادي نه ڪيائين ۽ مجرد رهيو.
روايت آهي ته هنود ڪاسائيءَ هن درويش کي ڪهي ڇڏيو هو.
سندس مزار سيوهڻ ۾ قلعي لڳ، قلندر جي مزار کان اتر طرف آهي.
سيوهڻ ۾ سندس نالي پٺيان ”بودلي جي ڪافي“ به آهي.
بودلي جي شخصيت کان متاثر فقير ۽ سندس مريد، ڳاڙهو ويس ڍڪيندا آهن ۽ هر روز پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڌمال ڪندا آهن .

No comments:

راءِ ڏيندا