; سنڌي شخصيتون: بچل شاهه

10 November, 2012

بچل شاهه


بچل شاهه
بچل شاهه: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۸۰۷ع ۾ شهر مانجهند، ضلعي دادوءَ (موجوده ڄامشوري) ۾ ٿي. هيءُ ڪافي گو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن. روهڙيءَ واري محمد محسن ”بيڪس“ جو همعصر هو. بيڪس جي والد بيدل سان به سندس رهاڻ هوندي هئي. ننڍي هوندي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙي سبب، پارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهه تعليم حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ سيٺ نهالچند جو مانجهند ۾ ويدانت جو گهڻو زور هو. ڪيترا ئي فقير ۽ درويش وٽس ايندا هئا. هڪ ڀيري پرمهنس نالي هڪ سنت وٽس اچي رهيو، جيڪو جليانوالا جي رهواسي سنت گلابداس جو شاگرد هو.


بچل شاهه اُن درويشن جي صحبت جو پياسي هو. هو کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو شهر ڇڏي وڃي جهنگ ۾ رهيو. انهيءَ دوران سير سفر جو شوق جاڳيس. هند ۽ سنڌ جو سفر ڪندي وڃي ڪشمير کان نڪتو. پوءِ مرشد جي حڪم موجب سکر ۾ آيو ۽ اُن سر زمين کي پريم نگر ۽ حيات نگر جا نالا ڏنائين. مسلمانن سان گڏ هندو به وڏي تعداد ۾ وٽس اچڻ لڳا ۽ وٽس سماع جون محفلون ٿيڻ لڳيون.
خيرپور جي والي مير علي مراد خان ۽ لبِ تاريخ جي مصنف خداداد خان جي ساڻس بيحد عقيدت هئي. ان کان علاوه سندس صحبتن ۾ جان الله شاهه ٽيون، حضرت بيدل جو مرشد به شامل هوندو هو. هندن مان ولايت راءِ ۽ سندس شاگرد جيوت سنگهه سان سندس گهڻو پريم هو.
بچل شاهه وحدت الوجود جو قائل هو.
بچل شاهه ۳ مئي ۱۹۰۶ع تي ۱۰۰ سالن جي ڊگهي عمر ۾ سکر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي سکر بئراج لڳ. بچل شاهه مياڻي ڳوٺ ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا